[36]
اهڙي نااميدي ته ڪانه هئي، پر خبر گويا اچانڪ ئي
ملي. مهيني کان پوءِ. ويساک جي آخرين هفتي ۾.
راڻا پاٺڪ مري ويو. ڪشور خبر ڏني. هو اتي ويو هو.
راڻا ئي کيس گهرايو هو. نوگرام جا ڪي مهاڻا مڇي
مارڻ ويا هئا. انهن مان ئي هڪڙي کي هن نياپو ڏنو
هو: ”ذرا ڪشور بابو کي چئجو، هڪ ڀيرو ٿي وڃي. آئون
شايد هڪ ٻه ڏينهن مس ڪڍان. سمجهي وئين.“
پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ راڻا ڳوٺ جي ٻاهران گهاٽ-
ڪناري هڪ جهوپڙي ٺاهي رهندو هو. گهاٽ سندس مقاطعي
۾ هو گهاٽ هن لاءِ بيحد عزيز هو. پنهنجي زندگيءَ
جي سڀ کان وڌيڪ آنند ۽ خوشي هن اتي ئي ماڻي هئي.
نديءَ ۾ تريو آهي، رات جو ڪپر لڳ جهوپڙيءَ يا
ٻيڙيءَ ۾ وهي شراب نوشي ڪئي اٿائين.استري ڀوڳ،
گانو بجانو، کاڌو پيتو هر طرح جي موج اڏائي چڪو
آهي. گهڻو ڪجهه ڪيو اٿائين. خود ٿلهي آواز سان دل
کولي ’ڪالي ماتا‘ جو نام جاپ ڪيو اٿائين. انهن
ڏيهن ۾ هو سنياسي بڻجي پيو هو. سنياسين جيئان ئي
اتي رهندو هو. گيڙو وستر ڌاري، ڏاڙهي مڇون به
وڌائي ڇڏيون هئائين، نيم سنجم سان رهيو. دوا ديوي
مندر جي ئي کائيندو رهيو. اٽل وشواس! کن پل لاءِ
به لوڏو نه آيس. مرڻ توڻي به هن قبول ڪين ڪيو.
چيائين: ”منهنجي للاٽ ۾ لکيل ئي اهو آهي، ته ديوتا
ڪندا؟“
ڪشور کي ئي ٻڌايو هئائين. ڪشور جڏهن پهتو، تڏهن
راڻا سڪرات ۾ هو. رڳو ڪي ڪلاڪ جيئرو رهيو هو. ڪشور
ڊاڪٽر ويڄ گهرائڻ چاهيو. راڻا انهيءَ جي جواب ۾
چيو: ”ڊاڪٽر ويڄ لاءِ اوهان کي ڪونه گهرايو اٿم
ڪشور بابو! اوهان کي جنهن واسطي گهرايو اٿم سو
ٻڌو. رات جو رهڻ واسطي مون وٽ هڪ آدمي هئڻ گهرجي.
وقت تي پاڻي پياري ۽ گدڙن کي ڀڄائي ندي ڪناري
لاوارث لاش کائيندڙ گدڙ ڪمبخت ڏاڍا خونخوار آهن.
ٻن ٽن ڏينهن کان آسپاس چڪر ڪاٽيندا رهيا آهن. تختي
تي لٺ ٺوڪي ۽ وڄائي، هڪل سان ڪالهه به کين ڀڄايو
اٿم. اڄ مون کان ڀڄائڻ به نه پڄي سگهندو. ۽
.......“
چوندي راڻا ذرا کليو. کلي چيائين: ”مرڻ کان اڳي ته
سڀ ايندا آهن. مگر راڻا ڊڄڻ وارو نه آهي. سگهه هجي
ها ته للڪاريان ها، آءُ هڪ هٿ ٿي وڃي. پر سگهه نه
آهي. ڪوئي ماڻهو ملي وڃي ته سٺو ٿئي. هيءُ ٿيو
نمبر هڪ. نمبر ٻيو: لاش جي اگني سنسڪار جو انتظام.
سلهه جو مريض ٿيس. ڳوٺ وارا ته ويجهو به ڪونه
ايندا. ان جو به بندوبست ٿي وڃي. نمبر ٽيون: ٻار
ٻچا. ماءُ ته اڳي ئي گذاري وين. هاڻ بابو به ٿو
هلين. اوهان هتي اثر وارا ماڻهو آهيو، ٿي سگهي، ته
هنن يتيمن تي ذرا نظر رکندا ۽نمبر چوٿون اهو، ته
علاج جي بابت مهاشيه جن جي مون ڏانهن بقايا آهي.
کين چئجو، مون کي ان لاءِ معاف ڪري ڇڏين. بس.“
مهاشيه ونيه جي دڪان تي اهو ٻڌو. سناٽي ۾ اچي ويو.
هن جي نيڻن مان ٻه لڙڪ ڪريا ۽ شوجيءَ جي جٽا۾،
گنگا وانگر سندس گهاٽي ۽ ڊگهي سونهاريءَ ۾ سمائجي
ويا. هو ڪافي دير چپ ويٺو رهيو. نيٺ چيائين:
”گووند! گووند!“
جيه گووند!
آواز مان ئي تاڻي ويو ته مري ويشڻوي آئي آهي. پر
ههڙو ڪمهلو؟ اڪثر هوءِ صبوح ساجهرو ايندي آهي.
