سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :39

[37]

 

ٻئي ڏينهن ساجهر ويل.

آرگوگيه نڪيتن جي ورانڊي ۾ جيون مهاشيه بيٺو هئو، پرديوت ڏانهن وڃڻ جي تياري هئي، اچانڪ پرديوت ئي سائيڪل تي اچي پهتو. ورانڊي جي سيڙهيءَ تي پير رکي سائيڪل روڪيائين. لٿو ڪونه سهڪي رهيو هو.

”تپ اڄ نوانوي تي آيو آهي.“

”لهي ويو؟“

”جي ها. نوانوي پائنٽ ٻه. صبوح کان ئي منجو مزي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. چوي ٿي، ٺيڪ آهيان.“ ”ايشور جي ٻاجهه ۽ اوهان جي انوکي همٿ ۽ دردتا.“

ان واکاڻ جوان ڊاڪٽر هوبه وروڌ ڪونه ڪيو کلندي بنا سنڪوچ ان کي سئيڪار ڪيائين. رڳو ايترو ضرور چيائين: ”اوهان جي ناڙي گيان جي مدد نه ملي ها ته ايتري همٿ مان نه ڪري سگهان ها. چڱو مان هلان ٿو، خوشيءَ وچان اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيس.“

سائيڪل وراڪو کاڌو. ڊاڪٽر تيزيءَ سان نڪري ويو. صبوح جي هير ۾ هن جا سڪل وارو ڦڙ ڦڙ ڪري اُڏامڻ لڳا.

”پرمانند ماڌو! پرمانند ماڌو! هي گووند! پرمانند ماڌو!... نام جاپ اڌورو ڇڏي مهاشيه يڪساهي کليو، ٿڌو شوڪارو ڀريائين.

سنسار ۾ جيڪي ٿورا ڪي ماڻهو ڏاڍو سکي آهن تن مان هيءُ به هڪ آهي. هن جوانڙيءَ کي هن دل سان حاصل ڪيو آهي. ٻئي ملي ڪري مانسورور آهن.

تنهن ڏينهن ڪشور به چيو هئو: ”اهائي پرپاتي ته سڀ کان وڌيڪ آهي. جنهن اهو پاتو، تنهن سڀ ڪجهه تون ڊاڪٽر صاحب. سرشٽي ان وقت مانسروور ٿي پوندي آهي.“

هن ڪشور کان پڇيو: ”ٻڌو اٿم تون شادي ڪري رهيو آهين. پر ان جو ٿيو ڇا؟“

هن چيو هئو: ”ڊڄي ويو هوس! وري چيو هئائين. ”وهانءُ ڪرڻ سان وَني ملندي آهي، پر جيڪو پائڻ لاءِ انسان وهانءُ ڪري ٿو، سوئي نٿو ملي، ناري ۽ پرڪرتي: ٻئي هڪڙو ستيه آهن. ٻن ڏينهن ۾ ئي ڇاتي تي پير رکي پنهنجو راهه رمندي ٿي رهي. ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ پاڻ ڪپي رت ۾ سنان ڪندي آهي ۽ تڏهن پنهنجي ڀتار کي ڳرڪائي ڌوماوتي ديوي بڻجي پوندي آهي. وري ڪڏهن ته پتا جي مک مان پتيءَ جي نندا ٻڌي جيون تياڳي ڇڏيندي آهي. منش جي پورڻ پريم جي هٿان شانت، گنڀير ٿي شايد ئي پڪڙ ۾ ايندي آهي. جن جي ڀاڳ ۾ اهڙي حاصلات هوندي آهي، تن کي ٻئي ڪنهن به قسم جي ضرورت نٿي رهي- مان، شان، سامراج، ايتري قدر جو مڪتي به نه. انکان وڌيڪ حاصلات ٻي ڪائي ڪانهي. اها شايد ورلو ڪو حاصل ڪري ٿو. سو قدم وڌائي به ڪشور ڊپ کان پٺتي هٽي ويو. ڪهڙي خبر، اسان ٻنهي م ڪٿي ڪهڙي ڦاڪ هجي، ڦاڪ پوڻ سان خيريت ڪانهي، ڦاڪ هجي ته ناري نديءَ جيئان ڀڄندي ويندي ۽ ٻئي ٻانهون ڦهلائي سمنڊ تائين ڊوڙي به هن کي پائي نه سگهندس. ٻانهن جي ٻنڌن- ڀاڪر۾ ٻڌجندي ئي هوءَ مانسورور ٿي پوندي.“

جيون مهاشيه بار بار من ۾ چيو: ڳالهه بلڪل سچي آهي. سنجها جو پرديوت جي ورانڊي ۾ بهي هن ان سچائيءَ کي پاڻ چڱيءَ طرح محسوس ڪيو. شام جو هن جو تپ صفا لهي ويو.

