[16]
پاڳل ڪجهه غلط ڪونه ٻڌايو. ڪينو سينيڊڪا جي هڪ ڊوز
سان ٻڍي ساڌوءَ کي ننڊ وٺي ويئي ۽ جيئن ته ننڊ اچي
ويس، ان ڪري سور به گهٽجي ويس، ناڙي به ڌڙڪڻ لڳي.
پر ناڙيءَ مان ڊاڪٽر ڪجهه سمجهي ڪين سگهيو.
ساڌو سنسياسي جي ڌاتو- پرڪرتي به جدا ٿيندي آهي،
عام ماڻهن کان الڳ. آچار ۽ سنجمي جيون جو اثر شرير
تي صاف پيو جهلڪي. سهڻ جي سگهه بيحد وڌي ويندي آهي
۽ دوا به انوکي ڍنگ سان اثر ڪندي آهي. بنا کيڙيل
زمين ۾ ٻج ڇٽڻ وانگر. تنهنڪري ڪجهه چئي به نٿو
سگهجي. مرتيو ڀرسان ايندي به هن جي پراڻ شڪتيءَ
کان هار کائي موٽي وڃي ٿي. ڊاڪٽر جيون اهو نمونو
ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي. سندس پتا به کيس ائين ٻڌائي
ويو آهي. چيو هئائين: ”هنن ساڌو سنياسين جي ناڙي
ڏسي سولائي سان ڪوبه نرنيه متان ڪري ويهين. اول
اهو جاچي ڏسجه ته هو خود شرير تياڳڻ چاهين ٿا يا
نه. انسان جي پنهنجي خواهش ۾ زبردست ٻل آهي. جيڪو
مريض خود مايوس ٿي پوندو آهي، تنهن کي بچائڻ مشڪل
ٿي پوندو آهي. ساڌو فقيرن کي مايوسي ڪانه ٿيندي
آهي، هنن جو من مضبوط ٿيندو آهي، اِڇا شڪتي پرٻل
ٿيندي اٿن ۽ مرتيو کي انگيڪار ڪرڻ جي اِڇا به هو
پاڻ ڪري سگهن ٿا.“
ساڌو گهري ننڊ ۾ الوٽ هو. ڊاڪٽر چيو: ”ڀولاناٿ رات
جو ذرا هوشيار رهج. جيڪڏهن ننڊ ٽٽي پوي ته پيئڻ
ڪاڻ پاڻي ڏج. پاڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه مان
صبوح جو ايندس.“
ششي خوب کلڻ لڳو. تڪبر جي حد نه رهي. ڊاڪٽر کيس
ساڻ نيو. چيائين: ”هل، گڏئي هلون.“
ششي به ساڻ ٿيو: ”هلو. اوهان کي رام هريءَ جو حال
ٻڌائي ڇڏيان. سڀاڻي اوهان کي هلڻو ئي پوندو.“
ڊاڪٽر چيو: ”ڏس ششي، اڄ جيڪي توڪيو، وري ائين
متان ڪرين.“
”ڇا؟ اهو ٻڍي کي جيڪو ڪنيو سينيڊڪا ڏنم؟“
”ها، تو تمام وڏي غلطي ڪئي آهي.“
”جيڪڏهن غلطي ڪئي آهي ته پوءِ ٻڍو چڱو ڀلو ڪيئن ٿي
ويو؟“
”ڪيئن ٿي ويو، اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي. کيس گانجي جي
علت هئي، گانجو نه ملڻ سان به هڪ قسم جي پيڙا
بيماريءَ جي پيڙا سان مليل هئي... اها پيڙا ويندي
رهيس ۽ نشي و اثر ته باقي آهي. ننڊ ٽٽڻ سان ٿي
سگهي ٿو ته حالت نازڪ ٿي وڃيس.“
”اون هون. مان چوان ٿو، ٻڍو نوبنو ٿي اٿندو. مون
ڪڙي باوڙي جي ڌيءَ کي نمونيا ۾ ڪيروسين تيل جي
مالش ڪرائي هئي، اوهان سڀ ڄڻا مونکي گاريون ڏيئي
رهيا هئا، پر هوءَ ته تندرست ٿي ويئي هئي.“
ڊاڪٽر ڌمال چاڙهيس. ”ششي، هيءَ سموري چريائپ ڇڏي
ڏي. ڪڏهن آفت ۾ پئجي ويندين اڄ ئي توکي چئي ٿو
ڇڏيان.“
”مان چريو آهيان؟“
”بيشڪ تون چريو آهين. هينئر مون کي ان ۾ ڪوبه شڪ
ڪونهي.“
ذرا ساعت چپ رهي ششيءَ چيو: ”خير. چريو ئي سهين.