بکيا ڪاڻ نڪرندي آهي، اڀيا جي موڪليل پرساد جي
مٺائي آروگيه نڪيتن ۾ مهاشيه کي ڏيئي پنهنجي واٽ
وٺندي آهي. اڄ سنجها ٽاڻي ڪيئن اچي پهتي ۽ سو به
ونيه جي دوڪان ۾؟ ڳالهه ڇا آهي؟ اڀيا وري بيمار
پئجي ويئي ڇا؟ راڻا جو انتم سنسڪار ڪري ڪشور ٿڪو
ماندو پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي سمهي پيو
آهي. اڪيلي ۾ مهاشيه پنهنجي نبض جاچي رهيو هو. اها
هينئر سندس هير ٿي ويئي آهي. مريءَ جو آواز جو
ٻڌائين؛ سو پنهنجي ناڙ امالڪ ڇڏي ڏنائين. سڏيائين:
”مري!“
”پرڻام بابا!“
”هينئر تون ڪيئن اچي نڪتينءَ؟“
هن کلي چيو: ”موٽي رهي آهيان.“ پنهنجي جهوليءَ مان
هن پنج انب ڪڍي اڳيان رکيا.
کلي چيائين: ”اڀيا جي وڻ جا انب آهن. پهرين مند جا
پڪا آهن. ڪالي ماتا واسطي سڀ کان اول ڪيترائي
رکيائين ۽ پوءِ هيءُ پنج انب منهنجي حوالي ڪندي
چيائين: ”پهچائي اچ مري. اڄ گوپي ناٿ پور ۾،
”اَشٽيام- هري نام“ هو. رسوئي پاڻي ڪري وئشڻون جي
شيوا ٽهل ۾ پنهنجو هٿ پوتر ڪرڻ ويئي هئس. سوچيم،
ڏينهن جو هيءُ خراب ته ڪونه ٿيندا پاڻ گڏجي کائڻ
لائق ٿي ويندا.“
مري جهڙين وئشڻوين جي بات چيت جو اهڙو سليقو
اڄڪلهه درلڀ ٿي رهيو آهي: ڳالهه ۽ سر جو اهڙو
ميٺاج ۽ شيريني سدائين درلڀ آهي. مريءَ ۾ ٻئي
خاصيتون آهن. مهاشيه جي من کي ڏاڍو آٿت ملندو آهي.
مريءَ چيو:”گوپي ناٿ پورا کان موٽي رهي آهيان.
مونکي سڌ هئي ته اڄڪلهه شام جو اوهان هتي ويهندا
آهيو. ان ڪري هتي آيس.“
غير قلمي انب، پر شرڌا ۽ شڪرگذاري جي ميٺاج ڪري
امرت هو. هڪ پل اڳي جيڪا ڌرتي ويراڳ جي گيڙو رتل
پهراڻ ۾ اداس نظر اچي رهي هئي، گهري ممتا جي ساوڪ
سان ڪومل بڻجي پئي.
مريءَ چيو: ”اڀيا هڪ ٻي ڳالهه به چئي آهي.
”ڪهڙي ڳالهه؟“
”ڄيٺ ۾ ساوتري چتر دشي (چوڏس) جو ورت آهي. ان
ڏينهن جو نوٽو رهيو.“
کيس ياد اچي ويو، ششانڪ جو موت نشچت ڄاڻي هن اڀيا
کي نوٽو ڏيئي پيٽ ڀري کارائڻ چاهيو هو. گهٽي جي
موڙ تي هٿ ۾ ڏيئو کڻي بيٺل اڀيا جي اها تصوير اکين
۾ تري آيس. ”سينڌ جي سنڌور تي ڏيئي جي جوت ڇٽڪي
پئي آهي: اکين جي پتلين ۾ ان جو پاڇو.“ مهاشيه کان
سيسراٽ نڪري ويو. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين: ”ساوتري-
چوڏس جو کائڻ پيئڻ رات ۾ ٿيندو آهي. ٻڍاپو آهي.
رات جو ته مون کان وڃڻ ڪين پڄندو.“
مريءَ چيو: ”مون کيس چيو هو. پر چيائين، آئون به
سمجهان ٿي، پر منهنجي آس آهي. هڪ ڀيرو وڃي زور ته
ڀري اچ تون. هڪ ڳالهه ٻي.“
”چئو.“
”ٿوري مڇيءَ جي بندوبست واسطي چيو اٿائين. هن سال
هن جي تلاو ۾ مڇي ڪانه ٿي آهي.“
مهاشيه سرهو ٿي ويو. چي: ”اڀيا مڇي گهري آهي؟
موڪلي ڏيندس: موڪلي ڏيندس.“
”هيءُ انب اوهان ضرور کائجو....“
”ضرور کائيندس: ضرور!“
مري پرٿويءَ کي مڌر بڻائي هلي ويئي.
هن کيس وري پڪاريو: ”مري! اڙي او مري!“
”بابا!“ هوءَ واپس وري.
”هن کي چئج، آئون ايندس. ساوتري ورت جي موقعي تي
آئون ايندس. اِندروءَ کي ساڻ نيو ايندس: آئون
ايندس:
ڌرتيءَ جو ڄڻۡ سمورو سنڪوچ مٽجي ويو، سموري تلخي
ڌوپجي ويئي آهي. هو ويندو.
