سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :19

[19]

 

ساڌو بابا صبوح جو تندرست پئي لڳو. ليٽيو پيو هو. سور ڪونه هو. ٻاهر اڀ ڏانهن تڪي رهيو هو. جيون مهاشيه کي ڏسي چيائين، ”اچ ڀاءُ اچ. ڪالهه تون آيو هئين، پر مان سمهيو پيو هوس. ڪمبخت ششي الائي ڪهري دوا ڏيئي ڇڏي، پنجن منٽن جي اندر مان سمهي پيس.“

”اڄ ته اوهان چڱا ڀلا آهيو. دوا ڪم ته ڪيو.“ ڊاڪٽر کليو.

”ڪهڙي خبر ادا!“ هن ڪنڌ ڌوڻيو.

”ڇو؟ سور آهي؟ وري ڇا جو الڪو!“

”ٺيڪ – ٺيڪ سمجهه ۾ نٿو اچي. تون ناڙي ڏس. ڏس ته مون کي ڇوٽڪارو ملندو ڪي اڃا نه؟“

؟وٺڻ جي مرضي هجيو ته ڇوٽڪارو ملي ويندو. جيڪڏهن نه چاهيو ته اوهان ساڌو ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڪٿي؟“

”پڻيه جي اها شڪتي مون وٽ نه آهي ڀاءُ.“

جيون دت ڄاڻي ويو هو ته سنياسي ۾ پچ جي اها شڪتي نه آهي. هجي ها ته جيون مهاشيه کي پتو پئجي وڃي ها. ڪالهه جيڪا کيس سهڻ کان ٻاهر پيڙا هئي، ان مان به ٻارنهن آنا ته گانجو نه پي سگهڻ جي هئي. هن ۾ اها سوکيم انڀوتي به ڪانه رهي هئي، من کوکو ٿي چڪو آهي. جن ۾ يوگ جي ساڌنا هوندي آهي، تنجو من ڏاڍو شڪست شالي ٿيندو آهي. جسماني هيڻائي هنن کي ڇهي نٿي سگهي. ان وقت هو پرانو چولو تياڳي نئون چولو ڌارڻ جي اڇا ڪندا آهن.اها هن ديش جي تمام جهوني روايت آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي پتا کان ٻڌي آهي، ٻين ڪيترن رشين منين کان به ٻڌي آهي. ڊاڪٽر پرديوت جهڙا ماڻهو ان تي يقين نٿا ڪري سگهن، ٻڌي به کلي ڏيندا، پر جيون مهاشيه ان تي وشواس ڪندو اهي. هن ساڌو بابا جي ڪرائي پڪڙي.

ساڌو بابا ڌيمي آواز ۾ چيو،”ڀانيان ٿو ته ڀاءُ هاڻ موڪل ملي ويندي. رات ڀاسيم، اتان ڏهن ٻارهن چاکڙين جي کٽ- کٽ جو آواز اچي رهيو آهي. ائين به من ۾ آيو ته رگهوير جو شبد پراپت ڪري رهيو آهيان. جهنگل ۾ جيڪو پنچ تپ جو آسڻ آهي، ڄڻ اتان ئي پڪاري رهيا هجن، ’اچو، هيڏانهن اچو.‘

جيون مهاشيه کي انهن غير رواجي ڳالهين جو مطلب سمجهڻ ۾ ڪا دير ڪانه لڳي. جهنگل ۾، هن طرف، هتان جي گذريل مهنتن جون سماڌيون آهن. ساڌو بابا کي چاکڙين جو آواز به اتان ئي ٻڌڻ ۾ آيو. مطلب اهو ته سندن ’وڏا‘ کيس ڪوٺ ڏيڻ آيا هئا. ’رگهو ويرجي‘ سندس گروءَ مثل هو ۽ کانئس اڳي سندس ’گاديءَ‘ تي به هوئي براجمان هو. هو سچ پچ يوگي هو، هن يوگ ساڌن سان پنهنجي اندروني نيترن کي جهڙو شڪست- شالي بڻايو هو، تهڙي ئي شڪتي، هن ڪٺن ورت پالن دئاران، قدرت جو تيجه سهڻ جي لاءِ ڪٺي ڪئي هئي. ويساک ۾ ’پنچ اگني‘ جو تاپ وٺندو هو. سج اڀرندي ئي پنجن ڪنڊن ۾ باهه ٻاريندو هو. انهن جي وچ ۾ ويهندو هو. هڪ کان پوءِ ٻيءَ ڪنڊ ۾، ان ريت سڄو ڏينهن آهوتيون ڏيئي سنجها ڌاري ان ڏينهن جو ’هوم‘ پورو ڪندو هو. سردين ۾ اگهاڙي بدن وڻ جي هيٺان ويهي سڄي- سڄي رات ’تپ‘ ڪندو هو؛ سج اڀرڻ کان اڳي ئي تلاو جي برف جهڙي  ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڳچيءَ سارو ٽٻي هڻي تيستوڻي ويٺو رهندو، جيستوڻي سج ڪني نه ڪڍي. ’ساڌو بابا چئي رهيو آهي انهيءَ ’رگهوير‘ کيس ڪوٺايو آهي.‘

”عام ماڻهو مرڻ کان اڳي سرڳ سِڌاريل پنهنجن سڳن عزيزن کي ڏسندا آهن. شايد اهي به ڪوٺڻ ايندا آهن. ساڌو بابا جا سڳا مٽ مائٽ ته گمناميءَ جي ڪنهن گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويا آهن. هينئر ته ان مڙهيءَ جا مهنت ئي هن جا ’پنهنجا‘ آهن، بزرگ آهن، رگهو وير بابا انهن ئي ’بزرگن‘ کي ڏٺو آهي.“

نبض جاچي هن جي ڪرائي بستري تي رکي جيون دت چيو، ”اوهان جي موڪل جو وقت ڀرجي آيو آهي بابا. اڄ سانجهيءَ کان پوءِ يعني ساڳئي وقت، جنهن وقت اوهان جو سور سخت وڌي ويو هو. ائين ئي ڀانئجي ٿو.“

ساڌو بابا جي ٻڍاپي وچان کليل چپن تي کل نمودار ٿي ويئي. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو.