خير.“ وري ٿوري سماعت چپ رهيو. وري چيائين: ”سڀاڻي
پر رامهريءَ کي ڏسڻ لاءِ هلڻو پوندو. اڄ ئي چئي ٿو
ڇڏيان.“
”رامهريءَ کي ڇا ٿيو آهي؟“
”اهو ته ’ست ڏون چوڏهن‘ وارو معاملو آهي. هلڻهار
ڪو آهي.“
”هلڻهارڪو آهي ته پوءِ منهنجي ڇڪتاڻ ڇو؟ وڃي. هن
عمر ۾ ته موڪلائڻ ۾ ئي ڪلياڻ آهي. يا ان لوهار
ٻڍيءَ جيئان وڃڻ (مرڻ) جي اڇا ڪانهيس؟ ويچاري جي
اها اِڇا سڀاويڪ ئي آهي! هن عمر به هن اڃا هاڻي
تازو ’مالا چندن‘[1]
ڪيو آهي!“
”ها. ڇوڪري اٽڪل پنجويهه ورهين جي آهي. پر جيئڻ جي
آس تي هو اوهان کي نٿو سڏائي. موت جي اڳڪٿيءَ لاءِ
سڏايو اٿائين. اوهان هلي اهو ٻڌايو ته هو گيان-
گنگا وڃي يا نه؟ گيان- گنگا جي کيس ڏاڍي اٻلاشا
آهي، اڌارڻ پور يا ڪٽوا وڃن جي اِڇا اٿس. پر اتي
وڌيڪ جيئرو رهڻ به وڏي آفت! ڪنٽرول جو زمانو. هن
ضلعي جا چانور هُن ضلعي نٿا وڃي سگهن ۽ خريد ڪري
کائڻو پوي ته گهڻو خرچه ٿيندو.“
ششي بڻ بڻ ڪندو رهيو؛ ”چور جو راڄ آهي، سڀ چور
آهن. کُڙيءَ کان چوٽيءَ تائين چور. راجا چور، راڻي
چور، ديوان چور، سڀ چور. اسان چور توهان چور....
سڀ چور. چانور جي قيمت آهي سورهن روپيه وري هن
ضلعي ۾ سورهن آهي ته هن ضلعي ۾ ڇويهه... ٻه قدم
ٻيا وڌي وڃو ته ڇٽيهه، ۽ هڪدم اڳتي چاليهه.“
مهاشيه سڀ ڳالهيون برابر ڪونه ٻڌي رهيو هو. هو
ڪجهه سوچي رهيو هو. سوچي رهيو هو رامهريءَ جي
ڳالهه. ششي پاڻمرادو بڪندو پئي هليو. اوچتو ذرا
رڪيو۽ وري شروع ڪيائين: هينئر سر ئي ٻيو آلاپڻ
لڳو. ديش جي آلوچنا ڇڏي هو خوشمزاجيءَ جي رنگ ۾
رڱجي ويو. چي: ”رامهريءَ کي گيان- گنگا وڃڻو آهي
پر بي حسابي جو ڪم ڪري هو وڃڻ نٿو چاهي. اوهانکي
ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪيترا ڏينهن جيئرو رهندو ان
حساب سان ئي هو پاڻ سان دال چانور نئيندو. چوي ٿو،
اوهان کي ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڏهه ڏينهن وڌيڪ جيئرو
رهيو، ته چانور گهٽ ٿي ويندا. اهڙي حالت ۾ اتي نقد
ملهه تي ڳنهڻ جي نوبت ايندي ۽ ڪٿي پنج ڏينهن گهٽ
ئي جيءُ سگهيو، ته چانور بچي پوندا. اهي چانور
موٽائي گهر نٿا آڻي سگهجن. وڪڻڻا پوندا. اهو سڀ
ٻين جي هٿان ٿيندو. پنج ڀوت ملي ڪري سڀ تحس نحس
ڪري ڇڏيندا. ذرا ذرا ڪري ڇڏيندا. ذرا سوچي ڏسو، هن
کي حساب سمجهڻ جو وجهه نه ملندو. ڪمبخت چوي ڇا ٿو
ته وريمان سرڳ وڃي به سک نه سمهندس. مون چيو،
تنهنجو سرڳ وڃڻ ئي نه ٿيندو، رٿ تي سوار ئي نه
ٿيندين ته چلائي اُٿندين.... روڪيو، روڪيو. مان
لهندس.... رٿ کي موٽائي نماڻا نين کڻي تون
نهاريندو رهجي ويندين. مصيبت آهي. گنگا ڪناري مرڻ
سان ڀوت ٿيڻ جي به گنجائش ڪانهي. ڀوت ٿئي ته کيس
ڀروسو رهندو. ماڻهن جي کردن دٻائي سگهي ها. پٺيان
پوي ها ۽ نڪ ۾ دم آڻي چوين ها؛ ”ڏيو، منهنجا روپيا
واپس ڏيو.“ اهو چئي ششي هي- هي ڪري کلڻ لڳو.
