سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :35

[33]

 

ان ڏينهن کان پوءِ.

مهاشيه آروگيه – نڪيتنجي ورانڊي ۾ ويٺو هو. سامهون هڪ چٺي رکي هئي. ڇپيل چٺي. سفيد ڪاغذ جي چئني ڪنڊن کان ڪارن ڪنارن سان گهيريل. وپن جي شراڌ جو نينڊ پتر. مهاشيه جي نڪرڻ کان اڳي ئي رت بابو جو آدمي رکي ويو. ڪرم يوگي، جس جي ڀاڳي سشيل وپن جو شراڌ جوڳي مريادا سان ئي ڪرڻ جڳائي. رت بابو ائين ئي ڪندو. مهاشيه ائين. ٻڌو ته رت بابو چيو آهي: ”ائين ڪرڻ بنا ڪم ڪئين هلندو؟“ پرانيءَ جي بيبيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم واسطي موڪليو ويو. اڀاڳڻ کي قبر به ڪانه نصيب ٿي.

ڪالهه سنجها ٽاڻي نوگرام ۾ هڪ شوڪ سڀا به ٿي. مهاشيه ان ۾ شامل نه ٿيو. اهڙين سڀائن – سمتين ۾ هن جو دم پيو گهُٽبو آهي. سڀا جو سنيوجڪ هو ڪشور. ميڙ ۾ ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو آيا هئا. ڊاڪٽر ته سڀ حاضر هئا. وپن اسپتال کي پنج هزار رپيا دان ڏيئي ويو آهي. انهن روپين مان رت وغيره جي تپاس واسطي ڪلنڪ کولي ويندي. پنهنجي لائق ئي وپن ڪرت ڪري ويو آهي. مريضن جي خير خواهيءَ جو ڪاريه ڪري ويو آهي. جيئن بيوقتي موت جي گتي روڪي سگهجي. جنهن ۾ پيءُ کي پٽ جو شراڌ نه ڪرڻو پوي.

نوگرام جي هڪ نوجوان- جو وڪيل بڻيوآهي، تنهن پنهنجي تقرير جي سلسلي ۾ چيو: ”اسان وٽ ڊاڪٽر آيا آهن، اسپتال کلي ويئي آهي، دوا دارون به ميسر ٿي چڪو آهي، تڏهن به اسان وٽان ٽوٽڪن جي يگه جي پڄاڻي نه ٿي آهي. وپن بابو جي دان سان هينئر اهو انڌيرو دور ٿيو.“

ڳالهه غلط به ڪانهي. اڪثر ڊاڪٽر هٿ ڏسي نه ڄاڻن، جيڪي ڄاڻن ٿا، تن کي دراصل نبض شناس چوڻ غلطي آهي. تڏهن به مٿين ڳالهه مهاشيه کي چڀي.

”نارائڻ- نارائڻ!“ هن اڀو ساهه کنيو. جيءَ ۾ ڪجهه چڀڻ لڳس. هن نوجوان جي ڊاڪٽر پرديوت سان ياراڻي ذرا گهاٽي ٿي ڏسجي.

اٺ ڏهه مريض پهچي ويا آهن. هيڏانهن وري هڪ- ٻه ڪري بيمار وڌي رهيا آهن. ان جي شروعات ان ڏينهن کان ٿي، جنهن ڏينهن کان هو ونيه جي دوڪان تي ويهڻ لڳو آهي.

ونيه وچ – وچ ۾ کلي چوندو: ”ڏسو! مليريا گهٽجي ويئي آهي. ڊي – ڊي – ٽي ڇڻڪائي مڇرن جو بڻ ناس ڪيو ويو آهي. رهن ڪٿي؟ ٽائيفائيڊ هتي گهٽ آهي. هوڏانهن اسپتال کلي ويئي آهي. اهڙين بيمارين ۾ بيمار اسپتال پهچي وڃن ٿا. چارو بابو، هريندر مکين ويٺا مارين. اوهان وٽ مريض وڌي رهيا آهن.“

