[21]
ها. هوئي آهي، جيون مهاشيه. گلائي چنڊي وڃي رهيو
آهي. ششيءَ جي مريض رام هريءَ کي ڏسڻ. اُڀ ڏانهن
ئي تڪي رهيو آهي. گاڏي لوڏن ۾ ئي ٿڙڪي رهي آهي.
ڪوبه خيال ڪونهي. هن جو سدائين اهو ئي حال آهي.
بيل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيندي ئي هو ڳوڙهي ويچار ۾ غرق
ٿي ويندو يا آڪاش ڏانهن بي سڌ نهاريندو رهندو.
پوئتان ويٺو اٿس ششي. بڪندو پيو وڃي. چي: ”عورتن
جي ذات ئي اهڙي ٿيندي آهي، رپين جي هاڃي سهي ڪونه
سگهنديون.“
پر جيون مهاشيه بت بڻيو ويٺو آهي، اچڻ وقت پاڻ
جيڪي عطر کي چيو هئائين، ششيءَ سڀ ٻڌي ورتو هو. ان
جو ڇور پڪڙي هن پنهنجو چرخو چوري ڇڏيو هو. شروع
هيئن ڪيائين؛ ”پرديوت ڊاڪٽر به هڪ ڏينهن مرندو.“
پر مهاشيه ڌمال چاڙهيس. ان ڪري هاڻ وري فيءَ جي
ڳالهه تي لهي آيو هو. کن ساعت چپ رهيو. وري
چيائين، ”جڏهن هو پاڻ چار رپيا ڏيئي رهيا هئا ته
اوهان ورتا ڇو ڪين؟ ان ۾ ڪهڙو قصور هو؟ جيون
مهاشيه وري به چپ رهيو.
ششي وري بڪيو- ”هڪوار ڀاڀي بگڙي ته سندس زبان بي
لغام ٿيو پوي. هنجي اها عادت ڪانه وڃي سگهي.“
جيون مهاشيه مٿي نهاري رهيو آهي. عطر جون ڳالهيون
من ۾ ولوڙو وجهي رهيون آهن. ڳالهيون نه پر تکا
ٻاڻ. انهن ٻاڻن سان ڇلجي به جيون مهاشيه گهائل نٿو
ٿئي. هاٿيءَ جيئان مست چال هلندو رهي ٿو. سمورا
تير اندر ۾ ڇپي وڃن ٿا، پر کيس ڇهاءُ به محسوس
ڪونه ٿئي. الاجي ڪڏهن سڀ وري هيٺ ڪري پون ٿا. پر
سرير سڄو انهن جي داغ سان ڀريل آهي. پر ششيءَ کي
البت چڙهي ٿي لڳي، ته هن ٻڍي جي حياتي سدائين
هڪجهڙي رهي. سو بڪ پر هڪ جي وراني! اهو سمجهڻ مشڪل
آهي، ته ڪهڙيءَ ڳالهه سان هن جو من لڏندو-
ٻوليندو. اڀي بڪواس ٿي ڪري، پر سندس ئي هلت ڪري
جهڳڙو- جهنجهٽ جيڪي به آهي سندس ڪارڻ. ٻين ماڻهن
جي ورتاءُ ۾ هوءَ ڪجهه پَسي ٿي. ششيءَ جي جيوت جا
اوائلي ڏيهاڙا به ته هن گهر ۾ گذريا آهن، هن کي ته
ڄاڻ آهي. پورا ٽي سال هتي رهيو! تنهن وقت عطر
ڀاڀيءَ جيڪي ساڻس ڀال ڀلايا، وسان جتن ڪيا،
پنهنجائي ڏيکاري سا کيس مور نه وسرندي. سڏ ڪري
نيرڻ ڪرائيندي هئي، نه کائڻ تي پيار سان جهڻڪيو
اٿس؛ ڏاڍيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندي هئي. چي، ”اوجها
جي ڪنڌ تي به ڀوت ڪڙڪندو آهي، ششي! ڊاڪٽر وئيد کي
به روڳ لڳندو آهي، ان ڪري پوري وقت تي کائيندو ڪر.
پنهنجو پيٽ نه بگاڙ. ايترو ئي نه، گهر ۾ جڏهن به
جيڪو نئون ٽول وغيره ايندو يا تيار ٿيندو، ته کيس
سڏ ڪري کارائيندي هئي. چوندي، ”ذرا کائي ته ڏس
ڀاءُ، ڪيئن ٺهي آهي!“ ششيءَ جي شادي ٿي. عطر نئين
ڪنوار کي ڏٺو. هڪ منڊي ڏني.
’عطر ڀاڀيءَ کي ته هن ٻڍي ئي تند مزاج بڻايو آهي،
مست هاٿي. فيل مست ته آهي! ڪنهن ڳالهه جو اونو
ڪونه اٿس. ويٺو آهي- ذرا ڏسو ته سهين، جيئن پٿر جي
ڪا ڇپ هجي! ششي ٻيو چوي به ڇا! اڄ پنهنجي لوڙ آهي!
مٿو کنهندي کنهندي هن چوڻ شروع ڪيو، ”غلطي ڀاڀيءَ
جي ڪانهي، مهاشيه جي! اهو زمانو ياد اچي ٿو، ڏک
ٿئي ٿو- ڏک جهڙي ڳالهه به آهي. اف! ڇا ڏينهن، ڇا
رات، ڪڏهن به سمهڻ- کائڻ- پيئڻ جي فرصت ئي ڪانه
هئي. هو سفيد گهوڙو، ههڙووڏو ۽ شاندار گهوڙو! ٻن
سالن ۾ چيلهه وٺي بيڪار ٿي ويهي رهيو ۽ ڇا نه بخار
پکڙيو هو سڄي علائقي ۾! وري هو پئنچايت جو
پرڌانپڻو. توبهه توبهه! اهو به هڪ سموهو. گنگا ۾
ٻيڙي هاڪارڻ سمان. ڊاڪٽر هريش جي ڪڪي جو موت ياد
آهي اوهان کي؟ هيڏانهن نينگر موڪلائڻ جي حالت ۾ ۽
هوڏانهن ڀل وچان مالش جي شيشيءَ تي هريش کائڻ جي
دوا جو نالو لکي ڇڏيو! اوها ورتائي لوٽن گرائينءَ
جي نونهن جي خطرناڪ حالت! رات جي ٻارهين بجي کوڪا
چئٽر جي ڊوڙندو ڊوڙندو آيو. هن جي ڀيڻ ڳچيءَ ۾
ڦاهو وجهي آپگهات ڪيو هو. رشوت لاءِ پوليس جو
صوبيدار اڪڙجي رهيو هو- هوڏانهن اوهان ميلي ۾
پنجابيءَ جي جوا جي اڏي تي رميل- ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾
رپيا ٻڌل. بابا ڙي بابا! اها رات به قهر واري هئي!