سيتا کلي ڪري ڊاڪٽر جي پتنيءَ کي چيو: اف! ڪهڙي نه ڊپ ۾ اوهان وجهي ڇڏيو هئو!

”توکي ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پيئي نه؟“ منجوءِ جي چپن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿي.

ٻار وانگر چنچل ٿي ڊاڪٽر ڪمپائونڊر کي چئي آيو. نرسن ڏانهن ويو. اسپتال جي بورچي موتيا کي چئي آيو، ”اڙي موتيا، بخار لهي ويو.“ کيس جيون مهاشيه جي موجودگيءَ جي به سڌ نه رهي.

بيمار جي ڪمري ۾ ڊاڪٽر جي سس پهتي.

”اهڙو تو ڊيڄاري ڇڏيو هو جو ڇا چئجي“

”الائي ٽي چار ڏينهن ته مون کي به سڌ نه رهي!“

”رهندي وري ڪيئن! بيهوش جا پيئي هئينءَ. اما اما ڪري پڪاريندي رهينءَ. مون چيو، اجها مان آهيان، پر تو ته نهاريو به ڪين. هيڏانهن تنهنجو هيءُ حال ۽ هوڏانهن ويچاري گهوٽهن جو حال ئي نه پڇ. هن جي شڪل ڏسي منهنجو ته روئڻ به محال ٿي ويو. ائين لڳو، منجوءَ کي ڪجهه ٿي پيو، ته هيءُ ته چريو ٿي پوندو.“

”چريو ڪونه ٿئي ها سنياسي ٿي وڃي ها يا آپگهات ڪري ها.“

ورانڊي ۾ بيٺي بيٺي جيون مهاشيه پنهنجي اندر جي اکين سان پروڙيو، روڳڻيءَ جي چپن تي مرڪ جي ريکا نمودار ٿي هئي، وڏي چوڏس جي باقي رات جي اچانڪ کڙيل چانڊوڪيءَ جهڙي کل- ۽ ان کل جي ڪري هوءَ لڄ محسوس ڪانه ڪري رهي آهي. مڪمل پاڻي ملڻ سان جهڙي طرح ناز سان گل ٽڙندو آهي، اهڙي طرح هو تيز مرڪ سان ٽڙي پيئي.

”هي پرمانند ماڌو:“

ڊاڪٽر اچي رهيو آهي. قدمن ۾ به خوشي ڀريل اٿس.

”ڌرا! ڌرتري! ٻڌين ٿي؟“

هوءَ جهور ٻڍڙي عورت ڊاڪٽر جي سس کي سڏ ڪري رهي آهي. اڄ ڪيترن ڏينهن کان هو ان آواز کي سڻي رهيو آهي. اندرئين ورانڊي مان اهو آواز اچي ٿو. ڌنڌلي اکين ۾ پسي ٿو: هڪ ڊگهي قدار پيرسن وڌوا خشڪ اکين سان چپ چاپ ويٺي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي پڪاري ٿي: ”ڌرا! ڌر تري!“

هن پاسي کان ڪوبه جواب نٿو اچي. مريض جي سيرانڌيءَ وٽان ڪير جواب به ڪيئن ڏي؟ هوءَ پيرسن عورت نيٺ چپ ٿي وڃي ٿي. هن کي ڏسڻ سان لڳي ٿو، ڪڏهن هن شاندار جيوت ماڻي آهي. ٿوري ساعت هوءَ چپ رهي ٿي، وري سڏ ڪري ٿي: ”ڌرا: ڌرتري، اڙي او ڌرتري! ٻڙي اهو ته ٻڌاءِ تنهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ مون کي ته ڪمري ۾ وڃڻ کان منع ڪيل آهي، ان ڪري وڃان به نٿي. پر هن جو حال ته ٻڌاءِ.“

انهن جو به جواب ڪير ڏئي؟ ويچاري چپ ٿي ويئي.

اها ئي اڄ به سڏ ڪري رهي آهي. اهو ئي ساڳيو آواز. اڄ ڌرتريءَ ورندي ڏني: ”چئو، ڇا کپيوَ؟“

”کپي وري ڇا؟ تون ٿينءَ منهنجي ڏوهٽي، تنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ ۽ تنهنجي ڌيءَ ٿي منجو. تنهن وٽ آئي آهيان، اهائي ته وڏي شرم جي ڳالهه ٿي! وري ان جي مٿان ڇا گهران؟“

”چئي رهي آهيان: منجو ته ٺيڪ آهي؟ ذرا هن ڪمري ۾ وڃان، کيس ڏسان! اکئين ڏسي نٿي سگهان، ذرا هٿ ئي مٿس ڦيري اچان.“

”او ڊيڪولين ڪونه لڳائيندينءَ؟“ منجوءَ جو آواز. اها جهيڻي کل، پر زور سان کل نڪتي!

