[باقي]
چئن مهينن کان پوءِ
اوڻويهه سو ايڪونجاه عيسوي جي سيپٽمبر جو مهينو.
سنجها جو ٽاڻو. ڊاڪٽر پرديوت پنهنجي بئگ ۽
بلڊپريشر (رت جو داٻ) ڏسڻ جو اوزار کڻي ڪيڏانهن
وڃڻ لاءِ ورانڊي ۾ تيار بيٺو آهي. ڀرسان ئي هڪ
ننڍي ٽپائيءَ تي چانهه جو ڪوپ رکيو آهي.
اندران منجو نڪتي. هوءَ به شايد ٻاهر وڃي رهي آهي.
چانهه جي ڪپ ڏانهن ڏسندي چيائين: اڙي اڃا ڪونه
پيتي اٿو؟“
”نه. وڻي ڪانه،“
”وڻي ڪانه؟ مان ٺاهي کڻي اچان؟“
”نه. من نٿو چاهي.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيو:
”آخر هن رج مڙس سان ايترو جڪڙجي ويس! تنهنجي
بيماريءَ جي وقت مدد ته سڀني ڊاڪٽرن ڪئي، پر
سهائتا کان وڌيڪ مهاشيه جو سنيهه وڏي ڳالهه ثابت
ٿي.“ ذرا ساعت چپ رهي ڪداچت ڪجهه سوچي چيائين:
”اها خوبي ماهرن ۾ ئي ٿيندي آهي اسان کان جيڪي
ائين نه ٿئي. وڏي ڄمار ۾ ائين ٿي سگهي ٿو، پر....“
پتني ڏانهن نهاريندي چيائين:”پر اڄ اڃا هاڻي ته
تون آئي آهين، گاڏيءَ مان لهندي ڪلاڪ به نه ٿيو
هوندءِ. اڄ کڻي نه هلين ها ته ڇا هو. تنهنجي صحت
اڃا اهڙي سٺي ته ڪانه ٿي آهي.“
بيماريءَ کانپوءِ هن منجوءَ کي آبهوا بدلائڻ لاءِ
ٻاهر موڪليو هو. اڄ ئي ٽئين پهر واري گاڏيءَ ۾
موٽي آئي آهي، مهاشيه جي طبيعت خراب آهي. پرديوت
هن کي ئي ڏسڻ وڃي رهيو اهي. هوءَ به ساڻس وڃڻ لاءِ
تيار ٿي آئي آهي. مهاشيه بيمار آهي. لڳ ڀڳ چئن
مهينن کان اهڙي حالت ۾ هلي رهيو آهي. وچ وچ ۾ کٽ
داخل به ٿيو. هيڏانهن گذريل ٽن مهينن کان طبيعت
وڌيڪ بگڙيل اٿس. رت جي داٻ جي بيماري: بلڊپريشر.
ڪليجي ۾ چوٽ. ’ڪارو نري ٿرمبسس‘
منجو چيو: ”نه نه، ڪوئي هرج ڪونهي. مان ٺيڪ
آهيان.“
”ٺيڪ آهين؟“ پرديوت کليو. من جي اِوشن کي سمجهڻ
مشڪل آهي. ”مهاشيه بيمار آهي.“ اهو ٻڌي مان پهرئين
ڏينهن وٽن ويو هوس. تڏهن درد ۽ تڪليف ۾ به کلندي
چيو هئائين: سنيهه، ديا، پريم ڪجهه ڀي چاهي ڏيو،
ڪيترو به ڏيو، پر هو کميا ڪري نٿو سگهي ڊاڪٽر
صاحب! پاپ لاءِ هجي توڙي پڃ لاءِ هجي، جيون کي
پيڙڻ سان ئي ان سوراخ وسيلي هن جي ڇوت جسم ۾ داخل
ٿيندي آهي. منهنجي سرير ۾ به ان جي داخلا ٿي چڪي
آهي. منهنجي پڄاڻيءَ جو وقت اچي چڪو آهي.“
کاٻي هٿ سان پنهنجي ساڄي هٿ جي ڪرائي پڪڙي نبض
جاچيندي چيو هئائين: ”لڳيم ٿو، ڳوٺ کان ٻاهر، ڳوٺ
۾ داخل ٿيڻ واري واٽ تي هوُ اچي ويو آهي. ڳوٺ ۾
گهڙي رهيو آهي.“
ان ڏينهن سندس من جي عجيب حالت هئي.
