سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :7

 

[7]

 

بورڊنگ ۾ جيڪي ڀرسان رهندا هئس، تن هم ڪلاسين کيس هوشيار ته ڪري ڇڏيو هو، پر تيسين ڪافي اوير ٿي چڪي هئي. اها غلطي نه ڪا هنن جي هئي، نه نوجوان جيون جي هئي. هم ڪلاسين کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته ڪو جيون جي ڇاتيءَ ۾ منجريءَ جو ڌڪ لڳو آهي ۽ ڌڪو کائڻ بعد به جيون انهيءَ طرف ڊوڙي رهيو آهي. سو جيون کي به اها ڪل ڪانه هئي ته ڪو ڀوپي روپي واگهه منجري جي ٽوهه ۾ ويٺو آهي. ان وقت ڪنهن سببان ڀوپي مجري جي ڪٽنمب سان نارض ٿي ويو هو ۽ اچڻ وڃڻ بند ڪرڻ جو بهانو ڪري ڇڏيو هئائين. ٺيڪ اهڙي موقعي تي واراهه (جيون دت) قدم رکيو.

ڀوپي عمر م جيون کان گهڻو گهڻو وڏو هو. پر هر سال فيل ٿي- ٿي ڪري هينئر صرف هڪ سال ئي مٿي پڙهي رهيو هو. ڪاندي اسڪول جوهڪ هڪ وديارٿي کييس سڃاڻندو هو. تن ڏينهن جيڪو به اتان جو وديار ٿي رهيو آهي، سڀني کيس پنج ستن ڏينهن جي اندر ئي سڃاڻي ورتو آهي. هن جي مستاني چال تي اولسڀني جي نظر پوندي، پوءِ سندس ڪيه- ڪلام جو پرلاءُ ڪنن ۾ پوندو هو.

”اڙي ڇورڪا گهر ڪٿي اٿئي؟“ ڳوٺ- گهر جي غريب نينگرن کان پهريون سوال پڇندو.

هن جي شڪل، لباس ۽ ٻول- چال کان نوان ايندڙ غريب ڇوڪرا هيسجي ويندا هئا، اڄوڪي وانگر بغاوت ڪرڻ هنن جي لاءِ ممڪن ڪين هو. سمو الٽو هئو. سو هو پنهنجي ڳوٺ جو نالو باادب ٻڌائيندا هئا. ڳوٺ جو نالو ٻڌي ڪري ڀوپي چوندو- ”اڙي، ٿاڻو ڪهڙو اٿئه؟ پرڳڻو؟ ڪهڙي ٻني؟“

وري چوندو- ”هون؛ اتي پنهنجي به هڪ ٻني آهي. شايد پنج سو ست يا ست سو پنج.“ يڪدم ڪوئي نه ڪوئي نمبر هو ٻڌائيندو.

پر پهرينءَ ملاقات ۾ جيون دت کان هن ان لحظي ۾ سوال ڪونه ڪيا. ذرا خاطر تواضح ڪندي چيائينس- ”ڇوڪرا، گهر ڪٿي آهي تنهنجو؟“ جيون جو رنگ روپ ۽ صاف سٿري پوشاڪ ڏسي ڪري ’اڙي – ٻڙي‘ ڪانه ڪيائنس.

جيون کي هن جو ڳالهائڻ ڪين آئڙيو. اندر ئي اندر پوسري کامي ويو. پر پنهنجي پوسراڻ کي ضبط ڪري ٻڌايو هئائين- ”نوگرام.“

چئي ڪري ئي هو رمندو رهيو هئو. ڏنڊ واري، ننهن واري ۽ سڱن واري کان پري رهڻ ئي ٺيڪ آهي، کيس ان نيتي- وچن جي يادگري تري آئي هئي ۽ ڀوپيءَ کي هن انهيءَ درجي ۾ ڳڻيو هو. مگر ڀوپيءَ به هن جو پيڇو ڪونه ڇڏيو. ٻن – چئن ڏينهن کانپوءِ هو پاڻيهي آيو، جيون جي ڪمري م گهڙي ڪري چيائين- ”مون کي خبر آهي، تون تماڪ به شايد پيئندو آهين. مونکي به ته ذرا پيئار ڏسان، ڪيئن تماڪ ٿو پيئن، تون!“ هن جي آواز ۾ پٺڀرائي جو سر هو.