”ڏيندينءَ ته لڳائينديس. ڪيترن ڏينهن کان آئي آهيان: تيل ڪونه لڳائي سگهي آهيان. سنان وقت کوپرو لڳائڻ لاءِ ملندو اٿم. اهو ته مان لڳائي نٿي سگهان. ڇا ڪريان اڻڀي مٿي سان ئي وهنجي وٺندي آهيان. اوڊيڪولين نه سهين، ذرا خوشبودر تيل ڏينم.“

”چپ ڪري ويهه. ناٺيم پيو اچي.“

منجو جي ماءُ ڊاڪٽر کي ايندي ڏٺو: ٻڍڙيءَ کي هن خبردار ڪري ڇڏيو.

جيون مهاشيه ذرا دکي ٿيو.

“ڪٿي، ڪٿي آهي تنهنجو ناٺي؟ ذرا هن کي ته مون ڏانهن موڪل، اڄ چاهي مان رستي جي ڌوڙ جهڙي ڪم کان ويئي پيئي آهيان، چاهي منهنجو گهڙڻ سان ڪمرو گندو ٿو ٿئي، ڇهڻ سان اوهان جا هٿ ميرا ٿا ٿين؛ پر ڪڏهن منهنجي به روپ جواني هئي: عزت آبرو هئي. سڀ ڏينهن ههڙي حال ۾ ته ڪانه رهي آهيان. وري مان ٿيس منجوءَ جي ماءُ جي ماءُ جي ماءُ. ان ناتي به مون سان ڳالهائڻ ته گهرجيس.“

”ڇا پئي چوين، ڇا؟“ ڊاڪٽر اهي ڳالهيون ٻڌي ورتيون. ورانڊي ۾ بهي ڪري سڀ ڪجهه سڻي ورتائين. منجوءَ جي ماءُ کي اهڙي حالت ۾ ساوڌان ڪرڻ جو به وجهه ڪين مليو. ڊاڪٽر جو من خوشيءَ وچان ڦوليو نٿي سمايو. سو کلي چيائين: ”ڇو ڪونه، اوهان سان ضرور ڳالهيون ڪندس. اوهان اسان جا پوجنيه آهيو پر منجوءَ جي بيماريءَ ڪري....“

”ها ادا، سو ته آهي. مونکي جيڪا لڄ، جيڪو ڊپ ٿيو سو ڇا ٻڌايانءِ؟ سوچيم، نيٺ مان آيس ئي ڇو؟ مان ڏائڻ آهيان. سواميءَ کي کاڌم، هن کي کائي ڌيءَ جي گهر ويس، ان کي به کاڌم. انهيءَ ناٺيءَ وٽ تنهنجي سس کي نپايم تاتيم. ڌيءَ جي پهاڄ آئي،. ان جون ڇڙٻون سهي ات رهيس. تهانپوءِ ڌرتريءَ جو وهانءُ ٿيو. هن وٽ پهتيس. هيءَ به وڌوا بڻي. هاڻ آئي آهيان هتي، ڇو آيس؟ جنهن سبب کان آئي آهيان، سو ته ڄاڻين ٿو. وڏو ڊاڪٽر آهين، منهنجون اکيون ٺيڪ ڪر.“

”چڱو. سڀاڻي کان ئي دوا ڏيندس.“

”دوا نه، آپريشن ڪر.“

”ان جو آپريشن ٿورو ئي ٿيندو. موتيو پاڻي ته نه آهي.“

”نه نه. آپريشن بنا ٺيڪ ئي نه ٿينديون؛ ان سان ئي ٺيڪ ٿينديون. ڪيترن جون ٺيڪ ٿيون آهن.“

”خير. سڀاڻي کان چڱيءَ طرح جاچ ڪري ڏسندس. چڱو مان ٻاهر وڃان؟ اوهان کي هتي ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“

”تڪليف ته ادا آهي! لڳائڻ لاءِ ڪو سٺو تيل کپي. هيءُ منهنجا ڪپڙا به ڏاڍا پراڻا ٿي ويا آهن.“