جڏهن هو منجريءَ کي ڏسي ٻاهر نڪتو هئو. تڏهن هن جي
ڏٻري هڏائين سرير ۾ نسن- رڳن ۾ رت جو دورو تيز ٿي
ويو هئو.
انو قت دل پراپتيءَ جي هڪ عجيب سواد جو لطف محسوس
ڪيو هو. اهو آنند انوکو هئو! بي مثل هئو!
وري مٿان اسپتال جي سرڪاري ڊاڪٽر ڦاٽڪ وٽ کيس چيو:
”اهائي اوهان جي ’اڳڪٿي‘ آهي.“ اها ته مون کي به
سکڻ جي خواهش ٿئي ٿي!“
گهر موٽڻ وقت هن جي من ۾ آيو: ان انڌڪار ۾ هو
جهنگلي هاٿي وانگر موت جي غفا جي ڳولها م نڪري
پوي. ڌوُ ڌوُ ڪري رهيو آهي، ڏسائن رهت، لوڪ هت،
ساهواري رهت علائقي يا گهنگهور اٿاهه بن ڌم ڌم ڪري
رهيو آهي، بيشمار گدڙن جي گڏيل اونائي گونججي رهي
آهي، لڳي ٿو، مرتيو جي اٿاهه سنسان وجود ۾ جنم
جنمانتر کان جيون جو وهڪرو جاري آهي، اتي ئي ان
عظيم وهڪري ۾ هينءَ جنم جي اميد ڌاري خوشيءَ سان
ٽپو ڏي. هو پنهنجي ناڙي جهلي هلي رهيو هو، پر اجهل
خوشيءَ وچان ٻوڌ ٽڪي نه سگهيس. پهچندي ئي گهر ۾
ويشڻو مري مليس. ترت ئي هن سان گڏ نوتو نباهڻ هليو
ويو. عطر منع ڪيس، پر هن جي منع ڏانهن ڌيان نه
ڏنائين نه مڃيائين، ايترو ئي نه، بلڪ عطر جي ڳالهه
تي ڪروڌ وچان جيڪا هن رڙ ڪئي سا اڄ به ڪنن ۾
گونججي رهي آهي. زندگيءَ ۾ هن اهڙي رڙ ڪڏهن به ڪهن
ڏينهن به ڪانه ڪئي هئي.
اول عطر ٻائيءَ ئي غصي وچان اڇاترو ڳالهائيندي چيو
هو: ”هن عمر ۾ به هيتري رات جو نوتو کائڻ وڃي رهيو
آهين! اهڙو خالي تنهنجو پيٽ آهي؛ وَن وهاريءَ کي
کائي به تنهنجو پيٽ ڪونه ڀريو اٿئي؟
ٻيءَ کن ۾ زبردست رڙ سان رات جو آڪاش به ڇرڪي ويو
هو: گجندڙ شير وانگر هن گرجنا ڪندي چيو: ”عطر!“
مري ويشڻوي به ڇرڪ ڀريو. ساڻ گڏجي آيل ماڻهوءَ جي
هٿ مان لالٽين ڇڏائجي ڌڙام سان هيٺ ڪري پيو ۽
وسامي ويو.
