سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :22

[22]

گاڏي کيتن جو پاسو وٺي ڦيرائي ويئي.

جيون مهاشيه هٿ- پير ڊگها ڪري ليٽي پيو. ششيءَ چيو: ”هان، ذرا ليٽي ئي وٺو. مان پيدل ئي هلي رهيو آهيان. آه! هن وقت ذرا آرام ڪرڻ کانسواءِ به رهيو نه ٿيندو. پنهنجي حياتيءَ ۾ ههڙي اڻانگي وقت ۾ شايد ئي ڪڏهن ٻاهر نڪتو هجان. ڪوبه ڊاڪٽر نه ويندو. آخر ڊاڪٽر به ته ماڻهو آهن.“

غير مينهوڳي واري سانوڻ جي ٻپهري؛ جهڙ آهي، مينهن ڪونهي. چاهي سوڪ نه پيئي آهي پر آبادي به ڪونهي. فصل اٻالا آهن پرگاهه ٻاهه اڀريل آهي. کيتن ۾ جيڏانهن نهار بانس کتا پيا آهن. محنتي ڪڙمي پاڻي هاري تلاون مان ٻنيون ڀري رهيا آهن. هيٺينءَ سطح جي ٻنين ۾ پوک هلي رهي آهي. اتي ماڻهن- ڍورن جو ميلو متو پيو آهي. گاڏي اوچائيءَ تان ٻاهريون ڪپر وٺي هلي رهي آهي. اتي به ٻه چار هاري جند جان سان کيلي مشفت ڪري رهيا آهن. علائقي ۾ فصل ڪونهي، آسمان ۾ ڪڪرن جو نانءُ نشان ڪونهي ۽ ميگهه ڪٿي مڙي به آيا هت پاڻي اڻ لڀ. بارش ٿئي ٿي ته بيماري به گهٽجي ٿي. هن ڪيترا ڀيرا انڀو مان ڏٺو آهي ته جڏهن به بارش چڱيري وسي آهي، گهٽ ۾ گهٽ موسمي بخار دٻيو آهي. ان وچ ۾ الائي ڪيتريون ايجادون ٿي چڪيون آهن؛ مڇر ئي مليريا جو ٻج پکيڙين ٿا؛ ڪالرا جا جيوڙا پاڻيءَ ۾ وڌن ٿا؛ ڀوڄن دئاران ماڻهن تي حملو ڪن ٿا؛ مکيون تهائين ان کي وڌيڪ ڦهلائين ٿيون؛ ڪالرا جا ٽڪا نڪتا؛ ڪالرا جي علامت سڃاتي ويئي، ڪيترن روڳن جا روپ ظاهر ٿيا! سڀ ڪجهه ڏٺائين. حوَس البت پوري نه ٿيس؛ وڏو ڊاڪٽر بڻجي انهن جي (بيمارين جي) اصلي ڪارڻن جي تهه تائين وڃي جاچڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو نه ميلس؛ ڏٺائين- ٻڌائين، وشواس ڪندو ويو، ڪارج- ڪارڻ جي رهسيه کي ڏسڻ جي دويه- درشٽي هن جنم ۾ نه ملي گهيس تڏهن به گهڻو ڪجهه ڏٺائين، وچ- وچ ۾ ساڌ ٿيندي هيس: اَڻو کوج نيتر (دور بيني) دئاران جيوڙا اکين سان ڏٺا ويندا آهن. انهن جي شڪل، انهن جو طريقو، ڏسڻ جي ساڌ ٿيندي آهي. اڄڪلهه جڏهن ايڪس-ري ورتو ويندو آهي، تڏهن ڇا ٿيندو آهي، اهو ڏسڻ جي ساڌ ٿيندي اٿس. انسان جو هيءُ سهڻو جسم غائب ٿي وڃي ٿو- ان جو هڏائون پڃرو، ان جا آنڊا، زخم- اهي سڀ ڏسي سگهجن ٿا. موتيءَ ماءُ جي پير جي ايڪس- ري پليٽ ڏسڻ لاءِ من چاهي ٿو.‘

اچانڪ هن جي ويچارن جو سلسلو ٽڙي پکڙجي ويو. ”هٿ لوڏي ششي اهو ڇا ڪري رهيو آهي؟“ ”ڀانئجي ٿو ڪنهن کي اشارو ڪري رهيو آهي! ڪير آهي؟ ڪنهن کي؟  ”ڪير آهي ڙي ششي؟“

”جي؟“

”هٿ لوڏي اهو ڪنهن کي ڇا چئي رهيو آهين تون؟“

”مڇرن ۽ جيوڙن جا ٻچا آهن. منهن وٽ ڍيرن جا ڍير اڏامي رهيا آهن. مينهوڳي جا ڏينهن، بادل- پاڻي جو نالو به ڪونهي، پر هنن جي (جيوڙن جي) ٻوڏ برقرار آهي. ماڪڙ تِڏن کان به وڌي ويا آهن. هن سال کان ئي ته وڌي ويا آهن.“ ششيءَ خلاءَ ۾ بار بار هٿ هلائڻ لڳو.