* * * *
من ۾ هري نام جون ڇوليون اٿڻ لڳيون رات ڪافي گذري
چڪي آهي. نوگرام بازار جون بتيون جهڪيون ٿي ويئون
آهن. لالٽينن جي چمنين تي ڪارنهن ڇانئجي ويئي آهي،
بتين تي غبار ڄمي ويو آهي. ڪنهن جي بتيءَ مان ٻه
لاٽون نڪري رهيون آهن، ڪنهن جي هڪ ئي لاٽ
ميرانجهڙي ۽ اوچي ٿي ويئي آهي. پيٽرومئڪس (گولن)
جو به ساڳيو ئي حال آهي. انهن جا مينٽل به
ڳاڙهيسرا ٿي ويا آهن، ڪجهه ڪجهه ڪارا: چٽا ٿي ويا
اٿن. گهڻي ڀاڱي مراديءَ جي پيتين کي ڪلف لڳي چڪا
آهن: باڪس جي مٿان لعل ڏوريءَ سان ٻڌل جمع خرچ جي
وهين جو ڍڳ. دڪان بند ڪرڻ لاءِ آدمي ڪلف ڪنجي کڻي
بيٺو آهي. ڌجودت جو دڪان چڱو وڏو آهي: اتي هينئر
به چئين اٺين آني جي گراهڪي. ٻُڪي لڳي پئي آهي،
نوٽن جي ٿهيءَ جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. دوڪان جي ڀرسان
کليل جڳهه ۾ ڪيتريون بيل گاڏيون آهن: ڏاندن کي
ڇوڙيو ويو آهي. گاڏيءَ جي هيٺان پال جو هنڌ لڳايو
ويو آهي. چوسول تي جيڪو چانهه جو دوڪان آهي، ان ۾
اڃا تائين چار پنج ماڻهو ڄميا ويٺا آهن. هڪ طرف
ساڌو خان جي هڪ ماڙ- مڪان جي دروازي تي چارو بابو
۽ پديوت ويٺا آهن. هن جو ڪو آپريٽو ميڊيڪل اسٽورس
۽ سهڪاري دوائن جو دوڪان* به اتي ئي آهي. ان جي
روشني نئين آهي، ان ڪري اڃا ائين تيز جلي رهي آهي.
”ڊاڪٽر پرديوت ڪنهن مهل موٽي آيو.“
موٽيءَ جي پٽ جي مرڻ کان پوءِ موڪل وٺي ڪٽنب سميت
ڪلڪتي هليو ويو هو. ماڻهن وٺي افواه اُٿاريا ته
موتيءَ جي پٽ جي مرڻ ڪري پرديوت کي من ئي من ۾
ڏاڍو صدمو رسيو آهي. انهيءَ شرم مان پنهنجي بدلي
ڪرائڻ لاءِ موڪل وٺي ڪلڪتي ويو آهي.
پرسيتا ردڪد ڏنو هو. نه. هو هتان جي ڪلنڪ کولڻ جي
سلسلي ۾ ڪلڪتي ويو آهي. جنهن لاءِ وپن بابو پنج
هزار رپيا دان ڪري ويو آهي. اهي رپيا سرڪار جي ذمي
ڏيئي ڪجهه ٻين رپين جي منظوري ڪرائي جنهن ۾ جلد از
جلد ڪلنڪ کولي سگهجي، انهيءَ جي پيروي ڪرڻ لاءِ
ويو آهي. اتي وڌان سڀا جي ڪنهن ميمبر جي معرفت
مکيه منتري ڊاڪٽر بي-سي- راءِ سان ملندو. چئي ويو
آهي ته في الحال جيترا رپيا آهن، انهن جو سامان
خريد ڪري ئي ڪلڪتي مان موٽندو.
آدمي ڳالهه جو پڪو آهي. سامان وٺي موٽيو هوندو.
سيتا اهو به چيو: ”پر من ئي من ۾ هو مايوس ٿي ويو
آهي. زباني هن جيڪي به چيو هجي، پر اندر ئي اندر
هو اوهان تي بيحد ناراض آهي.“
”اڇا!“ مهاشيه کي اها ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ ياد ڪانه اچي
رهي هئي. هن سيتا جي ڳالهه جو تکو ته نه، هلڪو
وروڌ ڪيو: ”نه، نه. تون ڀل ڪري رهي آهين.“
ڪنڌ ڌوڻي سيتا چيو: ”اون هون، اوهان هن چڱي مڙس کي
چڱيءَ طرح ڪونه ٿا سڃاڻو، ڊاڪٽر صاحب! هڪ به ڳالهه
هو وسارندو ڪونهي. وڏي اهنڪار وارو آدمي آهي. ڪنهن
به ڊاڪٽر کي چڱو نٿو سمجهي. اهو به ٻڌايانوَ، آئون
جو اوهان وٽ هتي اچان ٿي، ان ڪري به هو مون تي
ناراض آهي.“
اهو ٻڌي مهاشيه کي چوٽ رسي هئي. سوچڻ لڳو-
”هڪ معمولي گهراڻي جي ڇوڪري! ويچاري! مون ڪڏهن کيس
بچايو هو؛ ان ڪري هوءِ منهنجي احسانمند آهي. ان جي
لاءِ به ناراضگي! هڪ ادنيٰ نرس! ان جي شڪرگذاري،
هن جي ساراهه... ان جو ملهه به ڪيترو آهي؟ الائي
ڪڏهن، بچپن ۾ هن کي چاڪ ڪيو هوم. پاڻ کي به ياد
ڪونه اٿس- اها ڳالهه- هن نينگر ئي کيس اها يادگري
ڏياري هئي. سنه اوڻويهه سو ٽيهه!“
”سب رجسٽري آفيس ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ آيو هو: رام لوچن
سرڪار. پنهنجي سڪيلڌي وڌوا ڌيءَ سان گڏ، استريءَ ۽
ڌيءَ جي هڪ معصوم ٻچڙيءَ سان گڏ، انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي
رهيو هو. ڪل اٺ مهينا هت رهيو هو. هن جي وڌوا ڌيءَ
ڏاڍي بيمار ٿي پئي هئي. ڪنهن کي به اميد ڪانه هئي
ته هوءَ ڪا بچندي. مهاشيه علاج ڪري کيس نوبنو ڪيو
هو. سيتا تڏهن هڪ ابهم ٻالڪا هئي: هڏين جو پڃرو.
