[25]
گهٽيءَ ۾ چاندني جو جيڪو وسيع ٽڪر هو، چنڊ جي چال
سان گڏوگڏ گهٽيءَ جي اندران ٻاهر نڪري موڙ تي تڏهن
به ڀت سان ٽڪيل ڪنهن آدميءَ جيئان بيٺل لڳي رهيو
هو. اهائي گهٽي ششانڪ جي گهر ڏانهن ويئي ٿي.
انهيءَ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ششانڪ جي استريءَ کيس سراپ
ڏنو هو.
ون وهاري بي وقتو موت جو بک ٿيو. ليڪن هن جي موت
جي گهاتڪ صدمي کان وياڪل ۽ چنچل ٿيندي به من ۾ پٽ
جي وڇوڙي کي استريءَ جو سراپ سمجهي هرگز قبول نه
ڪيائين.
خود ڊاڪٽر هوندي به ون وهاريءَ موت کي نوتو ڏنو
هو. پوءِ موت کي موٽي وڃڻ جي ڪهڙي گتي پيئي هئي؟
ليڪن موت کي گهرائڻ بعد کيس ڪهڙو نه ڀو ٿيو هو!
اف! جيئڻ لاءِ ڪهڙي نه ماندگي! ٺيڪ دانتو گهوشال
جيئان! موتيءَ جي ماءُ وانگر! جڏهن هن جي ياد اچيس
ٿي ته شوڪ کان وڌيڪ ڏک ٿيندو اٿس. جيڪو آدمي مرڻ
نٿو چاهي، ٻڏندڙ وانگر انڌڪار ۾ هٿوراڙيون هڻي
’مون کي بچايو‘ مونکي بچايو‘ جون رڙيون ڪندو ٻڏي
ٿو وڃي، ان لاءِ دلي شوڪ ٿئي ٿو، نه ته شوڪ ته
شفاف ۽ شانت آهي- جيون جو وڏو انگ آهي. شانت شوڪ
ڪجهه ڏينهن تائين زندگيءَ کي گيڙو ڪپڙا پهرائي
منوهر بڻائي ٿو وجهي. هو بانوري بيراڳيءَ وانگر
ڪنن جي ڀرسان ستيه- سنگيت جي ڌني گونجائي ٿو.
اَهنيِهني ڀوتاني گڇنتي يَمَ مندرِمِ
....................................................
ٻئي ڪنهن ڪل يا ونش لاءِ اهو شايد ناممڪن هجي، پر
مهاشيه ونش لاءِ ته اهو ناممڪن نه هو. کيس جوانيءَ
جي ڏينهن ۾ مشهور گشتي ناٽڪ ڪمپني[1]
جي ”اڀمنيو-وَڌ“ ناٽڪ ڏسڻ جي يادگيري اچي رهي هئي.
چنڊي ٿان (ڪالي مندر) جي پوڄاري مهنت رگهوور
گوسائينءَ ان سلسلي ۾ ٽوليءَ جي پرڌان کي ڪي
سهڻيون صلاحون ڏنيون هيون، جيڪي سندس من ۾ کتل
هيون. ست مهار ٿين جي يڪساهي حملن سان گهائل سورهن
سالن جو ڪشور اڀمنيو ڪرو کيتر جي رڻ ڀوميءَ ۾ ڪري
درد وچان ڪراهي رنو هو. ڏسڻ ۾ هن سهڻي ۽ ڳڀرو
نينگر روئڻهارڪي آواز کي ملائي ڳاتو هو:
”گهور اَنياءِ يُڌ ۾ ناحق ئي منهنجا پراڻ ويا،
جنهنجو پتا ٽيون پانڊو ۽ مامو خود ڪرشڻ هجن!“
ماتا سڀدرا، پريتما اُترا جو نالو وٺي اهو دل کي
گهائيندڙ درد ناڪ سنگيت! سڀني درشڪن جون ڇاتيون
اکين جي لڙڪن سان ڀڄي پيئون.