”گاڏيءَ تي هليو آءُ.“

”بس اجهو ته پهتس. سامهون ئي آهي هڪ دڙو. دڙي جي پرئينءَ پار گلا نئين چنڊي جي لنگهه دروازي تي رام هريءَ جو گهر. هيءُ آکاڙو آهي. ڳاڙهي سڻڪ سڌي هلي وراڪو کائي ويئي آهي. هڪ سائيڪل سوار وڃي رهيو آهي. ڳوٺ ۾ گهر ۾ به سائيڪل پهچي چڪي آهي ٻه چار ضرور هونديون. مهاشيه جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻه گهوڙا ٻڌل هئا- بعد ۾ بيل گاڏيءَ سان ئي سفر جي پڇاڙي.

پرديوت سان هن جو ڪهڙو مقابلو! ڊاڪٽر کليو. پرديوت شايد موٽر خريد ڪندو. موٽر نه ته موٽر سائيڪل چئن ڪلاڪن ۾ ويهه ميل دور شهر وڃي واپس به موٽي ايندو. ڪوئي ڊوڙندو پيو اچي.

گاڏيءَ کي ڏسي هو رڪجي ويو- ”جلدي هلو.“

رام هريءَ جي دروازي تي ڪيترائي آدمي اداس بيٺا هئا. اهو ڏسي سڻي جيون مهاشيه حيران نه ٿيو. هارٽ فيل ٿيڻ سان مرتيو ٿي هوندي. ان ۾ اچرج جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ گاڏيءَ ۾ سندس پوئتان ششي ويٺو هو. هن حيرت وچان پڇيو- ”ڇا ٿيو؟ ڇو ڀائي! ڇا ڳالهه آهي؟“

”اوهان جي وڃڻ کان پوءِ چار دست آيا؟ ڪهڙي نه حالت ٿي اٿس!“

مهاشيه اٿي ويٺو. پنهنجي بئگ تي هٿ رکي هن سوچي ورتو. اهڙي حالت ۾ هڪ ٻه سئي لڳڻ سان سٺو ٿئي ها. مڪر ڌوج مرگ ناڀي ته وٽس آهي پر سئيءَ جو اثر وڌيڪ سٺو ٿئي ها. ششي ته انهن معاملن ۾ سکڻو شنک آهي. سئي هڻندو ضرور آهي، هڪ سرنج به اٿس پر سندس سيون به سندس پوشاڪ ۽ بدن جهڙيون گنديون. سندس جنهن کيسي ۾ تماڪ جون گوليون رهن ٿيون. انهيءَ ساڳئي کيسي ۾ به هن کي سئي رکڻ ۾ هٻڪ نٿي ٿئي. ٻيو ته وٽس دوا به ڪانه رهندي آهي. دوا نه رهڻ تي هو ايڪوا (پاڻيءَ) جي سئي بي کٽڪي هڻي ڇڏيندو آهي.

سئي کي رهڻ ڏي. جيڪو ٿيڻو هو سو مڪر ڌوج سان ئي ٿيندو. رام هري جڏهن ايتريقدر تيار ٿي چڪو آهي تڏهن سئيءَ سان موت کي اينگهائڻ مان باقي ڪهڙو لاڀ؟ گيان گنگا ٿي يا گان گنگا نه ٿي ته ڇا ٿيندو!

موت کي ڌرو (اٽل) ڄاڻي ان کي اپنائڻ لاءِ تيار رهڻ وارو من ئي سڀ کان وڏو آهي. نهايت ضرورت پوڻ تي ماکيءَ جي نافت ۾ ڳڙ کان به ڪم وٺبو آهي. تيرٿ ۽ نام جي پڃ جي وشواسي رام هريءَ جي اکين اڳيان ديوتا جي مورتي ۽ ڪيرتن تيرٿ جي ڪميءَ کي ڪنهن حد توڻي پورو ڪندا. گيان گنگا دئاران جيڪڏهن مڪتي جي ڳالهه سوچي وڃي ته ڀاڳيه جي به ته سوچڻي مڃڻي پوندي؟ اهڙو ڀاڳه رام هريءَ جو ٿئي ڪٿان؟

ڇا ڪرڻو آهي، اهو طئي ڪري ئي جيون مهاشيه اندر گهڙيو. من ئي من هن اهو طئي ڪري ورتو هو ته جيون مهاشيه کي هو ڇا چوندو. پر روڳيءَ کي ڏسندي ئي هن ڀرون تاڻيون. هيءُ ڇا؟ بيجان رام هري هڪ تختي تي پيو آهي. شرير جو رنگ هيڊو ٿي ويو اٿس. پلڪن ۾ اڏام جو موهه. نظر ڪمزور. رکي رکي پنبڙيون ٻوٽجي رهيون آهن. بار بار هو پلڪن کي ڦهلائي ٿو. پلڪون کولڻ سان به نگاهن ۾ آترويلا ڪانهي، ڪوبه سوال ڪونهي، ڪائي چاهنا ڪانهي. هيءَ حالت ڪهڙي؟ ڪُل ملائي هيءَ حالت رڳو دستن سان ته نٿي ٿي سگهي؟ پنهنجي هيترن ڏينهن جي انڀو دئاران هو سمجهي ويو ته روڳي چيچلائي چيچلائي هن حالت تي پهتو آهي. گهر مان اچڻ واري بدبو، روڳي جي شڪل ۽ اهڃاڻ مان کيس ذرو به شڪ نه رهيو ته هيءُ روڳ ڪهنو ڳاريندڙ ۽ اتيسا آهي. اڄوڪا ايلوپئٿي ان کي انٽيسٽائينل ٽيوبر ڪيولاسز چوندا. خوردبيني جي جاچ سان ان ۾ سلهه جا جيوڙا به ملندا. سلهه ماڻهوءَ کي ڌيري ڌيري ڳاريندي آهي. اها حالت اوچتي نه ٿيندي آهي. مريض گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن ڏينهن کان هن حالت ۾ گذاري رهيو آهي. ٿورو ٿورو وڌي اڄ هيءَ نازڪ حالت ٿي وئي آهي.