سانوڻ جي اونداهي رات ۾ ٻئي هلندا پئي ويا.
ٻڍو جيون مهاشيه من ۾ رامهريءَ جي ڳالهه سوچي رهيو
هو. ائين ڪيئن ٿيو؟ ائين ٿئي ڪيئن ٿو؟ رامهري
گيان- گنگا وڃڻ چاهي ٿو؟ بنا سوچي، بنا ڪنهن اِڇا
جي ويراڳ يوگ، مڪتي جي چاهنا جاڳي سگهي ٿي؟ مان
مرندس، اهو سوچي ڪري خوشيءَ سان دل سان سڀ ڪجهه
ترڪ ڪري وصل جو مشاهدو ماڻڻ وانگر وڃي سگهجي ٿو؟
ايامن تائين انتظار ڪرڻ بعد نئي نوجوان ڪنوار جو
پنهنجي پتيءَ سان ملڻ واسطي پوڪن جو گهر ڇڏي وڃڻ
وانگر وڃي. سگهجي ٿو؟
رام هري شروعات ۾ سيکڙاٽ چور هو، بعد ۾ پڪل اناج
جو چور بڻيو؛ ٻه ڀيرا جيل مان ٿي آيو هو. اچانڪ هن
۾ زبردست ڦيرو اچي ويو. مٿي تي تلڪ لڳائي، ڳچيءَ ۾
ڪنٺي مالها پائي هو ’ڌرماتما‘ بڻجي پيو هو. آجيوڪا
ڪمائڻ لاءِ هن ڌنڌو شروع ڪيو. ڀاڄي وکر جو ڌنڌو.
کيتن مان ساڳ سبزي خريد ڪري هٽن جا چڪر ڪاٽڻ لڳو.
يعني ڦيريءَ وارو ٿي ويو. ائين هو ڳالهيون اڪثر
گهڻيون ڪندو هو، ڌنڌي ۾ به اهوئي حال هوس. ڪريا
ڪرم جي موقعن تي ماڻهن وٽ پاڻ ڀاڄيون پهچائيندو
هو. ليڪن هن جو اصلي واپار ان جي اوٽ ۾ هلندو هو.