لڄي ٿي ڪمري جي اندران ئي ڊاڪٽر جي سس چيو: ”ان جو اپاو به ڪهڙو آهي؟ ڪپڙي تي ڪنٽرول آهي: ڪپڙي جي اڻاٺ سبب سڄي دنيا ڦاٽل سبيل پهري ڏينهن گذاري رهي آهي.“

”هائو، سو ته آهي. سکه. هڪ اڌ منجو جو ئي پراڻو ڪپڙو ڏج. اهو ئي پهرينديس.“

”منجوکلي ڏنو. ”رنگين، ڏوري واري ساڙهي...“

”ها، اهائي پهرينديس، پر هيءَ لتا ته پهري ڪانه ٿيندي.“

ورانڊي ۾ جيون مهاشيه کي ڏسي ڊاڪٽر ذرا شرمندو ٿيو. کيس هن جي هوئڻ جو سماءُ ئي ڪين رهيو هو. خوشيءَ وچان وساري ويٺو هو

”مونکي دير ٿي ويئي، مهاشيه.“

”مڙيو ئي سک آهي.“

”۽ ڀاءُ منجوءَ جا گهوٽ! ٻڌين ٿو؟ ”هن ٻڍڙيءَ وري چيو.

”مصيبت آهي!“ پرديوت هاڻ خفي ٿي پيو. شايد اهو سوچي گرم ٿي ويو جو هن ٻڍڙيءَ جون ڳالهيون جيون مهاشيه به ڪنين سڻيون. ٻڍڙيءَ تي ته خفي ٿيو، شايد جيون مهاشيه تي به ڏمريو. ’بيٺي بيٺي ٻڌڻ سونهين نٿو، کيس هليو وڃڻ کپي ها. دل ۾ چيائين.‘جيون مهاشيه چيو: ”چڱو ته آئون هلان ٿو.“

”ٿوري دير وهندا ڪونه؟“

”سڀاڻي ايندس.“

”چڱو. جنهن ڏينهن منجوءَ کي ڀت ملندو، مان دعوت ڏيندس.“

”ٺيڪ ته آهي.“

”پر اهو اوهان کي ٻڌائڻو پوندو ته ڀت ڪهڙي ڏينهن ڏنو وڃي. ڪلورومائيسيٽن سان تپ لهي ويندو آهي، پر رلئپس جو ڊپ ته رهي ٿو. اوهان جنهن ڏينهن ٻڌائيندا ته نبض ۾ ڪوبه نقص ڪونهي، ڀت يا کاڌو ڏيئي سگهجي ٿو، انهيءَ ڏينهن کيس ڏنو ويندو. جڏهن رت جا دست آيا اٿس ته ضرور اِنٽيسٽائين ۾ پرفوريشن ٿيو آهي. ڀت ان ڪري خوب سوچي سمجهي ڏيڻو پوندو.“

هوڏانهن هوءَ ويچاري ٻڍڙي سڏ مٿان سڏ ڪري رهي آهي:”اڙي او ڀائو، ٻڌين ٿو؟“ ذرا ساعت ماٺ ڪري وري: ”منجوءَ جا گهوٽ!“ وري: ”ڊاڪٽر صاحب!“

دٻيل زبان سان منجوءَ جي ماءُ چيس: ”ناني ٿورو ترس؛ هو هينئر مهاشيه سان ڳالهائي رهيو آهي.“

مهاشيه سان؟ مهاشيه ڪير؟“

”جيڪو نبض ڏسڻ ۾ ماهر آهي، هتي جو ڪويراج!“

”اڇا!“ ٻڍڙي ڪنهن اونهي سوچ ۾ پئجي ويئي.

ٿوري ئي دير ۾ سجاڳ ٿي سڏيائين: ”ذرا، هن جي ڳالهه پوري ٿي ويئي؟ مان هڪ ڳالهه چئي رهي هئس.“

هينئر شايد پرديوت ڪاوڙ وچان چريو ٿي پيو. منهن ورائي امالڪ چيائين: ”چيو مانءِ ته، سڀاڻي اکيون تپاسيندس، پوءِ جيئن هوندو، ڪيو ويندو.“