ششي پاڻ اُٿي هڪ موڙو کڻي آيو. بستري جي ڀرسان رکي رام هريءَ جي ڪن ڀرسان زور سان پڪارڻ لڳو: ”رام- رام! ڊاڪٽر بابو آيو آهي.“

”رهڻ ڏي. ڳالهائڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي. کسڪي اچ، آءُ ڏسان.“

ششي اٿي ويو. وري جهڪي چيائين: ”ههڙي حالت ۾ هيءُ دستاويز ڇا جو؟ بستري تان هن هڪ دستاويز کنيو. اتي ئي پيو هو.

ايتري ۾ رام هريءَ جي جوان استريءَ جو ڀاءُ سامهون اچي بيٺو. هوءَ اوچي ورڻ جي وڌوا هئي. پنهنجن سان سمورو ناتو هن رام هريءَ سان شادي ڪري ٽوڙي ڇڏيو هو. پر هن جي بيمار پوڻ تي ڀيڻ جي آپدا ڪال ۾ لاچار ٿي ڀاءُ کي اچڻو ئي پيو. پندرهن ويهن ڏينهن کان هتي آهي. هن چيو: ”هوءَ وصعيت آهي. هن جي خواهش هئي، ڊاڪٽر بابو جي اچڻ کان پوءِ اڱوٺي جو نشان لڳائي؛ ڊاڪٽر بابوءَ کي شاهد رکي. پر جيئن ته هن جي حالت هيءَ ٿي ويئي، سو چيائين- خبر ناهي ڊاڪٽر بابو جي اچڻ کان اڳي ئي ڪجهه ٿي پوي. ڪجهه چئي به ته نٿو سگهي! سو هن پنهنجي آڱوٺي جو نشان لڳايو، شاهدن جي صحي ڪرائي- تهان پوءِ ڏسندي ڏسندي هيءَ حالت!“

سيرانڌيءَ جي ڀرسان هڪ جوان استري وڏو گهونگهٽ ڪڍي ويٺي هئي هوءَ روئڻ لڳي. ڊاڪٽر هڪوار ڏانهنس نهاريو. ان بعد نبض پڪڙي اکيون ٻوٽي ويهي رهيو. ڏاڍي ڪمزور ناڙي، روڳيءَ جهڙي ئي ڪمزور ڌيمي ڌيمي هلي رهي آهي. جيستوڻي آهي، ان کي هلڻو ئي آهي. رڪجڻ جو وقت ناهي، اڌڪار ناهي، اپاو ناهي. وچ وچ ۾ ڏڪي رهي آهي، چنڊ ۾ گرهڻ لڳڻ سان جيئن چنڊ ڏڪندو آهي، ساڳيءَ طرح جي ڏڪڻي. وڏي سوکيم انڀو سان ڄاڻي سگهبي آهي. ان ۾ هاڻشڪ ڪونهي ته آنڊن کي جيوڙا ان ريت کائي رهياآهن جيئن ريشم جا جيوڙا توت جا پتا کائيندا آهن. جيڪي به هجي ترت مرڻ جو اهڃاڻ کيس نظر ڪين آيو.

اسٽيٿسڪوپ دئاران هن ڇاتيءَ جي ڌڙڪڻ جي تپاس ڪئي. جيڪا حالت آهي، ان ۾ ته ڪنهن به حالت ۾ اوچتو چالاڻو نٿو ٿي سگهي. ناڙيءَ جي گت سان ڇاتيءَ جي ڌڙڪ جي ساڳي سنگت، جهڙي سازيندڙ ۽ راڳيءَ جي! ڪمزور هوئڻ جي باوجود سنگت نٿي رڪجي.

وري هوڏانهن ششي بڪ بڪ ڪندو پيو وڃي- ”هيءَ بيماري پشاچ آهي. اچانڪ دست آيا ته ناڙي غائب! روڳيءَ جون اکيون ٻوٽجي ويئون. اڄ ستن ڏينهن کان مان چوندو پيو اچان- ادا جيڪي به ڪرڻو آهي سو ڪري وَٺو. گنگا ڪناري هلڻو آهي ته نڪري پئو. ڊاڪٽر بابو کي ڏيکارڻو آهي ته وٺي اچان هن کي. مگر ڏيهاڙي ساڳيو ئي جواب- سڀاڻي. روز سڀاڻي موت ڪونه ايندو اهي. اهو ته ڪڏهن ڪونه ايندو آهي. ڀلي ماڻهوءَ جي هڪ ئي رٽ هجي ته، سڀاڻي. هاڻ سنڀاليو. ٿي ويو نه؟“

هوءَ عورت وري روئڻ ۾ اچي ڇٽڪي.