اڀيا اوندهه ۾ ورانڊي ۾ بيٺي سندن انتظار ڪري رهي
هئي. سڄو ڏينهن نرجل اپاس: ڪک سان به پاڻيءَ جو
ڦڙو نه ورتائين. سڀاڻي به اڌ ڏينهن اپواس، رڳو
پنهنجي وڻ جي ڦل ۽ ماکيءَ تي رهندي. ايندڙ جنم ۾
سهاڳ جو ڦل ملندو. ’جيسين هوءَ جيئري رهندي موت کي
سندس پتيءَ جي ڀرسان اچڻ جو به ساهس ڪونه ٿيندو.
اڀيا جي هلندڙ جنم جي ورت جي ڦل پڃ سان، جيڪڏهن هو
موت جي بيماريءَ جو به شڪار ٿيندو ته به موت کي
موٽي وڃڻو پوندو.‘ ساوتريءَ به اهوئي ورت پاليو
هئو. ستيوان جا پراڻ کڻي يمراج يم لوڪ وڃي رهيو
هئو. اتي جو پنڌ ته آسماني آهي. آسماني- رهسيه
لوڪ! دنيوي اکيون اتي جي لاءِ انڌيون آهن. پر ان
ورت پالنا جي پڃ سان ئي ساوتريءَ مئل پتيءَ کي
جيئاري موٽي آئي هئي. ساوتري جي ڪٿا سچي يا ڪوڙي
آهي، ان ورت جي پالنا سان اڄ تائين به ڪڏهن ڪنهنجو
اهڙو سوڀاڳيه ٿيو آهي يا نه، ان جو ڪنهن ويچار
ڪونه ڪيو. هن ديش جون ناريون سدائين کان ان ورت جو
پالن ڪنديون پيئون اچن. هن اڀيا جي اپواس سان سڪل
منهن تي انهيءَ درڍ وشواس جي ڇاپ ڏٺي هئي. ان کي
ڏسي هن جي منهن تي شڪل پکش جي چنڊ جهڙي سنهڙي مشڪ
جي هڪ ليڪ نمودار ٿي هئي. ان ريکا کي ڏسي مهاشيه
جي من ۾ ڪروڌ جي جيڪا به آنڌ مانڌ هئي، بلڪل ڌوپجي
ويئي هئي، اسوءَ جي شفاف آسمان وانگر هن جو چت
چمڪي پيو هئو من ئي من ۾ هن چيو هئو: ”ويڄ جي ناتي
آئون اهو ڄاڻان ٿو ته موت کي نه پڃ جو ويچار آهي
نڪو پاپ جو، هن جي راهه وناش دئاران آهي، جتي وناش
جو زور وڌيل آهي، اتي موت جي جئه آهي، ڌرو سمان
اٽل ۽ دائمي آهي! وري به آئون اڄ بار بارآسيس ٿو
ڪريان، اهو سچ ثابت ٿئي، ايندڙ جنم ۾ تنهنجي
سواميءَ جي جيون ۾ وناش پرٻل به ٿئي ته تنهنجي پڃ
پرتاپ سان موت کي ان ۾ هار مڃڻي پوي!“
هن جي سامهون ڀوڄن جي ٿالهي پرڇي اڀيا چيو هو:
”هيءَ منهنجي ڪيترن ڏينهن کان سَڌ پئي رهي آهي. هر
سال ساوتري ورت جي موقعي تي براهمڻ ڀوڄ ڪرائڻ کان
پوءِ به مون کي ائين پئي لڳو آهي ته اهو پورو نه
ٿيو آهي. اوهان ڀوڄن ڪريو، ته پورن ٿئي.“
کلي ڪري مهاشيه چيو هو: ”پٽ! هن ڀيري شل پورن
ٿئي.“
”اوهان کي ڇا کارايان؟ مون ٻڌو آهي، رات جو چانورن
جي ڀت ۽ ڦل کانسواءِ اوهان ٻيو ڪجهه ڪين کائو.