گذريل چاليهه ورهين کان سانده ساڌو بابا هتي رهندو آهي. ٽيهه ورهين کان وڌيڪ ته هو هتان جو مهنت ٿي رهيو آهي. اٽڪل چاليهه- پنجيتاليهه ورهين جي ڄمار ۾ هو هتي آيو هو. ڏسڻ مان معلوم پئي ٿيو، ٽيهه ورهين جو جوان آهي! ڊگهو قداور ڪسرتي شرير. شاسترن ٻاسترن سان واسطو ڪين رکيائين، ڳوڙهي اڀياس، لڳن ۽ ڪجهه نيتي شلوڪن سان هو سنياسي بڻيو هو. سنت چاهي نه هو، ساڌو سڀاءُ جو بيشڪ هو.

ساڻس پهرين واقفيت عجيب ڍنگ سان ٿي هئي.

ان وقت ان علائقي جي صورت ڏاڍي ڀينڪر هئي. هر هنڌ ڪالرا، پليگ وغيره پکڙيل هئي. هڪ کان ٻئي ڳوٺ، هتان کان هُتان. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ڪکن جي باهه جيئان، پنهنجي ڀيانڪ- رت پياسي اساٽيل- ڄڀ ڦهلائي مهاماري پکڙجي ويئي هئي. تن ڏينهن وبا جو ڪو علاج ئي ڪونه هوندو هو. هڪڙو ئي سهارو هو، ڪلورو ڊائين. ڪويراجي- طبابت ۾ اثر ڪرڻ واري ڪابه دوا يا ترياق ڪونه هوندو هو ۽ ڪلوروڊائين جو استعمال ڪن، اهڙا علاج ڪندڙ ئي ڪونه هئا. اڻاٺ هئي. جيڪي ٿورا ڪجهه هئا انهن جي منهن تي خود ڊپ جا آثا رنمودار هئا. هريش ڪالرا جي روڳيءَ کي ڏسڻ ڪونه ويندو هو. هوميوپيٿي ڊاڪٽر براروري ان سمي اتان روانو ٿي چڪو هو. هجي ها ته به نه وڃي ها. نوگرام ۾ هڪ نئون ڊاڪٽر آيو هو. ڪالرا جي مريض کي ڏسڻ جي ڀو وچان هڪ رات ۾ هو به رفوچرڪ ٿي ويو هو. چوڌاري عجيب افواه هوندا هئا. تنهن وقت جهڙو وشواس ماڻهن ۾ هو، تهڙائي خوفناڪ افواه! ”ماڻهو ڪالرا جي بيمارءَ کي ڏسڻ به لڳا... هوءَ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جا چڪر هڻندي وتي ٿي.‘ سانجهيءَ جو وڻن جي جهڳٽن ۾ ڏيکاري ڏي ٿي. اُڀريل هڏيون، انهن جو سڪل پڃرو، اکين ۾ ٽانڊا ڇڏيندڙ آگ، خشڪ – انسي وارا، خوفناڪ ڏندن واري عورت، پهراڻ هڪ ڇنل ڦاٽل اڳڙيل ٿوڙيل! هوءَ انهيءَ واٽ کان لاش ڍويئندڙ تڏو بغل ۾ دٻائي ڳوٺن ۾ گهمندي ٿي رهي، جتان لاش نيو ماڻهو مساڻن ڏانهن وڃن ٿا. شام جو ئي ڳوٺ ۾ هوءَ ٿِر ڪري ويهندي آهي. ويندي وقت جيڪو سامهون گڏجي وڃيس، رات جو اهو ئي بدنصيب ڪالرا جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ان وگهي هو مري وڃي ٿو ۽ پوءِ گهر گهر ۾ وبا پکڙجي وڃي ٿي.‘

ڳوٺ ڇڏي ماڻهو ڀڄڻ لڳا هئا.

جيڪي آسودا هئا، سي سڀ کان اول پڇ پائي ڀڳا. ڀاڄوڳڙن ۾ سڀ کان اڳرا هئا نوگرام جا بابو لوڪ يعني ’مهذب‘ ماڻهو. ان بعد ’عام‘ ماڻهو. رهڻ ڪاڻ رهجي ويا ويچارا غريب ۽ بي همٿ اٻوجهه ماڻهو. انهن ۾ به گانجوڙين جو تعداد وڌيڪ هو. شراب پي ڪري گانجي جو دم لڳائي نشي ۾ الوٽ رهندا هئا. ’ڪالي- ڪالي“ جي رٽ لڳائيندا هئا. ڀڳوان جو نالو به وٺندا هئا. مهاشيه ڪيرتن منڊليءَ وارن جو هميشه کان مول ڳائيندڙ ٿي رهيو. اهڙو خاص آواز به ڪونهيس، ڪنٺ به سريلو ڪونهي، پر راڳ جي کيس پرک آهي ۽ ڳائي به ڄاڻي ٿو. بيشڪ ڳائي ڄاڻي ٿو. ڏهه ڪوهن تائين ڪيرتن ۾ اڄ به هو ڳائي سگهي ٿو. ان ۾ ساڻس برميچڻ وارو آدمي سڄي علائقي ۾ ڪونهي. هوندو به ڪيئن؟ اوچ شاستري سنگيت جي تانگهه ئي ڪنهن کي آهي؟ گهڻو ڪجهه ڏٺائين! هارمونيم، گراموفون ۽ هاڻ ريڊيو. نوگرام ۾ئي ڪيترن گهرن ۾ ريڊيو اچي چڪو آهي. هن پاڻ ٻڌو آهي. ڪٿي اُهي گيت ۽ ڪٿي اڄوڪا گيت! هوُ، ”شيام، تنهنجو برج ڌام پسي آيس، بس نالو ئي رهجي ويو! هاءِ، هاءِ! نالي طور ئي آهي، ٻيو ڪجهه نه رهيو. راڌا سورڻلتا دالچيني جي ڇوڏن کي شيام سمجهي اڌ مئي ٿي ڌرتيءَ تي غش کائي ڦٿڪي رهي آهي!“