ششي وري ٻولڻ لڳو. ٿئي به ڪيئن؟ ڀاڳ ۾ هجي ته ٿئي به؟ اهو به ته ڏسڻو پوندو ته ڪرم ڦل ڪهڙو آهي؟ گنگا ڪناري هوش رهندي مرتيو ٿئي، ان جي لاءِ ڪرم به ته اهڙا گهرجن. اسان جي شاسترن ۾ اچي ٿو ته ويڄ ڇا ٿو ڪري سگهي، ڀلي ڌنونتري ئي ڇو نه هجي، چاهي ڇونه هجي نيل رتن بابو يا ڊاڪٽر راءِ؟ ٻيو دوا به ڇا ڪري، اها چاهي امرت ئي ڇو نه هجي، چاهي ڏهه ويهه روپين جو ٽوٽڪو ئي هجي. ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا نه هجي ته ڪنهن کان به ڪجهه نه ٿي سگهندو اهو به ٺيڪ ساڳي ريت آهي، ڀاڳيه ڪرم. سٺي مت هجي ته ڇا، وقت سر دماغ بدلجي ٿو وڃي ۽ ساري ڪئي ڪمائي چوپٽ ڪري ٿو ڇڏي.“

مهاشيه اٿي بيٺو. ڏسي چڪو هو.

هاڻي اها استري سندس پيرن تي ڦان ٿي ڪري- ”ڊاڪٽر بابو، منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي!“

مهاشيه هڪوار سڀني ڏانهن نهاريو. چي- ”ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. اُٿ- اُٿ.“

ششيءَ به تڪڙو- تڪڙو چيو: ”اُٿ، اُٿ. جڏهن ڊاڪٽر بابو چيو آهي ته ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي، ته روئين ڇو ٿي؟ ڊاڪٽر بابو ٻه ڳالهيون ڪونه ڪندو آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هٽي وڃ. اُٿ.“

مهاشيه ٻاهر نڪتو. سڀ کان اول هن جي نظر پيئي، سائيڪل تي. سڏ ڪيائين: ”ششي!“

ششي چئي رهيو هو: ”اڙي! ها، ها. اهوئي هوندو. هن جهڙو آدمي! ڀلا هو ڪڏهن ڏسي سگهيو ٿي ته هڪ ويچاري اٻلا برباد ٿي وڃي؟ سٺي گهر جي نينگري، اوچ ذات جي ڪنيا- ’مني نانچ مَتي ڀرم‘- مت گِسڻ سان ئي جيڪي ڪجهه ڪيو اٿائين ان جي سزا، ان جو ڦل ته ڀڳوان ڀوڳائيندو. اسان انسان آهيون، اسان کيس برباد ٿيڻ نه ڏينداسون. بس.“

پڪارڻ سان اڳي ئي هن جو آواز جهڪو ٿي ويو هو، هاڻي ماڳيهي ٿڌو ٿي ويو.

”هن کي ماري ئي ڇڏيئه تو” ڄاڻي ٻجهي؟ يا ڄاتئه نٿي، سمجهي نه سگهئين؟“

”جي؟“

”هيءَ حالت ته اڄ ٽن ڏينهن کان آهي. جيڪڏهن تنهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته گهرائي ڇو نٿي ورتئه؟“

”جي نه، ڪالي ماتا جو قسم!“

”ششي!“ ڊاڪٽر دٻ چاڙهيس.

”پنهنجو قسم، ڀڳوان ڪِرييا، گروءَ جو سوڳنڌ...“

مهاشيه ڌيمي سُر ۾ چيو: ”توهان ڪيترن ماڻهن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏڻ جڳائي. چلائي نه. جيڪي چوان ٿو سو ٻڌ. جيڪو نوجوان سائيڪل تي اسان کي ڏسڻ ويو هو، سو ڪٿي آهي؟ اجهو هيءُ رهيو! اڙي ڇوڪرا! ٻڌ. ذرا مس قلم کڻي اچ. آئون دوا لکي ٿو ڏيانءِ. ونيه جي دوڪان تان وٺي اچ. ٻيو بازار ۾ جيڪو ڊاڪٽر هريندر بابو آهي نه، هيءَ چٺي هن کي ڏج. سمجهي وئين؟ تڪڙو وڃ.“

مگر ششي کي دٻائي رکڻ به سٿرو ته ڪونهي. انهيءَ ڪرت تي هو زنده آهي. هن ڇوڪري جي هٿ مان نسخو ۽ چٺي ٻئي وٺي ڏٺا. چي: ”گلوڪوس جي سئي هڻندس؟ انٽروينس؟“

”ها، هيءَ بيڪسي ان سان ئي ويندي. تنهن کان اڳي مڪرڌوج ڏيندس.“

”بيوسي ويندي؟“

”ويندي. هن کي مرتيو- روڳ ٿيو آهي. پر موت جي علامت اڃا ظاهر نه ٿي آهي.“

”نه ٿي آهي. سئي ته اوهان ئي هڻندا؟“

مون ڊاڪٽر هريندر کي سڏايو آهي. اهو ئي انجيڪشن ڏيندو. جيڪڏهن نه ٿي سگهيو ته مان ڏيندس.“

”۽ جيڪڏهن مري وڃي؟“

”اهو مان سمجهي وٺندس.“ منهنجو ويچار آهي، رام هري اڃا بچندو، گهٽ ۾ گهٽ ڪي مهينا. پوءِ وصيعت ٻصيعت جيڪي ڪرڻواٿس سو ڪندو پنهنجو. نه ڪوئي ٿيو ته مان گواهه ٿيندس. هن وصيعت لاءِ ئي هن جو اٿي ويهڻ لازمي آهي.“

ششي چپ ٿي ويو.