”سچ پچ وڌي رهيا آهن. ڪجهه پراڻي روڳ جا مريض وٽس اچن ٿا. هو چڱو ڀلوڪري سگهين ٿو. خصوصاً جهوني يا ڪهني مرض ۾ جڏهن ڊاڪٽر مريض کي سڃاڻي نه سگهڻ جي ڪارڻ رت جي تپاس، ايڪس ري، وغيره جي فرمائش ڪن ٿا، تڏهن مريض هيڏانهن هليا اچن ٿا. پسگردائيءَ مان وچتر روڳ کنيو مريض اچن ٿا. جن مرضن جا نالا به ديسي آهن؛ جن جي صحيح سڃاڻپ اڃا تائين نئين وگيان ۾ شامل به نه ٿي سگهي آهي. مهاشيه روڳين کي جاچي اماڻي رهيو هو ٽئين ڪلهي تي بيکه جي جهلي لٽڪائي، هٿ ۾ لٺ جهلي مري ويشڻو اچي سهڙي.

”جئه گووند. مهاشيه بابا، پائون لاڳي.“

زمين تائين جهڪي هن پرڻام ڪيو. ننڍا ننڍا مٿي جا ڇڻيل وار، ڳل تي پلڪ. پنجاهه- سٺ ورهين جي ٻڍي مري ڪيترن ڏينهن کانپوءِ هينئر آئي آهي. ڪڏهن روز ايندي هئي. هن جي پٽ ڌيءَ، ٻنهي کي سلهه ٿي هئي. انهن جي لاءِ دوا وٺڻ ايندي هئي. تنهن کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا. مريءَ جو ويشڻو به سلهه ۾ئي مئو؛ ليڪن کيس ڪجهه ڪونه ٿيو. ’هيترن ڏينهن کانپو هن کي به ان ئي ڪال پڪڙويو آهي ڇا؟ هيترن ڏينهن بعد؟‘

مريءَ کي هتان جو قاعدو قانون معلوم آهي. مهاشيه به هن جي رنگ ڍنگ کان واقف آهي هينئر جيئن هن کان پڇيائين ته توکي ڇا ٿيو آهي، ته هوءِ جهٽ چوندي، ’اول سڀني کي نپٽائي وٺو، پوءِ ٻڌايان ٿي.‘

جڏهن سڀني کي نپٽائي وٺندو، تڏهن هنجي ٻنهي پيرن تي هٿ رکي چوندي: ”بابا ڌنونتري، اوهان وٽ امرت جو ڀنڊار آهي. آئون اڀاڳڻ آهيان، پاپڻ آهيان، منهنجي ڀاڳ ۾ زهر لکيل آهي، انهيءَ زهر جي باهه کان پڄري اوهان جي لاڙي لڳي آهيان. ٻاجهه ڪريو.“

ٻاجهه سان به هن جي باهه اجهاڻي ڪانه. ڀتار، پٽ، ڌيءُ سڀ سلهه جا شڪار ٿي ويا.

مري پٽ- ڌيءَ جي مرتيو کي ويٺي ڏٺو هو. رني ڪانه. چي: ”جنهنجو ڌن آهن، تنهن ئي کڻي ورتو؛ روئي ڪري آئون ڇا وٽينديس؟ آئون ڪانه روئنديس. ديوتا تنهنجي چرڻن ۾ منهنجي هڪڙي ئي وينتي آهي، مونکي به گهرائي وٺ. سهارو ڏي. ڏاڍي جلن آهي. پرڀو، پنهنجي پيرن جي ڇانو ۾ مونکي ٿانءُ ڏي. هڪ پاسي، ڪنڊ پاسيرو.“

آخرين مريض کي اماڻي مهاشيه چيو: ”توکي ڇا ٿيو ڙي؟ سڏ ٿيو آهي ڇا؟ اوچتو اچي نڪتي آهين تون؟“ مري اڳتي وڌي ٺيڪ اڳي جيئان سندس پير پڪڙي چيو: ”نه بابا! مريءَ جا اهي ڀاڳ ڪٿي؟ ننڍپڻ ۾ ٻارهوئي بيمار رهندي هئس: هڪ ٻه ڀيرو ته مرڻينگ حالت ۾ پئي هئس، اجها مئس ڪي مئس واري ڪار ٿي هئي، ان ڪري ماءُ پيءُ نالو به رکيو ’مري.‘ سو سڀني روڳن جي پيڙا ننڍپڻ ۾ ئي ڀوڳي چڙهي آهيان: هينئر مري پڪي تاڙ جي وڻ جهڙي مضبوط ٿي ويئي آهي. آئون اوهان وٽ ڪاليءَ جي شيواڌارڻ اوجهاليءَ جي ڪنيا اڀيا واسطي آئي آهيان بابا! اوهان جي بيڌو مصر جي ننهن، ششانڪ جي استري؟“

مهاشيه اڌير ٿي ويو. ’ششانڪ جي استري!‘ سڄي بدن ۾ بجلي جي لهر ڊوڙي ويس.