”نه ڀاءُ- اهو مان ڪونه چئي رهي آهيان.“

”ته پوءِ ڪپڙا؟ ڪپڙا به آڻي ڏندس.“

”نه نه.“

”تڏهن ڇا؟“

”هيءُ مهاشيه جي آهي نه، ٻڌو اٿم، نبض ڏاڍي سٺي ڏسي ڄاڻندو آهي...“

”ها پر هيءُ ڇا ڪندو؟ هو ته آپريشن مان ڪين ڄاڻي.“

”هڪوار کيس پنهنجو هٿ ڏيکاريان.“

”هٿ ڇا ڏيکاريو. چڱي ڀلي ته آهين. ڪابه بيماري ڪانهي.“

”بيماري ته مونکي گهڻي آهي. اوهان ماڻهن جي جهل ۾ نٿي اچي. پراڻا ماهر ئي ان کي ٺيڪ سمجهي سگهندا. ذرا کين چئو ته. تنهنجي لاءِ ته مان ويئي پيئي آهيان، پر هن کي چو ته مان ڪانديءَ جي زميندار فلاڻي بوس جي استري آهيان. فلاڻي بوس کي ته سڃاڻندو هجي، اهڙو ماڻهو ئي هن پرڳڻي ۾ نه آهي. ٻيو، ته اها سموري پنهنجي ئي ذميداري ته هئي. ذرا هن کي چئي ته ڏس، ته ڪهڙي نه عزت سان ڏسي ٿو. ان کانسواءِ منهنجو پتا.... هن جو....“

پرديوت جي صبر جو پيالو ڪاوڙ وچان ڀڄي پيو. پر چوي به ڇا، ٻاهر مهاشيه بيٺو آهي.

منجوءَ جي ماءُ ٻڍڙيءَ جو هٿ دٻائيندي چيو: ”ناني، چپ ڪر.... هاڻ چپ رهه.“

ٻاهران مهاشيه سڏ ڪيو: ”پرديوت بابو!“

پرديوت ٻاهر آيو.سڀ کان اول هن هٿ جوڙي چيو: ”هن جي ڳالهين جو اوهان خيال نه ڪندا. هوءَ ڪهني زماني جي زميندار جي گهر جي ننهن ٿي رهي آهي. هينئر چري ٿي پئي آهي.“

کلي مهاشيه مرڪندي چيو: ”نه، نه اوهان کي ان ريت سنڪوچ ڇو ٿي رهيو آهي؟ هوءَ هٿ ڏيکارڻ چاهي ٿي، هلو ڏسي وٺان. انهيءَ ڪري ته هن کي خوشي ٿيندي. ڪانديءَ جي ڪهڙي گهر جي ننهن آهي... ڪنهن جي استري؟“

”ڀوپن بوس جي. ماڻهو کيس ڀوپي بوس چوندا هئا. جهڙو بدفعلي هئو، تهڙو ئي هٿ ڦاڙ. سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو، پرشراب ڪونه ڇڏيائين.“

”مان هٿ ڏيکارينديس. ٻڌو اٿم، هٿ ڏسي هو موت جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مان به ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته ڪڏهن مرنديس. تون هن کي ٻڌاءِ، منجري آهي، منجري جو هٿ ڏسڻو آهي. مان هن جي ماستر جي ڌيءَ منجري آهيان. ڪانديءَ جي فلاڻي بوس جي استري! هو مون کي سڃاڻي ويندو.“

ڄيٺ جي مهيني جي رات، بادل رهت آڪاش اچانڪ ڪومل نيري پرڪاش سان ڀرجي ويو ۽ ان مان ڄڻڪ هڪ تارو ٽٽي پيو. جيونمهاشيه سناٽي ۾ اچي بيٺو رهيو.

”منجري!“

اسپتال جي ڊاڪٽر پڇيو: ”اوهان هن کي سڃاڻندا هئا؟“

”ڇو ڪين. خوب سڃاڻان ٿو. اوهان کي اعتراض نه هجي ته آئون هن جي ناڙي ڏسان؟“

”ٺيڪ ته آهي. اڄ ئي ڏسندا؟“

ڪهڙو هرج آهي. ڏسي ئي وٺان.“

پرديوت چيو: ”هن کي گهڻائي روڳ لڳل آهن. ڪيترو سارو زهر ته پتي ڏيئي ويو اٿس. سڀ ڪجهه ته ٻڌايو اٿائين.اوهان به ڄاڻو ٿا.“

”ڄاڻان ٿو.“

”هنجي ويچار جو زهر رت ۾ آهي. هٻڇ ڪري اِسٽمڪ- اِنيٽيسٽائين به روڳ ۾مبتلا ٿي ويو اٿس، وقت جي ڪميءَ سببان جسم کوکلو ٿي پيو اٿس. من جي اشانتي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. اکين کان ڏسڻ کان لاچار آهي. ڪنن کان به ڳري آهي. ڪولائيٽس ته لڳل ئي اٿس، سياري ۾ سهڪو ۽ مٿي ۾ سور رهندو اٿس، تڏهن به جيئري آهي. ڇچوري ڪري کائيندي آهي.“

ڊاڪٽر پاڻ جهلي ورتو. کيس لڳو، وڌيڪ چوڻ واجب نه ٿيندو.

