سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :4

[4]

پراڻ خان جي زال اڳي کان بهتر هئي. کيس ان کان به وڌيڪ تندرست ٿيڻ گهربو هو، پر هوءَ نٿي ٿئي. نبض جي چال مان ڊاڪٽر کي جيڪي لڳي ٿو، ان مان ته بيماريءَ جي اهڃان جو ڪو ميل ئي نٿو وهي. بيماريءَ کان ته بيماريءَ جو وهم ئي گهڻو هئو. هتي سوُر، هتي سوُر، بستري تي ليٽندي ليٽندي ڦٿڪڻ، آنڊن ۾ جلن ته ذري به نٿي گهٽجي. مزي جي ڳالهه وري اِها، جو هتي ته اهو چئي ڏنائين ته چڱي ڀلي ته آهي، بس بيماري وڌي ويئي. ڊاڪٽر ڪري به ته ڇا، ان جو ڪوئي علاج، وٽس ڪونهي. هن اهو سمجهيوته هوءَ چڱي ڀلي رهي ڪري گهمڻ ڦرڻ کيس پسند ڪونهي. ڊاڪٽر ان ڪري هڪ ترڪيب ڪڍي آهي، هو لڳاتار هڪ ئي رٽ لڳائي رهيو آهي ته مرض نالي ماتر به ڪونه گهٽيو آهي. اڄ به هن ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ چيو- پر ڪوبه خطرو ڪونهي خان. گهٻراءِ نه. ان کان سواءِ خان کي ٻيو چيو به ڇا؟ جيڪڏهن سچي ڳالهه ٿو ڪري ته خان جيڪو روپ ڌارڻ ڪندو،سو ڊاڪٽر کان لڪل نه هو. ويچاري ٻڍي جي زندگي بيچيني سان ڀرجي ويندي. پتي- پتنيءَ جي جيون- گاڏي نه هلڻ جهڙي اشانتي ٻي ڪانهي. ڊاڪٽر پاڻ سڄي زندگي ساڳي باهه ۾ جلي رهيو آهي. اها باهه ڪڏهن به نه وسامي سگهي. اڄ به مريض ڏسي گهر موٽيو ته ڏٺائين، هوءِ اڀامي ويٺي آهي. سمجهي نه سگهيو ته ان ۾ آهوتي ڪهڙي پئجي ويئي! عطر ٻائي تيسي ۽ ڪاوڙ وچان بڪندي پيئي وڃي. اڃان تاءِ پنهنجو پاڻ بڪ شڪ ڪري رهي آهي. مٿس ۽ نوگرام جي ڊاڪٽر ششيءَ تي ملامت جو ڌوڙيو وسائي رهي آهي. باهه ۾ گيهه جا ڇنڊا ته ڊاڪٽر ششي ئي وجهي ويو آهي؛ سندس غير حاضريءَ ۾ هو ڪو آيو هو. ڊاڪٽر گڏيس ڪونه، سواندر ويهي عطر ٻائيءَ جو مٿو کائي ويو آهي. تماڪ پيئندو رهيو ۽ رک ويو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن اها ڳالهه به عطر جي ڪنن ۾ ڀري ڇڏي، جيڪا اسپتال واري ڊاڪٽر جيون مهاشيه کي سڻائي هئي. بدنصيب ششيءَ تي عطر جي جيتري ممتا آهي، اوترو ئي ڪروڌ به.