ياد اٿو؟
ڊاڪٽر جيون ٿڌو شوڪارو ڀريو. ذرا سرڪي ويٺو چي،
”نه ان ڏينهن واري ڳالهه چٽيءَ ريت ياد ڪانهي. ياد
ڏيارڻ سان ياد ايندي آهي، ياد ايندي بيچيني پيدا
ٿيندي آهي. پنهنجو پاڻ کان پڇجي ٿو، ائين ڇو ٿيو
هو؟ ڇو؟“
مهاشيه چنچل ٿي پيو. کيس لڪل سنڪلپ جي ڳالهه دل تي
تري آئي- ’گهوڙو خريد ڪري ۽ پلاڻي، ان تي سوار ٿي
۽ عطر کي پالڪيءَ ۾ وهاري هڪ ڏينهن ڪانديءَ وٺي
ويندس.‘ گهوڙو خريد ڪيائين. وڏو گهوڙو- سفيد رنگ
واور. عطر کي ڳچ سارا ڳهڻا گهرائي ڏنا هئائين. پر
ڪانديءَ وڃي نه سگهيو. سنڪوچ يا ڀو وچان، ڪير
ڄاڻي؟ شايد ٻئي ڪارڻ هئا. سک، جيڪو به ڪارڻ هو، پر
وڃي نه سگهيو. عزت ۽ دولت جي نشي ۾ مست بڻجي
پنهنجي پسگردائيءَ ۾ ڦرندو رهيو. عزت ناموس جو اهو
ئي اوج وارو سمو هو! سندس هٿ شفا کيس هر دلعزيز
بڻائي ڇڏيو هو. عزت افزائي ڪري سرڪار کيس گرام
پئنچايت جو پرڌان چونديو هو. ته به من نه ڀريس.
ڪنهن به چيز سان نه ڀريس. جيڪي به هٿ آيس، ٻنهي
هٿن سان لٽيائين. من کي ترپتي ڪانه مليس سو ناڻو
ڪهڙي سک لاءِ ڪٺو ڪري؟ جيڪڏهن چئجي ته عزت وڏائيءَ
جي سک لاءِ- چئي سگهجي ٿو. پر اها به دوکي ۾ بدلجي
ويئي. ائين ئي ته ٿيندو آهي! سندس پتا چوندو هو،
ڊاڪٽر رنگ لعل به چوندو هو. ”عزت جيڪڏهن حقيقت ۾
سک آنند نٿي ڏي، جيڪڏهن هوءَ من کي شانتي نٿي ڏي
ته سمجهو ته هوءَ ڇل آهي، ڪوڙ آهي. هوءَ رڳو کهنبي
چٽڪي جيئان چار ڏينهن جي مهمان آهي. انهن ڪيترن
ڏينهن گذرڻ بعد هوءَ ڀرم ثابت ٿي ٿئي.“
ڊاڪٽر رنگ لعل برانڊيءَ جو گلاس هٿ ۾ کڻي چوندو
هو، ”بس، هن نشي وانگر!“
هڪ ڏينهن چيو هئائين- ”نئين جوڙي جي ڪشش وانگر.
عزت جيڪڏهن ورپ ۽ جواني جي سمان سکدائڪ هجي ته
انهن جي ويندي ئي اهو سک دک بڻجي پوندو، فريب نطر
ايندو آهي. پر جيڪڏهن عزت پريم هجي ته هرگز ڪين
ويندو، جيون! جيتوڻيڪ مون انهن ٻنهي جو سواد ڪونه
چکيو آهي ۽ نڪا ڪا ڄاڻ اٿم.“
ائين چئي هو زور سان ٽهڪ ڏيئي کليو هو.
پڻس ته پرمانند ماڌو و ئي نانءُ جپيندو هو.
پرمانند حاصل نه ٿيو ته ڪجهه نه ڪيو. هن کي پائي
به سگهجي ٿو يا نه، جيون مهاشيه کي ڪل ڪانهي. ها،
هن نڪي پاتو، نڪي، ڄاتو. جائداد ۾ ڪونه پاتو، عزت
مان ڪين پاتو، عطر، سندن ٻارن سشما، سرما، نروپما.
ون وهاري- مطلب ته ڪنهن مان به ڪي ڪين پاتو. نشي
جي ڪائي علت ڪانه هئس. هڪڙو ئي نشو هوس- مرض ٺيڪ
ڪرڻ جو، مريض کي بچائڻ جو. ٻيو نشو هوس شطرنج جو ۽
ميلي ۾ جوئا کيڏڻ جو. ياد اٿس. هٿ وارو مريض
جيئندو يا مرندو- من ئي من ۾ ان تي بازي لڳائي جوا
۾ داو کيليندو هو. جيڪڏهن داو لڳي ويس ته جيئندو،
هارائي ويٺو ته مرندو. داو خالي ويندو، وري ٻيو
داو لڳائيندو.
ان زماني ۾ جوا کيلڻ ڏوهه نه هو، گهٽ ۾ گهٽ وڏن
مانهن جي اولاد لاءِ، ننڍپڻ کان ئي ٿوري گهڻي علت
هئس. جيئن جيئن عزت وڌيس، اها عادت به وڌندي ويس.
ويتر عطر ان کي وڌائي ڇڏيو.
ششي اهڙي هڪ رات جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. بيشڪ ياد
اچي ٿي. سڀ ڪجهه. نه رڳو رات، پر ڏينهن- رات- اهو
سمو، ان سمي جا لوڪ، سڀني جي ياد تري ٿي اچيس. تهن
وقت جا ڀريل پاڻيءَ سان واهه ۽ تلاءَ، سارين جي
فصل سان سرشا رکيت، ٻنيون ٻارا ياد اچي رهيا آهن.