”منجري چوري ڪري کائيندي آهي، چوري ڪري خوشبوئدار تيل لڳائي ٿي. هٿوراڙيون هڻي جنهنجا به هجن، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ٿي. اهي مڙيئي حقيقتون گذريل ڪيترن ڏينهن کان هنن ماڻهن جي واتان مهاشيه ڄاڻي چڪو آهي.

هن پرديوت کي چيو: ”هلو“

پرديوت چيو: ”تنهن ڏينهن مون کيس موتيءَ ماءُ جو قصو سڻايو.اوهان جيڪي چيو هئو، سو به ٻڌاءِ. پر ڪنهن کي ٻڌائجي، ڪير ٿو ٻڌي؟ چيائين: منجوءَ جو هڪ پٽڙو پنهنجي اکئين پسان، ان کان پوءِ... ان کان پوءِ.“

مئي ڪانه ته قصو ختم.

*      *      *      *

منجري جي سامهون وڃي مهاشيه ڪجهه دير اسٿر ويٺو رهيو. للاٽ تي قطار ۾ ريکائون بڻجي آيس، اکين ۾ هڪ انوکي نظر نروار ٿي، کيسي مان عينڪ ڪڍي پاتائين. غور سان ڏٺائين. دور کان ’ته کيس ايامن کان ڏسي رهيو اهي، پر اڄ چشمو چاڙهي لڳاتار يڪ ٽڪ نگاهه سان ويجهو ڏٺائين: نه نه، هن جو قطرو به ثابت ڪونه بچيو آهي.‘

”پنهنجو هٿ ته ڏيکاريوم.“

’ناڙيءَ ۾ بخار آهي. بيماريءَ کان اندر ويران ٿيل آهي، چت ۾ لوڇ متل آهي. نبض جي هر هڪ ڌڙڪڻ بتائي رهي آهي. جسم جي هر هڪ سوراخ ۾ اُڀ جي تارن جيئان پراڻ ديوتا جي آرتي ڪندي جيڪي جيون – جوتيون جلن ٿيون، پاڻ پچائي پراڻ پوتر ڪري ان کي جاڳرت ڪن ٿيون، اهي اجهامي رهيون آهن، ڪي ٻري ٺري وسامي ويئون آهن. پراڻ ديوتا جي چوڌاري ڇايا جوگهيرو اچي چڪو آهي ۽ برف جا ڇهاءُ پيکري رهي آهي. آخرين حد جي قطري تي پهچڻ جي راهه هينئر نالي ماتر باقي آهي. ناڙيءَ جي ڌڙڪڻ ۾ جيڪو جيون سنگيت جاڳي ٿو، اهو جهيڻو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي آخرين ڇند سان سماپتيءَ جي سيگهه جي پڌرائي ڪري رهيو آهي.‘

هن ان هٿ کي رکي ٻيو هٿ وڌائڻ لاءِ چيو.

هڪڙو ئي حال. ساڳيو راڳ، ساڳيو سر.

”ڇا ڏٺو؟ اک ڪن سڌري ويندا؟ چڱي ڀلي ڪري سگهندا مون کي؟“

”نه“

”مٿي جو سور، پيڙا؟“

”هاڻ ٺيڪ نه ٿي سگهندو. پر اڄڪلهه وڏيون سٺيون- سٺيون دوائون نڪتيون آهن- کائيندا، سور گهٽ ٿيندو. آئون هڪ ٽوٽڪوٻڌائي ويندس: تنهن مان ڪجهه گهٽ ٿيندو.پر بلڪل ٺيڪ نه ٿي سگهندو.“

”۽ پيٽ جي گڙ ٻڙ؟“

”اهائي ته اوهانجي اصلي بيماري آهي.“

”ٺيڪ ڪري وٺو.“

”ٺيڪ؟“

”ها ها منجوءِ جي ٻار کي ڏسي وٺان!“

”جنم چڪر ۾ وشواس رکندا آهيو؟ اوهان ئي ٻار بڻجي هنجي گود ۾ موٽي اچو، اهو ته پاڻ وڌيڪ چڱو ٿئي!“

ذرا چپ رهي ٻڍڙيءَ چيو: ”يعني اوهان وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو. ڪانه بچنديس. پر، پر مونکي ڏاڍو ڊپ جو ٿئي ٿو.“

”ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو؟ هيءَ ته مڪتي آهي.“

”مڪتي؟“

”ها، مڪتي نه ته ڇا؟ اتي اوهانجا پوٽا، ماتا، پتا، ڀاءُ، ڌيءَ، ناٺي سڀ اوهان جي راهه تڪي رهيا آهن.“

ٻڍڙيءَ جون اکيون چمڪي ويئون. بي نوراکين سان سامهون طرف نهاريندي کوهجي ويئي.

