سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :3

[3]

زبون ٿيل ’آروگيه -  نڪيتن‘ جي وراندي ۾ هيستائين اٽڪل ڏهه کن روڳي اچي ويٺا هئا، گهڻي ڀاڱي مسلمان، ٽن پيڙهين کان- دين ٻنڌو مهاشيه جي وقت کان وٺي هيءُ خاندان لڳاتار طبابت ڪندو پيو اچي. جيون مهاشيه ٻڍو ٿي ويو آهي. نه چاهه رهيو آهي، نه اتساهه رهيو آهي. ته به اهي ماڻهو کيس ڇڏين نٿا. سندس هڪڙو ئي سڪيلڌو گذاري ويو آهي. پنهنجو اٿاه اڊمسبر نيئي نئون ڊاڪٽري- وگيان آيو آهي. خود هڏائون پڃرو بڻجي ويو آهي، جيون ۾ ڪا شانتي به نه رهي آهي، بعضي بعضي هو سوچيندو، هاڻ ان کي ڇڏي ئي ڏيندس. پر ڇڏيندي ڇڏيندي به ڇڏيو نٿو ٿئيس. اڄ هن طيءِ ڪيو ته هاڻ بس، وڌيڪ بنهه نه، اڄ ئي ان جو انت ڪري ڇڏيندس.

دواخاني ۾ هاڻ دوا ئي ڪانهي. اهو انتظام به هن کڻي ڇڏيو آهي. نسخو لکي ڏيندو آهي. نو گرام جي بي- ڪي- ميڊيڪل سٽورس تان مريضن کي دوا ملندي آهي. ٻن ٽن مهينن ۾ ڪميشن ڪجهه ملي ويندي اٿس.

ٽٽل – ڀڳل جيڪي ٽي الماڙيون رکيون آهن، انهن تي اڄ به حساب ڪتاب جي وَهين جو ڍڳ لڳو پيو آهي. وَهين جي ڳاڙهن جلدن کي اڏوهي چٽي ڇڏيو آهي. اندرين پنن کي به جيوڙن کائي کائي هلندو ڪري ڇڏيو آهي. تڏهن به اهي کرڙا کاتا رکيا ئي آهن. ڊاڪٽر جو در ڀاڳيه سمجهو، گهڻوڪونه لڳو آهي، باهه جو حادثو ڪونه ٿيو آهي. ڪڏهن گند ڪچري جا انبار لڳا پيا آهن. جيون مهاشيه ان طرف ڏسي پيو کلندو آهي. انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه ٽيهه هزار روپين جو باقي حساب وٺجي، ته ليکو لکن ۾ لهي. صرف سندس وقت جي آڌار ئي گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار روپيه ٿيندي.

سندس ڏاڏو دين ٻنڌو دست ان نو گرام ۾ راءِ چوڌري ونشن جي سهاري هيٺ هڪ پاٺشالا هلائيندو هئو. هنن جي ديوتر جائداد جون وهيون به لکندو هئو، ڪجهه ڍل اڳاڙڻ جو به ڪم ڪندو هو. ڪي راج شرومڻي ڪرشڻ داس ين هن وٽ ئي علاج ڪرڻ ايندو هو. دين ٻنڌو دت کي هن پنهنجو شاگرد بڻايو هو. راءِ چوڌري خاندان جي وڏي بابوءَ جي سڪيلڌي پٽ کي دماغي تپ ٿي پيو هو. سڀني سندس بچڻ جي اميد لاهي ڇڏي هئي. ماءُ غم وچان کٽ ورتي هئي. پيءُ بي سڌ ٻڌ ويٺو رهندو هو ۽ جوان پتنيءَ جي اکين مان گنگا جي ڌارا جاري هئي. مگر ڪوي راج جي نااميد ڪونه ٿيو. هن چيو هو ته هڪ آدمي گهرجي اورچ- اڻ ٿڪ محنتي شيوا ٽهل ڪرڻ واسطي. پوءِ مان واعدو ٿو ڪريان ته بيماري ڏينهن چاهي ڪيترا به وٺي، پر بيمار چاق چڱو ڀلو ٿي اٿندو. ۽ شيوا جي لاءِ تيار ٿيو دين بنڌو دت. سانده اٺيتاليهه ڏينهن پڄاڻان بخار ٽٽو. ڪويراج جيءَ دين ٻنڌوءَ کي چيو ته توکي اڃا موڪل ڪانه ملندي- اڃا گهٽ ۾ گهٽ ٻيا به چوويهه ڏينهن توکي شيوا ڪرڻي پوندي. اهڙي ئي وقت ۾ شيوا ڪرڻ بيحد ڏکي ٿيندي آهي. سنيهه- پيار جي انڌ وچان سڳا سنٻنڌي ۽ مٽ مائٽ سڪ واري شيوا جي نالي تي بيمار کي هاڃي پهچائي وجهندا آهن. هو بيمار کي گهڻو بڪ بڪ ڪرڻ ڏيندا آهن ۽ جيڪي سو کائڻ پيئڻ لاءِ به ڏيندا آهن. اهڙي وقت توکي سخت چوڪسي رکڻي پوندي.. دين ٻنڌو ان ڪاريه کي وڏي مستعديءَ سان نباهيو هئو.

پٽ جي تندرست ٿيڻ تي وڏي بابوءَ کيس انعام ڏيڻ چاهيو هئو. پردين ٻنڌو سئيڪار نه ڪيو. ڪرشڻ داس ڪويراج چيو ته انعام توکي مان ڏيندس. نامنظور نه ڪجه. توکي لامحدود صبر ۽ ڌيرج آهي. تنهنجي سمجهه به سليم آهي ۽ توکي لوڀ لالچ ڇيهو به ڪونهي. تون مون کان طبابت جو ڪم سک.