گيت ختم ٿيو. اڀمنيو لڏندو لمندو رنگ من (اسٽيج)
تان لهي هليو ويو. سين سماپت ٿي. گڏيل ساز وڄڻ
لڳا. رگهوور گوسائينءَ گنڀير آواز ۾ منڊليءَ جي
پرمک کي سڏي چيو: ”ڇو ادا، هيءُ ڇا ٿيو؟“
”جي؟“ ناٽڪ واري ڪجهه سمجهيو ڪونه. سوال جي بدلي
هن سوال ئي ڪيو: ”اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟“
”ادا، هيءُ اڀمنيو هن ريت رنو ڇو؟ ارجن جو سپوت،
ڪرشڻ مهاراج جو ڀاڻيجو، سو هن ريت روئندو ڪيئن؟ جي
روئڻو ئي هو ته لڙائيءَ ۾ ڇو آيو، ستن- ستن ويرن
جو مقابلو ڇو ڪيائين؟ هو چاهي ها ته ٻئي هٿ وڌائي،
قيد ٿي پنهنجي جان بچائي وٺي ها. رٿ جو ٽٽل ڦيٿو
کڻي ڇو لڙندو رهي ها؟ اڀمنيو کي ته روئڻ ڪين
جڳائي. وير پتا جو ٻالڪ هو ته موت کان به نٿو ڊڄي
سگهي!“
ناٽڪ وارو لاجواب ٿي ويو هو. ههڙو سوال ڪوئي
معمولي آدمي ته پڇي نٿي سگهيو. ماڻهو ڏسي روئن ٿا.
ڌنيه- ڌنيه جا نعرا هڻن ٿا. هن نمرتا سان اهو ئي
چيو هو. چيو هئائين: ”بابا، انسان روئندو آهي...“
هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي گوسائين چيو هو: ”روئندو
آهي ته ان ريت دک ڏيئي، پيڙا ڏئي؟ روئڻ چڱي ڳالهه
آهي- من جي مئل ڌوپجي ويندي آهي، دل صاف ٿي ويندي
آهي؛ ٺيڪ آهي. پر مٿي تي ڏنڊو هڻي روئڻ؟ پريم سان
روئاريو، آنند سان روئاريو ڀاءُ ارجن مهاوير هو.
ڀيل جو ويس ڌاري شو شنڪر آيو، ساڻس لڙيو؛ ۽ هن جو
پٽ موت کان ڪيٻائي؟ هن کي ته چوڻ گهرجي: ”موت تون
ڀلي آءُ. مرڻ هن لاءِ مشاهدو! خود موت هٿ جوڙي اچي
چوي، ”ته اڄ منهنجي نگري ڌنيه ٿي ويئي، آءُ ڌنيه
ٿي وييس! مرڻ جي خوف کان ڪلياڻ جو رستو ڏسي ماڻهو
روئن، تڏهن ته ڪائي ڳالهه ٿي ڀاءُ!
ناٽڪ واري اَڀمنيو جي ڀيٽ ۾ ڪئين ڀيرا وڌيڪ
عاجزيءَ سان روئندي چيچلائيندي مئو هو ون وهاري!
اصل- نقل جو فرق ضرور ٿئي ٿو، پر ناٽڪ منڊلي جي
اڀمنيو جي موت جي اداڪاري سچ به هجي ها، ته به ڀيٽ
ڪرڻ سندس غلط نه ٿئي ها. ون وهاري جو موت مليريا
کان ٿيو. پنهنجي بدفعلن سان هن شرير جي جيوڙن لاءِ
اپجائو ٻني تيار ڪري ڇڏي هئي. ٻرڻ واري شيءَ ۾ هڪ
چڻنگ جيئن ڀنڀٽ ڪري سروناش ڪندڙ اگني ڪانڊ جهڙو
روپ اختيا ڪري ٿي، ٺيڪ ساڳيءَ ريت مليريا مرتيو-
روڳ بڻجي پيئي. آر.جي.ڪر اسڪول مان ڊاڪٽري پاس ڪري
ئي موٽيو هو. عياش، ڇڙواڳ! انوقت سندس خيال هو، هو
شاهوڪاري بار آهي، زميندار جو لاڏلو!