جيون خوفناڪ ته هو، پر اسڀيه نه هو، وري زمينداري جيتري پراڻي هوندي زميندار گهراڻي ۾ سڙاڻ نڪرندي آهي، ان خيال کان هن جي هڪ آني حصي واري زمينداري اڃا ايتري ڪهني ۽ غيرمهذب ڪانه ٿي سگهي هئي. سچ پڇو ته ڀوپي بوس ڏانهن، تنهن ڏينهن هن من ئي من ۾ ڪجهه عزت جو انڀئه ڪيو هو. وڏ گهراڻو ڇوڪر، خاصو چهرو، ههڙي ٻول چال، ۽ جيون ٿيو پر ديسي. ڀوپي ته اتان جوئي رهواسي هو، تنهنڪري اهو انڀئه سڀاويڪ ئي هو. جيون به ان ڏينهن کيس تماڪ نه پياريو. موٽندي وقت ڀوپي جي نگاهه جيون جي مدگر جي جوڙي تي پيئي. کلندي هن جو نالو رکي ڇڏيو هئائين- ؟مدگر سنگهه.“

ٻنهي ۾ لڙائي اوچتو ٿي ويئي.

ڀوپي نوڪرشڻ بابو جي گهران نڪري رهيو هو ۽ جيون اندر وڃي رهيو هو. ڀوپيءَ جي وات ۾ پان، ساڻ گڏ هوس بنڪم، سندس پٺيان بنڪم جي ماءُ. گرمين ۾ جيون ڪونه هو. سندس غير حاضريءَ ۾ هنن جا آپسي جهڳڙا ٿي چڪا هئا.

جيون جي پٺيان- پٺيان هڪ موٽو هو. ڳوٺ جو ئي هو. گرميءَ جي موڪلن بعد گهران آيو هو. گهران هڪ وڏي ساري ٽوڪري ۾ ٿورو باغ جو ميوو انب، ونگيون، ساڳ سبزي کڻندو آيو هو، پال ۾ لپٽيل هڪ هيڏي ساري مڇي به آندي هئائين.

ڀوپي جا قدم رڪجي ويا. ڀرون تاڻي ڪري جيون ڏانهن تڪيندو رهيو. چي- ”ڀلا، خيريت ته آهي؟ مدگر سنگهه هتي ڪيئن؟ هن گهر ۾؟“

پوئتان تکا شبد تير جيئان آيا. ”هيءُ اسنا جي سکي جي ننهن جي ساهيڙي جي ڀاڻيجي جي ننهن جي ڀاڻيجيءَ جو ناٺي آهي. ناتي ۾ اسان جو ڏاڏو ٿيندو آهي! اوهان ڇا آندو آهي ڏاڏو صاحب؟“

وات ۾ ڪپڙو وجهي کلندي منجري سڀ جي جي پوئتان نڪري اڳيان اچي بيهي رهي.

سڀني سان گڏ ڀوپي به وري موٽي آيو. چي ”هلو هلو، ذرا اسان به ته ڏسون ڏاڏا مدگر سنگهه ڇا کڻي آيو آهي؟ لاهي، ٽوڪرو لاهي.“

شيون ڏسي هن شڪل بنائي. هڪ انب کڻي ڪري ڏندن سان وڍيائين، ذرا ساعت سواد چکي ٿو- ٿو ڪري ٿڪ ڇڏيائين. ”رام، رام، انبڙي آهي! مون ته انب ئي سوچيو. انب آئون سڀاڻي موڪلي ڏيندس. گلاب خاص ۽ ٻيوڇا نالو اٿس، ڪش ڀوڳ، انهن انبن تي ڪاغذ جي چٽ تي لکيل هوندو ته ڪهڙو انب ڪڏهن کائڻو آهي. ها، کائڻو ذرا انهيءَ حساب سان پوندو، نه ته اهو مزو نه ايندو.“