”هائو بابا، انهيءَ موڪليو آهي. چي، تون ذرا مهاشيه چاچا وٽ وڃ. ٻن ڏينهن جي بخار ۾ منهنجي سواميءَ جي ناڙي ڏسي....“

”ها، ها. ليڪن ڇو، ڇا جي ڪاڻ؟“

”ڌاڍي بيمار آهي. چيائين، کين چئج، هڪ ڀيرو مون کي ڏسي وڃن. مونکي ٻڌائي وڃن ته باقي ڪيترا ڏينهن جيئڻو اٿم؟“

”گووند- گووند! نارايڻ- نارايڻ! ليڪن ٿيو ڇا آهي؟“

”روڳ گهڻائي آهن. ٽيهڙ جهڙو تپ، کون کون ڪندڙ کنگهه. ڇهن مهينن کان هلندڙ آهي. اهڃاڻ سڀ انهيءَ ڪال روڳ (سلهه ) جا آهن.“

”سلهه؟“

”ڊاڪٽرن ته اهوئي ٻڌايو آهي. هريندر ڏٺو آهي، چارو بابو به ڏٺو آهي. اڃا تنهن ڏينهن اسپتال وارو ڊاڪٽر پرديوت به ڏسي ويو آهي. سيون به گهڻيون لڳي چڪيون آهن. ڪيترا لک پينسلن! ڪوبه لاڀ ڪونه ٿيو. کنگهه ساڳي بيٺي اٿس. تپ به ڪونه لٿو آهي. سختيءَ جي ڪابه نشاني ڍلي نه ٿي آهي.“

مريءَ وري چيو: ”اوهان کي ته خبر آهي، ويچاريءَ جو ڀتار به هليو ويو. هن جو پتا سموري جائداد وڪڻي نقد رپين جي ٿيلهي وٺي  ڌيءَ کي پاڻ وٽ وٺي ويو. اتي به مالڪياڻي وانگر رهي. ڀاءُ جي ٻارن جي سنڀال ۽ ڪالي ماتا جي پوڄا- شيوا- انهي ۾ سڀ وساري ويٺي. نيٺ پيءُ به ويندو رهيو، ماءُ ويئي، ڀائر ڌار ڌار ٿي ويا، اڀيا جنهن ڀائٽي کي پالي وڏو ڪيو هو، تنهنجي شادي ڪرائي هن سان گڏ سڀني کان الڳ رهڻ لڳي. هينئر سموري ميڙي چوندي ڀائٽي جي هٿ ۾ آهي، وٽس ڪاري ڪوڏي به ڪانهي. هينئر جڏهن ٻڌائين ته کيس اها بيماري لڳي آهي، ته ڀائٽي به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي، ڇا ٻڌايانوَ بابا، گاهه پال جي هڪ ڪمري کي صاف سٿرو ڪري کيس انهيءَ ۾ رکيو ويو آهي. ڪوبه ويجهو نٿو وڃيس، هن جي ساهه کڻڻ سان به بيماري وچڙي سگهي ٿي.“

اتي مري کلڻ لڳي. کلي چيائين: ”مون سڀ ٻڌو. ٻڌي چيم، منهنجو سوامي، پٽ، ڌيءَ ٽي ئي ڄڻا ان بيمارءَ وگهي مئا آهن. آئون انهنجي بستري ڀرسان ويٺي رهندي هئس. مون کي ته ڪي ڪين ٿيو. سک. هينئر آئون ئي وٽس رهان ٿي. براهمڻ ڪنيا آهي، اناٿ آهي حياتيءَ جي آخرين ڏينهن ۾ وٽس گهاريان. ڪالهه هن اچانڪ ئي مونکي چيو: مري، هڪوار مهاشيه جي وٽ وڃ. مونکي ته هلڻ جي سگهه به ڪانهي. ڀائٽيو بيل گاڏي به ڪونه ڏيندو. کينئي ڇڏ. هڪوار تڪليف وٺي مونکي ڏسي وڃو. ٻيو ڪجهه نه، صرف ايترو ڏسي وڃن ته باقي ڪيترا ڏيهاڙا رهجي ويا آهن.“