هاءِ ڙي هوءَ هڪ آني حصي واري زمينداري! ان هڪ
ڏينهن کيس به اهنڪاري بڻائي وڌو هو. وري مٿان ون
وهاري جي شادي هڪ مختار جي سڪليڌي ڌيءَ سان ٿي
هئي، هو هن جي ملڪيت جي وارث ٿيڻ جا به خواب لهي
رهيو هو. وهانءُ بيشڪ مهاشيه ڪرايو هو، پر پسندي
عطر جي هئي. هن انڪار نه ڪيو. پتا جي هڪڙي ئي حقي
وارث ڌيءَ کي هنن پسند ڪيو هو. سهرس هڪ قيمتي
سائيڪل به خريد ڪري ڏني هئس، شايد بيمار جي ڪوٺ تي
چڙهي ويندو؛ هڪ عمدي واچ ڏني هئائينس ته جنهن سان
ناڙيءَ جي، دل جي ڌڙڪڻ ڳڻيندو. پالش ٿيل ڪٻٽ،ڪرسي،
ميز، دواخاني جي سرانجامي، اروگيه نڪيتن جي ڀرسان
ننڍڙي ڪمري ۾ ڊاڪٽر ون وهاري پرئڪٽس شروع ڪئي.
”سنجيون فارمسي“ جو سائن- بورڊ لڳي ويو هو. هن ڪم
ته سمورو ڪيو هو پر پنهنجي هڙان ڪجهه ڪونه ڪيائين.
من ۾ ششانڪ جي استريءَ جي ڳالهه چڪر ڪاٽي رهي هئي.
جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي پنج سال لنگهي چڪا هئا. موت
کي نينڊ ڏيڻ واري راهه تي ون وهاري به گهڻو پري
وڃي چڪو هو. هن شراب پيئڻ شروع ڪيو هو.
جيون مهاشيه رواجي بيمارن کي پٽ ڏانهن اماڻيندو
هو. پر اچرج جي ڳالهه هئي، ون وهاري ۾ خانداني
وديا، فهم ۽ شفا ۾ نالي ماتر به چستي ڪانه آئي
هئي!
اچي به ڪيئن ها! جنهن ڌيان-يوگ سان سائنس مغز ۾
ويهي ٿي، اهو ڌيان ئي هن ڪڏهن ڪونه ڏنو، نڪي ڏيڻ
چاهيائين. روڳين کان وڌيڪ ڀڙ مطلبي يارن جي لڳندي
هئي. نوگرام جي براهمڻ- شريف زادن جي دواخاني ۾
آڳت گهڻي هوندي هئي. چانهه جا ڪوپ ايندا هئا.
’عطراليه‘ (شفاخاني جو نالو) جي ماٺيڻي مايوسي، کل
ٽهڪڙ جي هنگامي کان چهبوڪ ماريل جيئان پل-پل تڙڦي
ٿي اُٿي، ڇرڪ ٿي ويئي. مريض ويٺا رهندا. شڪي ۽ ڊنل
روڳين جي اجهامندڙ جيون-ديپ جي وَٽ کي چمڪائڻ جي
لاءِ شاسترن جي ”سنجوني“ جهڙي جيڪا دوا آهي-
”برانڊي“ اهائي ”برانڊي“ هتي موج لاءِ پئي استعمال
ٿيندي هئي.