ڀوپي هليو ويو. منجريءَ جي ماءُ چيو- ”اچ پٽ، سک آنند ته آهي؟“

”جي، سڀ ٺيڪ آهي. مان هينئر وڃان ٿو. ترت ئي هيڏانهن پهتو آهيان. بورڊنگ جي ورانڊي ۾ سمورو سامان ڇڏي ڪري هليو آيو آهيان. ڪوچوان کي سڀ سونپي هيءُ شيون ڏيڻ هليو آيس.“ هن کان بيٺو نٿي ٿيو. ڀوپيءَ جي ڳالهين کيس خفي ڪري وڌو هو.

”نيرڻ جيڪر نه ڪرين؟“

”جي نه، ڪوچوان پڪو ڳوٺاڻو آهي. هن کي ڊپ ٿيندو. مان هينئر وڃان ٿو.“

نوجوان جيون دت ڀوپيءَ جي زهر کي انهيءَ ڏينهن ئي محسوس ڪيو ۽ ان ڪري ڀر واري سيٽ واري هم ڪلاسي کي مجبور ٿي سموري ڳالهه کان واقف ڪيائين. ٻڌائڻ کانسواءِ ڪو اپاءُ به ڪونه هو. هيڏي وڏي مڇي، ڪاڪڙيون (ونگيون)، هيترو سارو سامان، اهي سڀ ويا ڪنهن وٽ، اهو ڄاڻڻ لاءِ ڇوڪرن جي ڪتوهل جي ڪائي حد نه هئي. ڇاڪاڻ ته هنن کي به لوڀ هو. لاچار جيون کي سڀ ٻڌائڻو پيو.

سندس دوست ٻڌي سراپجي ويا- ”باپ ڙي باپ، هيءُ تون ڪٿي وڃي نڪتو آهين؟ شينهن جي غار ۾ گدڙ جو اَجهو؟ اڙي، هوءَ ته ڀوپي بوس جي منجري آهي!“

”ڀوپي بوس جي؟“

”ها ڀاءُ، ها. ڀلجي به اوڏانهن هٿ متان وڌائين، هٿ وڍي ڇڏيندءِ.“

جيون ڪجهه ساعت گم ۾ ويٺو رهيو، ان بعد چيائين- ”توکي خبر آهي، ڳالهه پڪي ٿي ويئي آهي؟“

”ڪانه ٿي آهي. سو......“

”ٺيڪ آهي، پوءِ ڏٺو ويندو ته منجري ڪنهنجي آهي؟ اڃا ته هوءِ پتا روپي وڻ تي ٽڙي آهي، جنهن ۾ دم هوندو، اهو ئي هن کي پوئي ڪري پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائيندو. منهنجو نالو جيون دت آهي؟“

هن گاڏيءَ واري جي معرفت ماءُ کي ڳجهي چٺي موڪلي. ”ترت پنجاهه روپيه موڪل.“ ان وقت جا پنجاهه روپيه اڄ سنه اوڻويهه سو پنجاهه جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزار روپين جي برابر ٿيندا.

لڳو ڌڪڙ تي اٽو.

شروع ۾ ئي ڀوپا بوس ڪڇ لکايوئي ڪونه. سوچيائين، منهنجي رقيب واراهه (جيون)، بنڪم يا منجريءَ، ڪنهن نه ڪنهن کان پنهنجي ان تذڪري، جو حال ضرور سڻيو هوندو ۽ سڻي ڪري کيس بيحد اچرج ۽ ترپتي ٿي هوندي! جيئن منجري هن کي جهنگلي سوئر چيو هو، ان ڪري ڀوپي به هن کي ’واراهه‘ چوندو هو. پر آڙ- اوٽ ۾. وري مڇي، کٽن انبن يا ڪجهه ونگين وغيره کي هو شمار ۾ به ڪونه آڻيندو هو. هن خوب ڄاتو ٿئي ته ڪجهه لنگڙا انب يا بمبئيءَ يا ڪشن ڀوڳ انب، ڏهه – ويهه ليچيون يا ڪجهه ٻيو ڦل تن جي قيمت هن کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. تنهنڪري هن ڪابه پرواهه نه ڪئي. پنهنجي روپ ۽ جواني جي باري ۾ هو ڪافي سجاڳ هو.