اهوئي آڻيان؟ کير، انب، ڪيلا ۽ مٺائي!“
”تون جيڪي به ڏينديم ڌيءَ سوئي مان کائيندس. اهو
ئي امرت آهي.“
”هڪ، بس هڪ پوري. ٿوري ڀاڄي، ٿورو شرووو.؟“
”تون پنهنجي هٿن سان جيڪي به رڌيو هجي سو کڻي
آءُ.“
سچ پچ کاڌو امرت جهڙو کيس لڳو هو. اهڙي چاهه سان
هڪ عرصي کان هن نه کاڌو هو. کائي ڪري اٿيو ته کيس
لڳو،”گهڻو کائي ويو آهي.“
انهيءَ ننڍڙي ڇيد جي سهاري هن جو (موت جو) دوت رات
جي پوين پهرن ۾ هن جي ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويو.
ڀانيائي، ڇاتيءَ تي ڪنهن وزني پٿر رکي ڇڏيو آهي.
دماغ جون نسون سست پئجي ويون هيون سمجهه ڪنهن
اٿاهه سڃي دائري ۾ گم ٿي ويس. رڳو جيوَ سنٻڌي
سمجهه جي شڪتي پاڻ کي سچيت ڪري جند جان سان چلائي
اٿي- درد گاڏڙ چيخ!
عطر سمهي ڪانه هئي. من جي ماندگيءَ کي هوءَ سڄي
رات لڙڪن ۾ وهائيندي رهي. اٿي هن بتي ٻاري ۽ هن جي
سيرانڌيءَ کان اچي ويٺي. وئدراج جي نونهن، وئدراج
جي پتني، پٽ به سندس ڊاڪٽر بڻيو هو- هوءَ پتيءَ جي
ڇاتيءَ تي ڦان ٿي ڪانه ڪري پيئي. چرين جيئان
هائيدوس مچائي ڪانه رئڻ لڳي، هن پتيءَ جي مٿي تي،
منهن تي، اکين تي پاڻي ڇڻڪيو، وڃڻي سان هوا ڪئي،
اهڙي طرح شيوا ڇا ڪري ڪئي. مهاشيه اکيون ڦاڙي
بيسود نظر سان ڏانهنس نهاريندو رهيو هو.
عطر ڪشور ۽ ونيه کي اندروءَ جي ذريعي خبر موڪلي،
ستاب کي به چوائي موڪليائين. ڪشور ۽ ونيه ئي
هريندر ۽ پرديوت کي خبر ڏني هئي. هنن جي اچڻ تائين
مهاشيه پاڻ سنڀالي ورتو هو.
رت جي داٻ هو ٻه سو چاليهه.
ٽئين پهر مهاشيه هيءَ ڳالهه چئي هئي:
’موت کي پاپ- پڃ جو ويچار ڪونهي‘ چيو هئائين
”پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي ڇپيٽ
۾ پاڻ اچڻ سان به موت ايندو آهي ۽ هن سان ڪنهن تي
ڇريءَ جو وار ڪندي خود ڇرو کائيندي به موت اچي
سگهي ٿو. ان معنيٰ ۾ هو نروڪار آهي.“
نهنجي ناڙي ڏسندي چيو هئائين: موت جو قاصد اچي
رهيو آهي. ائين پيو لڳي ته ڳوٺ جي ٻاهران هن جي
شهسواري جي آهٽ ٿيڻ لڳي آهي- ڳوٺ جي مهاڳ واري پٿ
تي ڌرمراج جي چبوتڙي تي ويهي ذرا ساهي پٽي رهيو
آهي.“ مهاشيه ذرا مرڪيو هو.
پرديوت چيو هو:”اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ منهنجي لاءِ
مناسب ته ڪونهي. پر اهو دراصل ٿرمبسس ته ڪونهي-
سپئجم جهڙو ٿو لڳي. وڃي رهيو آهي. پار ٿي ويندو.“
پندرهن ڏينهن ۾ئي نونبو ٿي اٿيو هو. چيو هئائين”
”گنگا جي ڪناري ويندس.“
ليڪن وڃڻ نه ٿي سگهيو. سندس ئي راءِ بدلجي ويئي.
عطر جي باري ۾ سوچي چيو هئائين: نه، رهڻ ڏيو. عطر
اڪيلي رهجي ويندي. هن جي تڪليفن جي ڪائي حد نه
رهندي. اهو ته اوهان سڄڻ آهيو، جو هٿ وٺايو ٿا.
اُتي؟ اُتي ڪير هٿ وٺائيندو؟“
عطر چون چرا به ڪانه ڪئي. گويا بت بڻجي ويئي، ون
وهاري جي وڌوا ۽ سندس پٽ هڪ ڀيرو اچي کيس ڏسي ويا
هئا. پهرئين صدمي کان پوءِ مهاشيه چڱو ڀلو ٿي اٿيو
هو. گهمي ڦري سگهيو ٿي.
پريوت چيو هو:”مون چيو هو نه، اوهان ٺيڪ ٿي
ويندا.“
مهاشيه کلي ڏنو هو، ڪڇيائين ڪجهه ڪونه.
پرديوت شڪايت ڪئي هئي: ”اسان کي پر هڪ ڳالهه چوڻي
آهي. اوهان بار بار پنهنجي نبض ڏسو ٿا.“ هن وراڻيو
هو: ”اهوته مان ڪيترن ڏينهن کان ڏسندو پيو اچان،
ڊاڪٽر صاحب.“
”نه. نبض ڪونه ڏسي سگهندا.“
کلي مهاشيه چيو هو: ”هڪ زماني کان نبض ڏسي ماڻهن
کي موت جو ڏينهن ٻڌائيندو پيو اچان. پاڻ جڏهن
تندرست هئس، تڏهن کان نبض ڏسندو رهيو آهيان.
تنهنجو سراغ حاصل ڪرڻ لاءِ- ۽ اڄ جڏهن هو پاڻ
سامهون آهي، تڏهن ان ڪري پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي
ڇڏيان ته هن جي پيرن جي آهٽ نه سڻي سگهان؟“
پرديوت کان ان جي ورندي ڏني ڪانه ٿي هئي. مهاشيه
وري چيو هو: موت جو مون کي ڪوبه خوف ڪونهي ڊاڪٽر
صاحب. تنهنڪري ان جي گهٻرائٽ سان رت جي داٻ جي وڌڻ
جو امڪان ڪونهي.پر...“
هڪ کن چپ رهي چيو هئائين: ”پر پهرئين ڏينهن تيار
ته ڪونه هوس، ننڊ ۾ اوچتو دل تي حملو ٿيو. انوقت
دڄي ويو هوس، بي سهاري ٻالڪ وانگر هڪوار رڙ به
ڪيم. مون موتيءَ جي ماءُ کي ڌڪاريو پر هن جو قصور
ڪونهي. موت جي ڊپ کان وڌيڪ ڪوبه ڊپ ڪونهي. موت جي
پيڙا کان وڌيڪ ڪانه پيڙا ڪانهي. ان ڊپ کان بچڻ
لاءِ آئون اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ منهن وجهيو
پيو هجان؟“
ٽن مهينن کان پوءِ رت جو ٻيو دورو ٿيس. ٻئي ڏينهن
چيائين: ڊاڪٽر صاحب! هينئر ته هو ڌرمراج مندر جي
مولسري وڻ هيٺان ٿڪ ڀڃي رهيو آهي.“
پرديوت کي گذريل ڳالهه ياد ڪانه هئي. هن پڇيو:
”جي؟“
”وري هڪ جهوٽو آيو. رت جو داٻ وڌي ويندو.“
”جي نه. پريشر ته ساڳيو ئي آهي.“
”وڌندو. مونکي نبض مان پتو پوي ٿو.“
پريشر (داٻ) سچ پچ وڌي ويو هو. ٻئي ڏينهن هاءِ بلڊ
پريشر چڙهيل هو. شام ڌاري لڳ ڀڳ بيهوش ٿي ويو هو.