هتي پڙهڻ وقت ئي وڀچار مان کيس نگري بيماري وچڙي
ويئي هئي. ڪلڪتي ۾ پڙهڻ وقت هو وري مرض ۾ مبتلا
ٿيو هو. اها ڳالهه هن مائٽن سان ڪانه چوري هئي. ان
وقت- سلورشن انجيڪشن نڪري ته چڪو هو، پر ان جو
واهپو اڃا نه ٿيو هو. رت جي تپاس جو به اهڙو
ملهائتو بندوبست نه ٿيو هو، نه وري اهڙو سهنج هو
جنهن سان يڪدم اپاو ٿي سگهي ها. ٻه ٽي سيون هڻي ڦٽ
جي ڇٽندي ئي سئي هڻڻ بند ڪري ڇڏبي هئي. پهرين
مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سلورشن جي قيمت گهڻي وڌي
ويئي هئي ۽ اها دوا مشڪل سان ملندي ئي. ڦٽ ڇٽي وڃڻ
کانپوءِ رت صاف ڪندڙ عرق واپرائيندا هئا- ’وِلڪن
سنس سارسا پيريلا.‘
ان وقت خيراتي استپال جو ڊاڪٽر هو، چڪرڌاري گهوش.
ون وهاري کان ٿورو وڏيرو هو،سندس دوست هو. ون
وهاري جي مجلس ۾ به چڪرڌاري شريڪ ٿيندو هو. ٽئين
پهر چانهه به اتي ئي پيئندو هو، سنجها جو وري سندس
اوطاق تي ون وهاري شامل ٿيندو هو. اتي گاني- بجاني
جو دور هلندو هو- بي فڪر خاموش خوشي. راڳ رنگ،
پيئڻ، کائڻ. ڪافي رات ويامندي، ون وهاري گهر
موٽندو هو. جنهن ڏينهن مهاشيه گهر هوندو، سندس
دٻيل آواز هن جي ڪنن ۾ پهچندو هو. ون وهاريءَ جي
’سنجيون فارمسي‘ ۾ به ڪڏهن – ڪڏهن اَڏو ڄمندو هو،
کاڌو- پيتو ٿيندو هو. صبوح جو جيون مهاشيه اتي
جوٺيون پاتلون ۽ پکڙيل جوت- اوبر ڏسندو هو. ورانڊي
جي ڪناري بدبو محسوس ڪندو هو؛ الٽيءَ جا نشان- کٽي
بانس، ساڻ شراب جي بوءِ. مکيون ڀڻ- ڀڻ ڪندوين نظر
اينديون هيون، هڪ ٻه ڪتا انهن کي ڄڀ سان چٽيندي
مهاشيه کي ڏسي پڇ لوڏيندا هئا. پر ڪوبه چوڻ چائڻ
جو اپاو ڪونه هو. ان ۾ سندس ناٺين جي سازش سٽيل
هئي. ڌيئرن سرما ۽ سشما جو وهانءُ ٿي چڪو هو. ٻئي
ناٺي ڌنوان پتا جي اولاد هئا- شريف گهراڻي مان. ڇا
ڪري؟ تنهن وقت اهڙائي ماڻهو سپوت ليکيا ويندا هئا.
تڏهن به هن آڳو پيڇو سوچيو هو. سٺو ڇوڪرو مليو
هوس، اسڪول ماستر. پر اهو، ٻئي ڪنهن کي پسند ڪونه
پيو. چاليهه رپيا پگهار کي ڪير ٿو پڇي؟ ماڻهن وٺي
گلا جو گهانگهو ٻڌو- ڇي، ڇي! ويهه پنجويهه بيگها
زمين جو ڪٽنمب، ڇامهاشيه ونش جي لائق آهي؟ سڀ کان
وڌيڪ لٻاڙ هنئين هئي عطر ۽ ون وهاريءَ. ٻيو ڪير
ڇو، خود سندس من به تائيد ڪئي هئي. پر هڪ ڳالهه ۾
هو ٺڳجي ويو هو،ان جو ذميوار آدمي نه، وقت ئي کيس
دغا ڏني هئي. هو سمجهي ڪونه سگهيو ته ڪال ڌرم جي
ڪري پرائي پرش ڦاٽل گودڙيءَ وانگر ڪُل ڌرم جو تياڳ
ڪيو هو. هن علائقي جي ويشڻو ڌرم اپاسڪ- ڪائسٿن جا
ڇوڪرا وقت جي چڪر ۾ اچي شراب نوشي ڪندا. اهو
انومان لڳائي ڪين سگهيو.