اوڻويهه سو ايڪٽيهه ۾ جيڪا مليريا ٻارن جي لاءِ
مهاماري بڻجي آئي هئي تنهنجي چپيٽ ۾ هيءَ ٻچڙي به
اچي ويئي هئي، مئل جهڙي ٿي ويئي هئي. ان مان هن
ٻچيءَ کي پاڻ ئي بچايو هئائين. ان ڏينهن گهر ۾
ويهي جڏهن سڄو قصو سڻائي ويئي، تڏهن به مهاشيه کيس
ڪونه سڃاڻي سگهيو: سڃاتو عطر. چي: ”اڙي، تون اهائي
ڇوڪري آهين؟ ههڙي ٿي ويئينءَ؟ مون توکي ڪيترو هنج
ڪڏايو آهي، تيلملي اس کارائي آهي!....“ تڏهن ڌيري
ڌيري کيس ياد پوڻ لڳو. کيس ڏاڍو سک مليو هو. گويا
اس وچان تتل آسمان مان ڀڳوان اچانڪ ماکيءَ جي هڪ
بوند اڇلي! دنيا م اهو سک درلڀ آهي، پر ملهه ان جو
ڪجهه به ڪونهي! ڪڏهن مهاشيه جي من ۾ ايندو آهي،
وئدڪ جيون ۾ اڳڪٿي (موت جي) جو جيڪو لهڻو (قرض)
آهي، ان کي ايشور ششانڪ جي وڌا جي سراپ سان چڪايو
آهي ۽ مريض جو قرض چڪايو ويو آهي سيتا جي احسان
شناسي سان. هن ٻالڪا کي تڏهن سمجهه به ڪانه هئي.
ماءُ کان ٻڌل ڳالهه کي هن ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي.“
”مهاشيه آهيو؟“
روشني کان جڳمڳ ٿيندڙ چوراهي تان لڪي وڃن سٿرو
ڪونهي. چارو بابوءَ جي نگاهه پئجي ويئي. ترسڻو
پيو. منهن ورائي چيائين: ”جي ها. ويٺا آهيون؟ چڱو،
پرديوت بابو ڪڏهن موٽيو؟ نمستي.“
نمستي ورائي پرديوت چيو: ”جي، چار ڏينهن ٿي ويا.“
”چار ڏينهن؟ ٿيا هوندا. اڄ ڪلهه ڪيترن ڏينهن کان
سيتا ڪانه آئي آهي.
”ذرا هيڏانهن ته اچجو. اوهان جي لاءِ ئي اسان هت
ويٺا آهيون. چارو بابو آکيو.
”منهنجي لاءِ؟“ مهاشيه کي شڪ پيو. وري الائي ڪهڙي
شڪايت؟‘ ’ڇا ٿيو؟ الائي ڪهڙي ڀل چوڪ ٿي ويئي؟‘ من
ئي من گهڻو ئي ڦولهيائين. ’نه، ڪنهن جي موت جي اڳ
ڪٿي ته ڪانه ڪئي اٿم؟ پوءِ؟ راڻا جو ذڪر؟ آخر به
هو ڇا چوندا- ها، ته جيئن ته مون هن کي ڪابه اُميد
ڪانه ڏيکاري، ان ڪري نااميد ٿي بنا علاج جي هو
ساسين سکالو ٿيو؟ يا ائين چوندا ته مون ئي هن کي
ديوسٿان وڃڻ لاءِ همٿايو هو؟!