اڄ کان چار پنج ڏينهن اڳ ٽيون ڀيرو حملو ٿيس.
ڊاڪٽر پرديوت چيو: ”ڪالهه کان ڌيان مگن ويٺو آهي.
اکيون ٻوٽي اڌو گابرو سمهيل آهي. مونکي چيائين،
مون کي ننڊ جي دوا نه ڏجو... آئون ننڊ ۾ نٿو مرڻ
چاهيان، جاڳرت اوسٿا ۾ موڪلائڻ چاهيان ٿو.“
منجوءَ پڇيو: ”اوهان منهنجي ماءُ جي نانيءَ جي مرڻ
جي خبر ٻڌي آهي؟ اوهان مهاشيه کي ٻڌايو هو؟“
”مون چوڻ ته چاهيو ٿي؛ پر هن ٻڌو ڪونه. چٺي به
کيسي ۾ وجهي ويو هوس. چيم، منهجي سس جي هوءَ ٻڍڙي
ناني، ڪانديءَ واري ڀوپي بوس جي استري.... جنهنجي
اوهان ناڙي جاچي هئي... هٿ سان اشارو ڪري منع
ڪيائين. چي؛ ”رهڻ ڏيو.“
وهاڻي جي سهاري اڌ ليٽيل. اکيون ٻوٽي مهاشيه ڌيرج
اوسٿا ۾ پيو هو. موت جو انتظار ڪري رهيو هو. ڄاڻ
اٿس ته يمراج جي سواري اچي رهي آهي. هن جي پيرن جي
آهٽ محسوس ڪري چڪو آهي؛ جنهن ڏينهن بلڊپريشر (رت
جي داٻ) جو پهريون حملو ٿيو هوس. آخري گهڙي هن جي
دوبدو ٿيڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن هن کي روپ هوندو، ته هن
کي ڏسندو، آواز هوندو ته ٻڌندو، هن ۾ بوءِ هوندي ،
ته آخرين پساهه سان ان بوءِ جو واس وٺندو ۽ ڇهاءُ
هوندو، ته ان ڇهاءُ کي محسوس ڪندو. وچ وچ ۾ ڄڻڪ سڀ
ڪجهه گهاٽي ڪوهيڙي سان ڇانئجي الوپ ٿي وڃي ٿو...
سڀ ڪجهه ڄڻڪ غيب ۾ سمائجي رهيو آهي. ماضي، حال،
يادگري، خود شناس، مڪان، زمان... سڀ ڪجهه. وري اهي
سڀ موٽي ٿا اچن... اکيون کولي انهن کي واچي ٿو.
اچي ويئي سواري؟ هو سڀ ڪير آهن؟ پريان کان ڇايا
چترن وانگر ڏيکاري ڏيندڙ هو سڀ ڪير آهن؟....
ڏاڍي جهيڻي ڀاو سان هنن جو آواز سندس ڪنن ۾ پهچي
ٿو.
”ڇا ٿا چون؟ ڇا؟“
”ڇا ٿي رهيو آهي؟“
مهاشيه ڪنڌ ڌوڻيو ”الاجي“ ڪنڌ ڌوڻيندي ئي هن جون
پلڪون وري جهڪي ويئون. پرديوت ڏٺو، هن جي مرجهايل
چهري تي هڪ گهري شانتيءَ جي ڇايا پئجي رهي آهي.
”مهاشيه ڇا ڏٺوَ؟“ پرديوت سمجهي ڪين سگهيو.
اهڙي مهورت ۾ عطر مهاشيه جي منهن کي جهلي چيو:
ڌيان سماپت ٿي ويو؟ ماڌوُ جي چرنن ۾ شانتي ملي
ويئي؟ ۽ آئون؟ مون کي به ته پاڻ سان نيو هل“
شانت آتم سمپرڻ ڪندي هوءَ ڀتار جي بستري تي ڍرڪي
پيئي.
سماپت |