ششي هن جو شاگرد آهي.’آروگيه – نڪيتن‘ ۾ ئي هن ڊسپينسنگ سکي – علاج جو اکر آرنڀ به هتان ئي ٿيو. تنهن کان پوءِ ويو بردوان. ڪمپائونڊري پاس ڪيائين ۽ نوگرام جي خيراتي دواخاني ۾ پهريون ڪمپائونڊر بحال ٿيو. ڪمپائونڊري کيس سٺي ايندي آهي ۽ معمولي طور دوا دارون ڪرڻ به سکي ويو آهي. هن ئي کيس نبض پڇاڻ، مرض سڃاڻڻ سيکاريو هو. مگر بيحد گندو آدمي. حجامت، سنوارت جي جهنجهٽ کان ڏاڙهي، مڇون رکي ڇڏيون اٿائين، اشنان شايد ئي ڪندو آهي، ڏند به شايد صاف نه ڪندو آهي. هڪ ڪڙتي کي پندرهن ڏينهن تائين پهريندو رهندو آهي؛ جيستائين هن مان سخت بدبوءِ اچڻ نه شروع ٿئي، تيسين بدلائڻ جو نالو به نه وٺندو. جڏهن ڏسوس، تماڪ پيو ڇڪيندو. تماڪ جي گولي ۽ ڀرڻ جي سرائي هردم کيسي ۾ موجود اٿس، هٿ ۾ حقو. شراب به پيئندو آهي. ڪڏهن، ڪڏهن بيهوش ٿي ليٿڙيون پيو پائيندو آهي. ان حقي جي ڪارڻ ئي سندس نوڪري هلي ويئي هئي. حقو- تماڪ چلم، گولين جو دٻو- اهي سڀ کيسي ۾ وجهڻ بنا هو هڪ وکه به ڪين چرندو. چي، ڀائي، ماڻهو لڪي- ڇپي پنهنجي پيءُ جي حقي مان دم لڳائي تماڪ پيئڻ سکندا آهن مون پنهنجي بابي جي بابي کان پيئڻ سکيو. ۽ ڪوئي لڪي- ڇپي ڪونه سکيس، هو پاڻ چلم ڀري ڪري مون کي پيئاريندو هو. تماڪ کانسواءِ هلڻ منع آهي. پنهنجي ٻارن کي مون به چئي ڇڏيو آهي ته مان مري وڃان، ته منهنجي چکيا تي چلم- تماڪ، حقو، گوليون ضرور رکجو. تيلي ماچيس جي ضرورت ڪانه پوندي- چکيا جي باهه مان ئي ڪم هلي ويندو. اسپتال ۾ دوا جي الماڙين ۾ تماڪ جون گوليون رکندو هو. چلم جي رک هڪ ڪنڊ ۾ ڍڳ ڪري رکندو هو. ڊاڪٽر جي اچڻ تي ڪاغذ، ڪپڙو يا پيڪنگ باڪس وجهي ڍڪي ڇڏيندو هو ته به ڳالهه پڌري ٿي پوندي هئي، ٽي – ٽي ڀيرا پڪڙيو، وري به ڪنهن نموني نوڪري رهجي آيس. چوٿين ڀيري ۾ نه بچي سگهيس نوڪري. نه بچيس، نه سهين، پنهنجي هنر مان ئي هن ڪمايو- کاڌو ۽ اڄ به گذارو ٿي رهيو آهي. هينئر شراب ڪجهه گهٽجي ويو آهي. پٽ نوڪري ڪندا اٿس. پاڻ ڪهڙو به هجي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ روپيه ضرور ڪمائيندو آهي. صلاح مصلحت لاه جيون مهاشيه وٽ هليو ايندو آهي. کيس گرو جي چوندو آهي. هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. جيڪي ڪجهه ڄاڻان ٿو، ان جو ٻارهن آنه!- اهو چئي ڪري هو خوب کلندو آهي. ڳالهه ۾ هڪ اِشارو هوندو اٿس. هن گروجيءَ کان صرف ڊسپينسنگ ۽ ڊاڪٽري ئي ڪانه سکي، شطرنج کيڏڻ به سکيو۽سکيو، ڪيرتن ۾ ڏوهيڙا ڏيڻ. انهن ٻن ڳالهين ۾ کيس ڪمال حاصل هو، جنهن کي چئبو آهي- ”ڏاچي لهي ڏهه، توڏو تيرهن.“

شطرنج تي ششيءَ کي وهاري ڪري سندس يار سندس گهران کاڌو آڻي چٽ ڪري ويندا هئا. گهر وڃي چوندا- ڀائو کي ڪال ٿيو آهي، رات کيس روڳيءَ وٽ رهڻو آهي. سو هن اسان کي چيو: ادا، گهران وڃي کاڌو کڻي اچو ته نصيب ۾ ڀوڄن جڙي نه ته ته ....... ان جو کاڌو ڏيو.

ششي رات جو ئي رسوئي ڪندو هئو ۽ هن جي زال جي هٿ جي روٽي مشهور هئي. رات جو ٻي وڳي هو راند تان جيئن فارغ ٿيندو ته خالي باسڻ هن جي هٿن ۾ ڏيندي دوست چوندا- ادا، هيءُ کڻندو وڃ. ٿالهي تنهنجي آهي- بس، ششي جو گهر وڃڻ ٿي ويو! گار گند ڪري اتي ئي بکيو سمهي رهندو. هونئن به گهر وڃڻ سان هن جي ’ڪال‘ جي مرجادا جو هلي ويندي‘ ٻئي ڏينهن ڪنهن کان ٻه روپيه ڇڏائي تڏهن گهر ويندو. ويندي ئي چوندو- هيءُ ڪال جا روپيه آهن، سنڀالي وٺ.

جيون مهاشيه کان سکيل ٽين وديا سنگيت ۾ ته هو دئيت آهي- راڪاس چوڻ سان به ٺيڪ وياکيا نه ٿيندي، خوفناڪ راڪاس چئوس. هڪڙو نه بيحد بڇڙو آواز، مٿان بتالو ۽ بي سرو وري بنا پيئڻ جي اسٽيج تي وڃي نٿو سگهي. وڏن- وڏن استادن جا حوالا ڏيندو.