چارو بابو چيو: ”پرديوت جي پتنيءَ کي بخار ٿيو
آهي، اوهان کي هڪ ڀيرو هلي ڏسڻو پوندو.“
”پرديوت جي استريءَ کي بخار؟ مونکي ڏسڻو پوندو؟“
”جي. ڪلڪتي مان ئي تپجي موٽي آئي. ڪيئن ته لڳي رهي
آهي! اينٽارڪ ته خبر آهي ئي، پر ٽائيفائيڊ جا به
اهڃاڻ آهن. ليڪن چار ڏينهن ٻيا گذرڻ کانسواءِ رت
جي جاچ بنا پتو ڪونه پئجي سگهندو. اوهان ذرا ناڙي
ڏسوس. ٽائيفائيڊ به هوندوته تمام ويرولينٽ ٽائيپ
هوندو. چار ئي ڏينهن ٿياآهن. پهريون هفتو آهي، پر
بخار هڪ سو ٽي هلي رهيو آهي. پرديوت بابو مون کي
گهرايو هو. پر مان بلڪل ٺيڪ ٻڌائي سگهڻ ۾ لاچار
آهيان. اوهان ٻڌائي سگهندا. ناڙي اوهان ٻڌائي
سگهندا، اهو مان وڏي واڪي چئي سگهان ٿو. هن کي به
چيو اٿم.“ چارو بابو آڱر سان پرديوت ڏانهن اشارو
ڪندي چيو.
هينئر وري پرديوت به ڪجهه ٻوليو:[1]
”ڊائيگونوسس اوهان جو ڪمال جو آهي. اوهان رڳو اهو
ٻڌايو ته ٽائيفائيڊ آهي يا نه!“
مهاشيه کلي پرديوت ڏانهن نهاريو. هيستائين هو رڳو
ڪنڌ جهڪايو بيٺو هو. چيائين: ”هلو.“
* * * *
دلفريب ڪومل انگن واري، هوءَ گلاب جي گل جيئان
ٽڙندڙ جوانڙي اڄ ڪوماڻي پيئي آهي. تپ جي جوش وچان
منهن ڳاڙهو ۽ ڀريل ٿي ويو اٿس. ڀونئرن جهڙا
گهنڊيدار وار ڪجهه ته وهاڻي تي هيٺ پکڙيل آهن،
ڪجهه ڳل تي اُڏري رهيا آهن. ڳل تي آلي ڪپڙي جي پٽي
اٿس. گهر مان هڪ عجيب بوءَ اچي رهي آهي. اگربتي،
اوڊي ڪولين، فنائيل، دوا، سڀني جي گڏيل گنڌ.
سيرانڌيءَ کان نرس ويٺي آهي. سيتا! ها اها ئي ويٺل
آهي.
پنهنجي ناڙي- وديا جي گرو- پنهنجي پتا کي سمرڻ ڪري
هن بيمار جو هٿ مٿي کنيو. هڪ ڇڏي وري ٻيو هٿ
کنيائين. ڏسي اهو به رکيائين. بخار تيز آهي. هڪ سو
ساڍن ٽن کان به وڌيڪ. چئن جي لڳ ڀڳ.
سيتا سندس منهن ڏانهن تڪي رهي آهي. انتظاريءَ
وچان: ڇا ٿو چوي. پتنيءَ جي سيرانڌيءَ کان جهڪي
ڪومل آواز ۾ پرديوت سڏيو: ”منجو!“
ڀرووُن ذرا تاڻي اکيون ٻوٽي هن وراڻيو: ”اوُن“
”هتان جو جيون مهاشيه توکي ڏسڻ آيو آهي.“ هن اکيون
کوليون. وڏيون موڪريون ٻه اکيون. مهاشيه کي هڪوار
مٿان کان هيٺ تائين ڏسي هن وري اکيون بند ڪري
ڇڏيون.
پرديوت چيو: ”پنهنجي ڄڀ ته ڏيکار!“
هن ڄڀ ڏيکاري.
چارو بابو سيتا کي چيو: ”ٿرماميٽر کڻي اچ.“
مهاشيه چيو: ”رهڻ ڏي. هينئر کان پهريائين ڪيترو
هو؟“
ڊاڪٽر هڪ ڪاپي آڻي سامهون رکي: ”هڪ سو ٽي پائنٽ
چار.“
مهاشيه ڪمري کان ٻاهر نڪتو. چي: ”بخار ڪجهه وڌي
ويو آهي. اڌ ڊگري.“
پرديوت وٽس اچي بيٺو. هوريان پڇيائين:
”ٽائيفائيڊ؟“
جيونمهاشيه کي تڪيلف ٿي. چي: ”اڄ ٺيڪ ٻڌائي نه
سگهندس. سڀاڻي ڏسي ٻڌائيندس. اڄ منهنجو من چنچل
آهي.“
”ليڪن مانته ڪلورومائيسيٽن ڏيڻ جي سوچي رهيو
آهيان. پهريون هفتو آهي“ هو ڪمري ڏانهن وريو:
”سيتا، ڪيترو بخار آهي؟“
ٿرماميٽر کڻي سيتا آئي ۽ پرديوت کي ڏسي چپ چاپ
موٽي ويئي. ليڪن هڪ هلڪي مرڪ وچان سندس چهرو ٽڙي
پيو هو. ڇو ته ٿرماميٽر جي ڪاري ليڪ هڪ سو چئن جي
نشان کان هڪ پائنٽ هيڏانهن هئي. ڏسي پرديوت چيو:
”ها هڪ سو چار ئي آهي.“
جيون مهاشيه چيو: ”بخار اڄ هن کان وڌيڪ ڪونه
چڙهندو. آئون صبوح جو سويل ئي ايندس.“
”مان ڪلورومائيسٽين کڻي آيو هوس. ڏيئي سگهان ها
ته....“
”سڀاڻي اڄ نه هن بيماري ۾ اٺن ڪلاڪن ۾ ڪو خاص فرق
ڪونه پوندو.“ ۽ هو مرڪيو: ”اوهان ناراض ته ڪونه
ٿيندا؟“
”جي نه. چئو“
”اوهان اٻهرا ٿي پيا آهيو ان ڪري اوهان جو علاج
ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.“
”جي نه. مان ٺيڪ آهيان. پر علاج مان ڪونه ڪري رهيو
آهيان، چارو بابو ڪري رهيو آهي.“
ٻئي ڏينهن صبوح جو هن جي نبض جهلي جيونمهاشيه ڳچه
دير تائين ڌيان ۾ ويٺو رهيو.
ساجهر جي ويل. مشڪندڙ ڪرڻن سان گهرج ٻهڪي رهيو
آهي. دريون کليل آهن. ڪمري کي جيوڙا ناس ڪندڙ دوا
جي پاڻيءَ سان ڌوتو ويو آهي، هڪ طرف اگربتي ٻري
رهي آهي. کٽ جي ڀرسان ٽپائي تي دوا جي شيشي، فيڊنگ
ڪپ، ٻه چار سنگترا، ٽيمپريچر چارٽ رکيا آهن. بيمار
اڳي کان هاڻ بهتر آهي. تپ گهٽجي ويو آهي. چپ خشڪ
اٿس. سستي گهٽ آهي. تڏهن به اکيون ٻوٽي پيئي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن کولي ٿي. پلڪون وري جهڪي وڃن ٿيون. مٿي
تي پاڻيءَ جي پٽي رکيل ڪانهي. ڳل ۽ منهن لعل ۽ سڪا
پيا آهن. کلي روشني جي سرهائي ۽ ويساکي پرڀات جي
مهڪ جي هوندي به گويا کيس چين نه آهي. رکي رکي نڪ
کي رڳڙي ٿي.
هن نبض جي رفتار محسوس ڪئي. ڌيري ڌيري صاف پتو پوڻ
لڳو....
جهيڻي جهيڻي- ٽٽل ٽٽل- ويڪل ۽ وياڪل ۽.....
تمام جهيڻي ۽ ماندي ٿڪل چال سان ڀاري قدمن سان
ڌڏندڙ گتيءَ سان هلي رهي آهي: بيوس ۽ بيڪس جي ڇاپ.
گويا: گويا وياڪل جيون، ڦڙڪ، ڊپ وچان ڪو آسرو-
سهارو ڳولهي رهي هجي. سر سام- بخار (مدي جي تپ) جا
سمورا اهڃاڻ صاف نطر اچي رهيا آهن. تردوش (ٽي
خرابيون) جو تکو ۽ ٽطرفو حملو! لڳي ٿو... خير، اها
ڳالهه ڇڏي ڏجي. جيون مهاشيه اکيون کولي پرديوت
ڏانهن نهاريو. هو خود سندس ڏانهن نهاري رهيو هو.
خبرداريءَ سان بيمار جو هٿ بستري تي رکي هو ٻاهر
نڪري آيو. صابڻ پاڻي ۽ ٽوال کڻي نوڪر بيٺو هو. هٿ
ڌوئي ٽوال سان اگهندي جيون مهاشيه چيو: هيءُ
ٽائيفائيڊ آهي.“
اسپتال جي ڊاڪٽر چيو: ”شڪ ته مونکي به پيو هو پر
منجوءَ مون کي آڳي پيڇي ۾ وجهي ڇڏيو هو. اسان
ماڻهو ته دستور موجب ٽائيفائيڊ جي سئي وٺي ڇڏيندا
آهيون. چار مهينا اڳي به هيءَ هڪ ڀيرو ڪلڪتي ويئي
هئي. سڄو مهينو اُتي رهي هئي. انهيءَ وچ ۾ سئي
هڻائڻ جو وقت گذري ويو. مون ته هتي هڻائي ڇڏي هئي.
کيس لکي ڇڏيم: اتي ئي ٽي-اي-بي وٺي ڇڏج. هن لکيو
ته وٺي ڇڏيو اٿم. مون يقين ڪري ورتو. جڏهن هتي آئي
ته مون کانئس پڇيو به هو. هن چيو هو، وٺي ڇڏيو
اٿم. اڄ صبوح جو هن ٻڌايو ته سئي ڪونه هڻائي
اٿائين. سو به جڏهن مون کيس چيو ته مهاشيه مونکي
ٻڌائي ويو آهي ته هي ٽائيفائيڊ آهي. تڏهن ئي هن
کولي ٻڌايو، خير، هاڻي نشچنت ٿي ڪلورو مائيسيٽن
ڏيندس. چارو بابو، هريندر بابو ٻئي اچي رهيا آهن.
تن کان به رايو وٺان ٿو.“
سيتا ڪمري ۾ آئي. وهنجي سنوارجي هوءَ ڄڻڪ سنجيوني
بڻجي موٽي آهي. اڄ هوءَ بيحد خوش آهي. شايد ڊاڪٽر
پرديوت جي ان منظوريءَ ڪري هوءَ ڪپڙن ۾ نه سمائجي
رهي آهي.