*      *      *      *

ويساک جي کيت جهڙي ڌوڙ ڀريل، سڪل، رُکي، چهري تي، اکين ۾، ڪٿي به ساوڪ جو ذرو به نشان ڪونهي. سڄي شرير تي جيئن ڪو پردو پئجي ويو آهي. ڏٻرو شرير ٽٽي ويو آهي. ڦاٽل چٿريل بستري تي پئي آهي. گهر ۾ چوطرف ٻاٽ اونداهي آهي. ششانڪ جي استريءَ کلي پڇيو: ”ذرا ڏسي ٻڌايو، منهنجي مڪتي اڃا ڪيترو پري آهي؟ ڪيستوڻي ڇوٽڪارو ملندو؟ اوهان کان سواءِ ته ٻيو ڪوئي ٻڌائي نه سگهندو.“

سڀ ڳالهيون صاف صاف سمجهه ۾ ڪونه ويٺس. کنگهه جي ڪري نڙي گهٽجي ويئي اٿس. نڙيءَ جي نلي ڄڻڪ بند ٿي ويئي اٿس. آواز جي بگڙڻ ڪري گهٽيل گلي ۾ آواز دٻجي ويو آهي. ڦاٽل ڌمڻيءَ ۾ جيئن ڦس- ڦس جو آواز ٿيندوآهي، اهڙي ئي آواز وانگر ڳالهه نڙيءَ ۾ گم ٿيو وڃي. هن پنهنجو هٿ مهاشيه ڏانهن وڌايو.

”ڏسان ٿو. ذرا ترسي ڪري.“

هوڏانهنس نهاريندو رهيو. مري ڀرسان بيٺي هئي. هن کي چيائين: ”ذرا دروازي کي چڱيءَ طرح پٽي ڇڏي مري.“

کليل دروازي مان اڀيا جي چهري تي سوجهرو پوڻ لڳو. هن جي چمڪيل ڳل تي مهاشيه هٿ رکيو. اڀياس همينت (برفاني) آڪاش ڏانهن تڪيندي رهي. هن ۾ ٿڪاوٽ آهي، تڪليف جا آثار آهن، پر رنج نه آهي، ڀو نه آهي. نظر ۾ راحت سمايل آهي.

ڪافي دير تائين يڪ ٽڪ نهاريندي هن هٿ کنيو هڪ کانپوءِ ٻيو.

”باقي ڪيترا ڏينهن؟“ هٿ کي ڇڏيندي اڀيا پڇيس.

”اول سمجهي ته وٺان!“

سوال جواب جو سموروبيورو ڄاڻي چڱيءَ طرح جاچ تپاس ڪري هڪ ڊگهو ساهه ڇڏيندي مهاشيه چيو: ”دنيا ڇا ڏاڍو ڪوڙي ٿي پيئي آهي ڌيءَ؟ برداشت نٿي ڪري سگهين؟“

اڀيا ذرا کلي، عجيب مرڪ! اهڙي مرڪ اڀيا جهڙيون ناريون ئي مرڪي سگهن ٿيون. سڀ عورتون ائين کلي نٿيون سگهن. اڀيا چيو: ”ڪوڙو کائي ڪري ئي ته جنم گذاريو اٿم بابا. اهو ته نٿي چوان ته برداشت نٿو ٿئيم.“

”اهو آئون ڄاڻان ٿو ڌيءَ. ائين هجي ها ته جنهن ڏينهن ششانڪ ويو هو، تون ساڳئي ڏينهن ڪجهه ڪري وجهين ها. تلاو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي، گهر ۾ نوڙيءَ جي ڪمي ڪانه هئي، دنيا ۾ زهر جو ڏڪار ڪونه پيو آهي. انهيءَ ڪري ته چئي رهيو آهيان، اڃا به سهڻو پوندءِ. تنهنجي بيماري اڻانگي آهي. هڪ ئي وقت ڪيترا مرض چنبڙيل آهن. پر هيءُ مرتيو روڳ ڪونهي. سلهه به ڪانهي.“

”ڪانهي؟“ اڀيا اٿي ويٺي.