پر روپ جي ان ڪميءَ جي پورٽيءَ ۾ جيون هيڏانهن ولاسي ٿي پيو. گهر مان روپين جي طلب وڌندي ويس. جڳ ٻنڌو مهاشيه فڪرمند ٿيڻ لڳو. تڏهن به سڪيلڌي پٽ جي طلب کي هو سولائي سان ٽاري نٿي سگهيو. پيءَ کانسواءِ پنهنجي ماءُ کان به هو روپيه گهرائيندو رهندو هو؛ ضرورت جا سمورا روپيه پيءُ کان گهرائڻ جي کيس همٿ ئي نه ٿي ٿي.

جيون کي ان جي شڪوه- شڪايت ڪڏهن به نه رهي، اڄ به ڪانهي.

ٿئي به ڇو؟ جوانيءَ جو سپنو، نارءَ جي پريم جي چٽاڀيٽي، ان کان وڌيڪ موهيندڙ، ان کان وڌيڪ خواهش جي چيز جوانيءَ ۾ ٻي ڪهڙي ٿي ٿي سگهي؟ صرف جوانيءَ ۾ ئي ڇو، سڄي عمر جنهن ڪنهن ناريءَ کي پوري طرح جيتي پنهنجي جيون ۾ حاصل ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ خوشنصيب ڪير آهي؟ منجري جي پريم جي شرط ۾ جيڪڏهن زمينداريءَ جي پئسي ڪوڏيءَ جو حصو به وڪامجي وڃيس ها ته به ڇا هو. پوءِ به کيس افسوس نه ٿئي ها.

اهوئي ٿئي ها شايد. پيءُ کان جڏهن پئسا نه ملندا هوس، تڏهن اُڌار وٺندو هو. هن جي روش مان ائين ئي ٿيو هو جو ماڻهن ۾ اها ڳالهه پکڙجي ويئي هئي، ته جيون دت اهڙو جهڙو نه آهي، مشهور ڌنوان جو پٽ آهي. سو کيس قرض ملڻ ۾ ڪائي دقت نه ٿيندي هئي. بنڪم ڏانهن هو نت نئي سوغات موڪليندو رهندو هو.

ڪانديءَ ۾ هو بابو جيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هو. جتان لنگهندو دوڪاندار پڇندا- ”ڪيڏانهن.

خاص لال باغ جي سرهي ڪاندي ڳوٺ ۾ اميرن جي زماني جو ’جي‘ شبد اڃا به زنده هو. ڪمپنيءَ[1] جي زماني واري ’بابوُ‘ ۾ ان ’جي‘ کي لڳائي ڪري مخاطب ڪرڻ ۾ ئي عزت سمجهي ويندي هئي.

جيون کلندو هو.

عثمان شيخ اتان جي سڀ کان وڏي پسارڪي دوڪان جو مالڪ هو. جيون هن کان ڪافي جمع ڪيو هو. هن کي هو چاچا جان چوندو هو. دوڪان ڏاڍو وڏو هو، ڪيتريون ته هنجون شاخون هيون. مڃارڪي، بوٽن جي، تماڪ جي اوڌر کاتي ۾ عثمان جيون جي ڪاڻ هڪ پنو کولي ڇڏيو هو. چاچا جان ماڻهوءِ جي شناس رکندو هو. ضرورت نه هوندي به چاچاجان جيون کي سڏائيندو- ”جيون، ٻڌ ته سهي پٽ!“

”ڪهڙي ڳالهه آهي چاچا جان؟“

”اڄ چئن پنجن ڏينهن کان تنهنجي تلاش ۾ آهيان. نئين سڳنڌ آندي اٿم. شهر ويو هوس (يعني مرشبد آباد) مهاجن ڏيکاري چيو- ”هيءَ خوشبو وٺ عثمان ميان. عطر مات آهي. راج ڀون ڪاڻ نيو وڃ. خريدي مون؛ راج ڀون ڪاڻ ورتم، ٽن زميندارن جي لاءِ ورتم، حاڪمن جي ڪاڻ به ورتم وري پوءِ مون چيو؛ ”ٻه شيشيون ٻيون به ڏئي ڇڏ. مون ڄاتو ٿي ته توکي ٻن جي گهرج پوندي. هڪ پنهنجي لاءِ ۽ هڪ...“ کلي ڪري چاچا جان چوندو.... ”۽ هڪ شيشي گهر جي واسطي. وٺي وڃ.“

يڪدم ڪاغذ ۾ ويڙهي کيس ڏيندو.

”پر قيمت؟“

”قيمت ملي ويندي، تون ان کي نيندو وڃ. مون لاءِ هاڻ رکڻ مشڪل آهي. ان وچ ۾ ڀوپي ٻه ڀيرا چڪر هڻي ويو آهي. هن کي وڪيل صاحب وٽ ان جي خوشبو ملي ويئي آهي. ٻه شيشيون گهرڻ لڳو. مون چيو: ”ڪونهن.“ چي: ”ضرور آهن؛ مان دوڪان جي تلاشي وٺندس. تو جيون ڪاڻ لڪائي رکيون آهن. ڏاڍي وڏي مشڪل سان لڪائي رکيون اٿم. کنيو وڃ. قيمت تنهنجي نالي لکي ڇڏيندس. ان جي ڳڻتي نه ڪر.“

جيون رومال ۾ خوشبو وجهي ڇڏيندو. ڀوپيءَ جي سامهون وڃي رومال ڪڍي منهن اگهڻ لڳندو. ڀوپي حيران ٿي ويندو. سوال ڀري نظر سان ڏانهس تڪيندو رهندو. جيون تاڻي ويندو۽ کلڻ لڳندو. ڀوپيءَ جو سوال اهو هوندو ته ”منجريءَ جي ڪپڙن ۽ هن واراهه جي رومال ۾ هڪ ئي قسم جي مٺي خوشبو ڪٿان اچي ويئي؟“

مگر ڀوپي ڪجهه اهڙو جهڙو ته هو ڪونه، ٻئي ڏينهن تي پنهنجي رومال ۾ ساڳي سڳنڌ ملي ڪري نڪرندو. جيون سوچڻ لڳندو ته ”هيءُ به ته ڪو اهڙو تهڙو ماڻهو نه آهي. عثمان جي دوڪان تان نه مليس، ته مرشد آباد مان گهرائي ورتي هوندائين.“

ليڪن هاءِ، تڏهن کيس اها ٿوري ئي سمڪ هئي ته سندس سوغات ڏنل خوشبو انوکي ڍنگ سان ڀوپيءَ وٽ اچي پهتي آهي!

خير، وڃڻ ڏيوس. ان تي افسوس ڪهڙو ڪرڻو؟ اڄ کيس ڪنهن به ڳالهه جو ارمان ڪونهي. مذاق ڪندو آهي. پريم دراصل هڪ وقتي جنوني مرض آهي! نوجوان جيون کي به انهيءَ روڳ اچي ڳٿر کان جهليو هو. هن مقابلي ۾ هارائڻ جي انتها ٿيڻ کان هڪ پل اڳي به کيس اها خاطري هئي ته ”جيت سندس ئي هئي، اڻ ٽر هئي.“ سوچيو هئائين، ”هار جي امڪان ڪري ڀوپي جي منهن جو پنو لهي ويو آهي!“

