سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :20

[20]

 

دانتو گهوشال چلائي رهيو هو.

هو ئي صبوح جو آيو آهي- ”اٺ به ڪين وڳا هئا، هاڻي ساڍا ڏهه ٿي ويا آهن. ساڍي ڏهين واري گاڏي به اسٽيشن تان هلي ويئي ۽ اڃان تائين ويٺو آهيان. آخر ڇو؟ جيون مهاشيه کي ڪهڙي ڳالهه جو گمان آهي؟ سمجهي ڇا ٿو؟ ڇا ٻيو ڪوئي ڊاڪٽر نه آهي؟ يا دانتو گهوشال ايترو ويل آهي؟“

’نوگرام ۾ چار- چار ڊاڪٽر ويٺا ڦي- ڦي ڪري رهيا آهن. چئريٽيبل- ڊسپينسري هئي؛ چار بسترا هئا. ان کان پوءِ لڙائيءَ جو منونتر (چتريگ) آيو ته ڏهن بسترن جي اسپتال بڻجي ويئي: هاڻ پنجاهه بسترين جو پر ٻنڌ ٿي رهيو آهي. هڪ ننڍو ڊاڪٽر رهندو هو، هاڻ ٻه ٿي ويا آهن، نرس ويئي. اتي وڃي بستري تي پوڻ جي رڳي دير آهي. وقت تي کاڌو، وقت تي دوا، جيترا ڀيرا سڏائي، ڊاڪٽر حاضر. رڳو ذات پات نه بچندي، ان ڪري نٿو مڃان. وري ٻه- ٻه ڄڻا ڪويراج پيا آهن، انهن مان به ڀوديو بدستور پاس ڪيل آهن. ٻه هوميوپئٿ آهن- هڪ محمد علي، ٻيو بانگلا ڊاڪٽر. دواخاني ۾ پئسا به ڪونه وٺي. جيون مهاشيه جو هاڻ مٿو ڦري ويوآهي، نه ته روڳين جو هيئن نڪ ۾ دم ڇو آڻي؟ پراڻو آدمي ٿيو، هٿ ۾ شفا اٿس، مهاشيه- ونش جو آهي- ان ڪري اچان ٿو. بس: هن کان پوءِ نه ايندس. يا ته ڀوديو ڪويراج وٽ يا هريندر ڊاڪٽر وٽ ويندس. جتي ڪوئي درخت نه هوندو آهي اتي ايرينڊي[1] جا وڻ ئي ’درخت‘ سڏائيندي آهن. تن ڏينهن ته ڊاڪٽرن جي اڻاٺ هئي، ان ڪري مهاشيه ’ڌنونتري‘ بڻجي ويٺو هو- اڳڪٿي ڪندو وتندو هو. جنهن تي ٺيڪ نڪرندي هئي، ان جو ڍنڍورو گهمائيندو وتندو هو ۽ جيڪا ٺيڪ نه نڪرندي هئي، ان ۾ چپ رهندو هو. مرڻ جي بدران ڪوئي جيئندو رهي، ته ان جي لاءِ جهڳڙو ڪير ٿو ڪري؟ هاڻ پرديوت جهڙي شينهن سان واسطو پيو اٿس؛ مزو معلوم ٿي ويندس. موتي لوهار ته ٻڍڙيءَ ماءُ کي بردوان اسپتال م داخل ڪرائي ڇڏيو آهي- هن جي پير جو فوٽو ڪڍيو ويو آهي: اندر هڏيءَ جو چورو رهجي ويو اٿس، نشتر هڻي ان کي ڪڍي وٺندو- بس ٿي ويندي چڱي ڀلي. پرديوت ڊاڪٽر چئي رهيو آهي، ’ذرا موتيءَ جي ماءُ سک سان اسپتال مان موٽي ته اچي، پوءِ ناڙي ڏسي نرنيه يا اڳڪٿي ٻڌائڻ واري جو ڦونڊيل ڦوڪڻو ٿو ڦاڙيان.‘

’گهر ۾ هوڏانهن چلهه ٺري پيئي آهي ۽ هيڏانهن بيمارن سان هيءَ آزاري.‘ دانتوءَ جي زبان قينچي وانگر هلندي رهي.

’نندوءَ ڪيترا مرتبا چيس، ”ڏس، چڱو نه ٿيندئيِ. جيڪي تيڪي اچئي سو به نه.“ پر دانتوءَ پرواهه نه ڪيس. چي: ”تون ڪمبخت بانس توکان ڪرڇي ئي تکي! پِير کان زنده خادم![2]صبوح کان پنج ڀيرا چيو مانءِ، ذرا تماڪ ڏيئي وڃ. پر ڪير ٿو ٻڌي! تنهنجو ڇا آهي. مهينو لڳو پگهار وٺي ڇڏيئه. جيڪي ڪجهه بچيو کچيو هو مهاشيه ونش ۾ سو به چوري ڪري صاف ڪري ڇڏيهءِ. هاڻ روڳين کي هڪالي لڇمي جي موڪلاڻي ڪرائي تڏهن تون ٽرندين.“

پراني ميان به اعتراض ورتو هو- ”ڏس دانتو، بيجاءِ هلت هلي رهيو آهين. مهاشيه ويو آهي ڪائي ڳري بيماري ڏسڻ. ان ۾ جيڪڏهن ڪائي دير اوير ٿي ويئي ته ڪڄا ٿيو! اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو چوين؟ ڇي، ۽ چئين به ڪنهن کي ٿو؟“

چوڻ ڏينس خانصاحب، چوڻ ڏينس. هينئر ان کانسواءِ ٻي ڪائي ڳالهه هن جي زبان تي ڪانه ايندي. هن جو عقل ئي مارجي ويو آهي. سروناش وقت ماڻهوءَ جي ٻڌي کوٽي ٿي ويندي آهي. موت کان وڌيڪ ماڻهوءَ جو ٻيو سروناش ٿي به ڇا ٿو سگهي؟ گهوشال هاڻ هلڻ هارڪو آهي. وڃڻ جو ڏينهن جيترو ويجهو اچي رهيو آهي، هيءُ سڀ ڪجهه اوترو ئي وڌي رهيو آهي.“ جيون مهاشيه اها ڳالهه کل ۾ چئي هئي، هو آروگيه نڪيتن جي اندران ئي نڪري آيو. چندي ٿان کان بستيءَ ۾ اچڻ جو رستو صدر رستي کان ٻئي طرف آهي. انهيءَ رستي کان هو شفاخاني جي پٺ کان اندر ويو ۽ سامهون نڪري آيو.

هڪ کن ۾ دانتو گهوشال جي ٻولتي بند ٿي ويئي.ڊپ گاڏڙ اکيون ڦاڙي حيرت وچان مهاشيه جيون ڏانهن نهاريندو رهجي ويو. جهڙو پٿر. نستو ٿي ڍرڪي ويو.

ڪرسي سيري جيون مهاشيه ويهي رهيو. چي، ”اڄ ذرا دير ٿي ويئي. چندي مندر جو گوسوامي بيمار آهي. شايد موڪلائڻ وارو آهي. اسر جو ئي اوڏانهن وڃڻو پيو. جيڪي ايترو پريان ڪهي طبيعت ڏيکارڻ آيا آهن، بيشڪ انهن جي حالت اهڙي نازڪ نه آهي.“ جيون مهاشيه سونهاريءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. مريض مان پوءِ به ڪير ڪونه ڪڇيو. سڀ دانتو گهوشال کي ڏسي رهيا هئا. دانتو ته ڦاسيءَ جي سزا يافته مجرم جيئان بيٺو هو. اوچتو هن ٽٽل سُر ۾ چيو: ”ڇا چيو مهاشيه؟ مان ڪونه بچندس؟ مرندس؟“

جيون مهاشيه لاطمع ٿي بيپرواهيءَ سان وراڻيو: تنهنجي هيءَ بيماري ٺيڪ نه ٿيندي گهوشال. هيءَ بيماري لا علاج آهي. هن بيماريءَ ۾ توکي وڃڻو ئي پوندو. البت ٻه چار مهينا يا ٻه چار سال... سو آئون نٿو چئي سگهان.“

هينئر دانتو رڙ ڪري چيو، ”تون خاڪ وئديه آهين، خاڪ!“ جيون مهاشيه به چوندو ويو، ”جيڪڏهن هيءَ بيماري ٺيڪ ٿيڻ واري هجي ها ته ٻه ڏينهن گذرندي نه گذرندي تون ڇا کان- ڇا پيئان ڪري ڊوڙندو نه اچين ها، گانجو- تماڪ پيئڻ لاءِ پاڳل نه ٿي وڃين ها، مرتيو روڳ جي هيءَ خاص نشاني آهي. روڳن مان دشمن ڪٿي ملي ويو ته پوءِ خبر ڪونهي. توسان به اها ئي ڪار ٿي آهي.“

دانتو خارن مان پنهنجو جڻيئو ڇني ڪري ڦٽو ڪيو ۽ چلائي چيو: ”جيڪڏهن آئون براهمڻ آهيان ته ٿورا مهينا ئي ڪين گذرندا ته تنهنجو سرو ناش ٿي ويندو. براهمڻ جي استريءَ جي سراپ سان تنهنجو سڪيلڌو ويو، هاڻ برهامڻ جي سراپ سان تنهنجو سڀ ڪڇ ناس ٿي ويندو.“ ۽ هو هڻڪار ڪندو آروگيه- نڪيتن، جي ورانڊي کان هيٺ لهي ويو. ذرا پرڀرو وڃي هو رڪيو. منهن ورائي چيائين: ”مان اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر وٽ وڃي رهيو آهيان. اڄ ئي اتي ڀرتي ٿي ويندس. بچان ٿو يا نه، سو ڏسج.“

مهاشيه کلي پيو. ان بعد چيائين، ”ها، ڪنهن کي ڪجهه چوڻو آهي ڇا؟“

سامهون هڪ آدمي اچي بيٺو. سائيءَ جو مريض. ائين پئي لڳو ڄڻ سڄي بدن تي هيڊ مکي آيو آهي. گهڻا ئي حيلا وسيلا ڪيائين. ڪاملا جي مالها پاتائين. گوڏن تائين مالها ڊگهي ٿي ويس... پر بيماري ڪانه ويئي. اسپتال به ويو، ڪوبه لاڀ نه ٿيو، مايوس ٿي هيڏانهن آيو آهي.

جيون دت چيو: ”جڏهن اسپتال مان به ڪوئي لاڀ نه ٿي سگهيو ته ڪڇ وقت لڳندو. ٻيو جيڪڏهن آيو رويد دوا استعمال ڪرڻي اٿئه، ڪرڻي ئي آهي، نه ته هتي ڇو اچين ها، مصيبت اها آهي جو آئون دوائون ته ساڻ رکندو نه آهيان.“ ڊگهو ساهه ڇڏي چيائين، ”هڪ طرح علاج ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو اٿم. نئون يگ آيو آهي، نئون علاج، پسند نئي؛ اهي سڀ ته مون وٽ ڪونهن. ٻيو ته هاڻ هيءُ سڀ ڪڇ خود مون کي به پسند ناهي. پر جيئن ته ڪڏهن علاج ڪندو هوس، ٻه- چار پراڻا ماڻهو اڄ به نٿا ڇڏين، ان ڪري انهن کي ڏسندو آهيان! سمجهي وئين؟“ ٿورو کليو.شايد دانتو گهوشال وارو پرسنگ اڃا به هن جي من ۾ چڪر ڪاٽي رهيو هو.

”چڱو ٿئي جي تون ڀوديو ڪويراج وٽ وڃين. هو دوا دارون رکندو آهي. ڪويراجيءَ جو نئون ڪاليج کليو آهي، اتان ئي پاس ڪري آيو آهي. سمجهي وئين؟ ڪويراجيءَ ۾ پنهنجي دوا ڏيڻ بنا علاج ۾ ڪوئي فائدو نٿو ٿئي.“

”جي نه سرڪار، اوهان مون کي تپاسيو. نهته آئون شايد نه بچان! منهنجو پتا، منهنجو ڏاڏو، سڀ انهيءَ عمر ۾ گذاري ويا آهن. پنجٽيهه کان چاليهه ورهين جي اندر. مون کي بچايو ڊاڪٽر بابو!“

”نه نه. اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي جو نه بچين. ٻيو، جيئڻ مرڻ جو سوال هڪ اچرج آهي. ان تي انسان جو ڪجهه وس هجي ها!....“ ڊاڪٽر کليو: ”ٻڌءِ ڪونه، دانتو منهنجي پٽ جي ڳالهه ڪري ويو هينئر! هو به ڊاڪٽر هو.... اڙي، ڙي، تون روئي ڇو رهيو آهين؟ چڱو چڱو، آئونئي توکي ڏسندس. ويهه، ويهي رهو. آئون دوا لکي ٿو ڏيانءِ، ڀوديو وٽان خريد ڪري وٺج. بعد ۾ آئون پاڻ وٽ تيار ڪري ڏيندس. سمجهي وئين؟ ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ٺيڪ ٿي ويندين. هيڏو ڊڄي ڇو ويو آهين؟“ ڊاڪٽر پنهنجي سونهاريءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. سوچيائين، ”هيءُ ويچارو ڏاڍو ڊڄي ويو آهي. بيماريءَ کان نه، بلڪ ان ڪري جو انهيءَ عمر ۾ سندس ابو ڏاڏو مري ويا آهن. هن جو ڊڄڻ بي سبب ڪونهي. ائين ٿيندو آهي. عجيب ڍنگ سان ٿيندو آهي.“

پراني ميان کلي چيو: ”هاڻ تون قطعي ڊپ نه ڪر ڀاءُ. مهاشيه چيو آهي ته ڊڄڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي. انکي تون ديو واڻي ڄاڻ.“

”پراني ميان هن جو من وندرائي رهيو آهي، اهو جيون مهاشيه ڄاتو ٿي. پراني آدمي ڀلو آهي. احسانمند آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا، جيون مهاشيه کيس مدي جي تپ مان بچايو هو. تڏهن هن جي حالت اهڙي سڌريل ڪانه هئي، مزوري ڪندو هو. وٽن به مزوري ڪري چڪو هو. جيون مفت ۾ سندس علاج ڪيو هو، اها ڳالهه هو ڀلجي ڪونه ويو هو. اڄ هو وڏي ڊاڪٽر کي گهرائي سگهي ٿو، چار روپيه في ڏيڻ ۾ به ڪين ڪيٻائيندو، تڏهن به هو جيون دت کي ڇڏي ڪنهن کي نٿو ڏيکاري. رڳو احسان جي ڳالهه ڪانهي. روڳ جيون- مرڻ جو سوال کڻي ٿو اچي، اهڙي حالت ۾ احسان جي ڳالهه ئي وڏي نٿي ٿئي، وڏي ٿئي ٿي ويساهه جي ڳالهه. پراني ميان کي اهو ويساهه آهي جو مٿس ايترو وڏو ويساهه رکي ٿو، تنهن کي قرب ڏيڻ ڌاران هو ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ ها، هن جي جوان زال جي معاملي ۾ هو ٿورو عجب کائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. هڪ ڀيري هن خود چيو هو، ”پراني، نه ٿئي ته زال کي هڪ ڀيرو ڪلڪتي وٺي وڃ. اڄڪلهه طرحين طرحين جون جاچ بعد ايجادون ٿيون آهن، ڪرائي اچ.“ ڊاڪٽر اها ڳالهه اهميت ڏيکاريندي چئي هئي؛ مذاق ۾ ڪانه چئي هئي. هن چيو: ”هڪ ڪم ڪر. اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر کي هڪ ڏينهن گهرائي وٺ. هن کي ڏيکاري وٺ. هو توکي ٺيڪ بتائيندو. چٺي به ڏيندو ته ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڏيکارڻو آهي.“

ڊاڪٽر پرديوت روڳڻيءَ کي ڏسي کلي ڏنو هو. چيوهئائين: ”بيماري من جي آهي، شرير جي ڪانهي. ٻيو....!“ ذرا ساعت ترسي وري چيو هئائين: ”ڪنهن منوو گيانڪ- ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ مان ئي فائدو ٿي سگهي ٿو.“

مهاشيه ڳالهه جو ڳاٽو سمجهيو هو، پراني نه سمجهي سگهيو، ته به نئين ڊاڪٽر مان خفي ٿي پيو هو. هنجي زال سندس نظرن جي سامهون اگهي پيئي آهي، هو هن جي شيوا ڪري رهيو آهي؛ اکين سان ڇهاءُ سان هو بيماريءَ کي انڀو ڪري رهيو آهي ۽ هيءُ ڊاڪٽر چئي رهيو آهي، ’بيماري ڪانه آهي!‘

سو، هن ڊاڪٽر پرديوت کي ئي نه ڇڏيو، بلڪ ڪلڪتي وڃڻ به مهمل ڪري ڇڏيو، هن صرف اهو پڇيو هو ته ”اوهان ڇا سمجهي رهيا آهيو، سو ٻڌايو. جيڪڏهن جان جو خطرو سمجهو ٿا، سمجهو ٿا ته موت اچي سگهي ٿو... تڏهن جي نه ٿي سگهي ته!...“

”نه، اهو خطرو ڪونه آهي. هونئن ڏينهن لڳي سگهن ٿا نه سمجهيئه؟“

”سو ڀلي لڳن ڏينهن. ڀوڳيندي. آئون اوهان کي ڇڏي ٻئي جي دوا ڪانه کارائيندس.“

تڏهانڪر اهو ئي سلسلو جاري آهي. ٽئين- ٽئين ڏينهن تي ڊاڪٽر ويندو رهي ٿو. پر ميان پراني جي مرضي رهندي آهي ته هر روز ايندو ڪري. ڊاڪٽر ائين نٿو ڪري. پراني روز اچي ٿو. حال احوال ٻڌائي ويندو آهي. پڇي وٺندو آهي، ”ڪڇ دوا مٽايئه؟“

”نه، نه، جيڪا هلي ٿي، سائي هلڻ ڏي.“

”ڪڇ تندرستي جي دوا، سمهڻ جي دوا. رات جو نالي ماتر به اک نٿي لڳائي، ڦٿڪندي- پاسا ورائيندي رهي ٿي ۽ ڍيرن جا ڍير پاڻي پيئندي رهي ٿي.“

ڪڇ ڏئيس ته هوخوش ٿي ويندو آهي. اڄ به کيس ڪائي دوا گهرجي. هوان ڪري هن ڊنل جوان کي ڊاڪٽر جي علاج جي ڪماليت سمجهائڻ ويٺو آهي.

ڊاڪٽر هڪ ٻئي پٺيان مريضن کي ڏسندو پيو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇهه فوٽ قداور آدمي اچي بيٺو، ”ذرا ڏسجو.“ هڪ گنڀير آواز.

”ڇا آهي؟ توکي ڇا ٿيو؟ پهلوان کي؟“

”ڇا ٿيو آهي، ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. کنگهه، ليس، وچ- وچ ۾ تپ. ڇٽي ئي نٿو.“ هن ڪرائي اڳتي وڌائي ڇهه فوٽ قداور، ساڳيو ڊيل ڊوول، بت جي بناوت؛ خاصو جوان. گهاٽ مهيش پور جو راڻا پاٺڪ. ان علائقي ۾ راڻا پاٺڪ وڏو پهلوان آهي، لٺبازي ڪندو آهي، ڪشتي- ملهه وڙهندو آهي، ٻيڙي هلائيندو آهي، ديو آستانن تي ٻليون چاڙهيندو آهي- اهو ئي سڀ هن جو ڏيهاڙي ڪم ڪاج آهي. ڪجهه ئي سلا اڳي انبوواچي جي ڪشتيءَ جي شرطن ۾ راڻا پاٺڪ جو نالو ڪيترن ڏينهن تائين ماڻهو جي زبان تي ٿرڪندو رهندو هو. پوءِ هن جو نالو ٻڌو ويندو هو ڪالي پوڄا جي وقت. مينهن جو ٻليدان ڏيڻ ۾ هن جي چالاڪي ماڻهن جي وات ۾ ڪهاڻي بڻجي پيئي هئي. گهر ۾ ٿوري زمين جائداد هئي، ان جي فصل ۽ پتڻ مان سندس گذران مزي سان ٿيندو هو. مهيش پور گهاٽ جو ٺيڪو سدائين هن جو هو. ٻيو ڪوئي واڪ ڏيئي بندوبست کڻي ته ٻيڙي ڪين هلائي سگهندو هو. راڻا پاٺڪ جي بيمار ٿيڻ جو مهاشيه ڪڏهن ڪين ٻڌو هو. اڄ هن کي ڏسي هو حيران ٿي ويو. ’هيءَ ڇا شڪل ٿي ويئي آهي راڻا جي؟ اکين هيٺان ڪاراڻ ڇانئجي ويئي اٿس. مضبوط بانس جي پاڙ وانگر ٿلهي جوڙ واري هڏي اڀري آئي آهي. ڪرتي جي آڙ مان ڪنٺ پيو ڏيکائي ڏي!‘

”راڻا، تون پنهنجي چڱيءَ طرح جاچ ڪرائي. بلڪ بردوان وڃي ڏيکاري اچ. يا نه ته هتي ئي جيڪي نوان- نوان ڊاڪٽر آهن، تن کي ڏيکار. ٽوٽڪن يا مشٽي يوگ مان هيءُ سڀ ٺيڪ نه ٿيندءِ.“

راڻا ڪنڌ ڌوڻي چيو:”اون هون. هنن کي ڏيکارڻ ويس ته هو يڪدم سلهه ٻڌائيندا. هنن لاءِ ته اها ئي بيماري آهي. پوءِ هيڏي وڏي هڪ فهرست هٿ ۾ ڏيندا. ڇاتيءَ جو فوٽوڪڍائي، ٿڪ کانگهاري جي جاچ ڪرائي، هيءُ ڪر، هوڪر. علاج انهن سڀني کان پوءِ. سلهه شايد ٿي آهي، مون کي هڪ عورت مان ڇوت لڳي آهي. پوءِ ايتري پريکشا ڇا لاءِ؟ ٻيو ايتري جا تپاس ئي ڪرڻي پيئي ته ڊاڪٽري ڪهڙي ڳالهه جي؟ اوهان نبض ڏسي ٻڌائي سگهو ته ڇا ڪريان؟ دوا ڏيو. آئون نيم سنجم سان سڀ ڪندس. ان بعد منهنجي وڏي ڄمار ۽ اوهان جو جس ڪيرتي! سئيءَ ٻئيءَ جو کٽراڳ مون کان ڪونه پڄي سگهندو. تپ دق جي دوا ته اوهان ويڄن وٽ به ٿيندي آهي.“

”آهي. پر اڄڪلهه جيڪي دوائون نڪتيون آهن، سي تمام عمديون آهن تمام عمديون!“

”اوهان چئي رهيا آهيو؟“

”اوهان چئي رهيا آهيو. ان ۾ ڪا لڄ ڪانهي. تون ته بلڪ ڊاڪٽر هريندر وٽ وڃ. ڇاتيءَ جي فوٽوءَ جي باري ۾ جيڪي توچيو، سو ڪرائي وٺڻ گهرجي. ايڪس- ري مان پتو پئجي ويندو ته مرض ڪهڙي حالت ۾ اهي. ٺيڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ وري ايڪس- ري ڪرائج، ان مان اهو معلوم ٿي ويندءِ ته بلڪل ڇٽي ويو آهين يا نه. مڃ ڪري، ڪٿي ڪا ڪسر رهجي ويئي، جنهن جي ڄاڻ نه پئجي سگهي ته اها ئي وري ڪجهه ڏينهن ۾ وڌي ويندي.“

راڻا ڪنڌ ڌوڻيو. بار بار ڪنڌ ڌوڻ ڪري چيائين: ”اون- هون، ته آئون ڪويراج ڀوديو وٽ وڃان ٿو. هوءَ ڪوڙي انگريزي دوا مون کان برداشت نه ٿيندي. انهن ڊاڪٽرن جي ٻولي به عجيب آهي. اسان کي ته ڄڻڪ ماڻهو ئي نٿا سمجهن. تن ڏينهن ۾ اوهان ڏسندا هئا، اوهان جو اهو زمانو به ته آئون ڏسي چڪو آهيان. هيءُ ڊاڪٽر روپيه خوب ڪمائين ٿا، في به گهڻي وٺن ٿا. هڪ ڪوڏي رعايت نٿا ڪري سگهن. پر اها عزت ڪانه اٿن. اوهان ماڻهو مريضن سان گهر جي ڀاتين جيئان ڳالهايو ٿا. منهنجو مزاج آهي سخت. الائي ڪٿي ڪا جهڙپ ٿي پوي. ان کان ڪويراجي ئي بهتر آهي. دنيا ۾ ڪير لوهه سان سر مڙهائي ته آيو ڪونهي.مرڻو پوندو ئي. اڄ يا سڀاڻ! پوءِ رُکيون- مٺيون ڳالهيون سڻي ڪري ڇاڪريان؟“

راڻا اٿي ڪري هليو.

”راڻا! او راڻا!“

”جي.“

”توکي جيڪڏهن آيورويد ئي پسند آهي، ته پڪوڙيا وڃ. سين مهاشيه وٽ. خانداني وئد. هاڪ اٿس. سٺي دوا رکندو آهي، حاذق حڪيم آهي. اتي ئي وڃ. سمجهي وئين؟ هيءَ بيماري لاپرواهي ڪرڻ جي ناهي.“

پڪوڙيا وڃڻ لاءِ چئي رهيا آهيو؟“

”ها، وڃ. ڀوديو اڃان نئون آهي. سمجهي وئين؟ چاهين ته ڀوديو کي ساڻ نيو وڃ.“

”ڏسان. روپيا به ته هئڻ گهرجن.“ راڻا کليو. ”اوهان وٽ اچڻ جو اهو به ته هڪ ڪارڻ اهي! گهٽ خرچ ۾ علاج ٻيو ڪٿي ٿيندو؟“ ڪم خرچ بالانشين!

هليو ويو راڻا پاٺڪ! ٻلوان، قداور ديهه، نڏر، ٻوڏ سان طوفان سان لڙندو آيو آهي، اڄ بيوس بيڪس ٿي پيو آهي. موت جي اڳيان انسان بنهه نڌر ٿيو پوي.

جيون مهاشيه ٿڌو شوڪارو ڀريو. راڻا جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هو. راڻا ڪوڙ ڪين چيو. غريب ملڪ، غريب هتان جا ماڻهو. روپيا ڪٿان آڻين؟ ۽ ڊاڪٽر به ڇا ڪن؟ هنن جي روزي ڪيئن هلي؟ پنهنجي اوسٿا سوچي ئي جيون مهاشيه من ۾ چئي رهيو هو! اڄ صبوح کان فيءَ جا چار روپيه مليا آهن. هن جي پتا، ڏاڏي ۽ خود پاڻ جيڪا جائداد بڻائي هئائون، هنن پندرهن ويهن سالن جي عرصي ۾ ان جو ڳچ سارو حصو ختم ٿي چڪو هو. اڄ هو پاڻ بيخود ٿي چڪو آهي. ماڻهو پرالٻڌ جي ساک ڀرين ٿا. عطر پنهنجو ڪرم ڪٽي ٿي. پر جيون مهاشيه ڄاڻي ٿو ته ان جي لاءِ جوابدار هو پاڻ آهي، ٻيو ڪير هوندو؟

هڪ ڍڳي گاڏي اچي سهڙي.

”ڪٿي آهي، گرديو ڪٿي آهي؟“

گاڏيءَ مان ششي لٿو. ڳاڙهيون- ڳاڙهيون اکيون. تازو ئي شايد پيتو اٿس. رام هريءَ وٽ وٺي وڃڻ ڪاڻ آيو آهي. رام هري گيان گنگا وڃن چاهي ٿو. ڪالهه رات واريون سموريون ڳالهيون دل تي تري آيس. رام هري ويندو، موت کي پائڻ؟

ششيءَ چار روپيه رکي ڇڏيا.

”مون چيومانس، انهن چئن روپين مان ڪم ڪين هلندو رام هري. جيون مهاشيه کي زندگيءَ ۾ آخرين ڀيرو ڏيکاريندين،وڌيڪ ڏيڻو پوندءِ. اسانکي ته تو پهرين چڪايل شراب پيئاريو آهي، ٻڪري جو گوشت کارايو آهي، مهاشيه کي تو ڪجهه ڪين کارايو. کارايو به هوندءِ ته ڪدو، ڪونهڙو. ڇوڪر وصيعت ڪرائي رهيو آهي. چيو اٿس، مهاشيه کي گواهه بڻائينداسون. دکشڻا (ڏکڻا) ڏينداسون.“

ششي ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.

اچانڪ کلڻ بند ڪري چيائين، ”هيءُ ڪمبخت دانتو گهوشال، مري، جهنم ۾ وڃي، اوهان کيس اڳڪٿي ڪري ڇو ٻڌايو؟ روئي رهيو آهي... پرديوت کيس وڌيڪ ڦٿڪائي رهيو آهي.“

مهاشيه پرواهه ڪانه ڪئي. ”دانتو مرندو، انهيءَ بيماريءَ وگهي مرندو، پرورتيءَ کي اهڙو پرٻل ويري بڻجندي شايد ئي ڏٺو ويندو آهي. پرديوت هن کي ڪنهن به وسيلي نٿو بچائي سگهي.“ اندر ڏانهن وڌيو. چيائين، ”ترس، ڏسي اچان، ديوي مهاراڻي ڪهڙي بڪ شڪ ڪري رهي آهي.“

عطر جون جهڻڪيون هن جي ڪنن تي پهچي رهيون هيون.

عطر انهيءَ کي ئي جهڻڪي رهي هئي، جنهن کي هو سدائين کان جهڻڪندي آئي هئي يعني پنهنجي نصيب کي. ’هاءِ ڙي نصيب، هاءِ ڙي منهنجي جلي قسمت!‘

نندو ان پاسي کان ويهي مٽي کوٽي رهيوآهي. کيس شڪ نه رهيو ته ان ۾ نندو به شامل آهي.

ٻنهي ڏانهن مهڙ ڪري مهاشيه پڇيو- ”ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه نه.“

نندوءَ چيو- ”دانتوءَ کي اهو سڀ ڪجهه چوڻ جي اوهان کي ڪهڙي لوڙ پيئي هئي؟ اسپتال جو ڊاڪٽر جيڪي جيءَ ۾ اچيس ٿو، سو ئي چئي ڏي ٿو. آئون ڪنن سان ٻڌي آيو آهيان، پنهنجي ڪنان.“

”جيڪڏهن موت ئي ٻڌائڻو اٿئي، ته منهنجو ٻڌاءِ. ڏس هٿ.“

”تنهنجو موت ته آئون بنا هٿ ڏسڻ جي ئي ٻڌائي سگهان ٿو.“

”چئو، اهو ئي چئو. آئون مرنديس. هيءَ جلن مون کان وڌيڪ سٺي نه ٿيندي. وڌيڪ نه سهنديس. اهو ئي ٻڌڻو اٿم. پاڻ ’نه‘ جو اوتار بڻيو ويٺو آهين. رتن بابو وٽ فيءَ جا چار روپيه ڏيئي رهيا هئا، تو ٻه موٽائي ڏنا، ٻه وٺي گهر آئين. جنهن کي به تون ڏين ٿو، تنهن کي اهو ئي چوندو ٿو وتين ته تون مري ويندين.“

هينئر جيون مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ان کل سان عطر سناٽي ۾ اچي ويئي. جيونمهاشيه چيو، ”مرڻ جي لاءِ ئي جنم ٿئي ٿو. عطر! سڀ مرندا، سڀ. امر ڪوئي ڪونهي.“

گهونگهٽ پاسيرو ڪري عطر اچانڪ رڙ ڪندي چيو، ”ساري دنيا سان منهنجو واسطو ڪونهي. آئون ڪڏهن مرنديس، سو ٻڌاءِ؟

”منهنجي مرڻ کانپوءِ!“

وڄ جهڙي تيز ڳالهه. عطر سراپجي ويئي

”منهنجو مرتيو ڪڏهن ٿيندو. آئون اهو ئي اڃا نه ڄاڻي سگهيو آهيان، نه ته ڏينهن- تاريخ سڀ ٻڌائي ڇڏيان ها، ون وهاري جي مرتيو جي مون کي ڄاڻ پئجي ويئي هئي. توکي ٻڌايو هوم، پر توکي يقين نه آيو هو. ان تي يقين ڪر.“

جيون مهاشيه اتان هليو آيو. ششي لعل- لعل اکين سان ڏانهنس تڪي رهيو هو.

”هل ششي!“

ششيءَ کي گويا هينئر هوش آيو. چي: ”هلو.“ اچانڪ کلڻ لڳو. چي: ”اوهان بلڪل ٺيڪ چيو آهي. ڪير ڪونه مرندو؟ سڀ مرندا. استپال جو هو ڊاڪٽر، اهو ئي ڪمبخت ڇا امر آهي؟“

ڊاڪٽر چيو، ”چپ رهه. رهڻ ڏي اهي ڳالهيون.“

هاءِ ڙي منشيه! نه، هاءِ ڇا جي؟ هيءُ رام هري ته منشيه ئي آهي. کلندي- کلندي مرڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهي.“

پرديوت سچ پچ آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ جي ڪجهه چڱي حالت ڏسي اڃا دفتر ۾ اچي ويٺو مس هو ته مٿان دانتو اچي هيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳو. ڊاڪٽر جا پير پڪڙي ورتائين، ”ڊاڪٽر بابو مون کي بچايو.“

”ڇا ٿيو آهي؟ اُٿو. صاف- صاف ٻڌايو.“

”مون کي بچايو! مان مري ويندس!“

”اوهان کي ٿيو  ڇا آهي جو مري ويندا؟“

”هاشيه چيو آهي، جيون مهاشيه!“

”ڪنهن؟ جيون دت!“

”جي ها. چي، هيءَ تنهنجي موت جي بيماري آهي. شِو جو بابو به اچي ته توکي ڪين بچائي سگهندو.“

”يعني جوين دت سان شو جي پيءُ جي ڄاڻ سڃاڻپ آهي؟ نه، دماغ خراب ٿي ويو آهي هن ماڻهوءَ جو.“

”جي!“ دانتو ڪاتر نيڻن سان نهاريندو رهيو.

”اٿو. مان ڏسان ٿو ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي. هلو، ڪمري جي ان ميز تي هلي سمهي پئو. چئو، شڪايت ڪهڙي آهي؟“

منڍ کان پڇاڙيءَ تائين پيرائتي ڳالهه ٻڌي ڪري ڊاڪٽر ڀرون تاڻيون- چي: ”اهو سڀ ڪجهه اوهان مون کي لکيت ۾ ڏيئي سگهو ٿا؟“

”ڇو ڪين؟ هزار دفعا لکي ڏيئي سگهان ٿو. هاڻي ئي لکي ