سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :1

شفاخانه

بينگالي ناول

 

تارا شنڪر بندوپاڌيايه

 

”شري تارا شنڪر بنڌو پاڌيه“

ليکڪ جي واقفيت:

شرت بابو کانپوءِ بنگلا (بينگالي) جي جنهن ناول نويسن وڌيڪ نالو ڪڍيو آهي، اهو آهي شري تارا شنڪر بنڌو پاڌيايه (بئنر جي). هو زنده بنگالي ناول نويسن (اپنياس – ڪارن) ۾ برک ناول نويس آهي.

اتر راڙه (اولهه بينگال) جي هارين جي دک سک کي، ڳوٺاڻي جنتا جي هر هڪ طبقي جي جيون ۽ چرتر جي هن غير رواجي ۽ بي جوڙ اوکه ڊوک ڪرڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو آهي.

سنڌيءَ جا پاٺڪ به هندي ۽ ٻين ٻولين جي پاٺڪن وانگر شري تارا شنڪر بابو جي ساهت ڪلا کان واقف ٿي چڪا آهن، سندس برک ناولن، ’راڌا‘ (اتهاسڪ،) ’راجڪمل‘، ’ڪالندي‘ (سنڌي ۾ به نڪتل آهي)، ’ڌرتي ماتا‘، ’گڻ ديوتا‘، ’منونتر‘، ۽ ’ڪوي‘ وغيره رچنائون قابل ذڪر آهن. جن مان ڪيترن جو سنڌي ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. ’آروگيه نڪيتن‘ تارا شنڪر جي نين رچنائن ۾ برک رچنا آهي. جيون ۽ مرڻ جي عظيم مقصد جهڙي ڳوڙهي فلسفي وشيه (دارشنڪ وشيه) جي عبارت ۽ ذڪر، نئين (جديد) ۽ جهوني علاج جي طريقن جي مقابلي جي پس منظر (بئڪ گرائونڊ) ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ به سڀاويڪ نوع ۽ عوامي زندگيءَ جي سچائيءَ جي سوتر کي ڪٿي به هٿ مان نه ڇڏي ڏيڻ تارا شنڪر بابو جو ئي ڪرتب آهي- خاصيت آهي.

هن پستڪ کي ’رويندر – پرسڪار‘، (انعام) حاصل ٿي چڪو آهي. سنه 1956ع ۾ ساهتيه اڪاڊمي طرفان به هن ڪتاب کي سال جو بهترين ڪتاب (بنگالي زبان ۾) چونڊيو ويو ۽ 5 هزار روپيه انعام ڏنو ويو. هينئر ساهتيه اڪاڊمي طرفان جدا جدا ديسي ٻولين (سنڌيءَ سميت) ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو پيو وڃي.


 

 

ٻه اکر

 

سنڌيڪار جي قلم مان:

”شفاخانه“ بينگالي ناول ”آروگيه نڪيتن“ جو ترجمو آهي. ”آروگيه نڪيتن“ جو ليکڪ مهاشيه، شري تاراشنڪر بئنرجي ڪنهن به تعريف جو محتاج ڪونهي. هو صاحب سنڌي ساهت پريمين ۾ بينگال جي چوٽيءَ جي سهتيڪارن، گرديو رويندر ناٿ ٽئگور شرت چندر چئٽر جي ۽ بنڪم چندر چئٽر جي کان پوءِ مشهوري حاصل ڪري چڪو آهي. سندس ڪيترائي مقبول ناول ترجمو ٿي چڪا آهن. اهي لڳ ڀڳ سماجڪ آهن. ’آروگيه نڪيتن‘ به سماجڪ اپنياس آهي. البت هن ۾ ڪجهه صحت ۽ روڳ، علاج جي جهونن ۽ جديد طريقن جهڙوڪ: نبض ڏسڻ۽ ايلو پئٿي ۽ ديسي علاج جي طريقن جي ڇنڊڇاڻ، بيمارين جو مقابلو ڪرڻ وغيره سمورو ڳوٺاڻي ماحول ۾ هن نهايت قابليت سان دل اُٿاريندڙ نموني ۾ لکيو آهي. ناول جو نائڪ به هڪ ڪويراج (ڊاڪٽر يا وئد) آهي. سندس نالو آهي، ’جيون مهاشيه‘ ائين چئجي ته جيون مهاشيه جو جيون چرتر لکيل اهي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

’آروگيه نڪيتن‘ جيون مهاشيه جي دواخاني جو نالو آهي. ان جي لفظي معنيٰ آهي ’شفاخانه‘. آروگيه = شفا، نڪيتن = خانه (گهر) = شفاخانه يا شفا جو گهر.

پر اهو لفظ سنڌي جنتا ۾ شايد ڪا غلط فهمي پيدا ڪري يا سمجهڻ ڪٺن ٿئي ان ڪري سنڌي انواد جو نالو ”شفاخانه“ ئي موزون سمجهي ڏنو ويو آهي جو اميد ته مقبول ٿيندو.

ناول جو حرف بحرف ترجمو ٿيل اهي. ڪابه ڦيرڦار گهٽ وڌاءُ ڪيل ڪونهي. ٻوليءَ جي روانيءَ ۽ شئليءَ ۾ ڪجهه نواڻ ڏسڻ ۾ ايندي. اها تارا شنڪر بابو جي اَپج آهي.

ناول جي خوبي ليکڪ جي آهي ۽ خامي منهنجي آهي. پڇاڙيءَ ۾.

ساهت اڪاڊمي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ خصوصاً ان جي ڪنوينر پرنسيپال اجواڻي صاحب جي شڪر ادائي ڪرڻ فرض سمجهان ٿو جن منهنجي همت افزائي ڪري ههڙي برک بينگالي ساهتيڪار جي ’انوپم رچنا‘ جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو شرف مون کي عطا ڪيو.

ترجمي جا ٻه دستخط (Manuscripts) لکيا اٿم. ٻئي دستخط جي نقل اتارڻ ۾ ڪماري پشپا سامتاڻي، منگهي سامتاڻي، شريمتي لاجونتي ٽهلرام ۽ شريمتي سروج موٽواڻي سهيوگ ڏنو، انهن جو به تهدل شڪر گذار آهيان.

جئه هند!

ٽهلرام آزاد

بمبئي 17 فبروري 1961ع

 

 

”آروگيه نڪيتن“

عرف

شفاخانه

مول ليکڪ: شري تارا شنڪر بئنرجي

ترجمان: ٽهلرام آزاد

 

سوچنا

آروگيه نڪيتن يعني اسپتال يا شفاخانه. پر اسپتال ڪانهي، خيراتي دواخانو ڪونهي، اهو آهي ديوي پور جي ٽن پيڙهين کان طبابت جو ڌنڌو ڪندڙ مهاشيه خاندان جو شفاخانه.

هيءُ شفاخانه اٽڪل اسي سال اڳي برپا ٿيو هو. اڄ ڪلهه ڀڳل ٽٽل حالت ۾ آهي. ڪچين ڀتين ۾ ڏارون پئجي ويئون اٿس. وچوارو حصو به ڊهي پٽ ٿي پيو اٿس. جيئن گُڪي جي پُٺ ۾ گُڪ پئجي ويندو آهي. ڪنهن نموني هينئر به بيٺو آهي. راهه تڪي رهيو آهي، پنهنجي پڇاڙيءَ جي. ڪڏهن سمورو ڊهي اچي پٽ پوندو، ان ساعت جي واٽ نهاري رهيو آهي.

ليڪن جنهن ڏينهن ان شفاخاني جي اسٿاپنا ٿي هئي تنهن ڏينهن ان جي سنسٿاپڪ جڳه بنڌو، ڪويراج پنهنجي گهاٽي دوست ٺاڪرداس مصر کي چيو هو، ’ياوتِ چندراڪ، ميدني‘ ته خير ڪونه چوندس، ليڪن... پنهنجي و نش جا ماڻهو جيسين هتي رهندا، تيسين هن کي قائم ڄاڻج. وري کلي چيائين: ان ۾ منهنجي ڪا هام نه سمجهه، هيءَ هام نه آهي. وري هٿ ٻڌي پنهنجي ڳلن سان ڇهائي چيائين: دائمي نفعي جو واپار آهي. جيترو به دان ڪر، تيترو ئي وڌندو ويندس. سچ پڇين ته دنيا ۾ هيءُ ئي وڌيڪ نفعي جو ڪاوربار آهي. هن ۾ تورتڪ، ڏي وٺ، ٻنهي درشٽين کان چڱو اپراسو آهي ۽ مزو وري ڪهڙو جو ٻنهي مان  هڪڙي ڌر کي به نٿو ٺڳي سگهجي.

پر هن جو متر ٺاڪرداس مصر به اول نمبر جو عيار ۽ حسابي آدمي هو. پڪو دنيادار. زميندار جو گماشتر هو. وڏا وڏا انگ حساب سمجهي ويندو هو. معاملي مقدمي جي ڳالهين ۾ به ڀڙ هو، عريضي – درخواست- دستاويزن جو علم به پيٽ ۾ پيل هوس، مگر انهن جي باريڪين جي کيس خير ڪا ڄاڻ هئي. سو ذرا آڏي ويچار کان ئي چيو هئائين: اهو ته آءٌ به سمجهي سگهان ٿو ته ولين – ٻوٽين کي پيسي ڪٽي، چورڻ بڻائي ۽ انهن جون گوليون ٺاهي ڏيڻ سان رپئي مان چوڏهن آني جو نفعو ته ضرور آهي، پر ان مان ويچارن بيمارن کي ڪهڙو لاڀ آهي؟ جو تنهنجو نفعو آهي، سو هنن جو گهاٽو آهي، قرض ئي ڇو نه وٺڻو پوي، اهو خرچ ته ڪرڻو ئي آهي. ويچاري مريض کي پئسي ۽ حياتي ٻنهي ۾ ڇيهو آهي.

جگ بنڌو مهاشيه وچ ۾ ئي ٽوڪي چيو هو: تون ته هميشه ٽيڏي چال هلين مصر. پئسو ته پوءِ جي ڳالهه آهي. مون جنهن لاڀ جي ڳالهه ڪئي، اهو لاڀ پئسي جو ڪونهي بلڪ سڀ کان سريشٽ لاڀ اهو ئي آهي. هڪڙي کي صحت جو فائدو ۽ ٻئي کي شيوا جو پڃ، توکي اها سڌ آهي، ته سنسار جو سڀ کان وڏو لاڀ صحت – لاڀ آهي؟ هڪ تندرستي – هزار نعمت! يکش ڌرمراج يڌشٽر کان جيڪي سوال ڪيا هئا، تن مان هڪڙوهو: لاڀا نا متميم ڪم؟ ارٿات – سنسار ۾ سڀ کان اتم لاڀ ڪهڙو آهي؟ يڌشٽڙ وراڻيو هو: لاڀا نام شرييه آروگيم، يعني تندرستي ئي سنسار ۾ سڀ کان اتم لاڀ آهي.

مصر تنهن ڏينهن ان ڳالهه تي کلي ڏنو هو. چي: ”ڏس جگو، ساڳه وجهي ڪري مڇيءَ کي لڪائي نٿو سگهجي، چاهي اهو ساڳه گنگا ڪناري جو ڇو ڪين هجي! تنهنجي ان شلوڪ- ڌرم پتر يڌشٽر جي ڳالهه سان لاڀ ٿيڻ واري روپين جي ڳالهه به نٿي لڪي سگهي.“ ۽ پنهنجي ڳالهه ختم ڪري، دوست کي ڳالهائڻ ۾ لاجواب ڪري خوشيءَ وچان ناڪرداس ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو. ليڪن ڪجهه ڏينهن بعد اچانڪ پٺيءَ جي سلهه ۾ مبتلا ٿيو. ٽي مهينا محتاج جڏو بڻجي ٻاڏائيندو رهيو ۽ ساڳئي جڳهه مهاشيه جي علاج سان ئي نئوبنو ٿي هن چيو هو: ”ادا جڳو، تو مون کي بچائي ورتو، ياد رکج، جيڪڏهن ڪا ضرورت پوي ته مان تو لاءِ پنهنجي جان به ڏيندس.“

جڳه بنڌو مهاشيه کلي چيو هو: يعني لاڀا نام شرييه آروگيه م-‘ اهو نيٺ اڄ توکي مڃڻو پيو؟

ٺاڪرداس به کلي وراڻيو: ”مڃي ويس“

۽ ٻئي ڏينهن ئي مصر آروگيه نڪيتن (شفاخاني) ۾ ويو. هڪ ڪاٺ جي سري ۾ ول لپيٽي ڪري، تيل سنڌر سان پنهنجي هٿن سان ڀت تي وڏن – وڏن حرفن ۾ لکي ڇڏيائين. ”لاڀا نام شرييه- ارو گيه م يعني ”هڪ تندرستي هزار نعمت.“ تنهن وقت اڃا ان جو نالو ”اروگيه نڪيتن“ ڪونه پيو هو. ان علائقي جا ماڻهو ان کي يا ته ’مهاشيه جو ڪويراج خانو‘ يا شفاخانو چوندا هئا.

’آرو گيه نڪيتن‘ نالو هڪ پيڙهيءَ بعد پيو، هن جي سپاتر جيون مهاشيه جي ڏينهن ۾ زمانو بدلجي چڪو هو ۽ هڪ نئون يگ شروع ٿي چڪو هو. اها نئين آبهوا ديش جي مرڪز يعني شهرن ۾ ته گهڻو اڳي بيشڪ شروع ٿي چڪي هئي؛ پر ڳوٺن ۾ ان جي شروعات مس ٿي هئي. جيون مهاشيه شفاخاني جو نالو بدليو هڪ تختي تي ڪارن اکرن ۾ ”آروگيه نڪيتن“ لکي ڪري ان کي ورانڊي جي اڳيان لٽڪائي ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر هن پتا جي جوڙايل مڪان ۾ به ڪافي ڦير گهير ڪرائي. صندل تي فراسي- چادر جي رواج کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو، پر بينچ، ٽيبل ۽ ڪرسي به وڌائي ڇڏيون.

اڄ به اهو اوهان ڏسي سگهندا. لڏندڙ- لمندڙ ميز ٽٽل ڀڳل هٿن ٻانهن واري ڪرسي اڄ به موجود آهي. بينچ مضبوط آهي ۽ اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي.

اجهوڪي ڪريو- جهڙو آروگيه نڪيتن جو مڪان، ڪارن حرفن ۾ لکيل اهو تختو، ان تائين جيڪڏهن توهان وڃو ته اڄ به جيون ٻنڌو مهاشيه کي ڏسي سگهندا.

مهانگريءَ کان به پنجاهه ڪوهه پري وڃڻو پوندو. وڏي لائين واري ريل گاڏيءَ ۾ وڃو. جنڪشن کان ننڍي پٽي تي ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وسنديءَ واري اسٽيشن، چوڌاري بدجندڙ وقت جي پڌري ڇاپ، اُتي اوهان کي هڪ ڀاڙي جي موٽر ملندي، هڪ بس به ملندي ۽ سائيڪل رکشا ۽ بيل گاڏي ملندي. اسٽيشن کان آروگيه نڪيتن هروڀرو پري ڪونهي. ٿورو ئي پنڌ آهي. ميل کان ڪجهه وڌيڪ. وڻي ته ڀاڙي تي ڪا بيل گاڏي ڪريون، وڻي ته سائيڪل رکشا. مگر پيرين پنڌ وڃڻ وڌيڪ صلاح ڀريو آهي.

ڊٺل ۽ اڏيل جي وچ ۾ ڳوٺ ۾ نئين- پراڻي جو عجيب ميلاپ نظر ايندو.

ڳاڙهي سڻڪ تان هلي پؤ. زميندارن جا جهونا- ڳاڙهن گلن واري ڪپهه سان ڇانيل پٿراهان ۽ سرن جا پڪا مڪان ڏسندا، نيست و نابود بغيچا، ٽٽل ڦٽل ڀتيون، ڄاري سان ڇانيل زبون مندر مڙهيون، تلاون جا گهاٽ به ٽٽل ڀڳل. جهونا آڳاٽا مندر، جيڏانهن نهار، ڌوڙ ۽ ڌڌڙ جا انبار، گرد ۽ غبار. تهه ڄميل زمين ۾ جهنگل جهاڙي. ڀرسان ئي هڪ پراچين بڙ جو وڻ ڏسبو. هن جون شاخون، ٽاريون ۽ ڏانڊيون ڏٻريون ٿي ويئون آهن. هيٺ هڪ چبوتڙوآهي، تنهن ۾ به ڏارون پئجي ويئون آهن. اهو ڳوٺ جو ديوي جو مندر آهي. ان جي اڳيان ئي اها واٽ هڪ ڪشادي پڪي رستي سان گڏجي ختم ٿي ويئي آهي. ڳاڙهي مٽيءَ ۾ پٿر جي ڀترن سان ٻڌل رستو- رستي جي ٻنهي پاسن کان دڪان. اها آهي بازار. آمدرفت ڪري رونق اٿس. لڏيل ڀريل گاڏين جي قطار، ماڻهن جي ڀيڙ، شورو غل هڪ عجيب بانس پئي ايندي. ڏينهون ڏينهن بازار وڌندي ئي رهي ٿي. چانهه جا، مٺائي جا دڪان آهن. بک اُڃ لڳي ته ڪنهن ۾ به وڃي ويهو، نوگرام ميڊيڪل اسٽور جي ڀرسان ئي مٺائيءَ جو سڀ کان عمدو دڪان آهي. ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي. نوگرام- ميڊيڪل اسٽورس جي چقمقي عمارت، سامان، دوائن جا رنگبرنگي اشتهار اوهان جو ڌيان ضرور ڇڪائيندا. پينٽ ۽ بش شرٽ ۾ اوهان هرين ڊاڪٽر کي ويٺل ڏسندا، ڳچيءَ ۾ سٽيٿس ڪوپ. چانهه جو عمدو دڪان به اُتي ئي آهي.

اُتان ئي وري اُتر طرف ويندڙ هڪ سڻڪ ملندي گهڻي ويڪري ڪانهي، هڪ گاڏي لنگهي سگهي ٿي ۽ ٻنهي طرفن کان ماڻهو هلي سگهن ٿا، ايتري ئي ويڪري آهي.

پاءُ ميل ته ڄڻڪ اوهان کي ڇانوَ واري واٽ تان وڃڻو پوندو. ٻنهي طرفن کان چار پنج ڍنڍون آهن. ڍنڍن جي ٻنڌ تي انبن، ڄمن ۽ آمڙي ۽ سرنهن جي وڻن جي پنن پنهنجي ڇانوَ رستي تي پکيڙي ڇڏي آهي. ان بعد کليل ايراضي. هتي اوهان کي عجيب و غريب نظارا پسڻ ۾ ايندا. نوان نوان مڪان، بنهه نئين ڍنگ جا، نئين عمارتي فن جا نمونا! شهري دفتر کلي ويو آهي. دفتر جي آسپاس ننڍا ننڍا ڪوارٽر آهن. هڪ پاسي نئون واهه کوٽجي رهيو آهي. تنهن کان پوءِ ٻي هڪ قطار ملندي مڪانن جي. ڪجهه ننڍين ننڍين عمارتن جي چوڌاري وڏا وڏا محل کڙا ٿي رهيا آهن. هر طرف منهه ٻڌي، پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن. پورهيت استريون گيت ڳائي ڇت ڪٽي رهيون آهن. هٿن ۾ سائيڪل جهلي، هئٽ ڪوٽ وارا انجنيئر اوور رسيئر چڪر لڳائي رهيا آهن. هيءُ ننڍيون عمارتون اسپتال جون آهن. سرڪاري ننڍڙي اسپتال. ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جا به ننڍڙا ننڍڙا ڪوارٽر، ڪجهه ننڍا ننڍا ڪچا گهر به آهن، جن ۾ نرسون به رهندوين آهن. ڪجهه پرڀرو اوهان کي ٻيو گهر ڏسڻ ۾ ايندو، اهو موتيا ڍرم (اڇوت) جو آهي ۽ هوءَ جيڪا وڏيري اڌوري عمارت آهي، سا به اسپتال جي آهي تعلقي جو صحت مرڪز بڻجي رهيو آهي.

مگر اهو سڀڪجهه ڏسي ٽهي نه بيهو! هن نونرماڻ جي يگ ۾ آشا جو تروڙو آهي، ان ۾ آئنده اڏجي رهيو آهي تنهنڪري من ۾ موهه جو سلو اڀرندو، ڪلپنائن دئاران سپنا سجاڳ ٿي اٿندا ۽ اوهان انهن سپنن ۾ ڄڻڪ کوهجي ويندا. آروگيه نڪيتن تائين وڃڻ لاءِ من ئي نه چاهيندو.

اڃا اڳتي وڌي هلو. انهن اڏيل اڻ والاريل عمارتن کي کاٻي پاسي ڇڏي اڳتي وڌي هلو. اڇا به هڪ ميل هلڻو پوندو! ٻنهي پاسي فصل تيار! ڀليون ٻنيون- کيت وچ ۾ هڪ سڻڪ پيچڙي جيئان سرڪندي ويئي آهي. سڻڪ ويڪري ڪشادي، پر ريتيءَ جي ڳاڙهي ۽ ڏنگي ڦڏي ۽ هڪ بيل گاڏيءَ جي هلڻ لائق آهي. اڌ ڪوه لتاڙي ايندو ديوي پور ڳوٺ، پراڻو- آروگيه نڪتين اتي ئي آهي.

ديوي پور هڪ اُجڙيل ٻهراڙي آهي، نه رڳو غربت جي ڪارڻ پر ڪال چڪر به کيس ڏٻرو ۽ هيڻو بڻائي وڌو آهي. غور سان چاهيندا، ته جن وڻن جي ڳوٺ تي ڇانوَ پوي ٿي، سي سمورا جهونا آڳاٽا آهن. نون وڻن جي وڻڪار، سونهن ۽ سوڀيا شايد ئي ڪٿي نظر ايندي. جيون جي نواڻ جي سونهن، دراصل ٻهڪندڙ وڻن جي سانوري سونهن ۾ ئي آهي. سڀ کان پهرين ڪنهن طوفان کان جهڪيل مولسريءَ جي وڻ تي ئي اوهان جي نظر پوندي. جنهن جي هيٺان- ڌرم ٺاڪر جو مندر آهي. ان کان پوءِ لوهار ڪو دڪان. ان لوهار خاني جي هستيءَ جو علم ته اوهان کي گهڻو اڳي معلوم ٿي ويندو. اتان جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ديوي پوري کان دکن تائين- جتي اهو نئون شفاخانو بڻجي رهيو آهي، گونجبو رهي ٿو. نين ڀتين سان اهو آواز ٽڪرائجي پڙاڏو پيدا ڪري ٿو.

لوهار خاني ۾ ماڻهن جو ميڙاڪو لڳو ئي رهي ٿو. پگهريل لوهه جا لعل ڇنڊا چٽخندا رهن ٿا. بس اُتان ئي ڳوٺڙو شروع ٿئي ٿو. ننڍرو ڳوٺڙو، شانت بانس جي لڪڙن جي جهڳٽن ۾، سرس جي وڻن تي جهرڪين جي چهڪ. طرحين طرحين جون جهرڪيون ۽ سندن ڪا ڪا ڪا ڪا! ڪِ ڪِ ڪِ ڪِ! ڪٿي ڪٿي ڪاهوءَ جي وڻن جي جهڳٽي تي سرڻ رڙ ڪندي آهي: سرڻ گرِرر! سڻڪ تي ئي مئنائن جي ڇن پٽ، جهٽ جهپٽ ڪِن ڪِين- ڪِرر ڪرر. ڪِچه مچه، ڪَٽ ڪَٽ ۽ ان بعد هڪ ٻئي ۾ جنبي پوڻ ۽ هٿين بجي پوڻ ۽ چنبڙڻ.

آدمي ته مشڪل سان ڪو ملندو. جيڪڏهن هڪ ٻه مليو به، ته اهو جسم ۾ ڏٻرو، من ۾ ٿڪل ماندو ۽ نگاهن ۾ پريشان! اوهان کي ڏسي به ڳالهائڻ کان وَنءُ ويندا. شڪي نظرن سان اوهان کي ڏسي اڳتي نڪري ويندا. ڪجهه پرڀرو وڃي منهن ورائي گهُوريندا. آخر آهي ڪير؟ ساڄي ڌر (گرم دل) وارو يا کاٻي ڌر (گرم دل) وارو؟ ووٽ ته ڪونه گهرندو؟ چندو؟....

ليڪن جن ڏينهن، ”آروگيه نڪيتن“ پهرين پهرين قائم ٿيو هو، ڳالهه ئي اور هئي، ديش جي حالت به نرلاي هئي، ڪوٺن ۾ اناج ڀريل هو، وٿاڻن ۾ گايون مينهون هيون، ڀنڊار ۾ ڳڙ هوندو هو، تلاوتن ۾ مڇيون هيون. هڪڙي هٿ سان ماڻهو پيٽ ڀري کائيندا هئا، ته ٻنهي هٿن سان جند جان سان محنت ڪندا هئا. سرير ۾ قوت هئي، پراڻن ۾ هو آنند. هو ماڻهو ئي اور قسم جا هئا. اڄوڪي جيئان ڪرتو جوتو ڪين پهريندا هئا. گوڏن تائين ڌوتي، کليل ڇاتي، صاف سفيد ڪپڙن ۾ اوهان کي ڏسي نمسڪار ڪري پڇندا هئا: ڪٿان اچڻ ٿيو آهي بابوُ؟ ڪيڏانهن ويندا ديوتا!

اوهان جواب ڏيندا: آروگيه نڪيتن.

- او، ان کان سواءِ هن ڄٽڪي واهڻ ۾ اوهان جهڙا ماڻهو ٻيو ويندا به ڪٿي! ها، ائين هليا وڃو! هو ڏسو سامهون، هوُ- ديويءَ جو مندر آهي. ساڄي چندو بابوُ جو نقلي زيورن جو دڪان رهيو: ساڄي پاسي وڃو، جڳن وارو کوهه ملندو- سرڪاري کوهه آهي. ان جي ڀرسان ئي جيون مهاشيه جو شفاخانو آهي- آروگيه نڪيتن. ماڻهن سان ٽمٽار ڀريل، بيل گاڏين جي قطار لڳل آهي.... اهو ئي آهي. وڃو!

ليڪن اڄ هتي اوهان کي اها ڀيڙ ڪانه ملندي ٽمٽار هجوم جي ڳالهه تي ويساهه ئي ڪونه ايندو، بلڪ ان جي نالي تي کل پئي ايندي. صبوح جي وقت ٻه يا گهڻي ۾ گهڻا ڇهه ست مريض ايندا آهن. نبض ڏيکاري هليا ويندا آهن. آروگيه نڪيتن ۾ هينئر دوا ڪانه ملندي آهي. دوائن جون الماڙيون خالي پيئون آهن. انهن جي پالش ڊهي ويئي آهي، ڌوڙ ۽ ڄاري جا تهه ڄمي ويا آهن. ٻن ٽن ڪٻٽن جا تهه انجيس به اُکڙجي ويا آهن. نبض ڏيکارڻ وارا نسخا لکائي هليا ويندا آهن؛ ان بعد لڳ ڀڳ سمورو وقت سناٽو رهي ٿو.

ڪڏهن اوهان ٽپهريءَ ٽاڻي وڃي نڪرو، ته ڏسندا جيون ٻنڌو مهاشيه اڪيلو ويٺو آهي. اُتر- ڏکڻ اٽڪل پنجويهه هٿ ڊگهو هڪ ڪوٺو، ويڪر ٿيندس ڪي ٻارنهن- چوڏهن هٿ سامهون سمينٽ جو ورانڊو، جو هينئر هر هنڌان ٽٽي چڪو آهي، جتي ڪٿي مٽيءَ جا سلا اڀري آيا آهن. ٽن طرفن کان جيڪا سرن جي معمولي اونهي ديوار آهي، جتان ڪٿان هيٺ پيهي ويئي آهي. چوڌاري ڌوڙ ڄمي ويئي اٿس. رڳو ورانڊي جي ٻنهي ڪنڊن ۾ ڳاڙهي ڪنير جا ٻه وڻ بيشمار گلن سان ڇانيل هوا ۾ جهومي رهيا آهن. ٻڍو جيون مهاشيه، انهن وڻن ڏانهن ويٺو تڪيندو آهي- هڏن جو پڃرو- ميرو مٽيءَ سان ڀريل جهور پير مرد ستر جي لڳ ڀڳ ڄمار. ڪنهن زماني ۾ قداور برجستو مڙس هينئر هڏائون پڃرو- سوڙهي سڪوڙيل چمڙيءَ سان ڍڪيل؛ بنا ماس جي پڃري جون هڏيون صاف بکي رهيون آهن؛ پر ٿلها- ٿلها هٿ ۽ اهڙائي ٻه ٿلها پير. سامهون ئي اوهان ڏسندا ٻه وڏا- وڏا جوتا، ڦاٽل- چتيون ٽوپا لڳل. مارڪين جي ميري ڌوتي- تنهن ۾ به سلائي. سونهن جي هڪڙي ئي چيز آهي؛ سندس عاج جهڙي سفيد سونهاري ۽ مڇون. مٿي جا وار به اڇا، پر کسيل، ڇڻيل ۽ ننڍڙا ننڍڙا ٽڙيل پکڙيل.

جهوني زماني جي هڪ پيرن واري صندل تي ڦاٽل فراسي وڇائي ويٺو هوندو آهي ۽ گلن سان ڇانيل وڻن ٻوٽن کي ڏسي سوچيندو آهي! الائي ڪهڙيون ڪهڙيون، ڪيترن ئي قسمن جون گوناگون ڳالهيون.

سوچيندو آهي: آدميءَ کان وڻن جي عمر ڪيتري وڌيڪ ٿيندي آهي! ڪنير جي ٻوٽن کي سندس پتا ئي لڳايو هو؛ تنهن کي اٽڪل سٺ سال ٿيا! پر اڄ به انهن ٻوٽن جي تازگي ۽ نوان ساڳي ريت برقرار آهي. نالي ماتر به ڪين ڪوماڻا آهن. اوچتو هن جي ويچار ڌارا ۾ اٽڪ پئجي ويندي. نه ڄاڻ ڪٿان اسڀاويڪ بگڙيل آواز ۾ ڪير ڪجهه چئي وجهي. هو چوڌاري نگاهون ڊوڙائيندو، مگر ڪير به ڪٿي نظر نه ايندس ۽ ٻيءَ کن ۾ هو کلي ويهندو. مهاڻي جي هوءَ پاليل جهرڪي ڀرسان ئي ڪنهن وڻ تي ويٺي آهي. هيٺان ڪنهن واٽهڙوءَ کي ڏسي ٻولي ٿي؛ ”مڇي ڪانه آهي!... مڇي ڪانه آهي!!“

هيءَ جهرڪين ۽ پکين ۾ هڪ وِڏ آهي- بگڙيل عادت چئجي. پاليل جهرڪي، هڪوار ڇٽي وڃي ته وري واپس ڪين وَري. شروع شروع ۾ گهرجي آسپاس لامارا ڏيندي آهي، ڇپر تي ويهندي آهي، آڳنڌ ۾ لهي ايندي آهي؛ پر پڃري ۾ داخل ڪانه ٿيندي. پر هيءَ جهرڪي نرالي قسم جي آهي. گهر جا ڀاتي کيس صبوح جو پڃري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهن، هوءَ اُڏامي هلي ويندي آهي ۽ شام جو وري موٽي ايندي آهي. پڃري جو دروازو کليل هوندو ته پاڻمرادو اندر هلي ويندي آهي. کليل نه هوندس ته پڃري جي مٿان ويهي ڪري پڪاريندي آهي؛ ”اما، اما ٻڍو- ٻڍو- اي ٻڍا!

ٻڍو يعني هو مهاڻو. هن جي زال به کيس ٻڍو ئي چوندي آهي. اهو چوڻ هوءَ به سکي ويئي آهي. ائين پيو ڀانئجي ته هوءَ ڀرسان اچي ويٺي آهي ۽ لات لنوي رهي آهي. انسان جي درشن سان هن پنهنجي جيون کي ڪارائتو بڻايو آهي، گهٽ ۾ گهٽ لوڪراءِ ته اها ئي آهي. چون ٿا، گذريل جنم جو ڦل آهي. پورب جنم ۾ ماڻهو هئي، ڪنهن سبب کان سراپجي جهرڪي بڻجي پيئي آهي.

جيون مهاشيه پنهنجي سونهاري سنواريندي پيو کلندو. اڄ ڪلهه جيون، جنم جنمانتر جي باري ۾ رايا بدلجي ويا آهن. ويچارن ۾ پلٽو اچي ويو آهي. سو ان باري ۾ ته هو سوچيندو ئي ڪونهي. بلڪ تيزيءَ سان پنهنجي ڏاڙهي کنهڻ لڳندو- بار بار. ڪڏهن ڪڏهن مٿي جي کسيل وارن تي به هٿ ڦيري وٺندو. ڏاڍو مزو ايندو اٿس هٿن ۾ ڪتڪتائي پيئي ٿيندس.

هو وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو ”مڪرجي ته اڃان تاءِ ڪونه آيو؟ هو اچي وڃي ته هڪ شطرنج جي بازي ٿي وڃي. هن وقت جي بحران ۾ ٿورو ئي مفاصلو، ٻيو نه ته هڪ نوڙيءَ جيترو مفاصلو ڪاغذ جي ٻيڙي دئاران ئي مزي سان پار ڪري وٺجي.“ ساوڻ جو مهينو، ٽپهريءَ جو ٽاڻو. جيون مهاشيه راهه تڪيندو رهيو. اُڀ ڪڪرن ڪارو ڪيو هو. ڦڙ- ڦڙ وسي رهي هئي. منجهند کان ئي وسڪارو شروع ٿي ويو، جهڙ اهڙو گهاٽو جو سنجهان جو انومان ٿي رهيو هو، ليڪن سفيد ڪپڙن سان ڍڪيل ستاب مڪرجي واري ڇٽي پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ويندي. جيون مهاشيه جون اکيون تيز آهن، جيتوڻيڪ عمر ڪافي اٿس. عينڪ هوندي به سئي ۾ ڌاڳو وجهڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿس، وري به، پريائين ۽ خاص ڪري ڪاري تي اڇي يا اڇي تي ڪاري شيءَ جهڙي ڪابه وڏي شيءِ ڏسڻ سڃاڻڻ ۾ هرو ڀرو تڪليف نه ٿيندس. جيڪر شروعات ۾ تندرستيءَ جو هڪ اونو رکي ها، ته نظر جو ايترو نقصان نه ٿئيس ها. ستاب جو ڏيل- ڏيک به خاصو آهي. وقتي وقتي سندس نبض به هيءُ ڏسي وٺندو آهي: ”ٻڍي جي راهه رباني وٺي وڃڻ ۾ اڃا اوير آهي، اڃا نبض جي چال ڪيتري آهي؟... وغيره“

جيون مهاشيه ناڙيءَ جي چال ۾ ڪال جي پيرن جي آهٽ به سڻي سگهندو آهي! علم ۽ دولت جي اهائي باقي پونجي سندس موروثي آهي، پيءُ ڏاڏي جو ورثو! هو سڀ ڪويراج هئا. جيون مهاشيه ئي پهريون ڊاڪٽر ٿيو آهي. طبابت به ڄاڻندو آهي. ٻئي علاج ڪندو آهي، جڏهن جهڙي ضرورت پوي. ليڪن نبض شناس ئي هن جي نجي خاصيت آهي. ان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. نبض جي ڌڙڪ مان بيمار جي روڳي جيون جي پرک ۽بيماريءَ جو اصلي سروپ، موت جي چنبي ۾ ڦاٿل زندگيءَ جي ڌيمي آهٽ مان سمجهي سگهندو آهي ته موت ڪيترو پري آهي.

آخرين، تز ۽ نرنيه واري اڳڪٿيءَ ۾ هن جو نالو وڳل آهي، اڄ به اٿس. هن پنهنجي ڊاڪٽري جيون ۾ هن کان اڳي هن سوين بيمارن جي نبض جاچي موت جي اڳڪٿي ڪئي آهي. هڪٻئي جي پٺيان انهن بيمارن جي ياد اکين اڳيان تري اچي ۽ پل ۾ غائب ٿي وڃي ٿي. يادگيري جي اها رفتار بيحد تيز هئي. هڪ هنڌ اچي اچانڪ رڪجي ويئي: ليڪن، اُتي رڪجي ويس- جڏهن سرين مصر جي ننڍي پٽ ششانڪ جي موت جي اڳڪٿي واري ڳالهه ياد آيس. کيس ششانڪ جي سورنهن سالن جي وڌوا جي اها انوکي ۽ نماڻي درشٽي ياد اچي ويئي، ياد آيس هن جون دلسوز ڳالهيون.

مهاشيه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.

نڄاڻ ڪيترا موت، ڪيترا رودن، سڏڪا- ورلاپ هن ڏٺا! بيمار ساهه ڇڏيو ۽ هو ڀاري قدمن سان پير پير ۾ پائي ٻاهر نڪري آيو. اهو ڄاڻيندي ته سڀ ڪوششون وترٿ وينديون، هو آخرين ڪوشش ڪرڻ کان باز نه ايندو هو. اهڙي مريض جي گهر مان نڪري هو سڄي واٽ من ۾ ٻڏتر ڪندو هلندو. ان حالت ۾ رستي تان ڪو جڳري دوست لنگهي وڃيس، اک کڻي به ڪين نهاريندو. مرض جي ڳالهه؟ علاج جي باري ۾ سوچيندو ويندو، ته ڪڏهن ڪڏهن موت جي ڳالهه به سوچيندو ويندو. ان وقت هن جو جذباتي من ديش- دنيا کان اکيون ڦيري، طبي سائنس جا ورق ورائيندو ويندو. تنهنڪري ائين آڏو ڪنهن کي ويندو ڏسي به نه ڏسي سگهندو. ڪيترا ڀيرا خاص ڪري ڪنهن ڏورانهين ٻهراڙيءَ يا واهڻ ۾ بيمار جي مري وڃڻ تي کيس لاچار انتظار ڪرڻو پوندو هو. غمگين ڪٽنب سان گڏ هو ڳنڀير ڀاو ۾ ويٺو رهندو- گهٽ ٻوساٽ واري هوا جي هڪ لوڏي بنا سخت اونهاري جي ٽاڪ منجهند جي مرجهايل ونسپتيءَ جيئان. انهن ڳالهين ڪري ئي ڊاڪٽرن کي پٿر دل چيو ويندو آهي. در حقيقت ائين چوڻ ڪو غلط ڪونهي. موت ۽ شوڪ وچان چنچل من جي تڙڦ به هنن مان موڪلائي ٿي وڃي ۽ ڳوڙهي ٺوٺ بڻجي اها تڙڦ خشڪ ٿي پوي ٿي. ششانڪ جي بيماري ۾ هن جي موت کي نشچت ڄاڻي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ کيس شخصي طور چوٽ لڳي هئي، پر هڪ ڊاڪٽر جي فرض کي هن لهس به اچڻ نه ڏني آهي. پنهنجي ئي پٽ.....“

هن وري هڪ ڊگهو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪيو. پنهنجي سڪيلڌي جي نبض جاچي هن جي موُت جي به اڳڪٿي ڪئي هئائين. هو ته ٽي مهينا اڳي ئي تاڙي ويو هو. پنهنجي استريءَ کي به هن چتائي ڇڏيو هو. پٽ به ڊاڪٽر هوس هن کي به اشاري سان ٻڌائي ڇڏيو هئائين. اڄ هو سوچي ٿو ته نيٺ به هن ڇو ٻڌايو هو؟

ڇا علاج- معالج ۾ ماهر هوئڻ جي دم تي؟

جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها، ته ان سچائيءَ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ هن جي ڪنڊ ۾ پيڙا ۽ پڇتاءُ جو ميل اڄ به ڇو آهي؟ ان جي ياد ايندي اندر مان ڇي- ڇي جي ٻاڦ ڇو ٿي نڪري اچي؟ آخر، پرمانند ماڌو[1] جي ياد ڇو نٿي اچي؟ ڊاڪٽر نماڻا نيڻ کڻي نيلي آڪاش کي نهاريندو رهندو ليڪن ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ به ته جڳائي، ٻڌائڻ گهرجي، اهڙو نيم آهي. اهو ڊاڪٽر، وئدن ۽ طبيبن جو فرض آهي. هنن جو کيتر آهي.


[1] پرماتما.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org