سيتل- ماٺيني ڇانوَ سان گهاٽا ٿيل صاف سٿرا ڳوٺ-
واهڻ، قداور چست ڳوٺاڻا، شيرين زبان، وٿاڻن ۾
گانيون تلاون ۾ مڇيون، اڱڻ ۾ سارين جا سنگ، ڀنڊار
۾ چانورن جي انبارن سان ٽمٽار ڪوٺڙيون، مانهه. مڱ،
چڻا، مڻن- خرارن ۾ ڳڙ- اهو سمو، اهو پرديش ڏسندي
ڏسندي سڀ ڪجهه بدلجي ويو.
مليريا ڪانه هئي، هرو ڀرو ائين نه هو. پراڻو تپ،
ٻن چئن کي ٿيندو هو. پنهنجي سڀاو موجب ششي چوي ته
ٺيڪ ٿو. انهن يادگيرين ايندي ڊاڪٽر جيون جو هدو
ڪراهي ٿو اٿي. ان وقت ڪيترن ٻالڪن جو موت ٿيو هو،
ڪاٿو ڪونهي. ’بارن جي وبا’ چئجي. مائرن جي ورلاپن
سان آڪاش گونججي ويو هو‘ سڄي علائقي ۾ تنهن وقت
سندس نالو چڙهيل هو. هن کانسواءِ ڊاڪٽر هريش به
هو. جنهن کي ڪشور جي پتا ڪرشڻ داس ابو شروع ۾ پاڻ
وٽ رهايو هو. برجلعل بابو جي خيراتي شفا خاني ۾
ڊاڪٽر ٿي آيو هو. ششي به کيس ڇڏي اتي وڃي
ڪمپائونڊري ڪئي هئي. ڏسندي ڏسندي به ٻيا ڊاڪٽر به
اچي ويٺا. ڊاڪٽر پاس ڪيل ڪونه هئا، ڪمپائونڊرن مان
ڊاڪٽر بڻيا هئا، روڳ جي موسوم ۾. ان ڳوٺ نوگرام جو
نرپتي چوڌري هڪ هوميوپيٿي ڪتاب ۽ ڪجهه دوائون خريد
ڪري ڳوٺن ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ هليوويو هو. وردا راءِ
چوڌري جو پٽ اسڪول جي پڙهائي ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو-
’آر- جي- ڪري ميڊيڪل اسڪول‘ ۾ پڙهڻ واسطي. اڌ چرئي
نيپال جو ننڍو ڀاءُ سنيتارام، جو پڻ ٿورو ٿورو
پاڳل هو، دوائن جو دڪان هلائڻ لڳو- ’نوگرام ميڊيڪل
هال.‘ ريزڪي ۽ ٻڌي دوائن جو دڪان.
ڪالرا پليگ جهڙين وچڙندڙ بيمارين ۾ ههڙن ماڻهن، هن
علاج جي ڌنڌي ۾ جام نانو پيدا ڪرڻ جو سهنجو اوپاءُ
ڏٺو. گهرگهر ۾ ڪونه ڪو ڀاتي کٽ داخل ٿيو هو. صبوح
کان شام تائين کين رلڻو پوندو هو. بابو ٽولا، بنيا
ٽولا، ميان ٽولا، مڇوئا ٽولا، ڊوم ٽولي، ڪمار
ٽولي، باوري ٽولي، هريش جا ٻئي کيسا رپين سان
ڀرپور رهندا هئا. جيون مهاشيه جا ٽي کيسا ڀريل
رهندا هئا، وقتي چار به ڀريل رهي سگهيا ٿئي، پر هن
ائين هرگز نه ڪيو. پنهنجي ونش جي پرمپرا کي ٽڪو
لائڻ نه ڏنو. ان جو اهو مطلب ڪونهي ته کيس ڌن جي
گهرج ڪانه هئي، پر ساڻ ئي پرمارٿ جو ڪانکي هو.ان
پرمارٿ تي ئي سندن مهاشيه پڻو ٽڪيل هو. هاءِ ڙي
عطر! انهيءَ مهاشيه کي رتن بابو وٽ ماڻهن چار رپيا
ٿئي ڏنا، ته هو چار رپيا وٺي ٿئي سگهيو ڀلا؟ ڇي!
ڇي!“
ڪنهن ڪوٺ تي نڪتو، واٽ تي جنهن به جتي سڏيس اتي
هليو ويندو هو. راهه ويندي، جنهن جيڪي ڏنس، وٺي
رکندو هو، بنا ڏٺي. ڪٿي ضرورت پيئي ته اٽلو ان جي
مدد ڪري ايندو هو. هريش پرديسي هو ۽ رپين ڪمائڻ
ڪاڻ ئي هت آيو هو. جيون دت هتي ٽن پيڙهين کان وسيل
آهي- مهاشيه ونش جو وارث! نه رڳو ايترو، پر پنهنجي
ڳوٺ جي زمينداريءَ ۾ حصيدار آهي. ههڙي ماڻهوءَ
لاءِ ڇا رپيا ڪمائڻ ئي وڏي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ڪڏهن
من ۾ ڀلجي به اهڙو خيال نه آيس. بعضي بعضي کيسن
مان نقلي ۽ کوٽا سڪا ڪڍي عطر سندس لپڙي لاهيندي
هئي، ته پاڻ ان کي کل ۾ اڏائي ڇڏيندو هو.