ڪيرتن- منڊلي ساڻ ڪري روز سنجها جو هو رستن تي گهمندو هو. هن جو وشواس هو، ته هري نام سان آپدائون ٽري وينديون. هر هڪ ڳوٺ ۾ شرابي- ماڻهو ’رکشا – ڪالي‘ جي پوڄا ڪندا هئا. انهن کي به ساڳيو ئي پڪو وشواس هو.

اونداهي رات ۾ رستن تي سدائين ڪتا ڀونڪندا آهن. اڄڪلهه اها ڀونڪ ڀونڪ ڄڻ وڌي ويئي هئي. ٻيو ڄڻڪ ان چيخ ۾ ڳوڙهو مطلب هجي. چيخ ۾ ڪروڌ نه، ڀو هوندو آهي. ڪتا رات جو ان ڀورن وارن واريءَ کي رستن تي گهمندو ڏسندا هئا. خوف وچان چلائي اٿندا هئا ۽ گهر- گهر جا ڌڪاڻل ماڻهو ڇرڪ ماري اٿندا هئا.

ڊاڪٽر جيون کي موت جي پرواهه نه هئي. هو گهمندو رهندو هو. پر گهمي ڪري به ڇا؟ آخر ۾ هو ڊوڙندو ڀڄندو آيو هو ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ. ”ٻڌايو. هنجي دوا ٻڌايو.“ ڪافي دير بعد ٻڍو رنگ لعل ڏانهس تڪيندي اٿي کڙو ٿيو. ميڊيڪل- جرنل جا پنا اٿلايا ويا. نسخو لکيائين، ”ون ڪست گرينڪيلو ميل اينڊ سواڍ  باءِ ڪرارب. ڪلاڪ- ڪلاڪ بعد. اهڙي حالت ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿي ٿي سگهيو.

ان دوا سان ڪيتريون جانيون بچيون هيون. ڇا ڏينهن ڇا رات، جيون مهاشيه گهمندو ڦرندو هو. اباڻي ڪُل جي مريادا، گرورنگ لعل جو فرمان ۽ پنهنجي وويڪ جي ويدنا!

نسخو لکي رنگ لعل پڇيو هو: ”خير. ٻڌم ته تون ڏاڍي زور سان هري نام- ڪيرتن ڳائي وبا کي ڀڄائي رهيو آهين؟“ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو.

جيون لڄي ئي نه ٿيو، سا ڳالهه ڪانه هئي. پر اڏول رهيو. چي: ”اپاءُ ڪهڙو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ ان مان ماڻهن کي آٿت ٿو اچي. ڀروسو ٿو ڄمي.“

”۽ توکي؟“

جيون ذرا ترڇي ڍنگ سان پر نمرتا پوروڪ چيو هو: ”اوهان کي ته ڄاڻ آهي، مان ڪڏهن ناستڪ ڪين رهيو آهيان.“

”ان ڪري نڪي مان دکي آهيان، نه ڪي مون کي اعتراض آهي. هري نام ڪيرتن- لاءِ به عذر ڪونه اٿم. پر، مون کي هيءُ ڏي- هوُ ڏي، منهنجي رکيا ڪر دشمن کي ناس ڪر، اهڙي ڪامنا سان ڪيرتن ڪرڻ مون کي پسند ڪونهي. ڪيرتن، ڪيرتن لاءِ ئي هجي، پريم سان نه ته ان جو ڦل نه ملندو.“

جيون مهاشيه چيو هو: ”جهنگل ۾ باهه وچڙڻ سان جيئن پسون بدحواس ٿي ڀڄندا آهن، تيئن ئي انسان ڀڄي رهيا آهن. ائين ٿا سمجهن، ڄڻڪ مان سڀ ڪجهه صاف پسي رهيوآهيان.“ امنگ ۽ جذبات جي جوش ۾ ان ڏينهن جيون ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ فيلسوفيءَ جو اظهار ڪري ويٺو. چي؛ ”موت، زندگيءَ کي ڌڪاڻي هلي رهي آهي. وار ٽڙيل، خوفناڪ صورت، هٿ ڊگهيري ڊوڙي رهيو آهي، سڀ ڳڙڪائي ويندو، اهڙي ڀيانڪ بک! ۽ ڌرتيءَ جا ساهوارا هراس وچان پاڳلن جيئان ڊوڙي رهيا آهن. ڊوڙندي- ڊوڙندي ڍرڪي پون ٿا، موت کين هڙپ ڪري وڃي ٿو. هردم مرتيو ان ريت شڪاريءَ وانگر پيڇو ڪندو ٿو وتي ۽ بَک وٺندو وڃي! اهڙي حالت ۾ ڀڳوان جو نانءُ ڳنهي ماڻهن کي آٿت ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿوڪري سگهجي؟“

ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل ان ڏينهن کل ڪونه اڏائي. مشڪي چيائين: ”حقيقت اهائي آهي جيون. هار جيت جي به هڪ لڙائي آهي. ليڪن، جهڙي توکي هيءَ نطر اچي رهي آهي، ذرا نظر وڌيڪ تيز هجنئه، ته تون ڏسي سگهين ها ته ڪو- ڪو شخص ڪيتريقدر پلٽو کائي ڄمي ٿو وڃي.“ چوندو، ’اچ. تون جو ههڙي خوفناڪ لباس ۾ اچي رهيو آهين، اچ ته مان تنهنجو اصلي روپ ڏسان. يا چئو ته مان تنهنجي پڪڙ ۾ خود اچي وڃان، پر جيڪي ماڻهو ڀڄي رهيا آهن، تن کي جيئڻ  ڏي.‘ پوءِ ته موت جو نقاب اگهاڙو ٿي ٿو پوي ۽ هو ’وشوَ موهڻي‘ نظر اچي ٿي. ٻيو ته تون اهو به نٿو ڄاڻين ته مرتيو جيترو زندگيءَ جو بک وٺي ٿو، تنهن کان ٻيڻو زندگي جنم وٺي ڪري خوشيءَ جاآواز ڪندي ڦري ٿي، چوي ٿي، پڪڙيو ته ڏسان! زندگي هار نٿي مڃي. هڪ ڳالهه ٻي به چوانءِ. انسان هارايو نه آهي. مهاماريءَ الائي ڪيترين بستين کي اجاڙيو آهي. بستيون وري اڏجي ويئون آهن. انهن جي بچاو جا وسيلا به بڻجي ويا. اتي ئي انسان کي جيتي نٿو سگهجي. هو ڪين هارايو. هو مرندو، پر ان ريت نه. هو مرندو وڏي فيل مست وانگر. جنهن ڏينهن هو ٻڍو ٿيندو، جيون کان موت جو سواد وڌيڪ سٺو لڳندس تنهن ڏينهن هو مرندو، جهڙي طرح مهاگج[1] گهاٽي جهنگل جي اندر سوين سالن جي ڪنهن خندق ۾ آڪاش لوڏيندي ”مان هليس“ جي ڌني ڪندو مرندو آهي. خبر اٿئيه، ڇو؟ ان ڪري جو هن جي لاش جي سٿراڻ- بدبوءَ مان ڪائي بيماري پيدا ٿي، ڪري ٻين هاٿين کي متان پنهنجي چپيٽ ۾ وٺي سگهي.“

ان مهاماريءَ جي ٺاپر ۾ اچڻ کان پوءِ ساڌو بابا سان سڃاڻپ ٿيس. جيون مهاشيه سماج جو پرڌان بڻيو. نوگرام جي بابولوڪن کي نظر انداز ڪري سرڪار کيس پئنچايت جو پرڌان بڻايو. انهيءَ پرڌان جي ناتي هڪ جهڳڙي جي نبيري ڪاڻ مڙهيءَ ۾ ويو هو.

ساڌو بابو سندس اڳيان آيو هو ۽ چيوهئائين؛ ”اڙي ڀائي، تنهنجو نالو جيونمهاشيه آهي؟ ٻڌو اٿم، تون ڏاڍو بهادر آهين. اڄ. هڪ هٿ جو چنبو لڙائي ڏسون.“

هٿ جي پنجي جي لڙائيءَ ۾ جيونمهاشيه هارائي ويو هو، پر ساڌو بابا کي جيتڻ ۾ دققت محسوس ٿي هيس.

پوءِ ته ڪيترائي ڀيرا الائي ڪيتريون ڳالهيون ٿيون. هڪ ڏينهن جو واقعو ياد اچي رهيو آهي. چنڊي- منڊپ جي ميلي ۾ جوئا ۾ آخرين پائيءَ تائين هارائي ويو. ساڌو بابا وٽ وڃي چيائين: ”گو سائين جي، مون کي ته سو روپيه اڌارا ڏيڻا پوندوَ. سڀاڻي مان موڪلي ڏيندس.“

ڏانهس ذرا تڪيندي مشڪندي، گوسائين مڙهيءَ جي خزاني مان سو روپيا کيس ڏنا هئا. ڊاڪٽر وري وڃي جوئا تي ويٺو هو. ڪلاڪ کان پوءِ گو سائين جي آيو هٿ کان پڪڙي کيس اٿاريدندي چيائين: بس، گهڻو ٿيو. هاني اُٿي کڙو ٿيءُ.“

جوئاريءَ کي چيائين، ”سڃاڻين ٿو، هيءُ ڪير آهي؟ هيءُ هتان جو سڀ کان وڏو ڊاڪٽر آهي ۽ پئنچايت جو پرڌان آهي. هن جا جيڪي روپيا کٽيا اٿئه، سي موٽائي ڏي.“

ڊاڪٽر چيو، ”رهڻ ڏيو، رڳو ويهه روپيه هارايا اٿم. ايترو هن به لهڻو. هلو.“

رستي ۾ ساڌو بابا جيڪي چيو، سو هن جي اندر ۾ اڄ به اَڪريل آهي. چيو هئائين: ”ڪيئن ڀائي مهاشيه تون مهاشيه ونش جو اولاد آهين، هيءَ جوئا ڇو ٿو کيڏين؟ سڄي-سڄي رات شطرنج؟ ڀڳوان توکي ڇا نه ڏنو آهي؟ توهان جي گهر جي برابري ڪير ٿو ڪري سگهي؟“

اَف! اهو به هڪ سمو هو. شرير ۾ اکٽ سگهه، من ۾ جبرو ساهس، وڏو نالو، وڏو آستان، مان سمان، گهر گرهستي جي ڳالهه ئي ياد نه رهندي هئي. پر ڪو به انياءُ ڪين ڪندو هو. جوئا کيلڻ جو شوق هوس. اهو ان وقت جو هڪ طريقو هو! پر گهر ۾ جيڪڏهن.... اچانڪ سندس چنتا جو سلسلو شروع ٿي ويو.