مهاشيه اٿي بيٺو. ڪرسيءَ جي کسڪڻ جي آواز تي ٻڍڙي سچيت ٿي ويئي! چي:”ته توهان به چئي رهيا آهيو، مون کي وڃڻو پوندو. ڪيترن ڏينهن جي اندر؟“

پرديوت اتي آهي، مهاشيه به ان ڳالهه کي وساري ويٺو. کيس ان ڳالهه جي به ياد نه رهي ته پرديوت کي اڳڪٿيءَ تي سخت اعتراض آهي. هو وري ويهي رهيو. هڪ ڀيرو وري ٻڍيءَ جو هٿ چڱيءَ ريت: ڏٺائين ۽ چيائين: ”ٽن کان ڇهن مهينن جي اندر. انهيءَ عرصي ۾ اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. پر اڄڪلهه جي دوائن جي استعمال ڪرڻ سان ڪجهه وقت ممڪن آهي وڌيڪ ڀوڳيو. اڄ ڪلهه ڏاڍيون طاقتور دوائون نڪتيون آهن.“

”نه. دوا هاڻ ڪانه کائيندي آهيان. اوهان مون کي چڱي يادگيري ڏياري ته هو هتي منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. جيترو جلدي مونکي مڪتي ملي، اوترو ئي چڱو ٿئي. اڄ تائين مون کي چڱي ريت اها ڳالهه ڪنهن به ڪانه سمجهائي هئي. اف....! الائي ڪڏهوڪو هو ويچارا منهنجي واٽ ڏسي رهيا هوندا ۽ مان.....“

ٻڍيءَ جو آواز ڏڪڻ لڳو. بي نور ٻئي اکيون يڪ ٽڪ ٿي ويئون: لڙڪ وهڻ لڳا.

مهاشيه ماٺ ميٺ ۾ اٿي هليو آيو.

اکيون ڦيرائي هڪ اڀو ساهه کڻڻ تي هو ته ڇرڪي ويو. سامهون واري آئيني ۾ هن پنهنجو روپ ڏٺو. اڇا وار، ڳل گهنجن ۽ کڏن سان ڀريل، منهن هيڊو: هڏن جي پڃري جيئان بيٺو آهي. هڪ ڳالهه کيس ياد اچي ويئي. پتا جيءَ چيو هو: ”هر جنم موت کي ساڻ آڻي ٿو. روز روز هو وڌي ٿو ۽ پنهنجي ان واڌ ۾ ئي هو پنهنجو انت آڻيندو هلي ٿو. پاڻ کي موت ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. ان ريت جيون سنگرام ۾ جنهن ڏينهن هو ٿڪجي پوي ٿو، انهيءَ ڏينهن ٻڍاپو اچي وڃي ٿو. ٻڍاپي کانپوءِ اچي ٿو انت. يعني جي اڄ آئون سج اڀرائي جنم وٺان ٿو ۽ مران ٿوته ننڊ سان گڏ سج لٿي رات جي اونده ۾ وري نئين جنم جي پرڀات ۾ جنم وٺان ٿو.“

مهاشيه کي هن ريت غرق ٿيندو ڏسي پرديوت کي تپرس وٺي ويو هو. ڪرسيءَ کي ٿورو کسڪائي چيائين: ”ويهو.“

مهاشيه جو اٽڪيل اڀو ساه ٻاهر کڄي آيو. هن منهن ورائي ڪرسيءَ کي ڏٺو ۽ ويهي رهيو. پڇيائين: ”ڇا ٿا ڀانيو؟“

ٻڍيءَ پڇيو. اوهان جيون مهاشيه آهيو؟ نوگرام ديويپور جو جيون دت؟ آئون منجري آهيان. ڪانديءَ جي بنڪم جي ڀيڻ. ماستر نوڪرشڻ سنگهه جي ڌيءَ.“

مهاشيه کلي چيو: ”ٻڌڻ سان ئي سڃاڻي ويس، ڳچه ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اچي ٿي.