جيون جي شهه خرچي ڏسي ڪري ڀوپي بوس جي پريشاني ڪافي وڌي ويئي هئي. جڏهن ڪڏهن، حيلي بهاني جهڙپ ٿي ويندي هئن. جيون کي مزو ايندو هو. هو ڪسرتي ٻانهن جا ڏورا ڪڍي ڀوپيءَ جي سامهون ئي پردرشن ڪندو هو. مُدگر ته روز ڦيرائيندو ئي هو. رات جو به هم ڪلاسين سان شرط پڄائي پنجويهه- ٽيهه روٽيون کائي ويندو هو. هن جو ڪسرتي جسم ڏسي ڪري به ڀوپيءَ کي ڀو ٿيندو هو. جيون کلدو رهندو. جيت ضرور ٿيندي. ڌن جي شرط ۾ ته بازي پنهنجي ئي رهي، ٻل ۾ ته مقابلو ئي ڪهڙو آهي! سويمبر لاءِ ٻيو کپي ئي ڇا؟

هاءِ هاءِ! ڙي انسان جي ٻٽاڪ! ۽ من به ماڻهوءَ جو عجيب ٿئي ٿو! خاص ڪري عورت جو من! ان من کي ڪوئي ڪيئن ٿو پائي سگهي، ڪوئي نٿو ڄاڻي!

اوچتو هڪ ڏينهن سندس اهو ڀرم به ٽٽي پيو. ڀوپي بوس سان چڱي لڙائي ٿي پيس ۽ ڌن- ٻل ۾ اڳرو هوندي به جيون دت جا سپنا چڪنا چور ٿي ويا.

هولي جو ڏينهن.

هڪ وڏي ٽوڪريءَ ۾ سوکڙي نيو جيون دت منجريءَ وٽ پهتو. ان وقت توڻي منجري جي بدن تي عنبير گلال جي ذري نشاني به ڪانه لڳي هئي. جيون جي اڇا هئي ته ”هنجي سهڻي مکڙي کي مان ئي پهرين رنگ سان لعل ڪندس.“ پر پهريائين ماڻهس سان ئي ملاقات ٿي ويس. ڀيٽا جي ٽو ڪري هنجي سامهون ئي رکي چيائين: ”اما موڪليو آهي. مون کان جو اوهان جي باري ۾ سڻي رکيو اٿائين.“

منجري جي ماءُ ذرا گنڀير سڀاءُ جي استري آهي. جيون هن کي ٺيڪ سمجهي نه سگهيو هو. ڪهڙو نه کانئس ڊپ ٿيندو هوس ۽ هوءِ ڪا کيس چڱي به نه لڳندي هئي.

هن وراڻيو: نه ته هيءُ ڪا سٺي ڳالهه ڪانهي جيون‘. هن ٽوڪري کنئي ۽ ڇت تي هلي ويئي. هيٺ رهجي ويئي منجري، هن جي سڄي منهن تي، اکين ۾ نٺر اچرج کيلي رهيو هو. جيون کي اهو نٺر اچرج ڄڻڪ وڻندو هو ۽ ان نٺرتا ڪري اهو اچرج تهائين وڌيڪ مٺو لڳندو هو، ۽ ماٺيڻي نوع ۾ اهوکيس وڌيڪ ڇڪيندو رهندو هو.

هن کي اڪيلو ڏسي جيون کيسي مان گلال ڪڍيو ۽ چيائينس: ”اڄ گلال ته ضرور مکيندس.“ منجريءَ به کلي چيو: ”مان به عنبير وجهنديس، پسائي رکيو اٿم، ترسجو!“

هوءَ ڊوڙي اندر ويئي. ٻئي هٿ پٺيان لڪائي موٽي. جيون کي سمڪ نه رهي. هن سندس سر تي ۽ منهن تي عنيبر مکي ڇڏيو. وري اچانڪ منجري جا ٻئي هٿ هن جي منهن ڏانهن وڌي ويا، ٻنهي هٿن جي ترين ۾ ڏامر ڀريل.