من ۾ هڪ سوال اٿي کڙو ٿيس. ”وپن! رتن بابو جي پٽ و پن جي جيون ۾ ڇا...؟ هن کي ڪو دٻيل دک هو؟ اشانتي هئي؟ ٻاهر ئي ٻاهر ڊڪ ڊوڙ، جس ناموس ورهائيندو وتندو هو، ته به پياس نٿي ٻجهيس، بک نٿي مٽي! رڳو ڊڪ ڊوڙ، هڻ کڻ! يا دشمن؟ منش جي ساڌنا جي راهه تي ايندي آهي سڌي. تنهن کان اڳي اچي ٿي عزت ناموس. اها لالسا کي جاڳائي ٿي. ’ٻيو به گهرجي، وڌيڪ گهرجي، اڃا به وڌيڪ.‘ اهو ئي ته آهي ويري، نفس، دشمن. ان جي ئي ڪڍ لڳي ڊوڙندي انسان منهن ڀر ڌوُ وڃي ڪري ٿو، پوءِ سامهون اهائي ڀوري وارن واري صورت اچي کڙي ٿئي ٿي!“

*      *      *

رتن بابو جي پٽ جي هڏڪي بند ڪانه ٿي، ڪجهه گهٽ ٿي آهي. رت جو داٻ به گهٽيو اٿس. رتن بابو سرهائيءَ وچان کلندي چيو، ”تنهنجي دوا سان لاڀ ٿيو آهي جيون. ذرا نبض ڏسي وٺ. ائين ته مون کي چڱوئي نظر اچي ٿو.“

جيون مهاشيه به ذرا کليو. کلڻ جو به سبب هو، ڪجهه ته ڳالهيون وڻيس؛ پر ڪجهه جو سبب الٽو ئي هو. ’هاءِ سنسار ۾ بيمارين کان ڇوٽڪارو جيڪر سوُلائي سان ملي ها! ايتري آسانيءَ سان جيڪر ماڻهو چڱا ڀلا ٿي پون ها!

کل جو هڪ ٻيو به ڪارڻ آهي. رتن بابو جهڙو جيو. پنڊت آهي، گياني آهي: سڪيلڌي پٽ کي هيءَ بيماري ٿيڻ کان پوءِ هن ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب گهرايا. پڙهي ڪري انهن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڪجهه ڪجهه ڄاتائين به ۽ هن نيا ۾ منش جي ناسونت هئڻ جي جذبات تت کي به هو ڄاڻي ٿو... سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود هن ننڍڙي ڳالهه تي کيس سرهو ٿيندي ڏسي هو کليو.

رتن بابو وري چيو: ”ڪيترن ڏينهن کان منهنجي آيوروئدڪ علاج ڪرائڻ جي مرضي هئي ولائتي علاج جي ترقي حيرت انگيز ٿي آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر اسان ماڻهن جي ڌاتو سان اهو اڻ ٺهڪندڙ آهي. ان مان ڪاريه راس ٿيڻ بدران بگڙي ٿو پوي.“

هن نراسائيءَ جي طوفان جي وچ ۾ ڪک جيتري تڇ آشا جو سهارو حاصل ڪري ٻڍو خوش ٿي ويو آهي. کيس ڳالهائڻ ۾ به ڏاڍو مزو ٿو اچي. چي: ”پر مان پنهنجي من جي ڪنهن سان نه ٻوليندو آهيان. سمجهيهءِ ڀاءُ. اهو منهنجو سڀاءُ ئي ناهي. مون ۾ وپن کي به وشواس ڪونهي. نُنهن کي به ڪونهي. وپن جو وڏو پٽ ايم-اي ۾ پڙهي رهيو آهي، اهو ته بنهه نئي روشنيءَ جو پوئلڳ آهي. انکي به مون تي يقين نه آهي. مونکي سڌ آهي، مان چوان ته ڪير اعتراض ڪين ڪندو، وات مان ڪير کار به نه چوندو، پر هنن جو اندر ساٿ نه ڏيندو، من ۾ ڪپت لڳي رهندين: ان ڪري مان ڪجهه نه چوندو آهيان، نه چوندس. ڪالهه جڏهن ڊاڪٽرن اهو چئي ڏنو ته هڏڪي روڪڻ جي وٽن ڪائي دوا ڪانهي، تڏهن مون تنهنجو ذڪر ڪيو. اڄ صبوح جو مون سڀني ڊاڪٽرن کي ڪوٺايو آهي. سڀ ايندا. اسپتال جا ڊاڪٽر پرديوت، هريندر، سڀ ايندا. سڀ گڏجي ڪري پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪو رستو ڳولهي ڪڍو ڀاءُ.“