وڏي شادماني ۽ طوفان سان ڌيئرن جو وهانءُ ڪيائين.
ناٺي ايندا هئا- سگهرا. سندن اچڻ جي بهاني مهاشيه
ونش جي رنڌڻي ۾ ماس جو واهپو ٿيو هو.
جهونيون ڳالهيون ياد ڪندي ٻڍي جيون مهاشيه ڊگهو
ساهه کنيو.
ڊاڪٽر چڪرڌاريءَ کان مهاشيه پڇيو هو: ”چڪرڌاري، ون
وهاري ايترو سارسا پيرلا ڇو ٿو پئي، ٻڌاءِ ته؟ ڇا
ڳالهه آهي؟ کانئس پڇي ته ڏس.“
چڪرڌاري وراڻيو هو: ”هو ته پاڻ ڊاڪٽر آهي. تون سڀ
مٿس ڇڏي ڏي.“
”هون. پر.....“
”اوهان انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪريو. سڀ ڪجهه ٺيڪ
ٿي ويو آهي. سارسا پير لا صحت لاءِ پئي ٿو. مان به
پيئندو آهيان. ٺيڪ آهي.“
ليڪن قدرت بدفعلي ڪيستائين برداشت ڪري؟ لاپرواهه
بدفعلي ون وهاري مليريا جو شڪار بڻيو. عجب جهڙي
ڳالهه! ڊاڪٽر ون وهاري ڪوئنين نٿو کائي، ان جي
بدران پئي ٿو برانڊي! مهاشيه ’هر سنگار‘ جي پتي جو
رس پيئندو هو، ڪڏهن ڪونين به وٺندو هو. ون وهاري
ان تي کلندو هو.ان علائقي ۾ تنهن وقت زبردست
مليريا پکڙيل هئي. سالن کان اهو مرض پهاڙي نديءَ
جي ٻوڏ وانگر سڄي علائقي کي برباد ڪري رهيو هو.
دانتو وانگر تپ اچڻ تي، ون وهاري ميلريا مڪسچر سان
گڏ هڪ ٻه آئونس وانيم گلشا ملائي پيئندو هو.
پاڻيهي نسخو لکي ۽ پنهنجي ئي شفاخاني مان گهرائي
وٺندوهو. اتي نه ملندو هوس ته سيتا رام جي
ڊسپينسريءَ مان گهرائيندو هو. سيتارام سندس ساٿي
بڻجي ويو هو. هو به اڪال ۾ ئي مري ويو. حد کان
وڌيڪ بدفعلي ڪرڻ سبب بڇڙي نموني موت جو لقمو بڻيو
هو. الاجي ڪڏهن آتشڪ (سوزاڪ) ۾ مبتلا ٿيو هو،
لڪائي رکيو هئائين. ان جي زهر مان سيتارام جي رت
ڪوڙهه جي جيوڙن جي حملي لاءِ ڳجهي رستي جو منهن
کولي ڇڏيو هو. اڀاڳو سيتارام! اڀاڳو ون وهاري!
ڌيري ڌيري بدپرهيزي ڪري بيماري زور پڪڙي ويئي. عمر
به گهٽجي ويئي، شرير به ڳري ڪنڊا ٿي ويس.
ليور، تلي، پراڻي مليريا، رت جي ڪمي، شرابخوري جو
نتيجو- سڀ گڏي هڪ عجيب پيچيدي بيماري!