”نه.“

”سڀ ڊاڪٽر ته هڪڙي ئي ڳالهه چئي ويا!“

”هنن ايڪس- ري ڪرائڻ جو چيو آهي نه؟“

”جي.“

”ايڪس –ري جي لوڙ ڪانهي. هو مرض کي پڇاڻي نه سگهيا آهن. علاج غلط ٿيو آهي. تون هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ئي چڱي ڀلي ٿي اٿندينءَ. دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا توکي رهڻو پوندو.“

اڀيا سناٽي ۾ ويٺي رهي.

”آئون دوا موڪلي ٿو ڏيانءِ. نيم سنجم لاءِ ته توکي چوڻ اجايو آهي. تون نرلوڀي آهين، نيم سان رهندي آهين، اها مون کي ڄاڻ آهي.“

اچانڪ هن جي اکين جي ٻن ڪنڊن مان لڙڪن جون ٻه لڙيون وهي نڪتيون. پاڻي ڀرجي آيو. ليڪن جهڙي طرح سان هوءَ ٽڪ ٽڪي لڳائي ٻاهر خلاءَ کي ڏسي رهي هئي، انهيءَ ريت ڏسندي رهي.

”ڌيءَ!“

”تنهن ڏينهن پتا وانگر سنيهه سان اوهان مون کي نوتو ڏنو هو: مون...“

”انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ پٽ! ٿورن ڏينهن ۾ ئي تون نوبني ٿي پوندينءَ. هڪ نه ٻئي ڏينهن آئون توکي ڏسي پيو ويندس.“

اڀيا وري چيو: ”جڏهن داد ون وهاري بيمار هو، تڏهن مون ڪالي ماتا جي سکا باسي هئي، پوڄا ڪرائي هئم. من ۾ آيو هوم، پوڄا جو گل هن جي مستڪ سان ڇهائي وڃان، پر نه ٿي سگهيو. هو مري ويو ته منهنجي من ۾ آيو هو ته پنهنجي ڄڀ کي ڪپي ڦٽي ڪري ڇڏيان.“

مهاشيه چيو: ”تون انهن ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪر ڌيءَ. آدميءَ جي سراپ سان آدمي ڪونه مرندو آهي. آدمي مرندو ان ڪري آهي، ڇو ته هن جو مرڻ اڻ ٽر آهي. ها بيوقتي مرڻ ٿيندو آهي. ون وهاري به پنهنجي ڪرم ڦل ڪري بيوقتي مئو آهي.“

ٻاهر اڀيا جو ڀائٽيو بيٺو هو. اهو، جنهن کي اڀيا گود جي پٽ سمان تاتيو نپايو هو، جنهن هن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي کيس سلهه جي ڊپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. هن کي ڏسي مهاشيه پڄري ويو. ترت پاڻ کي قابو ۾ رکي ورتائين. ”ويچاري جي منهن تي ڪهڙي نه اڻ تڻ آهي، ڪهڙو نه ڊپ!“

”اوهان ڏٺس؟“

”ڏٺم، ڊپ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪنوار ٺيڪ ٿي ويندي.“

”۽ هيءُ ڊاڪٽر ته ٻڌائي ويا...“

”سلهه! نه نه، سلهه نه آهي. ٿي سگهيئي ته ايڪس- ري ڪرائي پڪ ڪري وٺ. اهو به نه پڇيهءِ ته مهينو انتظار ڪر. پندرهن ڏينهن اندر ئي پتو پئجي ويندو.“

چوندي چوندي مهاشيه کي خود سنڪوچ ٿيو. آواز ڪجهه ڳورو ٿي ويس، ڳالهه به ڪجهه سخت چئي ويو.

’نارائڻ نارائڻ!‘ من ئي من ۾ هن نارائڻ کي سمرڻ ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org