ڪيرتن ۾ به هو گلو ڦاڙي ڪري ٻاڪاريندو.

مٿو ڪُٽي کلندي جيون مهاشيه چوندو- پنهنجو نصيب!- ڪڏهن ڪڏهن ششيءَ کي چئي ڏيندو- ڏس ششي، هيئن هڪ ڌڪ سان هري ۽ تان جو خون ته نه ڪر. شش جو پاپ گروءَ کي ڀوڳڻو پوندو آهي! مونکي نرڪ ملندو- ششي چوندو- اوهان ڳڻتي نه ڪريو! اوهان جو رٿ روڪي ڪهڙو....

۽هو ٽهڪ ڏئي ها- ا- ها- ڪري کلڻ لڳندو. اهو ئي آهي ششي ڊاڪٽر!

ڪڏهن – ڪڏهن هو صلاح مصلحت لاءِ ايندو- هيءُ ڪيس ته پڪو ٿي ويو آهي ڊاڪٽر بابو!

جيون مهاشيه چوندو- مريض ڪچو آهي يا پڪو، اول اهو ٻڌاءِ. جيڪڏهن پڪو آهي ته ڀڄڻ ڏينس. تنهنجي علاج کان وڌيڪ هن جي عمر جو ڏوهه وڌيڪ آهي.

ڪڏهن- ڪڏهن ششي ڊاڪٽر جيونمهاشيه کي به گهرائي وٺندو آهي. اهڙا سڏ گهڻو ڪري مفت وارا ٿيندا هئا، فيءَ جا پئسا ڪونه ملندا هئا. ڇاڪاڻ ته ششي ڪمپائونڊر جتي ڊاڪٽر جي روپ ۾ گهرايو ويندو هو، اتي غريبيءَ جو ئي راڄ هوندو. هو صرف چئن- اٺن آنن تي ئي راضي ٿي ويندو هو. اهڙن هنڌن تي جيون مهاشيه کي فيءَ جو هڪ روپيه ڪٿان ڏنو وڃي! ۽ جيون مهاشيه هتان جي مٽي، ماڻهو، وڻ – ٻوٽن جي دلين کي به سڃاڻندو آهي. انهن جي تڪليف جو کيس پتو آهي. سندس ابي-ڏاڏي جي دواخاني جو دروازو اهڙن جي لاءِ هميشه مفت کليو رهندو هو. پنهنجو به دروازو هن انهن لاءِ بند ڪين رکيو. هو ويچارا جيستوڻي هڪوار لاچار نه ٿي پون تيستوڻي انهن چار آنه پئسن کي بچائڻ جي خاطر رڙهي ڪري به خيراتي دواخاني تائين اچن ٿا. ڀلا اهڙن کان جيون مهاشي في وٺي سگهيو ٿي؟

هيڏانهن ششيءَ جي سامهون هڪ نئون مسئلو اچي کڙو ٿيو آهي. لڙائي جي زماني ۾ علاج شاستر جون جيڪي ڪجهه حيرت انگيز ايجادو ٿيون آهن، انهن سان تال ميل ڪري هلڻ هن لاءِ مشڪل ٿي پوي آهي. هيستوڻي اهڙي مشڪلات درپيش ڪانه ٿي ئي. ويتر سلفا- گروپ جي گولين نڪرڻ سان ويچاري جو برو حال ٿي ويو آهي. ان بعد پينسلين آهي، اسٽر- ئپٽومائيس آهي. نوان ڊاڪٽر انهن دوائن جو لاحساب استعمال ڪري رهيا آهن. پينسلين کي ڇڏي ڪري ته ڪا ڳالهه ئي نٿا ڪن. پرششيءَ کي انهن دوائن جو ٿورو به واهپو ڪرڻ ۾ جيڪر ڊپ ٿئي. ڊپ ٿيڻ جي ڳالهه به آهي، ڊڄڻ به گهرجي. نتيجو اهو نڪري ها جو ششي بگڙي اهڙو ڪجهه ڪري وجهي ها جو چڪتسا (علاج) شاستر ۾ لاثاني آهي. ٿورا ڏينهن  اڳي ڪوڙا رام باوري جي ڌيءَ کي نمونيا جي چپيٽ اچي ويئي. ڪوڙارام ششيءَ کي چيو- ڊاڪٽر صاحب اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته سئيءَ واري دوا سان جلد آرام ٿيندس، سو.....