مهاشيه چيو: ”وصيعت ۾ ڇا آهي، مون کي سڌ ڪانهي! شايد ٻيءَ زال جي نالي ۾ ئي سموري ملڪيت لکي هجائين؟“ ذرا ساعت چپ رهي وري ڪنڌ ڌوڻي چيائين: ”پر ائين ته ٿيڻ نه گهرجي. مونکي رام هريءَ جي نيت سمجهڻي پوندي. هن جي اڳيئن گهر مان پٽ مري چڪو آهي؛ پر هن جو پٽ؛ رام هريءَ جو پوٽو جيئرو آهي. ننهن موجود آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڀانيان ٿو ته هيءُ رهجي ويندو. علاج جي لاشڪ ضرورت آهي. ڪوشش ڪرڻي پوندي، اها ڪوشش آئون ڪندس. اهائي گيان گنگا- ياترا ٿيندي رام هريءَ جي- رام هريءَ جا ڇهه ئي ويري سڄي زندگي جي موت کي پڪاريندا رهيا آهن. نشچت مرتيو جي طرف سولائيءَ سان وڌڻ ۾ جيون نٿو ڊڄي. جيون ڊڄندو تڏهن آهي جڏهن موت پاڻ وڌندو اڳيان اچي ٿو تڏهن زندگي چيخ ڪري اٿندي آهي. اهڙي حالت ۾ گيان گنگا ممڪن آهي؟ ون وهاريءَ کان نه ٿي سگهندو. رام هري به نٿو وڃي سگهي. هن جي ٿڪي ماندي، سنهڙي ٿڳڙي ديهه، جهڪو آواز رکي رکي اکين ۾ سڃ لهندي پئي اچي، هڪ ٻه ڀيرو پلڪن کي ڦهلائي ٿو- ان درشٽيءَ ۾ ڪيترو نه ڊپ ويڙهيل آهي، اف! ڪهڙي نه آنڌ مانڌ!“

ڊاڪٽر هريندر جي اچڻ تائين ڊاڪٽر جيون ويٺو رهيو. وچ ۾ هڪ ڀيرو وري ناڙي ڏٺائين. گت ڪجهه سٻل ٿي آئي هئي، لرزش به آهي. مکڙو ٽڙي پيس. هريندر جي ايندي ئي کيس سڀ ڪڇ سمجهائي چيائين- ”گلوڪوس جي سئي ڏينس. مان چوان ٿو تون ڏينس. جوابدار مان رهيس. ڊڄ نه.“

هن هڪوار وري ناڙي جاچي. مڪر ڌوج جي گرمي ۽ شڪتي ناڙي ۽ شرير ۾ صاف واسو ڪري چڪيون هيون. ڪرائي ڇڏي چيائين: ”سئي لڳائينس.“

سئي لڳائي هٿ ڌوئڻ بعد روڳيءَ جي حالت کي ڏسي هريندر چيو: ”اوهان جو هيءُ طريقو نهايت غضبناڪ آهي! غضب!“

جيون مهاشيه کلي پيو. ٻيو ڪري به ڇا؟ ان جو جواب به ڪهڙو ڏي؟

ڊاڪٽر هريندر چيو: ”هڪ ٻيو شڀ سماچار اوهان کي ڏيان. وِپن جي هڏڪي بند ٿي ويئي آهي. اڃا هاڻي اچڻ کان ٿورو ماند خبر ملي اٿم. اوه، هن جي هڏڪي ڏسي مان ته اميد ئي لاهي ويٺو هوس. پويون چار راتيون ته هو بنهه سمهي ڪين سگهيو. پيٽ ۾ هڪ داڻو نه ٽڪي سگهيس. اچڻ کان اڳي مان کيس ڏسندو آيس. مزي ۾ ننڊ ڪري رهيو آهي. اوهان کي به هنن ڪوٺايو هو- سڀ ان اول. ماڻهو مڪو هئائون، پر اوهان گهران نڪري چڪا هئا. ٻڍڙو رتن بابو ڪيترو نه احسانمند آهي، ڇا ٻڌايانو! ڊاڪٽر پرديوت به آيو هو. هو سناٽي ۾ اچي ويو هو. گنڀير ٿي چيائين، هن لاءِ هينئر ڪجهه چئي نٿو سگهجي هڏڪي وري به شروع ٿي سگهي ٿي، دوا جو اثر به ٿي سگهي ٿو. ها، هينئر جيڪا نازڪ حالت هئي، اها پار ٿي ويئي. هن کي ان تان ڏاڍو اچرج لڳو آهي. موٽندي وقت رستي ۾ مونکي چيائين، هن ٻڍي جو راز منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي. مون کي ان معاملي ۾ شڪ ڇو ٿي رهيو آهي، اوهان کي ڄاڻ آهي؟ اڄ وري ڊسپيپسيا جو هڪ روڳي آيو، ضرور هڪ سخت قسم جي بيماري آهي، ٻڍي هن کي به چئي ڏنو ته تون بچي نه سگهندين. ڪيترن ڏينهن جي ته شايد کيس معياد به ٻڌائي اٿائين.“ هريندر مهاشيه ڏانهن نگاهه وجهي کانئس پڇيو، ”اوهان ائين چيو آهي ڇا؟“