جيون مهاشيه ڳنڀير ٿي ويو. چي: ”ڏس ڀائي رتن، توهان سڀني مون کي صرف هڏڪي بند ڪرڻ واسطي گهرايو آهي. مون انهيءَ جو انتظام ڪيو آهي. گهٽ ٿي ويئي آهي، شام تائين رهي کهي به شايد بند ٿي ويندي! تنهن کانپوءِ ڪوئي هڪڙو رستو ئي اختيار ڪرڻو پوندو. مان ڪويراجي به ڄاڻان ٿو، ايلوپئٿي به. پر ٻن ٻيڙين تي پير رکي ته هلي نٿو سگهجي. يا ته ڪويراجي ڪر يا انگريزي... ٻنهي مان هڪڙي ئي ڪرڻي پوندي. هو ڊاڪٽر به ته اهائي راءِ ڏيندا.“

ذرا ساعت چپ رهي چيائين، ”اڄ ته مان گهڻو وقت انتظار نه ڪري سگهندس. گهر ۾ ڪيترائي روڳي ويٺا آهن. صبوح ڪالي مندر جي مهنت کي ڏسڻ ويو هوس. موٽندي وپن کي به ڏسڻ اچي ويس. هڏڪي گهٽ ٿي ويئي آهي. مان وڃان ٿو. هو ڊاڪٽر اچي ڏسندا. سڀني جي راءِ سان جيڪي طئي ٿيندو، شام جو معلوم ڪندس.“

ٻڍڙو رتن بابو ذرا اداس ٿي ويو. وري به خوشمزاجي سان چائين، ”ائين ئي سهي. تون ڏسي وڃ. جيئن تون چئي ويندين. سو کين ٻڌائيندس.“

”سچ پچ وپن ڪجهه بهتر آهي.“ جيون کي ناڙي تپاسيندي اهڙو ڪجهه محسوس ٿيو.

پر ان ’بهتر‘ هوئڻ تي ئي مدار رکي سکڻي اميد تي لڳڻ جي ڄمار ته هن جي گذري چڪي آهي. چي: ”چڱو ته لڳي پيو. پر اهو چڱو رهڻ به پڪي پائي هئڻ گهرجي ڀائي.“

”نبض ڪيئن رهي، ٻڌاءِ؟“

”جيڪي مون ڏٺو، سو ئي ٻڌائي رهيو آهيان. تو جهڙي ماڻهوءَ کان بچائي لڪائي چوڻ جي ضرورت ڪانهي. مان به اهڙو ڪجهه ڪرڻ وارو نه آهيان. ڇو ته مان توکي چڱيءَ ريت سڃاڻان ٿو.“

رتن بابو ٿڌو شوڪارو ڀريو.

جيون کلي چيو: ”مون نرا سائيءَ جي اهڙي ڳالهه ته ڪانه چئي آهي. هيءَ حالت جيڪر مستقل رهندي اچي ته وپن نوبنو ٿي اٿندو. هڏڪي اڄ ئي بند ٿي وينديس. ان کان پوءِ ڪا ٻي بري علامت ڏسڻ ۾ نه آئي ته ڏهه يارهن ڏينهن جي اندر ٺيڪ ٿي ويندو. ٺيڪ رهڻ کي ئي مستقل اهڃاڻ چوندس... سمجهي وئين؟ تڏهن چوندس، ها، هينئر ڪوبه ڊپ نه آهي. خبرداريءَ سان هلڻو آهي. هينئر هيڏانهن- هوڏانهن ڪندو ڦرڻ سان ڪم ڪين هلندو. گهر ۾ ئي جيڪي بڻي سگهي، سو به گهڻو محنت جو ڪم نه هجي.“

- بس، بيماريءَ جو ڪارڻ اهو ئي ته آهي. مون ٻارهن دفعا منع ڪئي آهي. ٻارنهن دفعا. پر ٻڌي ڪير ٿو. ڇا چوان ۽ ڇا ڪريان؟ لائق فرزند آهي. پنهنجو مٽ پاڻ، ڄاتل سڃاتل. زندگيءَ ڀر ڪوبه داغ نه لڳو اٿس، بدمزاج ڪونهي، انياءِ مان نه ڄاڻي، کائڻ جو لوڀ ڪونه اٿس، سگريٽ نوشي کان به پري. ڪاوڙ مان نه ڄاڻي، عياش به ڪونهي، بس پرئڪٽس جي پٺيان پيل آهي. پرئٽڪس ۽ پرئڪٽس اهو به توکي ٻڌايان، ته پرئڪٽس به ڪا روپين پئسن جي هٻڇ ڪاڻ نه. مقدمون کٽڻ جو هڪ نشو سمجهه. هيءُ ضلعو، هو ضلعو، هيءَ ڪورٽ، هوءَ ڪورٽ. مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرو هائيڪورٽ جو چڪر. مقدمون جيتڻ جو نشو- نشو. جنهن ۾ هتي هار ٿئي، ان مقدمي کي هائيڪورٽ مان جيتڻ گهرجي ۽ هائيڪورٽ مان جيتي آيو. هن جو هيءُ نشو ڪنهن به ريت ڪونه لٿو. گهر نه ڏٺائين، گرهستي ڪانه ڏٺائين، استري- پٽ هوندي به هنن سان سک ڪين ماڻيائين، سڀني کي منهنجي مٿي تي مڙهي پاڻ مقدمان لڙڻ ۾ لڳو پيو آهي. مون الائي ڪيترا ڀيرا چيو هوندو- ’وپن اهو به تنهنجو دشمن ئي آهي. دشمن کي سر تي نه چاڙهه. وجهه ملندي اهو ئي مرض بڻجي تنهنجي جند جان تي حملو ڪري ويهندو ۽ ٿيس ته....‘ پتا ٿي ڪري اهڙي ڪٺور وچن جو اچارڻ ته نٿي ڪري سگهيس.