هو نديءَ جي ڪناري جهنگل جي ويدن جي مرت سنجيوني
چڪائڻ وانگر شراب چڪائيندو هو. بوتلن ۽ دٻن ۾
آٺرايل شراب ڀري جهنگل ۾ پوري رکندو هو. ايترو ئي
نه، نديءَ جي ڪپر تي گانجو به پيدا ڪندو هو ۽ ان
جي ڪافي کپت ٿيندي هئي. تان نرڪن جو ديش ٿيو، منتر
جنتر، جهاڙ ڦوڪ هجي چاهي نه هجي، ڄاڻي يا نه ڄاڻي،
ماڻهو ’ڪارڻ‘ ڪند اهئا. ڳل تي سندُر جو ٽڪو، زبان
۾ ’ڪالي ماتا‘ جي رٽ ۽ ’ڪارڻ ڪرڻ‘[2]
۾ سو ۾ نوانوي ماڻهو سِڌپرش. تنهنڪري هزار جي نمت
سان سڌ پرش جي پرساد جي هلندي رامهري جي ’لڪشمي
لاڀ‘ جي واسطي ’سنگهه دئار‘ (صدر دروازو) چاهي نه
هجي، هڪ شاندار ڦاٽڪ ضرور کلي پيو هو. محنتي ۽
اورچ رامهري کي ڪمال جي همٿ هئي. نوگرام پويلس
ٿاڻي جي سامهون ڀاڄي جي ٽوڪرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پنج
شراب جون بوتلون وجهي، هو کلندي کلندي نڪري ويندو
هو. بازار ۾ انهن جو وڪرو ڪندو هو. پيٺي يا ڪدوءَ
جو منهن وڍي اندران ٻج ۽ ڀڳ ڪڍي ڇڏيندو ۽ ان ۾
گانجو ڀري هليو ويندو هو. هوڏانهن پنهنجي گهر ۾
’ديوتا‘ جي مورتي جي اسٿاپنا ڪئي هئائين. نم جي وڻ
جي لڪڙيءَ جي ’گوهري‘ مورتي. پر ديوتا جو ڏيل ٿلهو
متارو هو. چڱي مغز ماري، ڇاتي ۽ پٺيءَ جي طرف ٻه
جدا لڪڙون جوڙي اندران ڪافي پوري جڳهه ڇڏي ڏني
هئائين ۽ اهو ’ديوي گودام‘ هن هڪ پڪي مستريءَ کان
ٺهرايو هو. پٺيءَ جي طرفان جيڪا ڪاٺي هئي، ان جي
مٿان- هيٺان ڍڪڻ وارو منهن جوڙائي رکيو هئائين.
مٿان ان ۾ گانجو ڀري ڇڏيندو هو ۽ جڏهن جيتري ضرورت
هوندي ڪڍي وٺندو هو. ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌي هو
رام هريداس بڻجي ويٺو هو. سبزيءَ جو روزگار بند
ڪري هومودي بڻجي ويٺو. دڪان کوليائين. اناج خريد
ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. ڀيک ورتائين، داس جو
لقب ورتائين ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هو ڪن ڳاڻ ڳڻين مان
ليکجڻ لڳو. رڳو ڀيک ئي ڪونه ڌارڻ ڪيائين، پر هن
پنهنجي نيات واري استريءَ ۽ پٽ کي ٻاهر ڪڍي هڪ اوچ
ورڻ جي وڌوا کي آڻي ’ويشوي‘ بڻايو. ان کان پوءِ به
شايد ٻن – ٽن استرين کي وٺي آيو. انهن مان ٻه
ڄڻيون ته ڇيڻا ٿڦيندي مري ويئون ۽ کين شانتي ملي.
هڪ ڄڻيءَ ڀڄي جند ڇڏائي. آخرين استري جوان آهي ۽
اهائي رامهريءَ کي پياري آهي.
”اهو ئي رام هري اڄ پنهنجي مرضي پٽاندڙ موت جي
واسطي گنگا ڪانري وڃڻ چاهي ٿو؟ مڪتي چاهي ٿو؟ اچرج
جي ڳالهه چئبي!“ ششيءَ تماڪ پي ڪري حقي کي هٿ ۾
جهليندي چيو: ”سڀاڻي هڪوار ضرور ٿي اچو، مان چئي
ڇڏيو آهي، پنج روپيه ڏيڻا پوندا. ڊاڪٽر بابو هاڻ
مريض ڏسڻ ڪونه ويندو آهي. ست ستاءُ ڪري کين راضي
ڪري وٺندس. ايتري ۾ تيار ٿي ويو.“
پر اهي ڳالهيون ڊاڪٽر صاحب جي ڪنين ڪونه پهتيون.
هن جو منورٿ ڊوڙي رهيو هو. کن ۾ئي ٻيو يگ پار ڪري
پٺتي ئي پرڪرما ختم ڪري هينئر شايد ورتمان ۾ اچي
رڪيو. هو کليو.