’ٺيڪ ٿا چؤ. ڌنڌلي ڌنڌلي. هتي اچي جيون مهاشيه- جيون مهاشيه ٻڌندي رهيس. نوگرام. سڃاتل جهڙو لڳو. ٻڌل جهڙو نالو لڳو، وري اوهان جو ڳالهائڻ ٻڌي ساڳيو ئي زور ڏيئي ڳالهائڻ ٻڌي سمجهي ويس، اوهان ساڳيا ئي آهيو. هو به ته مهاشيه ئي هئا. گهر به سندن نوگرام ۾ هو. دماغ ته اڄڪلهه ٺيڪ نٿو رهي. هينئر ڪجهه ياد آيو. هينئر ئي وسري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سوچيم. هو هجن يا ٻيو ڪوئي هجي. هيڏو وڏو ڪويراج آهي، هٿ ته ڏيکاري وٺان. من ڪٿي چڱي ڀلي ٿي پوان.“

اسپتال کان هو ٻاهر نڪري آيو. ڊاڪٽر پرديوت ڦاٽڪ تائين گڏجي آيس. چي: ”اهائي آهي اوهان ماڻهن جي اڳڪٿي؟“

مهاشيه کوهيل نگاهن سان هن ڏانهن تڪيندو رهيو. هن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه ڪانه ويٺي. پرديوت چيو: ”اوهان کان سکڻ جي اِڇا ٿئي ٿي.“

*      *      *      *

مهاشيه جي من ۾ هن پيلي رنگ واري ڇوڪريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي. پيلو رنگ، پيلا وار پيلا نيڻ: ريشم پهريل، سڀني انگن ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا انڌي، ٻوڙي. هر گهڙيءَ اهائي ساڻ آهي، ڪايا سان گڏ ڇايا وانگر. پور هئي سان گڏ جيئن آرام؛ آواز سان گڏ جئين روڪ؛ سجاڳيءَ سان گڏ جيئن رهي ٿي ننڊ. موت جو قاصد هن وٽ پهتو آهي ۽ هوءَ انڌي گونگي ديوي سڀني انگن ۾ امرت جو ڇهاءُ ڪري ٿي ڇڏي. لامحدود، اننت شانتيءَ سان جيون جڙي ٿو پوي. منجري گويا انهيءَ ريت ڳنڍي ٿي ڇڏي ۽ ملڪ الموت اهو گويا ڀوپي بوس جو روپ ڌاري اچي ٿو.

’هي پرمانند ماڌو! سرشٽيءَ ۾ جيڪو تنهنجي ماکيءَ جو رس ڀريل آهي، اهو ئي موت ۾ امرت آهي.‘

هن پنهنجي نبض پڪڙي رت جي رفتار اڄ تيز آهي، ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي آهي. نس نس مان پگهر نڪري رهيو آهي. اهڙي آنڌمانڌ هن هڪ عرصي کان محسوس ڪانه ڪئي. پاڻ ڇا آهي- منجو ڇا آهي؟ پر سندس موت جو قاصد ڪهڙي روپ ۾ ايندو؟ منجري ڪانهي، هوءَ جيون جو ڀرم آهي. وهم آهي. عطر جي ويس ۾؟ سندس پتا جڳت مهاشيه جي صورت ۾؟ گرو رنگلعل جي مورتيءَ ۾؟ يا هو ٻاٽ اوندهه ۾ لڪل هوندو، کانئس ڏٺو نه ٿيندو؟ ونوهاري؟-

ڪير؟-

ان ريت پهه پچائيندو هو اچي اَروگيه نڪتين جي سامهون سهڙيو هئو. هڪ بتي ٻري رهي هئي. ڪير ويٺو آهي. ڀروون تاڻي پڇيائين:”ڪير آهي؟“

مهاشيه بابا! مان آهيان مان: ”مري!“

”مري ويشڻوي! هيتري رات مهل” ڪهڙي ڳالهه آهي مري؟“

”اڄ ساوتري چوڏس آهي بابا! اڀيا چيو: تون ڪنهن کي ساڻ وٺي مهاشيه وٽ وڃ.“

’ساوتري چوڏس!‘ ڪڏهن ڏهاڳ جي ڏک جي ڪلپنا ڪري هن ابي وانگر سنيهه ۽ سڪ سان اڀيا کي کارائڻ چاهيو هئو، پر هن کي کيس سراپ ڏنو هو. اڄ هوءَ ڏهاڳ رهت- ورت جي سلسلي ۾ کيس ڀوڄن ڪرائيندي. ڌيءَ جهڙي اڪير سان ئي هن نوتو ڏنو آهي.‘

ڀروون تاڻي ترڇيءَ نگاهه سان هن اوندهه ۾ ئي هڪ ڀيرو تڪيو. شايد پاڻ مرادو سوال ڪيائين. وري کاٻي هٿ سان هڪ ڀيرو ساڄي هٿ جي ڪرائيءَ کي زور سان دٻائي ڏٺائين، پر ستت ئي ڇڏي ڏنائين. چي: ”هل“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org