جيون مهاشيه هريندر ڏانهن نهاريندي درڍتا سان وراڻيو: ”مون غلط ڪونه ٻڌايو آهي ڀاءُ. دانتو انهيءَ روڳ ۾ مرندو. ها، مون ڪائي معياد مرڻ جي ڪانه ٻڌائي آهي. بس اهائي بيماري سندس مرڻ جو ڪارڻ ٿيندي. ان رائي ۾ رتي جو مون کي شڪ ڪونهي.“ وري ڳوڙهي آواز ۾ ڳنڀير ٿي چيائين، ”هن روڳ ۾ ڌانتو جو ڀاري دشمن وڃي مليو آهي. گهر ۾ باهه لڳڻ سان سڄو گهر ڀسم ٿي ٿو وڃي، ائين هروڀرو ناهي پاڻي وجهڻ سان باهه وسائي به سگهجي ٿي، وسامندي به آهي. پر باهه جي سهائتا ۾ هوا به اچي شامل ٿئي، ته مٽن جا مٽ پاڻي وجهو، ته به باهه ڪانه وسامندي. هوا جي سهاري پنهنجي ڄڀين سان آلي چت کي سڪائي باهه لپيٽي ڇڏينديس. دانتو کي آهي پيٽ جو مرض ۽ ان ۾ اچي مليو آهي هن جو دشمن هٻڇ، اچي ڇا مليو آهي، اهو ته ان روڳ جو هڪ انگ، مرض جي علامت بڻجي پيو آهي. منهنجو پتا جي چوندو هو- جڳت مهاشيه چوندو هو، سنسار ۾ ماڻهن کي سنياسي جهڙي شڪتي چاهي نه هجي، سڀني ويرين کي سنياسي جهڙي شڪتي چاهي نه هجي، سڀني ويرين کي هو ڀلي نه جيتي سگهي پر ڪن ويرين تي سوڀ پائي گهن ٿا. ڪو ٻن ويرن کي جيتي ٿو ته ڪو ٽن کي؛ ڪو- ڪو پنجن ويرين کي به دٻائي وٺي ٿو. پر هڪ- وري ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”هڪڙي کي نٿو جيتي سگهي. هڪ رهجي ئي وڃي ٿو. اهو ئي لنگهه جو رستو بڻجي ٿو. ان جي دئاران ئي مرتيو جو واهڻ منش جي سرير اندر داخل ٿئي ٿو. ان تي به جيڪڏهن ان جو دربان ئي دروازو کولي مرتيو کي سڏ ڪري ته هن جو خير ٿي سگهي ٿو ڀلا؟ رکشڪ ئي پکشڪ بڻجي ٿو ويهي. ڪنهن چيز ڏانهن لاڙو هوئڻ ته ڀاءُ برو ڪونهي. دنيا ۾ لاڙو ئي خواهش آهي. اها پرورتي يا لاڙو جيستوڻي سٺي خواهش بڻجي رهي ٿي. تيستوڻي رکيڪ آهي. کاڌي جي کڻي ڳالهه وٺو. جيستوڻي لاڙو سٺي خواهش ڏانهن آهي بري کاڌي کان بچندو. پيٽ ڀرجندي ئي سٺي سڌ چوندي، بس وڌيڪ نه. پر من جو لاڙو جڏهن بري خواهش يا ترشنا بڻجي ٿي ته اهائي بڻجي پوي ٿي دشمن- ويري. تڏهن به ان کي ترپتي نٿي ٿئي. ڇوٽڪارو ڀاڄ کائي وڃي ٿو. ان ڪري جنهن روڳ جو دشمن سان ميل جوڙ هوندو آهي اهو بيشڪ مرتيو- روڳ ثابت ٿيندو آهي.“

اهي ڳالهيون موٽندي وقت ٿي رهيون هيون. مهاشيه پيدل ئي موٽي رهيو هو. ششي غائب هو. گاڏي به ڪانه ملي. لاچار هريندر به سائيڪل جهلي ساڻس گڏ پيدل هلي رهيو هو. ڳالهيون ٻڌڻ ۾ کيس مزو اچي رهيو هو. چپ چاپ ٻڌندو پئي هليو. نظر هيٺ جهڪائي هلي رهيو هو. ڳالهيون ڪڇ مبهم ۽ جذباتي هوندي به بي مزي ڪانه هيون، غير مناسب به نٿي معلوم ٿيون. پر هيترا ورهيه سانده سائنس پڙهي اچڻ کان پوءِ اهو سڀ ڪڇ ڪيئن ٿو مڃي سگهجي؟ پر وري به هو ڳوٺاڻو ٿيو، ننڍپڻ جي سنسڪارن ۾ ان جو هڪ دٻيل- لڪل جهوڻو اندر ۾ آهي، انهيءَ سڪل چشمي جي ڌٻڻ ۾ اڻڄاڻائيءَ ۾ اهي ڳالهيون به خشڪ ٿينديون پئي ويئون- گم ٿينديون پئي ويئون. وري جيون مهاشيه جهڙي بزرگوار ۽ انڀو شخص سان بحث ڪرڻ جو به سندس ارادو ڪونه هو.

جيئن ته هريندر ماٺ ۾ هو، ان ڪري مهاشيه اتساهت ئي ٿيو. چوندو ويو- ”ذرا راڻا پاٺڪ جو ئي سوچ- اپار شڪتي! کيس راڪاس ڪري چئجي. هن جو دشمن بڻيو گهڻو ڪم، سمجهيهءِ، هن جي مٺن پيشابن جو علاج ڪري رهيو آهيان؛ ڪيترا ڀيرا گرمي ٿي چڪي اٿس، مون کيس ڪٽوا اماڻي ڊاڪٽر مڻي بابو وٽ علاج ڪرائڻ جو انتظام ڪيو آهي. هاڻي وري کيس سلهه ٿي پيئي آهي. هن ٻڌايو، هڪ استريءَ کان ڇوُت لڳي ويئي اٿس. ان جو مطب اهو ٿيو ته هن ڄاتو ٿئي ته هن عورت کي سلهه آهي، پوءِ به پاڻ کي روڪي نه سگهيو.“

هينئر هريندر هلڪو کليو.

جيون مهاشيه چوندو ويو- ”توهان ماڻهن ڪونه ڏٺو آهي؛ پر نالو ضرور ٻڌو هوندو، وڏو زبردست (ڀڃينڪ) ڪيرتني. اڙي، اهو ئي سندرداس! سندر نالو، ڪم به سندر؛ ڏسڻ ۾ به سندر ۽ ڳائڻ ۾ به. کيس ڏسي نيڻ ٺري پوندا هئا، من پوتر ٿي پوندو هو. ماڻهو کيس ساڌڪ سڏيندا هئا. منجهس ساڌنا به هئي. نرلوڀي، ڪروڌ هيڻ، شيرين گو، نماڻو، موهه، ايرکا به ڪونه هوس، صرف ڪام هوس. ڪام کي هو ڪونه جيتي سگهيو هو. جيوت جي پوين ڏينهن ۾ هو وحشي ٿي پيو، محتاج به ٿي پيو، ماڻهن چيو، ڪائي ساڌنا ڪندي هن جي هيءَ حالت ٿي ويئي آهي. اسان کي به اهڙو ئي يقين هو. پر جڏهن گرو رنگ لعل وٽ ڊاڪٽري پڙهي رهيو هوس تڏهن هن هڪ ڏيهاڙي ساڳي ڳالهه ڪئي جيڪا هنيئر مان توکي ٻڌائي رهيو هوس. چيائين- جيون تو بلڪل صحيح چيو آهي. مان سندرداس کي ڏسڻ ويو هوس. هو ئي ته تنهن ڏينهن راهه رباني وٺي ويو. پر هن جي ڳالهه برابر ياد ايندي رهي ٿي. هن ويشڻو ڪيرتنيءَ ڀڃينڪ تي ڪڏهن ته غصو به اچي ٿو؛ ڪڏهن ڪڇ، هو نهايت بيوسيءَ جي حالت ۾ روڳ جي دشمنن هٿان مارجي ويو. پاڳل ٿي پيو هو، گرميءَ جي زهر وچان، مٺن پيشابن جي زهر وچان.“

کن ساعت ترسي مهاشيه وري چيو هو- ”هن وپن بابوءَ جي ڪيس کي ئي وٺ. هتي به دشمن جو ساڳيو هٿ آهي. ايرکا به هڪ طرح جي ويري آهي. جنهن کي پنهنجي عزت جو خيال ڪونهي، اهو به ڇا انسان آهي؟ پر اها ماڻهوءَ جي پرورتي جڏهن سندس دشمن بڻجي پوي ٿي ته ڪهڙو نتجيو نڪري ٿو، ڏسي وٽ.“

حيران ٿي هريندر پڇيو هو- ”يعني وپن بابو جي باري ۾ اوهان؟....“ سوال اڌورو ئي رهجي ويس.

”نه. ائين مان نٿو چوان. پر ڏاڍو مشڪل آهي؛ بيحد مشڪل.“

”اڄ ته هو ٺيڪ ئي آهي. مون کي ته ٺيڪ پئي لڳو. هڏڪي بند ٿي ويئي اٿس. سمهيو پيو آهي.“

”ٺيڪ ئي رهي؛ ٺيڪ ٿي به وڃي. پر ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ به هو ٺيڪ رهي نه سگهندو هريندر. وري کٽ جي شرڻ وٺندو. من جو لاڙو جڏهن دشمن بڻجي ٿو پوي، تڏهن ان کي روڪڻ محلا ٿيو پوي.“

”مطلب ته اوهان جو ويچار آهي هن ڀيري هو ٺيڪ ٿي ويندو؟“

”اهو به مان ٻڌائي نٿو سگهان. صرف ٻه ڏينهن ته مونکيس ڏٺو آهي. ان تي به من چنچل آهي. رتن کي ڏسان ٿو، وپن جي نينگر تي نظر پوي ٿي. سمجهي وئين؟ هن نينگر کي ڏسندي ئي، ون وهاري مون کي ياد اچي ويو.“

مهاشيه ڊگهو شوڪارو ڀريو ۽ کلي به پيو. ان بعد امالڪ چيائين: ”ذرا چنڊي مندر هلڻو آهي. هلندين؟ مهنت اڄ موڪلائي رهيو آهي. هلي ڏسي اچانس. اڄ رات جو ئي هو ديولوڪ پڌرابو.“

ان وچ ۾ مهنت کي ٻه ٽي ڀيرا ٻيا دست آيا. هٿ پير ڍلا ٿي ويا اٿس. آڱرين جون ٻنڌيون ٿڌيون ٿي ويئون اٿس، پنبڙيون جهڪي آيون اٿس. ڪنهن گنڀير ڇانيل بار هيٺان دٻجي، رکي رکي منهن کي به گهنجائي ٿو، شايد ڪا پيڙا اٿس، سخت پيڙا!

هريندر چيو: ”اوهان چاهيو ته هڪ سئي هڻان؟“

مهاشيه چيو: ”هڪ ويڄ جي ناتي مان منع ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ڏيڻ چاهين ٿو، ته ڏي انجيڪشن.“

مهنت جي شش روڪيو: ”سئيءَ جي لاءِ بابا جي منع ڪيل آهي. هن بار بار منع ڪئي آهي ته سئي يا ٻئي ڪنهن به قسم جو علاج نه ڪيو وڃي... مونکي مهاشه ٻڌايو آهي ته اڄ ڇوٽڪارو گهرجي. شرير قيدخانو بڻجي ويو آهي.“

شرڌا جي خوشيءَ وچان مهاشيه جو منهن ٻهڪي پيو. هن هريندر جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”ترس.“ هريندر هڪو ٻڪو ٿي مهنت جي وساڻل شري رکي ڏسندو رهيو. هريندر مڪاني ماڻهو آهي. ڊاڪٽري پاس ڪيل آهي، پر ههڙا قصا گهڻا ڀيرا ٻڌا اٿائين. اڄ به ماڻهو آهن، جي سڪرات ويل دوا جون شيشيون هٽائي وات ۾ کير ۽ گنگل جل ڏين ٿا. اڳي جون به انيڪ عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌيون اٿائين. وري به موت جو نظارو جيڪو هينئر هو ڏسي رهيو آهي، اهو هن لاءِ نئون ۽ انوکو آهي.

ٿلهي متاري ڏيل وارو، اڄ هڏائين پڃري جي صورت ۾ ڪوماڻل آهي. ساهه کڄي رهيو آهي. نهايت آهستي. اوچتو ائين ڀاسيو جو ڏاڍي هلڪي نموني ٻئي چپ ڏڪي رهيا آهن.

هن اشاري سان مهاشيه کي ڏيکاريو.

مهاشيه چيو، ايشور جو نالو جپي رهيو آهي. اندر ۾ سوجهرو اٿس. اتيسار وگهي مرڻ تائين روڳين کي گيان رهندوآهي.

هريندر بحث ڪونه ڪيو. بحث جي گنجائش آهي.

مهاشيه چيو: هٿ ڏانهن نهار.

مهنت جون آڱريون ’جاپ‘ جي ’موُڊ’ ۾ هيون.

شش ڀولانٿا اچي چيو، ته مهاشيه جي ٻاهر ڪڍون؟

’ها، ها. ٻاهر ڪڍو. ديهه تياڳي ته ٻنڌڻن ۾ ڇو؟ آڪاش جي هيٺ، ماتا جي آڳنڌ ۾.‘ ٻاهر ماڻهو مڙي ويا. مهاشيه جو نرنيه ٻڌي مهنت صبوح جو ئي شش کي گهرائي تاڪيد ڪئي هئي، ته ”ٻن ٽن ڳوٺن جي ڀڄنيڪن ۽ راڳائين کي سماءُ ڪري ڇڏ. چوائي موڪل ته اڄ مون کي موڪل ملي ويندي. مان چالاڻو ڪندس. توهان پنهنجون ٽوليون وٺي اچي پڌارجو. هري نام ڳايو.. نام ڪيرتن سڻندي سڻندي مان ڪوچ ڪندس. ٻنڌڻ خلاص ٿيندا. سهاور ملي ويندو.“

مهاشيه خود ٻاهر نڪري چيو. ”رام رام. نام- گان ڪريو. جئه گووند!“

مردنگ- باجا- کڙتال وڄڻ لڳا. مهاشيه پاڻ سڀ کان اڳي کڙو ٿي بيٺو. نام جي ٻيڙي گهاٽ تي لڳي آهي، تنهن کي هري نام سان گڏوچ سير ۾ ڇڏي ڏيو.

ڌيري ڌيري ماڻهو مهنت کي کڻي ٻاهر آيا. آڪاش جي هيٺ ديوي ٿان جي چبوتري تي کيس ليٽائي ڇڏيائون. ساهه هنجو تيز کڄڻ لڳو.

هريندر هڪوٻڪو بيٺو رهيو. ڊاڪٽر جي ناتي هينئر کيس موٽي وڃڻو هو. اها کيس سمڪ به ڪانه رهي. هيانءُ ماندو ٿي ويس ”عجيب آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org