جيونمهاشيه من ئي من ون وهاريءَ جي بيوقتي موت جو
انومان لڳائي ورتو هو. مهاشيه ونش جي عمر، مهان
ساڌنا واري ڄمار هن کي نه ملي سگهندي، ان جو هو
اڌڪاري ئي ڪونهي. پر هو ايترو سگهو موڪلائي ويندو،
اهو ته هن سوچيو به ڪونه هو. اچانڪ هڪ ڏينهن نظر
پئجي ويس. صبوح جو گهر جي ورانڊي ۾ هو چانهه پي
رهيو هو. آروگيه نڪيتن مان هو ڪنهن ضرورت لاءِ
شايد رپيا وٺن اندر آيو هو. اُس سيڪڻ لاءِ بنو
اوڀر واري ٻماڙ جڳهه جي ورانڊي ۾ ويٺو هو. اس ۾
چمڪندڙ چهري ڏانهن نهاريندي ڇرڪي بيهي رهيو. منهن
۾ رت ڪونهي. رنگ ڦڪو، ٿڪل درشٽي ۽ ان پيلاڻ جي
مٿان هڪ نيرو تهه.
ان ڏينهن هن نيم جو النگهن ڪري ماٺ ميٺ ۾ سمهيل ون
وهاريءَ جي نبض جاچي هئي. هوشياريءَ سان هن جي هٿ
کي کٽ جي ايس تي رکي پاڻ لهي آيو هو. چڪرڌاريءَ وٽ
وڃي پڇيو هئائين. چڪرڌاري، ون وهاري جي بيماري
گهٽجي ويئي آهي؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟
چڪرڌاري ذرا فڪرمند ٿي چيو هو،”مون کي ته آثار
ڪجهه ٻيا ٿا نظر اچن. اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ سوچيم
پئي. ون وهاريءَ کي مون ٻڌايو آهي. ڀانيان ٿو،
ڪلاجار آهي.“
”ڪالا جار!“
”جي ها. هڪوار کيس ڪلڪتي موڪليو. ڪنهن ماهر کي
ضرور ڏيکاريو.“
”ها، ته ڪلڪتي ئي ڏيکاري. تون چوين ٿو، ته وڃي.“
”هڪ ڏينهن اوهان به کيس چڱي ريت تپاسي ڏسو.“
”نه، منهنجو ڏسڻ ٺيڪ ڪونهي، ڪلڪتي مان ڏيکاري
اچوس.“
ون وهاري ڪلڪتي ويو. ساڻ عطر ويس. مهاشيه چيو هو،
ڪنوار کي به وٺي وڃو.“
”ڪنوار کي؟ هن کي ڇو! نه. هن ڏائڻ سان وهانءُ ڪري
ته منهنجو بنو بيماريءَ ۾ ڳري ويو. نه، مان هن جو
ساهه به پٽ کي ڇهڻ نه ڏينديس.“
مهاشيه ڇيڀنيو هو، ”ڇي! ائين نه چئبو آهي عطر.
اهڙي ڳالهه سان نونهن- پٽ ٻنهي جي دل کي چوٽ
لڳندي. منهنجي مڃ، ڪنوار کي ساڻ وٺي وڃ. توکي به
مدد ملندي ۽بنوءَ جو به من لڳندو. هن وقت سڀ کان
وڌي اهائي ضرورت آهي، ته هن جو من لڳو رهي.“
ان ڏينهن به کيس ششانڪ جي پتنيءَ واري ڳالهه ياد
آئي هئي. من ئي من چيو هئائين: ”مون توکي مڇيءَ جي
منڍي کارائي هئي ۽ توکي وچن ڏنو هوم، تنهنڪري
پنهنجي نونهن کي سوامي سنگت جو لاڀ وٺڻ لاءِ موڪلي
رهيو آهيان.
اسام جو ڪال روڳ آهي، ڪالاجار! ڪڏهن ماڻهو کيس
”موت آڻيندڙ مليريا“ جي نالي سان به سڏيندا هئا.