جيون پوئتي هٽڻ لڳو ۽ پٺ ڏيکاري دروازي ڏانهن ڀڳو؛ ’جهنگلي سوئر جيئان!‘

دروازي تي ئي هو واگهه ۽ واگهه جي پٺيان پرجاپتي چترانن بنڪم‘

واراهه ۽ واگهه جو گهنگهور مقابلو ٿيو. ڀڄندڙ جيون جي مضبوط جسم جو ڀوپيءَ بوس کي ٿيلهو لڳي ويو؛ بنڪم ايتري ۾ ٽپو ڏيئي هن ورانڊي ۾ وڃي ٿيو، جتي منجري بيٺي هئي. ڀوپيءَ جيون جو ڌڪو سنڀاليندي به سنڀالي نه سگهيو. ڌو زمين تي وڃي اُبتو ڪريو. ٽڪرائجي جيون ڇرڪي ڪري بيهي رهيو. چوٽ کيس به ڪا گهٽ نه آئي هئي، پر اوتري سهڻ جي سگهه هن ۾ هئي. پاڻ کي سنڀالي ڪري هو سچ پچ ئي، همدردي ڀرئي نوع ۾ ڀوپي بوس کي هٿ کان جهلي اٿارڻ لڳو. هن محسوس ڪيو اڻڄاڻائي ۾ چاهي ٿي هجي، پر چوڪ ته سندس کان ئي ٿي آهي. سو هن رڳو هٿ کان جهلي ئي کيس اٿاريو ئي نه، بلڪ ڏسڻ لڳو ته ڪٿي ڪا چوٽ ته ڪانه لڳي اٿس، ڏوهيءَ وانگر هن جي ڪپڙن تان ڌوڙ ڇنڊڻ لڳو.

ايترو جو موقعو ملي ويس، سو ڀوپيءَ ڇنل چمپل کي کڻي ڪري جيون جي خبر وٺڻ شروع ڪري ڇڏي. منهن تي، مٿي تي. پٺيءَ تي چمپلن جو وسڪارو ڪري ڏنائين. گاريون ڏيڻ لڳو: ”سوئر جا ٻچا، حرامزادا، الو!“

بس پوءِ ڇا هو، مست هاٿيءَ وانگر جيون ڀوپيءَ تي ٽٽي پيو. ان ڏينهن هو نشي ۾ به هو. ڀنگ پيتي هئائين. ڪهڙي طرح ڪشتي ٿي، تنهنجي کيس سڌ نه رهي؛ مگر ڇاتيءَ تي سوار ٿي سموري شرير جي طاقت سان هن ڀوپيءَ جي نڪ تي ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. ماريندي ئي ڏٺائين، هن جو نڪ ڦسي پيو آهي ۽ ساڻ ئي رت جي ڌارا وهي ڇٽڪي آهي. ڀوپيءَ جو نڪ رتورت ٿي پيو ۽ ڪرتي ڌوتيءَ ۾ به رت جا داغ لڳي ويس. بنڪم چيخ ڪئي: ’اڙي، اڙي، هيءُ ڇا ڪيو تو!‘ هڪ ٻيو به دردناڪ آواز هن جي ڪنن تائين پهتو، ”باپ ڙي باپ، خوني ڌاڙيل خون ڪري وڌو، خون!“

ڇرڪي ڪري مست جيون آپي ۾ آيو.

ٺيڪ ته آهي! هيءُ مون ڇا ڪري وڌو! هن جي ڇاتيءَ تي ئي کيس محسوس ٿيو ته ڀوپي هوش ۾ نه آهي. کيس آفت جو خطرو ٿيو. علائقو ته اهو ڀوپيءَ جو آهي. ڏيوالئي زميندار جو نينگر. ڏاڍا هو ماڻهو خوفناڪ آهن. جنهنجا ڏند ۽ ننهن ٽٽل ڀڳل هوندا آهن، اهو ئي واگهه آدمخور هوندو آهي. وري منجريءَ جو دردناڪ رودن ٻڌي به هن جو سپنو ٽٽي پيو. کن ۾ اٿي کڙو ٿيو ۽ ڀڳو. ڀڳو سو ڀڳو. سڌو پنهنجي گهر جي طرف. ڏهه ڪوهن جو مفاصلو. پر هو سڌي رستي ڪين موٽيو، رستي بي رستي، ميوراکشي جي ڪناري ڪناري ڀڳو، تيرهن چوڏهن ڪوهن جو پنڌ جهاڳي گهر ڀيڙو ٿيو. نديءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائين، گپ لڳائي رت جا داغ لڪائي، تڏهن گهر پهتو.

ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو جيڪو سپنو هو، رهجي ويو. رهجي ويو منجري جي موهه ۾ پوڻ سان. ان ڪري سڀني اميدن تي پاڻي ڦري ويس.

جڳهه ٻنڌو مهاشيه ۽ هن جي استري پنهنجي پٽ جي درگت ڏسي ڏڪي ويا. گهٻرائجي پڇيائون: ”ڇا ٿيو آهي؟ تون هن ريت ڇو ڀڄي آئين؟ ڳالهه ڪهڙي آهي؟“

جيون سر جهڪائي بيٺو رهيو. ورندي نه ڏنائين.

جڳ ٻنڌو جهڙي سخت ماڻهوءَ جي سامهون به هو اڏول رهيو، چاهي جيڪي به ٿئي، ’منجريءَ جو نالو ظاهر نه ڪبو‘ آخر ۾ هن ٻڌايو: ”هڪ اميرزادي مونکي چمپل سان ماريو هو، مون هن کان بدلو چڪايو آهي. مار هن کي سخت ڏني اٿم؛ اصل رتورت ڪري ڇڏيو مانس؛ ان ڪري ڀڄي آيس. اتي رهان ها، ته هو شايد منهنجو خون ڪرائي ڇڏي ها. هاڻ اتي نه ويندس، ٻئي ڪنهن هنڌ پڙهندس. سئوڙي يا بردوان جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندس.

نه:، هاڻ نه.

جڳ ٻنڌو مهاشيه چيو: ”هاڻ مان توکي ٻاهر ڪين موڪليندس. پنهنجي جيڪا خانداني وديا آهي، سائي پڙهه.“

هن جو آواز ڪٺور هو، پر ڪومل. ان آوز سان جيون جا سمورا عضوا برف ٿي ويا. ياد اچي ويس. هيءُ اهو ئي نڙيءَ جو آواز آهي، جنهن آواز ۾ چيل جڳ ٻنڌوءَ مهاشيه جي ڪائي ڳالهه ٽاري نٿي سگهجي. ياد آيس، نوگرام جي بابوئن وٽ هڪ اناچاري بدچلن ۽ ويچاري ڪرڙوڊ ماڻهو جو علاج ڪندي ڪندي اچانڪ هڪ ڏينهن انهيءَ ڪنٺ سر سان علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري وڌائين. بابو صاحب شرابي هو، جڳ ٻنڌو مهاشيه کيس شراب ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو، مگر هن مهاشيه جي آگيا جو النگهن ڪيو هو. هو مريض وٽ ويو ۽ اها ڳالهه ڄاڻندي ئي هو اتان واپس هليو ويو. مٽ مائٽ کيس پرچائي ريبائي وٺي وڃڻ ڪاڻ آيا. هن ساڳئي ڪٺن- ڪومل سر ۾ چيو: ’نه‘ بس هڪ ننڍڙي ’نه‘ تي ئي اهي ماڻهو ڇرڪي ويا. هن ’نه‘ جي ’ها‘ وري ڪڏهن به نه ٿي سگهي. اڄوڪي اها ’نه‘ به ساڳي ئي ’نه‘ هئي. ان سان گڏ هن ٻيا به جيڪي شبد چيا، تن ۾ به ساڳي ڪوملتا ۽ ڪٺورتا هئي.

ڇرڪي ڪري کن ساعت لاءِ جيون پنهنجي پتا جي منهن ڏانهن نهاريو ۽ وري پنهنجو سر نمائي ڇڏيو هو. کيس هاڻ ذرو به شڪ نه رهيو هو ته ان ’نه‘ جي هاڻ ’ها‘ هر گز نه ٿي سگهندي.

جڳ ٻنڌو مهاشيه ٽپڻو کوليو. چي: ”وديا جي مهورت جي تاريخ طئي ڪنداسون.“


[1] ايسٽ انڊيا ڪمپني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org