چارو بابو آيو. مهاشيه کي ڏسي چيائين: ”مهاشيه
ٻڌايو! پوءِ ڇا، ڪلورومائيسيٽن. بي کٽڪي ڏيو.“
ڪلورومائيسيٽن! نئين يگه جي ايجاد. ادڀت دوا! اٽوٽ
ٽائيفائيڊ: ساکيات مرتيو جي ساهڙي- بيماري. برساتي
جابلو نديءَ جهڙي تيز ڌارا: جنهن کي روڪي نٿو
سگهجي، جنهن کي ورائي نٿو سگهجي. ٻوڏ وانگر من
ماني ريت وهي. پاڻ کي خالي ڪري تڏهن ساهه پٽيندي
آهي. ان تيز وهڪري جي رهجي وڃڻ تي زندگي ٽڪي ويندي
آهي ته بيمار بچي پوندو آهي. ان باغ جيئان قائم
رهندو آهي، جنن جي سموري اپج شڪتيءَ کي ٻوڏ جو
پاڻي مٽيءَ سان گڏ وهائي ويندو آهي. ان جي حالت
کاڌل- ڪلراٺي زمين جهڙي ٿي ويندي آهي.
برجلعل بابوءِ جي ڏوهٽي جي بيماريءَ ۾ هن
وَڪٽراوفاز ڏٺو هو. ان ڀيري ته ان مان ڪو فائدو
ڪونه ٿيو هو. بعد ۾ افاز مان فائدا ڏٺا اٿائين.
ڪلورومائيسيٽن شايد تز ۽ اَچوڪ آهي. معيادي بخار
جي بيمار کي ڏسڻي ڏيکاري روڪڻ جي جريت هيءَ دوا
رکي ٿي. ٻڍو جيون مهاشيه ان کي ڏسڻ جي چاهنا
ڏيکاري اتساهه سان ويٺو رهيو. ان دوا جي شيشي ونيه
جي دوڪان ۾ ڏسي چڪو آهي. هڪ ڪيس جي لاءِ ٽي شيشيون
ڪافي آهن. سڀاڻي کان ئي بخاري گهٽجڻ لڳندو ٽئين
ڏينهن تي ته بنهه لهي ويندو. اچرج ئي ته آهي!
پرديوت چيو: منجو! منجو! وات کول! ٽيبليٽ آهن.“
سيتا ٽوال ۽ پاڻي کڻي بيٺي هئي. هن منجوءَ جي وات
۾ پاڻي وڌو. چارو بابو ٽيبليٽ کارايس.
سنجها جو جيون مهاشيه وري ويو. نبض ڏٺائين: ”تپ
وڌي ويو آهي. ساڍا چار ٿيندو. سيرانڌيءَ کان اڄ ٻي
نرس ويٺي آهي. سيتا شايد موڪل تي هوندي.
ٻئي ڏينهن به بخار گهٽ نه ٿيو. اڳئين ڏينهن کان به
وڌيڪ ويو هو. سستي به وڌي ويس.
ٽيون ڏينهن.اڄ تپ لهي وڃن گهرجي، پر ڪٿي؟ مهاشيه
گنڀير درشٽي سان ڏسندو رهيو، ”دوا جو اثر ڪيڏانهن
ويو؟“
پرديوت، چارو بابو، هريندر، ٽنهي جا من وياڪل ٿي
ويا. ”سوئي ته، ته ڇا...؟“
جيون مهاشيه درڍتا سان چيو: ٽائيفائيڊ آهي. نبض ۾
ڏاڍو ٻل آهي: ايترو ئي آئون چئي سگهان ٿو.“ ڪرڙوڍ
چارو بابو، بي صبر آهي. ٿوري ۾ ئي ڀڙڪي پوندو آهي
۽ ٿوري ۾ ئي واڇون ٽڙي وينديون اٿس. هو دلشڪستو ٿي
پيو آهي. اهو ئي ته! سنسار ۾ مني رشي به ڀرمائجي
وڃن ٿا!
جيون مهاشيه درڍتا سان ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”نه.مون کي
وهم ڪونه ٿيو آهي.“
پريوت کي ڄڻڪ ڳڍڙيون پئجي ويئون، چي: ”چارو
بابووري ڪلورو مائيسيٽن ڏيو.“ هن پنهنجي هٿ سان
شيشيءَ جو منهن کوليو. دوا چارو بابوءَ کي ڏنائين.
جيون مهاشيه جڏهن شام جو پهتو، تڏهن ڏٺائين،
پرديوت ٻنهي هٿن سان ڪن جهلي ورانڊي ۾ ويٺو آهي.
مريض جي سيرانڌيءَ کان سيتا ويٺي آهي. سيتا ٻڌايس.
”رت جا دست آيا آهن. بخار يڪسان آهي.“
جيون مهاشيه پاڻيهي ڪمري جي اندر ويو. بستري جي
ڀرسان ويهي هن جي نبض ڏٺائين. ٻاهر اچي پرديوت جي
ڪلهي تي هٿ رکيائين.