ششيءَ پڇيو: ”اوهان کلي رهيا آهيو؟“
جيون چيو: ”نوگرام جي بابو صاحب جي علاج واسطي
ڪلڪتي وڃڻ توکي ياد آهي؟“
”ڇو ڪين؟ پالڪيءَ تي نڪتو، سڀني ٺاڪردئارن ۾ پرڻام
ڪيائين...“
”اها ته ’گيان گنگا‘ جي ياترا هئي. ان ۾ ته جيڪي
به ويا، تن سڀني اهو ئي ڪيو. هو ڪين...“
”پوءِ؟“
”بابو صاحب ڪاشيءَ ڪونه ويو، اڌارڻ پور جي گنگا
ڪانري تي به ڪين ويو، ويو ڪيڏانهن، ڪلڪتي گنگا
ڪلڪتي ۾ به آهي. پر هو مرڻ جي ڪاڻ گنگا ڪانري ڪونه
ويو، ويو علاج واسطي.“
”ڇو نه وڃي ڀلا؟ هيڏي وڏي جائداد، اٿاهه ملڪيت
هيترو جس! انهن کي ڇڏي به ڪير ڪٿي مرڻ چاهيندو
آهي؟“
”اهو ئي ته مان چوڻ چاهيان ٿو. هن کي مرڻ جي واسنا
ڪانه ٿي، رام هري کي ٿي آهي. رام هريءَ جيترو ڪجهه
ڪيو آهي، ان جي لحاظ کان اهو گهڻو آهي. گهڻو...
وري جوان زال.“
ششي وات ڦاڙي ڊاڪٽر ڏانهن تڪيندو رهيو.
جيون مهاشيه کلي چيو: ”وات ڦاڙي تڪيندو نه ڪر. وڃ،
پنهنجي گهر وڃ. رات ڪافي گذري چڪي آهي. سڀاڻي
ايندس. چئي ڇڏج، ٻپهرن کان پوءِ گاڏي موڪلي ڏين.“
ششيءَ چيو: ”اسين ٻه واٽي تي پهچي ويا آهيون ڇا؟“
”ها.؟“
هتان ڪچي رستي کان ڊاڪٽر جيون پنهنجي ڳوٺ ويندو ۽
پڪي سشڪ تان ششي ويندو نوگرام.
جيونمهاشيه چيو؛ ”گانجو – ڀنگ گهٽ پيئندو ڪر ششي“
ششيءَ مٿي کي کنهيو. لڄي ٿي ڪري چيائين؛ ”برابر
اهو ئي سوچيندو آهيان، پر بڻجي نٿو.“ وري بِر ٿي
چيائين: ”هلو، توهان کي پهچائي اچان. ڏاڍي اوندهه
آهي. رات به ڪافي گذري چڪي آهي.“
”ڪمبخت ڪنهن جاءِ جو! مون کي پهچائڻو ڪونه پوندءِ.
گهر وڃ. مونکي گهر پهچائيندين؟ توکي پوءِ ڪير
پهچائيندو؟ ترت کي کيس ڪائي ڳالهه ياد آئي ۽ ڇرڪ
ڀري چيائين: ”چڱو هل، مان ئي توکي تنهنجي گهر
پهچائي اچان.“
ياد آيس، ”ڪيترا مهينا اڳي ششي جي ماءُ گذري ويئي
آهي. شايد اڪيلو ويندي کيس ڀو ٿيندو آهي. اڃا هاڻي
کيس چيو هئائين ته ’گلائي چنڊيءَ‘ کان موٽندي بدن
ڇم ڇم ڪري رهيو هو يعني کيس ڊپ ٿي رهيو هو.‘ او!
ان ڪري هو مڙهيءَ ۾ وڃي پهتو هو.“
جيون مهاشيه چيو: ”سچ سچ ٻڌاءِ، ڳالهه ڇا آهي. ڊپ
لڳو اٿئه؟“
ششيءَ مٿو کنهندي چيو: ”يعني منهنجي ماءُ...“
”تنهنجي ماءُ؟“
”ڀانئجي ٿو، هوءَ ڀوت بڻجي آسپاس ڦرندي رهي ٿي.
ڀانئجي نٿو، پر سچ پچ ئي هوءَ گهمندي- ڦرندي وتي
ٿي.“ جيون مهاشيه چيو: ”رهڻ به ڏي. هل.“
ششيءَ چيو: ”اما مون کي ڊيڄاري نٿي، رستي ۾ ڇڪ
ڏيندي آهي.“ سڄي واٽ ششي ان ريت بڪندو هليو. رام
هريءَ جي باري ۾ ئي گهڻو ڳالهائيندو ويو. ”نرنيه
ٻڌائي هڪوار هن ’ڇوڪري ڊاڪٽر‘ کي توهان ضرور
ڏيکاريندا!“
|