عطر چوندي، ”تون کل نه. منهنجي بدن ۾ باهه ٿي لڳي
وڃي.“ تنهن وقت جيون ساندهه ٻه گهوڙا ڳڌا هئا. هڪ
وڏو ۽ ٻيو وچولو. پر ٽن سالن جي اندر ئي ٻئي
گهوڙانڪما ٿي پيا هئا. کين چليهه ۾ وايو روڳ ٿي
پيو هو. مهاشيه جو بوجو ڍوئيندي ڍوئيندي ٻه حيوان
بيڪار ٿي پيا هئا. ٻنهي ساهوارن جا باقي ڏينهن
تماڪ جي واپارين جو تماڪ ڍوئيندي گذري ويا. مهاشيه
وري گهوڙو ڪونه ورتو. هن ۾ بدني سگهه جي کوٽ ڪانه
هئي، وقت جي اڻاٺ هئي. ليڪن ڪري به ڇا، چئين پنجين
بجي روٽي نصيب ٿيندي هئس. اهو ئي سهين. ڳوٺ جو
پيچرو وٺي هلندو هو. ماڻهو چوندا هئا، هاٿي وڃي
رهيو آهي. هاٿي ئي چئوس. هڪ ڏينهن اِندرو جيئن
سندس جتيءَ جي گپ ڌوئڻ ويو، ڇرڪ نڪري ويس. ’بابا
ڙي بابا! نانگ!‘ هڪ وچولي ميرانجهڙي نانگ جو مٿو
جتيءَ سان چنبڙيل هو. ڄڻڪ ڪنهن ڪاريگر جتيءَ جي
ٿري ۾ نانگ جي مٿي تي وڃي ڪڙڪي هئي. اِندرو کيس
جتي آڻي ڏيکاري ته کل نڪري ويس. عطر ته ڪانڊار جي
ويئي هئي. هن نانگن جي ديويءَ جي سکا باسي. مڙس تي
به ڇوهه ڇنڊيائين- ڀلا اهڙو به ڪو پئسن ڪمائڻ جو
نشو ٿيندو آهي! رپين لاءِ بيهوش بڻجي پيو ڊوڙجي!“
ان ڳالهه تي به هن کلي ڏنو هو. اڃا ٿورا ڏينهن اڳي
ساڳي عطر اُتس ڦٽڪار وڌي هئي، ته جيڪي ڪير ڏيئي ٿو
سو وٺي ٿورکين! داتا ۽ ڪرڻ ٿيڻ سان پنهنجي ٻار ٻچن
جي گردن تي ڇري وهائڻي پوندي آهي.
يار دوست مذاق ۾ چوندا هئا، ”هيڏانهن پسگردائيءَ ۾
ماڻهن جي تباهي ٿي رهي آهي ۽ ڊاڪٽر جون پنج ئي
گيهه ۾!“
ڊاڪٽر کلندو هو. سمجهي ويندو هو، ته يارن جي دعوت
کائڻ جي نيت آهي. چوندو، ”پوءِ ته اوهان يارن جو
وات مٺو ٿيڻ گهرجي، ڪا دعوت مجلس ٿيڻ گهرجي.“
”ڏي، هلاءِ رپيا.“
ستاب، سريندر، نيپال مجلس جي انتظام ۾ لڳي ويندا
هئا. بانس ايندي ششي به جنبي ويندو هو. هريش کي به
نينڊ ملندي هئي، اهو سڀ ڪجهه راتورات ۾ ٿيندو هو.
ڀلا ڏينهن جو مرڻ جي به فرصت ڪٿي؟ صبوح جو جاڳندو،
آروگيه نڪيتن جي مريضن کي جاچيندو، وري بيمارن جي
گهرن مان ڏسي موٽندي ٽيون پهر اچي ٿيندس. چار لڳي
ويندا هئا. چئين بجي کانپوءِ کاڌو پيتو ۽ وري پوءِ
ڏورانهن مريضن ڏانهن ويندو. واپس ورندي نو، ڏهه،
يارهن وڄي ويندا هئس. وقتي رات جا ٽي به لڳي ويندا
هئا. ٻارهين بجي تائين ستاب ۽ سريندر سندس راهه
تڪيندا هئا. لالٽين ٻاري آروگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾
ويهي سڀ شطرنج کيليندا هئا. اندرو سندن لاءِ چانهه
۽ تماڪ جي شيوا بجا آڻيندو هو. چوڪيدار ويٺا رهندا
هئا. تنهن وقت جيون مهاشيه پئنچايت جو پرڌان هو.
موٽندي گهٽ ۾ گهٽ هڪ شطرنج جي بازي کيڏي چوڪيدارن
جي حاضري لڳائي، تڏهن آرام ڪندو هو. بعضي رات صبوح
۾ بدلجي ويندي هئي. مجلس واري ڏينهن اندرو ۽ ششي
نوگرام ويندا هئا. ڊاڪٽر پرزو لکي ڏيندو هو. لوڻ،
تيل، گيهه، مصالحا، ايتريقدر جو موديءَ جي دڪان
تان شراب به ايندو هو. سريندر، نيپال، هريش، ششي
انهن سڀني کي بنا شراب مزو نه ايندو هو. نيپال ۽
سريندر ٻڪري جي تلاش ۾ نڪرندا هئا. چوڪيدار مهاڻي
کي وٺي ايندو هو، هو تلاو مان مڇي آڻي ڏيندو هو.
ڊاڪٽر پنهنجو پاڻ وساري ويٺو هو، نشي جو خمار هوس.
ان رات جي ڳالهه ياد ٿي اچيس. جيون جي لاءِ اهائي
يادگيري جي رات آهي. شام جو ٻاهر وڃڻ جي تياريءَ ۾
هو. اول ڊاڪٽر هريش وٽ وڃڻو هوس. هن جي پٽ جي
بيماريءَ جي خبر ملي هئس. ان کان پوءِ ميلو. ميلو
خوب متل هو. بڊي جو مهينو، ناگ پنچمي جو ميلو.
ميلي جا بابنيڪار پاڻ اچي نوتو ڏيئي ويا هئا. اهو
طئه ٿيو ته پولس سان چوچاءُ ڪرائي جيون مهاشيه جوا
جو پرٻنڌ ڪرائي وٺندو. پهراڻ لاءِ اندر گهڙيو.
ڏٺائين ته عطر کيسن مان رپيا ڪڍي ۽ سونجهي رهي
آهي. ساڻس اک ملائيندي عطر جو منهن ٽامڻي هڻي ويو.
مڙس جي چوڻ کان اڳي ئي هن وسڪارو ڪيو: جوئا ۾ رپيا
هارائي وينهندين. سو جوا ڪرڻ نه ڏينديمانءِ. جوا
کيليندي توکي لڄ به نٿي اچي؟“
مهاشيه وراڻيو هو: ”رپيا نه کڻ، آئون جوئا ڪوه
ڪندس. ٻارن ۽ نوڪرن کي ڏيندس. سڀ ميلو گهمي ايندا.