پرديوت نظر کڻي مٿي نهاريو: ”مهاشيه!“
”ها اوهان دل نه هاريو. رت جا دست ٿيا ته ڇا ٿيو؟
هن بيماريءَ ۾ اڪثر ٿيندو آهي ۽ ٿيندو آهي به ته
روڳي جي ڀلي ڪاڻ. مون نبض ڏٺي آهي. ٽطرفي خرابيءَ
جو اثر گهڻو ڪجهه گهٽجي ويو آهي. بيمار هينئر بهتر
آهي. اوهان ڳڻتي نه ڪريو. مون کان ڀل ڪانه ٿي
آهي.“
ڊاڪٽر يڪ ٽڪ ڏانهنس نهاريندو رهيو. مهاشيه دهرايو:
مان اوهان کي ڪوڙو دلاسو نٿو ڏيان.“
پرديوت ڳچ ساعت چپ ويٺو رهيو.
اسٽيشن کان هڪ بيل گاڏي آئي ۽ احاطي جي اندر گهڙي.
ٻه زالون هيون. ئي وڌوائون. هڪ بيحد ٻڍي. ڊاڪٽر
اڳتي وڌيو”اما!“
”منجو ڪيئن آهي پٽ؟“
”بيمار ئي آهي. مگر: هن کي ڇو وٺي آئي آهين“ پر
ديوت خفي ٿي پڇيو. هن ٻڍيءَ ڏانهن اشارو ڪندي
چيائين.
”ڪٿي اُڇلي اچانس پٽ؟ هيءَ ته مون کي ڇڏڻ واري
ڪانهي.“
”پر مان هن کي ڪٿي رکان؟ ڇا ڪريان؟
”پئي هوندي ڪنهن ڪنڊ پاسيرو.گوڙشور ڪونه مچائيندو.
ڪجهه ڏينهن کان الائي ڪهڙي ماٺ وٺي ويئي اٿس. ان
ڪري کيس ساڻ وٺي آئي آهيان.“
”اچو.“
جيون مهاشيه ڏانهن مهڙ ڪري چيائين: ”اوهان ترسجو
ڊاڪٽر صاحب، مان اجهو آيس. منهنجي سس جي ناني
اهائي آهي. هڪ ته هيءُ بيماريءَ جو کٽراڳ، مٿان
وري هيءَ اچي پيئي“
جيون مهاشيه ويٺو رهيو.
ويساکه جو آڪاش- ڪالهه ٻنپهرن ٽاڻي هلڪو مينهن
واچوڙو آيو هو. اڄ آسمان ميرانجهڙو ڪونهي. تارا
جهرمر ڪري رهيا آهن. انهيءَ اڀ ڏانهن نگاهون تڪي
هو ويٺو رهيو. اهريءَ حالت ۾ من ڄڻڪ سنسان پئي
ڀاسيو. جيڪڏهن ڪهن شيءِ تي نظر کپائي نه ويهجي ته
من ڊوڙڻ ڀٽڪڻ جي پيو ڪندو آهي. ڪنهن کان ڇا ٿيندو!
هزار قسمن جا سوال. زندگي سهڪي پوندي. ڊوڙي نه
سگهندي، ته به ڊوڙندي، ڊوڙڻو آڪاش جي جڳمڳاهٽ ۾
کوهجي وڃڻ جو سنجوڳ ٿيڻ سان کيس ڇوٽڪارو ملي ويو
آهي.
”اما. اما.“
”منجو! ڌيئڙي. آئون اچي ويس.“
”ڇا اٿئي ڌيءَ؟ ڪٿي تڪليف آهي، ڪهڙي تڪليف آهي؟“
”هان‘ اما.“
جيون مهاشيه کليو.
ماءُ! ماءُ چئي رهي آهي اجها آئون هتي آهيان، تڏهن
به مريض پڪاري رهي آهي. شايد پاسو بدلائي پڪاري
رهي آهي. پنهنجي هن لنبي جيون ۾ اهڙا درشيه ڪيترا
پسيا اٿائين! هاءِ ڙي منش! اها ماءُ ڇا تون آهين؟
اها ماءُ ته هوءَ آهي، جيڪا آروگيه روپڻي (سدائين
نروڳي) آهي. هن جي انگ انگ ۾ امرت آهي. هن جي
ڇهاءَ سان ئي روڳي جو روڳ، هيڻائي سميت مڙي وڃي
ٿو. جلن گهٽجن ٿي، وياڪل، بي صبري شانت ٿي وڃي ٿي،
سستيءَ جي خماري ميٽجي سجاڳي اچي ٿي؛ جيوت جي
خزاني ۾ ساڙ پچ جي ڀڙڪيل باهه دٻجي جيوت جي جوت
بڻجي جڳي ٿي. سموري پيڙا مٽائڻ واري، سڀ سور دک
ناس ڪرڻ واري آروگيه روپڻي ماءُ هوءَ ئي آهي، هوءُ
ڪير آهي. خبر ڪانهي، پر هوءِ امرت روپڻي آهي،
اَڀيا (نڏر) آهي. هن کي ڏسي موت پري کان نمسڪار
ڪري موٽي ويندو آهي. مهاشيه ٿوري ساعت لاءِ چنچل
ٿي ويو. کيس ائين لڳو. موت ڪمري م وارد آهي. ڪنهن
ڪنڊ پاسي اوندهه سان گڏجي بيٺل آهي. مريض شايد
انهيءَ کي محسوس ڪري امرت روپڻيءَ کي پڪاري رهي
آهي. خبرداريءَ سان هن روڳڻي ڏانهن نظر ڦيرائي.
|