سو طبابت سکي ڪري هوان ئي ننڍڙي شانت ڳوٺ ۾ وسي ويو. نوگرام ۾ ڪين رهيو، ان ڪري جو اتي هو براهمڻن جي هڪ هٽي هئي، تنهنڪري لڙائي جهڳڙو لڳو ئي رهي ها. وري جيئن ته اتي بازار به ويجهي ئي هئي، ان ڪري شور و غل به ٿئي ها. هن انهن کٽراڳن کان پري رهڻ ٿي چاهيو ٿي. چوندو هو ته ديوتا پرسن ته سولائي سان نٿا ٿين، پر ناراض ڏاڍو جلدي ٿين ٿا. صرف معمولي غلطيءَ لاءِ سڄي حياتيءَ جي شيوا کي وساري وهن ٿا ۽ بازار وڻجارن جي رهڻ جي جڳهه آهي. اتي چنتن جو وجهه ڪٿان؟

دين ٻنڌو دت کي ئي مهاشيه جي اُپاڌي ملي هئي. بنا ڪناريءَ واري ڌوتي ٻڌندو، پيرن ۾ چمپل، اگهاڙي بدن ڳوٺ ڳوٺ بيمار ڏسڻ ويندو هو. علائقي جو هڪ هڪ ٻار کيس سڃاڻندو هو. هو سڏي سندن علاج ڪندو هو. سڀني کي ماکي کارائيندو هو. دٻن ۾ ماکي ڀريل رهندي هئي. ساڌن سنتن سان اٿاهه پريم هوس. ساڌن جي شيوا چاڪري ڪري هن عجيب ۽ حيرت انگيز جڙين ٻوٽين جا نسخا ۽ ٽوٽڪا سنگرهه ڪري رکيا هئا. کيس ڪيترن ٺوڳين ۽ ڍونگي ساڌن کان پاڻ ٺڳائڻو پيو هو، پر ان کان کيس شڪايت دانهن نه هئي ۽ نڪو پڇتاءُ، ڪوئي چريو ڪري کيس چوندو ته تون ٺڳجي وئين ته چوندو هو ته هن مون کي ٺڳيو آهي، مون هن کي ڪونه ٺڳيو. ان ۾ مون لاءِ دک ۽ ارمان جو ڪو ڪارڻ ڪونهي. رڳو ساڌو- سنياسي ئي ڇو، الائي ڪيترائي نٽ، فقير، ٻاوا، گڻي وغيره، تن کان به هن سندن وديا سکي پرائي هئي.

سندس پٽ جڳ ٻنڌو به لائق فرزند هو. هن به پتا کان اهي سموريون وديائون سکيون هيون. مرڻ وقت دين ٻنڌو مهاشيه پنهنجي پٽ کي چوندو ويو ته زندگيءَ ۾ سمر ته خاص ڪجهه ڪٺو ڪري ڪين سگهيس، پر اوچ مقصد ڇڏي وڃان ٿو اهو اوچ مقصد بچائي رکج. لوڪ- پرلوڪ ٻئي سڌري ويندءِ.

جڳ ٻنڌو مهاشيه پنهنجي پتا جي ان هدايت جي اکر به اکر پيروي ڪئي هئي. ماڻهو هن کي به جڳت مهاشيه چوندا هئا. پتا مهاشيه پڻي جي جيڪا پونجي ڪمائي ويو هو، هن نه رڳو تنهنجي حفاظت ڪئي، بلڪ ان کي وڌيڪ ٻيڻو چمڪايو هن سنسڪرت سکي هئي ۽ آيور ويدڪ جو اڀياس ڪيو هو. پاروليا جي وئديه پيٺ جو شاگرد هو. علاج ڪندڙ جي لحاظ کان آيورويدڪ ۾ جهڙو ڀڙ هئو، اهڙو ئي نرلوڀي ۽ بيمارن ڏانهن مهربان ۽ عزيز هو. وري منش جي ناتي جهڙي هن ۾ مريادا جي ڄاڻ هئي، تهڙو ئي سٻاجهو هئو سندس ساءُ. سڀاءُ جي اها مڌرتا سندس مٺين ٻولين مان، سوکي رس گيان ۽ سهڻن چرچن مان پئي بکندي هئي. هنجي خوشمزاجيءَ جي يادگيرين هتان جي رهواسين جي اڻ لکيل برزبان رس شاستر جي اتهاس ۾ ڪي اڌياءَ- باب ڳنڍي ڇڏيا آهن. کلمک سڀاءُ جي خاصيت جو اهو ڪمال هو جو هن ۾ ڪوڙاڻ جي بوءِ ئي ڪانه هئي. ماڻهو هن جي ميٺاج مان اشنان ڪري تازا توانا ٿيندا هئا.

نوگرام کان ڳاڙهي سڻڪ هن ڳوٺ تائين آئي آهي ۽ هن پار جي ڏورانهين وسيع ميدان جي ڇاتيءَ کي چيريندي هلي ويئي آهي. ان جو ذڪر ايندي ئي ماڻهن کي جڳت مهاشيه جي ياد ايندي آهي. هنجي خوشمزاجي واري ڳالهه تي ماڻهن جو من ڀرجي ايندو هو ۽ ٽهڪڙن ۾ اچي پوندا هئا.

پنجيتاليهه سال اڳي جي ڳالهه آهي. تڏهن هن ڳوٺ جي ان سڻڪ جو صرف هڪڙو روپ ئي رهيو هو. مندر به هو. حالت به رهي هئي چئجي ڪري، ليڪن ڪائي بناوت ڪانه هئي. اتاهين لاهي، کڙ کٻڙ هئي. مينهوڳي ۾ ته ڇاتيءَ تائين گپ چڪ ٿي ويندي هئي. ان ڌٻڻ جي اڄ ڪوئي ڪلپنا به نه ڪري سگهندو. اهو ته جت مهاشيه جي خوشمزاجيءَ مان ئي سمجهي سگهبو.

ديوي پور جي جهونين کاهين خندقن جي باري ۾ اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڪنهن به سن رسيده کان پڇي ڏسندا، يڪدم اوهانکي ٻڌائيندو ته ”چور- پڪڙي“ يعني ان گپ م پيو ته چور جو ڇوٽڪارو ڪونهي. ”گئو ماري ناله“ ان نالي جي ڌٻڻ ۾ برج نائيءَ جي گانءِ ڦاسجي مري ويئي هئي. جتي ان ڳالهه جي ياد آئي ته ماڻهو کلي کلي بيحال ٿيندا. کل بنا رهن به ڪيئن؟ اوهان ئي سوچي ڏسو ذرا، برج جي مئي گانءِ، مگر گانءِ جي مرڻ سان وڏي مصيبت اها اچي پيئي ته پرائشچت لاءِ هن جو مٿو ڪير ڪوڙائي؟ حجم ته هو خود ئي هئو، پاڪي به هئي هن وٽ، پر پاڪي هلائي ڪير؟ اڄ وانگر تن ڏينهن سڀني کي پاڪي هلائڻ ٿورو ئي ايندي هئي! ٻيو ته جيڪڏهن اچي به کڻي ته به پنهنجو مٿو پاڻ ڪوڙڻ ته هرگز نٿي ٿي سگهيو! ڪويراج ٿيو. ڪيترائي ڀيرا مريض جا مٿا کيس ڪوڙڻا پوندا هئا. اهڙن مريضن کي هو حجم جي ڀروسي ڪين ڇڏيندو هو. تنهن ڏينهن برج جي مٿي کي کاٻي هٿ سان پڪڙي کل ۾ اچي ڇٽڪيو هو ۽ وار بڻائيندي کلي ڪري ئي چيو هئائين ته ڪيئن برج چڪايان بدلو؟

جي! برج اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت! بدلو؟ ڇا جو بدلو؟

- حجامت ڪندي ڪيترائي ڀيرا تو رت ڪڍيو آهي.اڄ منهنجو وارو آهي بدلو چڪايان؟

خير. ان رستي جو سڌارو به هن يعني جيون مهاشيه ڪيو. ڪاٺ جي تختيءَ تي جو نالو لکي ٽنگيل آهي، اهو به سندس ئي ڪرايل آهي. جڳ ٻنڌو مهاشيه ڪويراج (ويڄ) هو. جيونمهاشيه ڊاڪٽر – ڪويراج ٻئي آهي. تن ڏينهن گهر گهر ۾ هڪ چوڻي مشهور ٿي ويئي ته جڳت کائيندين، ڪين جيون کائيندين؟ ڪوئي بيمار ٿي پوي ته گهر جا ڀاتي مريض کان پڇندا هئا ته جڳت کائيندين ڪين جيون کائيندين؟ مطلب اهو ته ڊاڪٽري دوا کائيندين- جيون ڊاڪٽر کي گهرايان؟ يا ڪويراج جي دوا کائيندين، جڳٻنڌو ڪويراج کي گهرايان؟

هاڻي اڄڪلهه ماڻهن هميشه جي لاءِ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏي!

- مهاشيه بابوُ جي!

چوٽ کاڌل جيون مهاشيه چپ چاپ ٿي اچي ويٺو، وري ڪاٽر  نگاهن سان ٻاهر جي طرف نهاريندو رهيو. بس، اڄ کان قصو ختم! خاندان جي ’مهاشيه‘ لقب ۽ طبابت جي ڪم جو اڄ کان ئي انت ٿي وڃي!

ايتري ۾ شيخ ٽولي جو ٻڍو مقبول دروازي ڀرسان اچي ويهي رهيو. سڏيائين- مهاشيه بابو جي؟

جيونمهاشيه جي ڇاتيءَ اندران ازخود ٿڌو ڊگهو شوڪارو ٻاهر نڪتو. ڪير؟ هن مقبول ڏانهن ڪنڌ موڙي غور سان ڏٺو.

مقبول چيو ته ذرا نبض ڏسو بابوُ جي! هن ٻڍاپي ۾ ڏاڍي تڪيلف سهي رهيو آهيان. سڄي بدن ۾ سور ۽ هلڪو تپ آهي. هلڻ جي تياري آهي. اهو آئون ڄاڻان ٿو، مگر هيءَ تڪليف ته هاڻ سٺي نٿي وڃي. ڪوئي اپاءُ ڪريو.

ڪنڌ ڌوڻي مهاشيه چيو- هاڻ مون وٽ نه ايندو ڪر مقبول. هاڻ مان علاج نه ڪندس. هاڻ گهڻو ئي بهتر نموني جو علاج نڪري چڪو آهي. اسپتالون کلي ويئون آهن، نوان ڊاڪٽر اچي ويا آهن. تون اوڏانهن ئي وڃ.

مقبول سناٽي ۾ اچي ويو. ائين جيون مهاشيه چئي رهيو آهي! دين مهاشيه جو پوٽو، جڳت مهاشيه جو پٽ جيون مهاشيه ائين چئي رهيو آهي؟ جنهن جي نبض تي هٿ رکڻ سان مقبول کي محسوس ٿيندو آهي ته اڌ بيماري غائب ٿي ويئي آهي، هن جي منهن مان اهڙي ڳالهه!

 هن جي چهري جي طرف تڪيندي  ڦڪي مرڪ کلندي ڊاڪٽر کيس سمجهايو- مونکي هاڻ ڪجهه نٿو اچي مقبول! وري عمر به ماتا کائي مٿي چڙهي آهي، غلطي به ٿي سگهي ٿي....

- اڙي ڀائي ڊاڪٽر، تون علاج ڪرڻ ڇڏي ڏيندين ته اسان ماڻهن جو ڇا حال ٿيندو؟ اسان ڪيڏانهن وينداسون؟ هاڻ رهڻ ڏي، نبض ڏسي موڪل ڏي ويچارن ماڻهن کي. غلطي ٿيندي آهي، غلطي جيڪڏهن ٿيندي ته مڃڻو پوندو ته پنهنجي قسمت ۾ ڪاڻ آهي! نئون علاج، نوان ڊاڪٽر، وراٽ واپار. ان لاءِ نه اسان ماڻهن ۾ سمرٿي آهي نه هنن تي ڪو وشواس ئي آهي- ڪامديو پور جي دانتو گهوشال چيو، ويچارو وڏي ڪشٽ سان ايترو ڪجهه چئي سگهيو.

يڪساهي ايترو ڳالهائي وڃڻ کان پوءِ هو زور زور سان کنگهڻ لڳو ۽ کنگهندو رهيو. کنگهه جي زور تي هڏائون پڃرو ڪنڀار جي ٽٽل ڌمڻيءَ جيان سهڪڻ لڳو. ائين ڀاسيو، الائي ڪڏهن هن جو ساهه اٽڪي پوي ۽ هو اتي ئي ڍيري ٿي زمين تي پوي. ڊاڪٽر هڪ پنکي جي ڳولها ۾ چوڌاري نظر ڊوڙائي، يا ڪابه اهڙي چيز ملي، جنهن سان هن کي هوا ڪري سگهجي. دانتو جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا ڳرڻ لڳا. پر ڊاڪٽر کي اهڙي ڪابه چيز ڏسڻ ۾ نه آئي. ڪمبخت نندوءَ جي ڪري ڪا چيز رهي به سگهي! شيشي بوتل کان وٺي منيم گلاس، ملم ٺاهڻ جو سرو سامان، ٿرماميٽر جو باڪس ايتريقدر جو نڪي سٽيٿڪوپ جي رٻڙ جون نليون به سميٽي ويو آهي، جڏهن ڪجهه نظر نه چڙهيس ته اٿي ڪري ڊاڪٽر پراڻي ڪٻٽ مان حساب جي هڪ وهي ڪڍي، جنهن وهيءَ ۾ لک روپيه جو حساب هو؛ ان جو جلد ڦاڙي هو دانتوءَ کي جهلي ڪرڻ لڳو. جيڪي بيمار ويٺا هئا، انهن مان هڪ کي چيائين- ذرا اندران هڪ گلاس پاڻي کڻي اچ. جلدي!

ٻڍي دانتو گهوشال جي سڄي حياتي ان ريت گذري. هو جهڙو نڀاڳو آهي، تهڙو ئي لوڀي؛ سڄي عمر وات جي چشڪي لاءِ سڄي دنيا گهمي ڪري کائيندو ڦريو؛ پر ان مان سندس لوڀ ته ڪونه ڀريو، البت روڳ وڌيو. صحت جي بدران سندس شرير جو ناش ٿيو. مٿان وري گانجي پيئڻ جي عادت. ڪڏهن هو انڪري گانجو پيئندو هو ته بک وڌندي. دم لڳائي کائڻ ڪوئي ويهي ته هاضمو شايد بئلون- وانگر ڦونڊجي ٿو پوي، وڌيڪ کاڌو کائي سگهجي ٿو. رڳو ڊاڪٽر وٽ ئي هڪ دفعي نوتي تي دانتوءَ ٽوڪري کن اناج جون شيون چٽ ڪري ڇڏيون هيون. ان جي مٿان جڏهن مٺائي آئي ته هن پورن ستيتاليهه رس گلن جي خبر ورتي. ڄيٺ جي مهيني ۾ هڪ سڄي جو سڄو ڪدو کائي هو ڪيترائي ڀيرا بستري تي ليٽيو- تڙڦندو رهيو آهي، چئي نٿو سگهجي! چار- چار ڀيرا ڪالرا ٿيڻ کان بچي ويو. مگر جيڪي به ٿئي، لوڀ ڇڏيو نه ٿيو- بدهضميءَ کان هاڻ دم جو شڪار آهي. ان جي مٿان نشي جي چاٽ. گانجي جا دم ڀري جڏهن ناريل کڻي ڪري پيئڻ ويهندو آهي؛ پيئندو ويندو آهي ۽ کنگهندو به ويندو آهي! کنگهندي کنگهندي دم اڀامڻ لڳندو اٿس. هفتي ۾ ٻه ڏيهاڙا ڊاڪٽر وٽ حاضري لڳائي ايندو آهي- ڊاڪٽر، ڪائي دوا ڏي. هاڻي سهڻ نٿو ٿئي.

دانتوءَ کي دوا سٺي گهرجي، مگر دام نه لڳي- مفت! دانتو جيون مهاشيه جو هم- ڪلاسي رهيو آهي ننڍپڻ ۾. پاٺشالا ۾گڏ پڙهيو آهي. ڪيترن چڱن- برن ڪمن ۾ ساٿ ڏيندو رهيو آهي، ان ناتي هن جي علاج ۽ دوا جي کيس بي روڪ دعويٰ آهي. وري يجمان- ورت واري ڪندڙ براهمڻ ٿيو گهوشال! غلط سلط منتر پڙهي- پڙهي پوڄا ڪرائيندو آهي. ان ناتي به هن جو حق آهي. انگريزي ڊاڪٽر ته هن جي ان حق کي نٿو مڃي. هو ته نٿو به مڃي سگهي، مگر جيون ڇو ڪونه مڃيندو؟ ين ٻنڌو مهاشيه، جي وقت کان ئي هو ان جو حقدار رهيو آهي، هاڻي ڪيئن ڇڏي ڏي، ڇو ڇڏي ڏي؟ مگر دانتوءَ ۾ گڻ به آهي. ڳوٺ ۾ ڪٿي به ڪو اتسو هجي، اهڙي گهران ڪنهن جي به واتان نياپو موڪلي ڏيو، دانتو حاضر آهي. رات- ڏينهن ڪم ۾ جنبي ويندو، سڀ ڪري- ڪرائي ڀوڄن ڪري، تڏهن واپس. دکشڻا ڏيوس، نه ڏيوس، دانتو کي ڪوبه عذر ناهي. هڪ ٻه پڙيون گانجو سو ملي وڃيس،نهال ٿي ويندو ويچارو! مردو کڻڻ ۾ ته جهڙس ڪو ڪانڌي ڪونه ملندو! ان لحاظ کان هو سڄي علائقي جو سڄڻ آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي! اتسو جي موقعي تي به هوندو آهي، پر مساڻ ڏانهن ڪانڌي ٿي هلڻ لاءِ هردم تيار آهي ۽ راجا جي دروازي ۾ به حاضر آهي. مقدمن ۾ ته هو پيشه ور گواهه آهي.

سالم ٿيڻ ۾ دانتو کي چڱو ئي وقت لڳي ويو. هن اوَ- اوَن- کوُن – کوَن ڪري ٻه – ٽي ڀيرا اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي۽ پڇاڙيءَ ۾ زور – زور سان ٻه – ٽي ڀيرا اوڳاڙي ڊگهو ساهه کينچي چيائين- آهه، جان بچي! ان کانپوءِ وري چيائين- نه ٿئي ته تون باقي ماڻهن جي نبض ڏس ڊاڪٽر، آئون تيسين ساهه پٽي وٺان.

وجهه وٺي سڀ کان اول مقبول ئي پنهنجي ڪرائي اڳيان ڪئي. ڊاڪٽر نبض پڪڙي. هڪ عجيب مشڪ وچان سندس چهرو ٽڙي پيو. نيٺ اپاءُ ڪهڙو آهي؟ پاڻ ڇڏڻ به چاهي ته به هيءُ ماڻهو کيس ڇڏڻ وارا ڪونهن- هيءُ مقبول وغيره! نئي علاج کان کين ڊپ ٿئي ٿو. ان کي هنڊائڻ جي هنن ۾ سمرٿي ڪانهي، من جي به ڪانهي ته مالي حالت جي به ڪانهي. مقبول جي بناوٽ به عجيب آهي. هڪ گرين ڪئنين کائي ته پگهر جي شل ٿي پوي ۽ پڇاڙيءَ ۾ نبض ڇٽڻ جي نوبت. هو انگريزي دوا کان ائين ٿو ڊڄي ڄڻڪ زهر هجي. ”ڊاڪٽر هڪ – هڪ ڪري سڀني مريضن کي ڏٺو، کين علاج ٻڌايو، پڇاڙيءَ ۾ دانتوءَ کي ڏٺائين.

گهوشال جي حالت ايتري ئي دير ۾ ڪافي سڌري ويئي. هن ڊاڪٽر جي طرف پنهنجو هٿ وڌائي ڏنو. ڊاڪٽر چيو- تنهنجو هٿ ڏسي ڪري ٿيندو به ڇا دانتو؟ تنهنجي بيماري چڱي ٿيڻ وٽان نه آهي! تنهنجي اصلي بيماري ته تنهنجو لوڀ آهي ۽ هيءُ ڪمبخت لوڀ دوا سان ته نٿو وڃي سگهي. مٿان وري توکي آهي نشي جي علت ههڙيءَ حالت ۾ به تون صبوح مرداني، گانجو پي ڪري آيو آهين. دانتو شرمندو نه ٿيو. هن سڀويڪ نوع ۾ ئي وراڻيو هيءُ گانجي جو نتيجو نه آهي جيون؛ آهي ٻيڙيءَ جو!  ٻيڙي، چوچيءَ لڳي ٻيڙيءَ جي ئي سموري خرافات آهي. تنهنجي ورانڊي ۾ اڃا اچي ويٺيس ئي مس، ته نالو ڇا اٿس طائر شيخ ٻيڙي پيئندو ڏسڻ ۾ آيو. ٻاڙ اچي لڳي ٻيڙيءَ جي. هن کان ئي هڪ ٻيڙي ورتم. هڪ ڪش لڳايم ۽ سمجهه ته ساهه ئي ڀرجي ويو. وري يڪساهيءَ ۾ توکي هيتريون ڳالهيون چئي ويس. چئي ويس ته سمجهه کڻي اوچتو....“

دانتوءَ پنهنجا ٻيئي هٿ لوڏيا- هٿ لوڏ ڪري ئي ٻڌايائين ته اوچتو بيماري وڌي ويئي. ان ۾ سندس ڪهڙو قصور؟ هڪ بيقصور جيئان هڪ ڊگهو شوڪارو ڀريندي چيائين- هيءُ سڀ گرهن جو ڦير آهي، سمجهيئيه؟ خير! ڪجهه به هجي، ڪائي اهڙي دواڏي جو هيءُ دم جو سهڪڻ ۽ کنگهه گهٽ ٿي وڃي. صبوح سانجهيءَ چانهه سان  سِجهائي ٻه چهريون ڪوڪيون کائي رهيو آهيان، پوءِ به ڪوئي نتيجو ڪونهي.

ڊاڪٽر چيو- گاجو ۽ تماڪ پيئڻ ڇڏي ڏيڻو پوندءِ. ٻين وٽ جو کائيندو ٿو وتين، سو به بند. صرف سبزيءَ جو شروو ۽ چانور. بس. نه ته دوا مان ڪجهه نه ورڻو اٿئه ۽ مان اهڙي حالت ۾ دوا ڏيندس به ڪونه توکي.

- ته هڪ ڀيرو چڱيءَ طرح منهنجي نبض ڏسي وٺ- دانتوءَ ڪرائي اڳيان وڌائي- ڏس، ڏسي ڪري ٻڌاءِ ته مان مرندس ڪڏهن. فتويٰ ڏيئي ڇڏ. ان ۾ ته تون آڪاش واڻي جيئان سِڌ آهين. چئي ڏي. ٻڌءِ، هن لوهار ٻڍڙيءَ کي تو آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. گنگا تيرٿ ڪرڻ جي به صلاح ڏني اٿئه. مون کي ٻڌاءِ

ڊاڪٽر ڇرڪي ويو. صبح واري ڳالهه اچانڪ دماغ ۾ ڦري ويس. ذرا بيچين ٿي پر سنڀالي ويٺو. چي- ترس دانو، ترس.

تڪڙ تڪڙ ۾ هن ڪاغذ جو ٽڪرو کنيو، نسخو لکيائين ۽ دانتوءَ کي ڏيندي چيائين- وٺ. جڙي ٻوٽي آهي، پساريءَ جي دوڪان تان صرف ٻه ٽي شيون خريد ڪري وٺج ۽ انهن کي تيار ڪري کائج.

ڊاڪٽر اٿي کڙو ٿيو. ڪرسي کسڪائي ورتائين ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. اَمرڪنڊيءَ وارو پراڻ خان ٻاهر بيٺو هئو. هن سلام ڪيو. ٻاهر ڇپر واري گاڏي بيٺي هئي. پراڻ جي ٽين زال مدت کان بيمار آهي. ڇهن مهينن کان هوءَ کٽ داخل آهي. هن هڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو هو ۽ تڏهانڪر بستري تي جهولي رهي آهي. هفتي ۾ ٻه ڀيرا پراڻ ڊاڪٽر کي وٺي ويندو آهي. اڄ به وڃڻ جو وارو آهي. وڃڻو پوندو. خان هڪ آسودو ڪڙمي آهي. ڊاڪٽر کي في برابر ڏيندو آهي هو کلي پيو. اوچتو هڪ ڳالهه ياد اچي ويس. مفت علاج ڪرائڻ وارن روڳين کي جڏهن هن اهو چيو ته هينئر کان مان علاج نه ڪندس، تڏهن هو ان ڳالهه کي قطعي وساري ويٺو ته نيٺ به گذران ڪيئن ٿيندو؟ جيئڻو ته پوندو ئي. ڪڇ به نه رهيو نه آهي پلئه. وري رڳو پاڻ ئي ته ڪونهي، استري آهي. اها به اهڙي استري جيڪا کميا جو نالو نٿي ڄاڻي.

پراڻ پڇيو- دير لڳندي اڃا؟

- نه؛ دير ڇا جي؟ ڊاڪٽر قدم وڌايو، هل.

پراڻ هيڏي- هوڏي ذرا نهاريو ۽ چيو- اوهان گاڏيءَ تي سوار ٿيو، مان پيدل ئي هلان ٿو. وک کڻي ٿو اچي جهليان گاڏيءَ کي- آڳو پيڇو ڪري چيائين- ٿوري سبزي کڻي آيو هوس. نندو اندر کڻي ويو آهي. ٽو ڪري کڻي اچي.

پراڻ پراڻي زماني جو ماڻهو آهي، سنيهه جي قيمت اڄ به چڪائي ٿو. جڏهن- تڏهن کيت جو اناج، تلاو جون مڇيون ڊاڪٽر ڏانهن موڪليندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن خود به پهچي ويندو آهي. جڏهن کان زال بيمار پيئي اٿس، سوغات موڪلڻ ذرا وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر تي هن کي ڪامل اعتقاد آهي. نئي جديد علاج تي وشواس هجي چاهي نه هجي، جوان ڊاڪٽرن تي هن کي اعتبار نٿو اچي. ٽين زال- جوان، خوبصورت به آهي، مٿان وري پراڻ کي آهي شڪ جي بيماري. بيبيءَ کي بچائڻ ڪاڻ هو آتو آهي، کيس چاهي جيڪي ٿئي پرواهه ناهي، مگر هن جو آبرو وڃائي بچڻ کان مري وڃڻ بهتر سمجهي ٿو. جيون مهاشيه جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي. مٿو اڇو ٿي ويو اٿس، اکين ۾ پتا جهڙي نظر- سروپا. هو آدمي سياري جي گنگاندي جي پاڻيءَ جهڙي نرمل آهي!

گاڏي هوريان – هوريان رواني ٿي.

پراڻ جهڙن ٻن- چئن دامي گراڪن جي هوئڻ سبب ئي جيون مهاشيه اٽي – دال جي ڳڻتيءَ کان آجو رهندو هو. برسات ۾ چانورن جي ڪمي ٿي پوي. ته هيءُ سڄڻ چانور به پهچائي ويندا هئس. ڊاڪٽر جي ڪابه کوٽ معلوم ٿيندي ته پورت ڪري وڃن ٿا. وري به ڊاڪٽر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.

وٽس ڇا نه هو؟

گاڏي کيتن وٽ اچي پهتي. چوڌاري ڀلن فصلي کيتن تي ازخود نگاهه پئجي ٿي وئي. انهن کيتن مان گهڻي ڀاڱي مهاشيه پريوار جا ئي هئا. پنجا جو هو شاهي تلاءُ، گهوش جو هو بينچو! صرف کيت ۽ تلاءَ ئي ڇو، هن جي پتا جڳهه ٻنڌو مهاشيه هن ڳوٺ جو به ٿورو حصو خريد ڪيو هو. ڪافي ملهه ڏيئي هن هڪ آلو حصو ٻُڌو هئو.

گاڏيءَ جي اندر ويهندي ويهندي کيس ڪشور اوسٿا جي يادگيري آئي.

نوگرام مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هئو. اسڪول ۾ اهو سندس آخرين سال هو. تن ڏينهن زميندار ٿيڻ جو رعب ئي ٻيو هئو. انهن ڏينهن ۾ جنهن به زمينداري خريدي، ان جو مزاج بدليو. زميندار ٿيندي ئي ماڻهو سمجهندا هئا ته هاڻ اسان وٽ لڪشمي قيد ٿي ويئي. ياترا منڊلي جي اڌڪاري ڪنٺ مهاشيه جو گيت مشهور هو- ان جو ارٿ هو، ”اول زمينداري خريد ڪريو، وري پڪ سرو مڪان بڻايو.“ سندس ئي هڪ رشتيدار، گهوش گرام جو راڌا ڪرشڻ متر نو گرام جي ان اسڪول ۾ پڙهندو هو. اسڪول جي سنٿاپڪ ان ڳوٺ جي معزز زميندار جي ڀاءُ سان هن جي شرط هلندي هئي. پڙهڻ لکڻ جي شرط نه، زميندار خاندان جي هوئڻ جي شرط. جڏهن- تڏهن جهڳڙو- جهڙپ ٿي ويندي هئي ۽ هر ڀيري ان جي شروعات راڌا ڪرشڻ کان ٿيندي. هو چوندو هو- هي اِز اي زميندار س سن، آءِ ايم آلسو اي زميندارس سن[1] اڃا تائين جهڙپ ئي ٿيندي آهي، وڏي هوندي دنگي فساد جي نوبت ايندي.

جڳه ٻنڌو مهاشيه جي زمينداري خريد ڪرڻ کان پوءِ جيون مهاشيه جي من ۾ به اهو اپاءُ ٿورو- گهڻو جاڳيو هو. ماڻهن هم ڪلاسين چيس؛ ”پادو هاڻي فرضي ٿي ويو آهي. هوشيار!“

پنهنجي ڪشور اوسٿا جي روپ جي ياد آيس. روپ، جيڪو روپ ڪومل، نازڪ ۽ صاف ٿيندو آهي، اهو سندس ڪڏهن ڪونه ٿيو هو، مگر روپ هوس. ٻلوان جانٺو قدم، گول چهرو، چمڪندڙ اکيون ۽ بيخوف، سانورو رنگ، خوفناڪ ڳڀرو. ڪٻٽي راند ۾ ڊو- ڊو ڪري جڏهن هو ڌوڪي پوندو هو، ته مقابلي واري ڌر جا جوان وڌيڪ پوئتي هٽي قلع بندي ڪندا هئا. ڄڻڪ ڪو وڏو رانديگر ڪاهي پيو اچي!

هڪ چڪر ڪاٽي موٽڻ جي بهاني وچ واري ليڪي تائين اچي وري بون- بون ڪري حملو ڪندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن کي مات ڏيئي واپس ورندو.

گهر جي پٺيان ئي آکاڙو هئو. شرير کي رشٽ پشٽ بنائڻ لاءِ لنگوٽ چاڙهي ملائم مٽيءَ تي پڇاڙ کائيندو رهندو هو. وري مدگر ڦيرائڻ، جي اڄ به پيا آهن.

سر تي جڳهه ٻنڌو مهاشيه سوار نه هجيس ها ته جيون خونخوار ٿي پوي ها. مگر جڳهه ٻنڌو مهاشيه جو چت ڪڏهن به چلاتما نه ٿيو. هن جي لاءِ خانداني روايت پٽاندڙ اوچ مقصد ئي سڀ کان وڏي چيز هئي. هن ڪوڙي شان جي موهه وچان زمينداري ڪانه ڳڌي هئي. ان تي به کيس ڪوئي موهه به نه هو. زمينداري جي ڪوڙي شان جي گرمي کان راحت ماڻڻ لاءِ ئي هن زمينداري خريدي هئي. زمينداري خريد ڪرڻ وارن ڏينهن جي هڪ ڳالهه ياد آيس.

جڳهه ٻنڌو مهاشيه جي متر گماشتا ٺاڪرداس مصر، جنهن ’آروگيه نڪتين‘ جي ڀت تي لکيو هو:

”لاڀا نانگ شرييه آروگيه۾،“ هن کي شليش کان پڇيو ئو، يعني تون زميندار ٿي ويئي! اُديش کان وسيه نيٺ وڏو ٿي رهيو. هيستائين ماڻهو مهاشيه چئي آڌر ڀاءُ ڪندا هئا، هاڻي ته ماڻهو جهڪي ڪري سلام ڪندا. ’زميندار صاحب‘ چئي ڪري! يا ’بابو مهاشيه‘ چئي ڪري‘ ڳالهه جي پيڙا ۽ تندرستيءَ جو لطف ٺاڪرداس هڪوار وساري چڪو هئو. ڏينهن به ٿي چڪا هئا.

جڳه ٻنڌو چيو هئو- ڀائي، ڍال۽ تلوار ٻئي هٿيار آهن. جنهن کي انهن مان هڪ به آهي، اهو جوڌو آهي. ليڪن تلوار جي بدران ان جي وار کان سر بچائڻ خاطر جيڪي رڳو ڍال رکن ٿا، تن ۾ ۽ تلوار باز ۾ فرق آهي. آهي يا ناهي فرق، تون ئي ٻڌاءِ. ڀائي مصر، هيءَ ته صرف ڍال آهي منهنجي، ڍال. هتان جي تلوار باز زميندار جي تيز ۽ بي قابو تلوار جي قهر کان اديش جو سر بچائڻ مشڪل ٿي پيو هئو. ان ڪري هٿيار هوندي به ڍال جي شرڻ وٺڻي پيئي. توکي کولي ڪري سڀ ٻڌايان، هتان جي زميندار کان عزت بچائڻ وئل ٿي پيو آهي. جڏهن ڏسو، لڙڻ جي لاءِ تيار. نوگرام جي راءِ چوڌري پريوار جي تلوار ڀڄي پيئي آهي، هو ان جي هتيئي جي وار سان هاڻ ماڻهو جا مٿا ڦوڙڻ چاهي ٿو. نئون زميندار برجلعل بابوُ، ڳوٺ جي اَٺ آنن جو مالڪ آهي. هن جي تلوار اڃا تائين تيز آهي. گذريل ڇهن مهينن کان سوچي رهيو آهيان، وٽن ڪو بيمار پوي ٿو ته ڪوٺ چپراسيءَ جي معرفت اچي ٿي. سلام بيشڪ بجا آڻنيدو آهي. چوندو آهي، ڊاڪٽر بابوُ، سلام، ذرا بابوُ وٽ هلڻو آهي. هنن جي ڏسندي- ڏسندي راءِ چوڌري وٽان به ماڻهو- واٽ ويندي، جتي به ملاقات ٿئي؛ چوڻ لڳا، مهاشيه جي، ذرا اسان وٽان به ٿيندا وڃجو. برج بابوءَ وٽان ته في به ملي ويندي آهي، هن وٽان اَها به ندار. سمجهي ويا، گهڻو سوچي ويچاري ئي هيءَ ڍال خريدي اٿم. هيءَ پنهنجي لاءِ ڪري تلوار ڪانهي. هڪ هٿ ۾ هيءَ ڍال رهي، ٻئي ۾ کرل- ڇٽيءَ جي بدران سمجهي وڃ.

جيئري ئي هن مٿين ڳالهه جي سچائي پڻ ثابت ڪري ڏيکاري هئي. ان ڍال جي سايي ۾ ڳوٺ جي ڪيتري ماڻهن کي هن پناهه ڏني هئي ۽ ان ڍال سان هن هٿيار واري جي منمستيءَ جي ڪري ڪنهن به ڳوٺ واري جو اپمان ٿيڻ نه ڏنو. جيون مهاشيه اهي ڳالهيون پنهنجي ڪنين ٻڌيون هيون. ان ڏينهن هو ڀر واري ڪمري ۾ ويهي پڙهي رهيو هو.

ايتري هوندي به جيون مهاشيه جي من ۾ شان شوڪت جي دٻدٻي جي گرمي پيدا ٿي هئي. ٻيو ڪري به ڇا؟ گرمي ٿيڻ تي گرم مزاج ٿيڻ سڀاويڪ آهي. ان کان ڇوٽڪارو پائڻ سولو ڪونهي! ائين نه هجي ها ته هو ڊاڪٽر نه هجي ها، نه پنهنجي پتا کان طبابت ئي سکي ها. گرم ٿيل چيز سڀاويڪ طور مقدار ۾ وڌڻ چاهيندي آهي. زميندار ۽ شاهوڪار جي نينگر جي دٻدٻي ۽ غرور سان گرم ٿيل من پنهنجي ابدي- ڏاڏي جي حياتي واري حد کان وڌيڪ وسيع ٿيڻ چاهي رهيو هو. ان ڪري جڳ ٻنڌو مڊل اسڪول جي پڙهائي ختم ٿيڻ تي کيس سنسڪرت پاٺشالا ۾ موڪلڻ چاهيو ٿئي. هن جي مرضي هئي، وياڪرڻ جي پڙهائي پوري ڪري ڇوڪر آيرويد جو اڀياس ڪري. پر جيون مهاشيه چيو: منهنجي مرضي ڊاڪٽري پڙهڻ جي آهي.“

”ڊاڪٽري!“

”جي. هاڻ ته ڊاڪٽري جو ئي رواج چالو ٿي ويو آهي. وئديڪ علاج کان ماڻهو جو ويساهه گهٽجندو پيو وڃي. بردوان۾ ڊاڪٽري اسڪول کلي ويو آهي، مان اتي ئي پڙهندس.“

دراصل ايلوپيٿي علاج سرڪاري سر پرستي ۽ جشن جي رٿ تي سوار ٿي طوفان مان نڪري چڪو هو. ڪلڪتي ۾ ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال، بردوان ۾ ميڊيڪل اسڪول، هر هڪ ضلعي جي صدر ۽اسپتال، خيراتي دواخانو، انگريزي ڊاڪٽر، نامور ديسي ڊاڪٽرن جي پوشڪا هئي: بند گلي وارو ڪوٽ، پتلون، گول ٽوپي، گارڊ چين، پالشن ڪيل ڪاٺ جو اوزار- باڪس، ليبل لڳل شيشن ۾ تکي ۽ رنگبرنگي دوا، دوا ٺاهڻ جي وڏي ۽ مختصر ڪِرپا. سڀ گڏي- سڏي ڪري هڪ سلسلو ئي سمجهو. هن کيتر ۾ تڏهن به ڪيوراج جي علاج جو بول بالا هو. جيئن ڪو انبوڙيءَ سان حملو ڪيو وڃي، تيئن ئي اتر ۽ ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ ۾ ٻه ڊاڪٽر اچي ڄمي ويا هئا. هڪڙي وڌي- لعل گهوڙي تي سوار برجيس ۽ بند وچيءَ جو ڪوٽ پهري بون ڊاڪٽر جڏهن- ڪڏهن هن طرف کان ايندو- ويندو آهي ۽ اتر جي طرف کان ايندو رهندو آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل- پوشاڪ ۾ تشر جي پتلون بند گلي وارو ڪوٽ، ڪاري ڌاڳي  ۾ ڳچيءَ جو ڪوٽ پهري ڀون ڊاڪٽر جڏهن- ڪڏهن هن طرف کان ايندو- ويندو آهي ۽اتر جي طرف کان ايندو رهندو آهي، ڊاڪٽر رنگ لعل- پوشاڪ ۾ تشر جي پتلون بند گلي وارو ڪوٽ، ڪاري ڌاڳي ۾ ڳچيءَ کان لٽڪندڙ کيسي جي واچ. هيءُ پالڪيءَ تي ايندو- ويندو آهي. اٽڪل چئن ميلن جي مفاصي تي رهندو آهي. محلي ۾ ايلو پيٿي جو عيوضي ٿي ڪري آيو آهي. غضب جو ڊاڪٽر آهي! سٺو ناماچار اٿس. ميڊيڪل ڪاليج يا اسڪول ۾ ڪين ويٺو، گهر ويٺي ئي علاج- شاستر جو اڀياس ڪيو اٿائين. نديءَ مان، مساڻ مان لاش آڻي ڪتابن ۾ لکيت پٽاندڙ چير- ڦاڙ، وڍ- ڪٽ ڪري هن شرير وگيان سکيو آهي. انوکي ساڌنا آهي هن جي ۽ اهڙي کيس ملي آهي شفا. ڪٿي هگلي ضلعي جو رهواسي، هُتان هڪ هاءِ اسڪول جو ماستر بڻجي هتي آيو. انگريزي تي هنکي شايد غير رواجي اڌڪار حاصل هئو. اهڙو ئي اونهون هئو سندس آم و شواس- خود اعتمادي.

پنهنجي زماني جي مشهور هيڊ ماستر شوَ بابوُ جي لکل مسودن ۾ جتي- درستيون ڪري ڇڏي يا هن جي جاءِ تي هيءُ لکڻ چڱو ٿيندو.“ اهو چوڻ ۾ کيس هچڪ نه ٿيندي. اچانڪ الائي ڪهڙي ڪشش هيٺ من ميوُراکشي نديءَ جي ڪپ تي هڪ سڃي ڳوٺ ۾ اچي تپسويءَ وانگر اهڙي ساڌنا ڪئي ۽ ان بعد هڪ ڏينهن هن ظاهر ڪيو- ’هاڻ مان علاج ڪندس‘ ٿورن ڏينهن جي اندر ئي هن علائقي ۾ وڏي ناموس ڪڍي. هن جي علاج نه رڳو کيس عزت ڏياري بلڪ ايلوپيٿي علاج جو مان به وڌايو. چئني طرفن کان ڪيترائي ماڻهو نئي علاج کي شرڌاانجلي ڏيڻ لڳا.

ڪستوري ۽ جوانيءَ جي وچ ۾ واري عرصي ۾ جيون مهاشيه ڪويراجيءَ جي بدران ڊاڪٽريءَ ڏانهن مائل ٿيو. عزت گهرجي، جس گهرجي، ناڻو گهرجي ۽ ماڻهن جي اپار شرڌا گهرجي. ان لاءِ حوصلو سندس ننڍي زمينداريءَ وڌايو. سوچيائين، بابي جڏهن زمينداري خريدي آهي، ته  مون کي ڊاڪٽري ضرور پڙهائي سگهندو. ان ڪري مڊل پاس ڪري هو ڪاندي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ بعد ايف – اي پڙهندس، پوءِ ڊاڪٽري.

*      *      *

بيل گاڏيءَ جي رڪندي ئي ڊاڪٽر جي خيالات جو سلسلو ٽٽي ويو. سامهون پراڻ جي ڏيوڙي هئي. اچي پهتا. ماضيءَ کان اصل زمان حال به آهي.


[1]  هو زميندار جو پٽ آهي ته مان به زميندار جو پٽ آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org