ميلي لاءِ به ٻه چار هٿ ڊگهيريندا آهن، ڏيڻو ئي
پوندو آهي. رپيا ڏي.“
”هن ۾ پنج رپيا آهن.“
”پنجن مان ڇا ورندو؟“
”وڌيڪ ڪانه ڏيندس، هرگز نه.“
”خير.“ هن ڪرتو پهريو. پنج رپيا ڪڍي ڦٽا ڪيائين.
ٻاهر نڪري ويو. سندس پٽ ون وهاري ٻاهر بيٺو هو.
سائيڪل جهلي پتا جو انتظار ڪري رهيو هو. ميلو گهمڻ
ويندو. رپيا گهرجنس. ڊبل بريسٽ ڪوٽ پهريل، پيرن ۾
پمپ شو. ڪامورن جي ڇوڪرن جهڙو عياش. نوڪر اِندرو
بيٺو هو، نندو تنهن وقت نينگر هو، اهو به بيٺو هو.
سڀني کي سڌ هئي ته ميلي جي لاءِ مهاشيه خرچي
ڏيندو. مهاشيه ڏسي کامي ويو. عطر پنجين جو نوٽ پٽ
کي ڏنو. مهاشيه اندر کي چيو: ”مون سان هل.“ کيس
هريش جي پٽ جي بيمارءَ جي ڳالهه وسري ويئي. ٻڌو
هئائين، ٻالڪ جي طبيعت خراب آهي. گذريل رات سندس
دعوت ۾ هريش ڪونه اچي سگهيو هو. لکي موڪليو
هئائين. اوچتو ٿڌ لڳڻ سان ڪڪي کي تپ چڙهيو آهي.
گهر ۾ زالون ڊڄي ويئون آهن، سو ڪونه اچي سگهندس.“
جيون مهاشيه خيال ڪيو ته پڇيائيندس، پر پريشانيءَ
۾ وساري ويٺو. نوگرام ۾ ساها جي شراب جي گتي تي
پهتو. کيس چيائين: ”مون کي پنجاهه رپين جي گهرج
آهي.“ ساها رڳو شراب فروش ڪونه هو، پروياج وٽي جو
ڪم به ڪندو هو. سڃاتل ماڻهن کي هئنڊنوٽ تي رپيا
اڌارا ڏيندو هو. ساها سناٽي ۾ اچي ويو: ”اوهان کي
رپين جي گهرج آهي!“
ها. سڀاڻ پهرينءَ گهرائي وٺج. کڻي اچ رپيا.
بنا هڪ لفظ چوڻ جي ساها رپيا آڻي کيس ڏنا.
يادگيريءَ طور نوٽ به نه ڪيائين. هن ٻه رپيا
اندروءَ کي ڏنا ۽ باقي کڻي ميلي ۾ هليو ويو. رات
جا اٺ وڄي رهيا هئا. اڏي تي گهمي ڦري اچي ويٺو.
پتو ناهي ان ڏينهن هن من ۾ ڪهڙي شرط لڳائي هئي.
شايد اهائي ته جيڪڏهن سال جي اندر کيس مرڻو آهي ته
اوس کٽندو.
رات جو ڏهين بجي ششي سهڪندو آيو. هو هريش جي
”خيراتي شفا خاني، ۾ ڪمپائونڊر هو. ائين ته هو به
ميلي ۾ حاضر هجي ها، پر ڊاڪٽر جي پٽ جي نازڪ حالت
سبب نه وڃي سگهيو. هوڏانهن هريش جي مالش واري دوا
لوٽن گرائين جي نونهن پي ويئي هئي. هريش جي چوڪ
هئي، پٽ جي بيماريءَ سبب مغز ٺڪاڻي ڪونه هئس. هريش
ٻن باهين ۾ هو. ششيءَ چيو: ”يڪدم هلو ڊاڪٽر بابو!“
مهاشيه کي اٿڻو پيو. ڪي ويهه رپيا ڌوتيءَ جي ڪنڊ ۾
ٻڌل هئس. هن اهي يڪي سر جهاز واري خاني ۾ رکيا.
’سڀ لڳا! جهاز ٻڏو ته سڀ ٻڏا. جهاز نڪري آيو ته
رپيا رکي ڇڏج، سڀاڻي وٺندس.‘ جهاز ٻڏندو، يعني هو
هارائيندو، اها کيس ڄاڻ هئي، ’مطلب ته هڪ سال اندر
هو ڪونه مرندو. اڃا گهڻو ڪڇ ڏسڻو آهي. سک. هينئر
ته هلي هريش جو پٽ کي ڏسي اچان.‘
سندس پهچڻ کان اڳي ڪڪو گذاري چڪو هو. مهاشيه کي
ڏسي هريش ڇاتي پٽيندي روئي چيو هو: ”جيون! هيءُ
مون سان ڪهڙو وئل ٿيو! هاءِ! تون صبوح جو اچين ها،
نينگر شايد بچي پوي ها!“ جيون کيس ڇينٻيو هو، ”ڇي!
هريش! تون ڊاڪٽر آهين. هن ريت بي صبر ٿيڻ توکي
سونهين نٿو. اَهنَيِهَني ڀوُتاني گڇنتي يَم مندر
۾ِ. اها ڳالهه گياني سمجهن ٿا. پر ڊاڪٽر به بي
سمجهه ڪونهن. روءُ نه. زالن کي دلداري ڏي. آئون
ذرا لوٽن وٽان ٿي اچان.“ کن سماعت ۾ هريش جي شوڪ
جو طوفان شانت ٿي ويو هو. گرائين وٽ پوليس جي
تفتيش ٿي رهي هئي. هريش خوشنصيب هو جو ان ڏينهن
ميلو متل هو. خلق ميلي ۾ ويل هئي. نه ته هن مهل
تائين ٿاڻي ۾ رپورٽ پهچي وڃي ها. جيون مهاشيه ويهي
رهيو. اول هن اها شيشي هٿ ۾ قابو ڪئي. ان بعد نبض
ڏٺائين. زهر جي اثر جا اهڃاڻ ظاهر هئا. پڇيائين:
”سموري دوا پيٽ ۾ هلي ويئي؟“
نه. ڏاڍي تيز هئي، تنهنڪري روڳيءَ الٽي ڪري وڌي.
هاڻي خطرو نه آهي.
مهاشيه ششيءَ کي چيو: ڊسپينسريءَ ۾ اسٽمڪ پمپ آهي،
وٺي اچ.
انهيءَ رات کوڪا چيٽرجي اٽڪل ٻارهين بجي اچي پٽڪو
وڌو، ”مهاشيه جي! مون کي بچايو، منهنجي ڀيڻ ڦاهو
کاڌو آهي!“ کوڪا کيس علاج لاءِ نه ٻئي سبب کان
ڪوٺڻ آيو هو. جيون مهاشيه پئنچايت جو پرڌان هو.
پوليس جي ڦندي کان هو ئي بچائي ٿي سگهيو. سچ پچ
مهاشيه کيس ڇوٽڪارو ڏياريو هو. گرائينءَ جي نونهن
کي الٽي ڪرائي، مالش جي دوا پيٽ مان ڪڍائي کيس موت
جي منهن مان ڪڍي ۽ نئين دوا ڏيئي رات جو اٽڪل
اڍائي بجي مهاشيه کوڪا چئٽرجيءَ جي گهر اڱڻ ۾ وڃي
ويٺو. رپورٽ ورتائين. چيائين: ”سنسڪار جو انتظام
ڪريو. مان ويٺو آهيان.“
ستاب کي چيائين: ”وڃ، شطرنج کڻي اچ. هيئن نکمڻو
ڪيئن ويهي سگهبو. هڪ اڌ راند ٿي وڃي.“
اڄ سڀ ڪجهه دل تي هري پيو اچي. ياد ڏيارڻ سان سڀ
ڪجهه ياد اچي ٿو. ان ڏينهن صبوح جي چئين بجي تائين
شطرنج کيليندا رهيا. بازيءَ جي مٿان بازي کيليندا
رهيا کٽندو ويو. شتاب چيو هو: ”تنهنجو نصيب چمڪي
رهيو آهي، جيون! خشڪيءَ تي ٻيڙي هلي رهي آهي!“
جيون به ڪجهه اهڙو ئي محسوس ڪيو هو. پر... اوچتو
ٻيڙي رڪجي ويهي. ميلي کانپوءِ ون وهاري ذيابيطس ۾
مبتلا ٿيو هو. جيون مهاشيه کي اها به خبر پيئي هئي
ته هن شراب به پيتو هو.
سندس جيڪا ٻيڙي خشڪيءَ تي هلي رهي هئي، سا نه رڳو
رڪجي ويئي پر خشڪيءَ ۾ غرق ٿي ويئي، هن پٽ کي
گهرائي ڦٽڪار وڌي هئي: ”ڇي، ڇي!“
ون وهاري سر نمائي بيٺو هو. هن جي جهڪيل چهري تي
غصي جا آثار نمودار ئا.
مهاشيه چيو: ”جيڪو پٽ خاندان جي نالي کي ٽڪو ٿو
لڳائي اهو ڪُل ڪلنڪي آهي. پيءَ لڄي ٿو ٿئي، ماءُ
لڄي ٿي ٿئي، ابا ڏاڏا ۽ بزرگوار ڪنبي ٿا وڃن،
پرلوڪ جي سماج ۾ سندن سر نيچو ٿو ٿئي“- کيس اها
سمڪ به ڪانه پيئي ته دروازي جي اوٽ به ڪن لڳائي
ڪڏهن کان عطر اچي بيٺي آهي. هن انهيءَ دم اچي
ڌوڙيو وسايو. ”هڪ معمولي غلطيءَ لاءِ تون هيتري
وڏي ڳالهه ڪري وئين؟ منهنجي گرڀ تي لعنت وڌءِ!
اهو چيهءِ ته تون لڄي ٿيو آهين! تو اهو سڀ ڪجهه
پاڻ کي ڏسندي چيو آهي؟ تو ڪونه ڪيو آهي؟ سنگت ۾
ڪنهن بدچلن جي ڦندي ۾ ڦاسي هڪ رواجي ڀُل ڪري ويٺو
آهي پٽ! پر تو؟ تو منجريءَ ڪاڻ جيڪو ڪرتوت ڪيو هو
ياد نٿو اچئي؟“
جيون مهاشيه سناٽي ۾ اچي ويو هو.
پٽ جي سامهون منجريءَ جو قصو سڻائي عطر پٽ جو هٿ
پڪڙي زم مان ٻاهر هلي ويئي. ”هل پٽ.“
جيون مهاشيه هڪ ڏوهيءَ جيئان ويٺو رهيو. سو جنهن
منجريءَ کي ڏوهيءَ وانگر هن پنهنجي زندگيءَ مان
هڪالي ڇڏيو هو، ان ساڳي منجريءَ کي عطر سندس ئي
سامهون سر اوچو ڪري کڙي ڪري ويئي، واڻئي وانگر.
عزت آبرو جي ان شادماني جي سمي ۾ ڳچ ڏينهن تائين
کيس منجريءَ جي ياد نه آئي. پر تنهن ڏينهن عطر هن
جي ياد تازي ڪري ويئي. شرابخوري جي علت سببان
ويچار جي پاپ جي نتيجي طور ڀوپي بوس کي جيڪو مرض
ويڙهي ويو ان منجريءَ جي نصيب تي ڪارنهن هڻي ڇڏي.
جيون مهاشيه کي ڪا ان ڪري سرهائي ٿي هئي؟ اهو ڌڌڪو
ڇا کيس انهيءَ ڏوهه ڪري آيو؟ ان ڏينهن ئي هن تاڻي
ورتو ته ”ون وهاري جي جيوت ۾ مرتيو جو ٻج ڇٽيو
ويو. ماڻهو جو مرڻ ڌرو (نشچت) آهي؛ جنم جي ويل کان
ئي منشيه مرتيو ڏانهن هوريان هوريان وڌندو ٿو وڃي.
مرتيو اسٿر ٿيندو آهي؛ اچانڪ هڪ ويريءَ جي هٿان
ماڻهو ان کي نوتو ڏياري ٿا مولين؛ مرتيو ويجهو اچڻ
لڳي ٿو. ڪوئي- ڪوئي مرتيو جا پل پل ڳڻي ۽ سنڀاري
ٿو. جهڙوڪ دانتو. دانتو مرندو. ون وهاري جيئان ئي
مرندو. پرديوت هن کي هرگز ڪين بچائي سگهندو.“
اچانڪ هو سجاڳ ٿي اٿيو. هيڏانهن- هوڏانهن
نهاريائين.
پوئتان ويٺل ششي هيستوڻي پاڻمرادو ان ٻڍي هاٿيءَ
کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو. وچ وچ ۾ ڪئنويسنڊا
مليل پيڄ جي شيشي کيسي مان ڪڍي چڪڙي چاڙهيندو پئي
ويو. تماڪ پيئڻ جي به گاڏيءَ ۾ گنجائش ڪانه هئي.
خطرو آهي. پال جي ڍوڳ ۾ باهه لڳي سگهي ٿي. سو
پنهنجي لوڀ کي ضبط ۾ ڪري چار پن جون ٻيڙيون ۽ چئن
پئسن جي ڏهن گولڊ فليڪ سگريٽن مان هڪ ڇڪي سنتوش
ظاهر ڪيو. وچ وچ ۾ ڏند ڪرٽيندي من ۾ سوچيندو رهيو
ته ”ٻڍي جي پٺيءَ تي ٺونشو ڄمائي وٺان ته ڪيئن
ٿئي؟ نه ته ٻرندڙ سگريٽ جو مهڙ پٺيءَ سان ڇهايانس
ته مزو اچي وڃي! تڏهن هو چپ چاپ اڀ ڏانهن تڪيندو
سگهندو؟“
مهاشيه کي لڏندي لمندي ويهندو ۽ ٽپڙيءَ کان منهن
ٻاهر ڪڍي آسمان ڏانهن نهاريندي ڏسي ششيءَ چيو:
”لهي ڪري ڏسان ڇا؟“
”ڇا ڏسندين؟“
”اهو ئي ته ڪمبخت دانتو سچ پچ اسپتال ۾ ڀرتي ٿيو
آهي ڪي نه؟“
اڏي ٺيڪ اسپتال جي ڀرسان پهچي ويئي هئي.
”رهڻ ڏي. چڱو، ڪير آهي ڀلا؟ ڏاڍو سريلو آواز! ڳائي
به ڏاڍو سٺو پيئي ۽ گيت به سندر آهي! ورانڊي وٽ
جيڪو ڇوڪرو بيٺو آهي، ڊاڪٽر آهي نه؟“
اتساهت ٿي ششي ٽپڙيءَ جي پٺيان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو.
چي: ”جي ها، ڊاڪٽر ئي آهي. هن جي گهرواري ڳائي رهي
آهي. جهڙو پتي تهڙي ئي پتني. بلڪل ميم صاحب.
بائيسڪل هلائيندي آهي، ڊاڪٽر بابو! ۽ هلندي آهي ته
ڄڻڪ نچي پيئي. گيت جو ته ڪجهه پڇو ئي نه! گهڙيءَ-
گهڙيءَ. اجها، هوءَ رهي- هوءَ. ڏسو نه.“
سامهون ورانڊي ۾ ٻارن جيئان زال مڙس راند ۾ مست ٿي
ويا آهن. جوانڙي پتنيءَ ڇڪي ڪري ڊاڪٽر جو هٿ پڪڙي
ورتو آهي، هٿ سان پاڻيءَ جو جڳ کسڻ جي ڪوشش ڪري
رهي آهي. خود پاڻي ڏيڻ چاهي ٿي. ڊاڪٽر شايد هٿ
منهن ڌوئي رهيو هو.
پر ڊاڪٽر جڳ ڏيڻ ڪاڻ تيار نه آهي. کيس باز آڻڻ
لاءِ مجبور ڪرڻ واسطي هو ڏول مان پاڻي کڻي هن جي
چهري تي ڇنڊا هڻي رهيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر هلي
ويئي. وري ٻاهر نڪتي ۽ ڄڻڪ ڪجهه اڇلي ڊاڪٽر جي
منهن تي هنيائين. ڊاڪٽر جو چهرو سفيد ٿي ويو.
پائوڊر آهي. پائوڊر اڇلي هنيائين!
ششي ڦي- ڦي کلڻ لڳو.
ڊاڪٽر جي چپن تي به هلڪي مرڪ نمودار ٿي ويئي! گاڏي
ڌيري- ڌيري هلڻ لڳي. ”ڀانئجي ٿو، گڻيش ڀٽا چاريه
جي ڌيءَ سگهي آهي. اميد جو تروڙو نطر اچي رهيو
آهي! ”پرمانند ماڌو.“ نه ته ڊاڪٽر ان ريت کل
خوشيءَ ۾ بدحواس نه ٿي وڃي ها. ڇوڪري کي ساهس آهي،
ڌيرج آهي. ضد اٿس. وڏي ٿيڻ جون منجهس گهڻيون
علامتون آهن. رڳو هڪ ڳالهه ان ۾ نه آهي، ٻئي جي مت
کي هو مڃي نٿو سگهي. جيڪڏهن اوشواس ڪرڻو آهي ته
وشواس ڪري نه ٺڳجڻ جي بجاءِ اوشواس ڪري ٺڳجڻ سڀ
کان وڏو ٺڳجڻ آهي. انهيءَ ۾ آدمي پنهنجو پاڻ کي
ٺڳي ٿو. ٻيو ته هيءُ ماڻهو سخت ڪلامي ڪرڻ وارو
آهي!“ مهاشيه ڊگهو ساهه کنيو. ٿورو سرڪي ويٺو. ”پر
دانتو بچي نٿو سگهي. هو پاڻ پنهنجي هتيا ڪري رهيو
آهي، هن کي ڪهڙو ڊاڪٽر بچائي سگهي ٿو؟ اوس ماڻهوءَ
۾ ڦيرو اچي ٿو.“ ڊاڪٽر سوچيندو رهيو.
”نوگرام جو ڪنهائي بابوُ!“ هينئر هو ڪونه رهيو
آهي. گهڻو اڳي گذاري چڪو آهي. مهاشيه هن کي ڏٺو
آهي. ’شرابي، بدچلن، تند مزاج، چيڙاڪ، ڪوڙو
ٻوليندڙ. پهرين زال جي مرڻ پڄاڻان ٻي شادي ڪيائين.