ششي تاڻي ويو، ڪوڙارام جو مطلب پينسلين سان آهي. ششي آپي کان ٻاهر نڪري ويو. چي- کڻي اچ روپيه، هڻانس ٿو سئي. اک ڇنڀ ۾ سئي چڀائي آڱوٺي کي دٻائي ڇڏيندس- مون کي ته ايتري ئي تڪليف ٿيني آهي. باقي جلن پاڻ سنڀالج. روپيه جي گرمي آهي، سنڀالي وٺندين. ها، سئي لڳائڻ جي في هڪ روپيه لڳدني، چئي ٿو ڇڏيانءِ.

- پوءِ؟

- پوءِ جيڪي جيءَ ۾ اچيئه سو ڪر. اسپتال جي ڊاڪٽر جڏهن ٻڌايئه، تڏهن هن اسپتال مان سئي ڏنئه ڇو ڪين؟ مريض کي ڀرتي ڇو ڪين ڪيائين؟

- جي اسپتال ۾ جڳهه ڪانهي ۽ اتي اهي دوائون نٿيون ڏنيون وڃن.

- پوءِ جيڪي مان چوانءِ، سو ڪر. هڪ کان هڪ بيماري اڄ تائين کائڻ جي دوا ۽ مالش سان ڇٽندي رهي آهي؛ ۽ تنهنجي ڌيءَ جي ڇاتي ۾ ٿوري سردي ڇا لڳي آهي، پينسلين بنا رهي نٿي ٿي!

- ته اهو ئي ڪريو.

نشو ۽ ٻڍاپي اچڻ ڪري ششيءَ جي دماغ ۾ ٿورو خال اچي ويو آهي، سو ناڪاميءَ سبب ويتر وڌي وڃيس گهري سوچ ويچار کان پوءِ هن طئه ڪيو هو ته مالش ۾ سرنهن جي تيل جي بدران گاسليٽ ملائڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو. گاسليٽ وجهڻ سان باهه ٻري ٿي، ان ڪري هڏن ۾ جيڪا ٿڌ ڄمي ويئي آهي، تيزيءَ سان پگهرجي ويندي. جهڙو سوچيائين، تهڙو ئي ڪيائين. نتجيو اهو نڪتو جو ويچاريءَ جي ڇاتيءَ ۾ ڦوڪڻا نڪري آيا ششي ڀڄندو- ڀڄندو جيون مهاشيه وٽ پهتو.

جيون مهاشيه بگڙيل ڪم کي سنواري به ورتو هو، وڌيڪ ذلت سهڻي نه پيس. جيئن ته ڪافي شيوا پرداخت ٿيس، ان ڪري ڦٽ ڪونه ٿيس. ڦوڪڻا ڦاٽي پيس ۽ ڇٽي ملي ويس. ڪيئن به بچي اٿي بيماريءَ مان ان جو شرف ڪنهن کي آهي، جيون ڊاڪٽر کي معلوم ڪونهي. چاهي ششيءَ جي اها سوجهه باڪمال هئي، چاهي هن نينگريءَ جي نصيب سان، ڦوڪڻا ٿيڻ جي باوجود به نمونيا ويندي رهي. نه پينسلين پئي ته نه مالش ٿي، نه وري اينٽي فرزسيٽن جي پٽي ٻڌي- ڪل ڪيترن ڏينهن ۾مريض خطري کان ٻاهر نڪري ويئي.

اڄ ساڳيو ششي جيونمهاشيه وٽ پهتو هو. ڇو ويو هئو، ڪير ڄاڻي! مگر ڪمبخت عطر ٻائيءَ جو پارو گرم ڪري ويو. ڍنگ مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن موتي لوهار واري ڳالهه جو به ذڪر ڇيڙيو هو. ڇي!

ان ڇوڙ کي پڪڙي شريمتي عطر هن تي اچي مَٽي آهي. آخر عمر تائين ماڻهوءَ جو هڪڙو ئي سڀاءُ رهي؟ ٺوڪر کائي به سبق ڪين سکئين؟ هيءَ فتويٰ ڏيڻ جو اهنڪار ڪهڙوآهي؟ ڪنهن کي اهو چوڻ جو لاڀ به ڀلا ڪهڙو ته تون فلاڻي ڏينهن تي مرندين؟ ڊاڪٽري پاس ڪئي هجئيه ها ته ڪا ڳالهه به هئي! گهر ويٺي پڙهي- پڙهائڻ ڪوئي سرو وديا ۾ وشارد به ٿي ويندو آهي؟ ڇي، ڇي. ذرا ڪنين وڃي سڻي اچه ته نوگرام جو ڊاڪٽر ڇا پيو ٻولي. ۽ هيءُ مئو باهه لڳو ششي، ساڙ سڙيو ڇا نٿو بوگس بڪواس ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org