بعد ۾ ان جي اصلي روپ جو پتو پيو. ان جي جيوڙن جي
ايجاد ٿي. ڊاڪٽر يو-اين- برهمچاريءَ ان جي دوا به
ايجاد ڪئي.
سندس پتا چوندو هو: ”آسام ۾ان قسم جو زهريلو تپ
ٿيندو آهي، ساکيات موت چوندا آهن.ان کي ان جي گتي
۽ پرڪرتي مهاماري (وچڙندڙ مرض) جهڙي ٿيندي
آهي.“.... ”ون وهاري کي اهائي بيماري ٿي ويئي؟“
”نه. برهمچاري نئون ڊاڪٽر آهي، نيئن روڳ ۽ نئين
دوا لاءِ کيس لگن آهي. هن ئي ناڙي ڏسي بتايو هو:
سنهو تپ، پراڻي مليريا آهي. زندگيءَ کي ان کوکلو
بڻائي باقي حد تي پهچائي ڇڏيو آهي. هيءَ جيڪا منهن
تي تهه وانگر ڪارنهن اٿس، اها اونداهي مرتيولوڪ جي
ڇايا جي جهلڪ آهي.“
سندس ڳالهه سچ ثابت ٿي هئي. رت جي تپاس ڪئي ويئي،
ان ۾ ڪالاجار جي جيوڙن جو بنهه پتو ڪونه پيو.
ڪلڪتي ۾ ون وهاري جي استادن کيس آب هوا بدلائڻ جي
صلاح ڏني هئي- بار-بار چيو هو. ليڪن هو اتان
تهائين وڌيڪ ڪمزور ٿي موٽيو هو.
جڏهن بيماري موت جو روپ ڌارڻ ڪري ٿي، تڏهن خرابي
وڏو ويري ثابت ٿئي ٿي. هو امرت بتائي زهر پيئڻ جي
صلاح ڏي ٿو. ڊاڪٽر ’پورت وائين‘ پيئڻ جي صلاه ڏني.
ون وهاري ٻن ڏينهن ۾ هڪ بوتل پي ويندو هو ۽ جلدي
طاقت اچي، ان ڪري ساڻس مرغي (ڪڪڙ) کائڻ به شروع
ڪئي هئائين.
مرڻ کان ٽي ڏينهن اڳي مهاشيه عطر کي چيو هو:
”ڇاتيءَ کي پٿر ڪرڻو پوندو، عطر! بنوءَ کي ڪوٺ آئي
آهي.“
جيئن وڄ اچي ڪڙڪندي آهي، عطر بت بڻجي بيٺي رهي،
وري ان وڄ جي باهه وچان پڄري اٿي چيائين: ”اهو
چوندي تنهنجي ڄڀ کي لهس به ڪانه آئي؟ تون پتا
آهين!“
”منهنجو جنم مهاشيه ونش ۾ ٿيو آهي. منهنجو پنهنجو
فرض آهي. بنوءَ کي پرائشچت ڪرائڻو آهي.“
”نه، نه، نه!“
اها ڳالهه ون وهاريءَ جي ڪنين پهتي هئي. هو هيانءُ
ڦاڙي اچي سڏڪن ۾ پيو هو.
”مون کي بچايو، بچايو مون کي. پرائشچت نه ڪرايوم.
وري مان بچندس به ته ڪونه.“
”خير. جيڪڏهن خاص ڪجهه کائڻ جي اڇا هجيس، ته
ڏجانس.“
عطر کان اهو ڪرڻ به ڪونه پڳو.
ان ڏينهن تپ جيئن پاڻمورادو لهي ويو هو، ون
وهاريءَ خود آچار گهري کاڌو هو. عطر ڪونه ڏنو، ڏنو
هو هن جي استيريءَ. ٻئي ڏيهاڙي ون وهاري ٺيڪ رهيو.
چڪرڌاري ڪوئنين ڏيئي ويو.
|