ٻي استريءَ جي سپرش سان لوهه جهڙو سخت ڌاتو جو هڪ
ٻيو ئي آدمي بڻجي ويو. شراب ترڪ ڪيائين، وڀچار
ڇڏيائين، بات چيت جو سليقو بدليائين، ڪاوڙ ته ڄڻڪ
پاڻي ٿي ويس. هو نه رڳو سداچار سان شڌ ٿيو بلڪ
پڙهي لکي شاستر چرچا سان جيون ۾ نرمل بڻجي پيو.
ائين به ٿيندو آهي. پر ون وهاري اهڙو ڪين بڻجي
سگهيو. دانتو به ڪين بڻجي سگهندو. وري رام هري جي
ڳالهه ياد آيس. من ۾ بار- بار اهو ئي سوال جاڳڻ
لڳس: ”ڪيئن اهو ممڪن ٿي سگهيو؟ ڇا هن جي نئين
استري هن جي جيون ۾ اهڙو مٺاس ملايو آهي، جنهن مان
هن کي ماڌو جي مڌرتا جو سواد مليو آهي؟“
اوچتو کيس هڪ ڳالهه ياد آئي. هن اوچي ڳاٽ ششيءَ کي
پڪاريو: ”لِوُڪس!“
ان وچ ۾ ششي وچ رستي تي لهي پيو هو. هن جي ڄڻڪ
جيءَ ۾ جيءُ آيو. چلم ڀري سوٽا ڪڍي رهيو هو! هن
حقي کي هيٺ رکيو ۽ حيرت وچان مهاشيه ڏانهن
تڪيائين. ’يڪا يڪ ٻڍي کي ڇا ٿي ويو؟ ليوڪس‘ چئي
ڪري پڪاري رهيو اهي!
ششيءَ جو اهو نالو ان سمي جو آهي، جڏهن مليريا
پکڙي هئي ۽ مستاني نيپال جي ڀاءُ سيتارام ’نوگرام
ميڊيڪل هال‘ کوليو هو- اهو نالو ان سيتارام جو
رکيل هو. اهو به اڌ چريو هو. ستر ورهين جي ٻڍي کان
وٺي سورهن سالن جي ڳڀرن تائين هن جا يار هئا. هو
سڀني سان گڏ تماڪ ڇڪيندو هو. پر هن جي چرتر ۾ هڪ
اهڙي خاص مڌرتا هئي جي ڪير به منجهانئس ڪڪ نه
ٿيندو هو. هن ڪلڪتي جي وڏن وڏن انگريز ڊاڪٽرن جي
نالن پٺيان مڪاني ڊاڪٽرن تي نالا رکي ڇڏيا هئا.
جيون دت جو نالو رکيو هئائين: ’ڊاڪٽر برڊ!‘
ڊاڪٽر هريش کي چوندو هو: ’ڊاڪٽر مئنارڊ!‘ ششي کي
’ليوڪس.‘
اسپتال ۾ نئون ڊاڪٽر آيو هو: ڪلڪتي جي ’مِترا
خاندان‘ مان هو. هن کي هو سڏيندو هو: ’ڊاڪٽر
برئاون‘
تنهن وقت سيتارام جي اها خوشمزاجي ماڻهن کي ڏاڍي
پسند پيئي هئي. خود ڊاڪٽرن کي به مزو ايندو هو ۽
کلندا هئا؛ ڪڏهن ڪڏهن مزاج موج ۾ هوندو هون ته هڪ
ٻئي کي انهن نالن سان پڪاريندا هئا.
هيترن ڏينهن کانپوءِ هو ساڳيو نالو؟ ششي کي عجب
لڳو. ليڪن تن ڏينهين ان نالي جي پوڪارڻ سان هو
جيڪا ورندي ڏيندو هو تنهن کي هو ڀلجي ڪونه ويو هو.
ڪنڌ جهڪائي مغربي نوع ۾ چيائين: ”ييس سَر!“
جيون مهاشيه چيو: ”اهو وقت ڏاڍو سک سان گذريو،
ڪيئن ششي؟“
”ڇا چئجي! ستجڳ هو اهو!“
ڊاڪٽر کلي پيو.ششيءَ جي هرڪا ڳالهه انتها واري
هوندي آهي. چڱو ڇو ته هن کان وڌيڪ چڱو هوندو ئي
ڪونه ۽ برو چئجي ته سڀ کا بڇڙو يا ته وئڪنٺ يا وري
نرڳ.
ششيءَ چيو: ”سيتارام هڪ سراپيل ديوتا هو، سمجهو؟
مگر اوچتو سيتارام جي ياد اچي ويئي ڊاڪٽر بابو؟“
”نه. تنهنجو نالو ياد اچي ويو. مان رام هريءَ جي
ڳالهه پڇي رهيو هوس.“
”ٻڌايو مانوَ ته هن جي حالت اڄ نازڪ آهي. ڪائي
بدپرهيزي ڪئي هوندائين. پڇڻ به ته پاپ آهي. بگڙجي
بيهي رهندو. چوندو مرڻ کان برو ڇا هوندو ۽ مان مرڻ
وڃان ٿو. پوءِ بنان کاڌي ئي ڇو، کائي ڪري ئي
مران.“
”اڙي سو ته مان هلي ڏسندس. مان پڇي رهيو آهيان نيٺ
معاملو ڇا آهي، يعني شادي ڪري...“
هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپي ششي حقارت وچان چيو: ”ڪنهن
ريت ڪمبخت جو مٿو ڦري ويو هوندو ٻيو ڇا!“
”هان. رام هري جي استري شايد ڌارمڪ سڀاو واري آهي،
ڏسڻ ۾ به شايد سهڻي آهي؟“
ڪجهه سوچي ششيءَ چيو: ”هوندي شايد.“
”هان.“ ڊاڪٽر هلڪي مرڪ مرڪندي وري ٽڙيل مکڙي سان
اڀ ڏانهن تڪڻ لڳو.
نوگرام جي بازار اچي ويئي.
ڊاڪٽر چيو: ”ڳوٺ جو ٻاهريون پاسو وٺي هل ڀاءُ. ڀيڙ
چڱي نٿي لڳي.“ |