جيون دت چيو: ”سک، هن ڀيري ٺيڪ ٿي وڃي. پاڻيهي سنڀالي وٺندو.“ هڪ ڪشور سامهون اچي بيٺس. فيءَ جا روپيه. اهو ئي وپن جو وڏو پٽ آهي. سٺو پٽ.

”- اڙي، چار روپيه ڇو؟ منهنجي في ته ٻه روپيه آهي.“

ٻه روپيه کڻي پنهنجي کيسي ۾ وجهي جيون مهاشيه رهندو رهيو. هو نينگر به ساڻ- ساڻ ٻاهر نڪتو. چي: ”جڏهن ٻيا ڊاڪٽر صاحبان ايندا، ته اوهان، ڇا نه رهندا؟“

”آئون؟ آئون رهي ڇا ڪندس؟“

”پنهنجو رايو ڏيندا.“

”مون ته رڳو هڏڪيءَ جو علاج ڪيو آهي. هڏڪي ته بيماريءَ جي هڪ علامت آهي. مول علاج ته هو ڊاڪٽر ئي ڪري رهيا آهن.“ هو کليو.

هو نينگر چپ بيٺو رهيو. اچانڪ چيائين: ”ٽئين پهر هڪ ڀيرو نه اچي سگهندا؟“

”اچڻو آهي؟ چڱو ايندس.“

ڊاڪٽر هليو ويو.

”وپن، ڀانئجي ٿو، بچي ڪين سگهندو. ڏسڻ ۾ هو چڱو ضورر لڳو، پر اڄ نبض مان کيس پتو پيو ته هن جو موت اچي رهيو آهي. اچي ڇا رهيو آهي، سمجهو ته ڪنڌ تي سوار ٿيو بيٺو آهي. ان جي ڇا يا به پئجي رهي آهي. کيس رتن بابو جو خيال آيو. ويچاري کي ڏاڍو ڌڌڪو ايندو. پنهنجي ڳالهه به ياد آيس. سندس پٽ ون وهاري چالاڻو ڪري ويو. وپن جو همعمر هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ هو مري ويو. پنهنجي بدفعلي ۽ شراب جي علت سان هن پاڻ کي کوکلو بڻائي ڇڏيو هو. ان جي مٿان مليريا جي چپيٽ. کاڄي ويو هو. هيڏانهن وپن به ضرورت کان وڌيڪ ڪم ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وڌو آهي.“

رتن بابو جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳس- ’گهر نه ڏٺائين، گرهستي ڪانه ڏٺائين، استري- پٽ هوندي به هنن سان سک ڪين ماڻيائين. بس، ڪم ئي ڪم، مقدمون ۽ مقدمون. ڪيترائي ڀيرا هن سمجهايس – وپن، هيءُ به تنهنجو دشمن آهي.‘

دشمن ئي ته آهي. ڀينڪر دشمن. نهايت ئي خوفناڪ. هو پاڻ ڀوڳي چڪو آهي! جيئري ئي مري ويو آهي، ان ڪري ڇوٽڪارو به ملي ويو. ون وهاري جي چالاڻي بعد سندس علاج ۾ گهڻو ڌيان نه رهيو ۽ هينئر ته سمي کيس ڪهنو، مسدت خارج ظهار ڪري ڇڏي آهي. سندس حالت اڄ هاٿيءَ جي کاڌل ڪئٿي جي وڻ جهڙي آهي. سچ چئجي ته اها سندس آخرت آهي.

”رتن جو پٽ ڪيئن لڳئه؟“

”سِتاب!“

هو ستاب جي گهر وٽ اچي پهتو هو، خيالات ۾ کيس سمڪ ئي نه رهي.

”ڇا ڏٺئه؟“

”ڇا ڏسان؟ مان ڏسي ٿوروئي رهيو آهيان. ڊاڪٽر بابو ڏسي رهيا آهن. مون کي ته هن هڏڪي بند ڪرڻ لاءِ گهرايو هو. سو هڏڪي گهٽ ٿي ويئي اٿس. شام تائين بند ٿي ويندس.“

”ناڙي ته تو ڏٺي؟“

”ڏٺم“

”ڇا سمجهيئه، سو ته پڇي رهيو آهيان توکان؟“

”جڏهن ڊاڪٽر پرديوت جهڙا هن کي ڏسي رهيا آهن، تڏهن منهنجو اهو چوڻ شايد ٺيڪ نه ٿيندو ته مون ڇا ڏٺو. اڄ ڪلهه جيڪي دوائون نڪتيون آهن، انهن جي پوري- پوري واقفيت مون کي نه آهي. ڇا ٻڌايان؟“

”هون. ٺيڪ ئي چيو اٿئي. ڳالهه اها آهي جو رتن بابو اسان جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي- انڪري، حالت سٺي اٿس، علاج ڪرائي سگهي ٿو. ڪلڪتي به وٺي وڃي سگهي ٿو.“

”ڪلڪتي کان اچڻ ئي ته وڏي چڪ ٿي ويئي. اتي رهڻ ئي سڀ کان اتم هو. آرام ملندو، اهو سوچي موٽائي وٺي آيس. پر اهو نه سوچيائين، ته اوچتو بيماري وڌي وڃي، ته ڇا ڪندس. اهو ئي اڪثر ٿيندو رهندو آهي. زماني ڀر جو مون علاج ڪري ڏٺو آهي ته وهم ٿي ويندو آهي، شويا ۾ ڪوتاهي ٿي ويندي آهي. هي- هو سڀ ڪڇ ٿي ويندو آهي.پر هاڻ ڪلڪتي وڃڻ سان ڪي ڪين ورندو يعني...“

”پوءِ؟“... وچ ۾ ئي ٽوڪيندي ستاب چيو، پر هو پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ڪانه سگهيو، وچ ۾ ئي رڪجي ويو.

”آڙي نه نه، اهڙي ڪائي ڳالهه مون ڪانه چئي، چوڻ لائق ڪجهه مليم ئي ڪونه، پر سمجهي ته رهيو آهين...؛ ڀروسو نٿو ٿئيم.“

ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کنيو.

ان بعد ٻئي ڄڻا چپ رهيا.

اچانڪ ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. چي: ”ته هلان، مريض اوسيڙي ۾ ويٺا آهن. چندي ٿان ٿيندو ويندس. خبر اٿئي، گسائين جي هلڻ هارڪو آهي؟“

”ڪالهه معلوم ٿيو هوم. اڄ شايد ڪجهه چڱيرو آهي. نشي ٺڪرائيڻ جل چاڙهڻ ويئي هئي. اهائي ٻڌائي رهي هئي. شايد دوا جي هڪ خوراڪ ۾ ششي چکو ڪيو اٿس. چئي رهي هئي، منهنجي ڀائٽيءَ کي جيونمهاشيه پاڻيءَ ورتائڻ جي منع ڪئي آهي. پر مان، نه بڻيو، ته ششيءَ کي ئي ڏيکارينديس.“

جيون دت کان ڇرڪ نڪري ويو. ’ششيءَ کي ڏيکاريندي!‘ کيس ان نڀاڳيءَ نينگر جو مکڙو ياد اچي ويو. ’ڪچڙي ڄمار. من ۾ نڄاڻ ڪيترا ارمان، ڪيتري حوَس. هوته هن کي ماري وجهندو. ششي ته هڪ پاپ بڻجي ويٺو آهي!‘ ساڻ ئي کيس هڪ ٻي نينگريءَ جو چهرو ياد اچي ويو.

ستاب ورجايس- ”تو ڪالهه نشيءَ جي ڀائٽيءَ کي ڏٺو هو؟ پاڻيءَ جي جهل ڪئي هيس؟“

”ڪئي هيم، جيتري تائين منهنجو علم آهي، ان جي حساب سان هن جي هينئر واحد دوا اها ئي آهي. خير، انکي رهڻ ڏي. ها، گڻيش ڀٽا چاريه جي ڌيءَ جو ڪو سماچار مليو؟ ڪالهه رات...

”ڏاڍي بيمار آهي. هلڻ هارڪي ٿي ٻڌجي. مون ٻڌو ته ڪالهه ناڙي جاچي توئي ٻڌائي ڇڏيو هو.“

”نه ته؟“ جيون مهاشيه ڇرڪي ويو، ”ويم کانپوءِ ته مون ناڙي ڪانه ڏٺي آهي. اسپتال جي ڊاڪٽر....

هن جي ڳالهه کي ڪاٽي ستاب چيو ”اسپتال جو ڊاڪٽر ته ٻڌجي ٿو ته، جيءَ جان سان لڳل آهي. ٻڌم، سئيءَ جي مٿان سئي لڳائي رهيو آهي. آڪسيجن ڏني اٿس. گڻيش کي هڪ ٻي آڪسيجن آڻڻ لاءِ چيو اٿائين.

”چڱو مان هلان ٿو.“ اوچتو جيون مهاشيه هلڻ شروع ڪيو.”هيءُ نوجوان ڊاڪٽر بيشڪ بهادر آهي، وير آهي. سمرٿي به ساري ٿو ۽ پان ۾ وشواس به اٿس. ائين چئجي ته جنگ جوٽي رهيو آهي. هڪ ڀيروڏسندو وڃان.“

دفتر ۾ پرديوت گنڀير مک سان ويٺو آهي. گڻيش ڪونهي. گڻيش جي گهر واري منهن ڍڪي ورانڊي ۾ ويٺي آهي. مهاشيه کي ڏسندي ئي هوءَ روئي پيئي- ”مهاشيه جي، منهنجي ارچنا جو ڇا ٿيندو! هڪ ڀيرو....“

”روءُ نه!“ گنڀير آواز ۾ پرديوت چيو.

مهاشيه چيو- ”روءُ نه امڙ. ڏس ته ڀڳوان ڇا ٿو ڪري. اها ته هن جي هٿ جي ڳالهه آهي.“

ڀرون تاڻي پرديوت چيو- ”اوهان ڇا ناڙي ڏسڻ چاهيو ٿا؟“ مهاشيه چيو- ”نه- نه. هتان ئي لنگهي وڃي رهيو هوس. سوچيم، ذرا حال پڇندو وڃان.“ ائين چئي پوين پيرن موٽيو.

”ذرا ويهندا ڪونه؟“

”نه. هينئر ٻه- چار مريض اچي ويٺا هوندا. سڀ انتظار ڪري رهيا آهن.“

پرديوت چيو- ”موتيءَ جي ماءُ جي ايڪس- ري رپورٽ آئي آهي. ڏسندا؟ خاص ڪجهه نه ٿيو آهي.“ هينئر پرديوت کلڻ لڳو.

”سٺو ته آهي. اوهان جي ڪرپا سان ئي بچي ويئي ٻڍڙي.“ جيون چال تيز ڪئي. هڪوار من ۾ آيس ته چئيڏي- ”وپن جي هڏڪي بند ٿي ويئي آهي.“ مگر چيئ نه سگهيو.


[1]  وڏو هاٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org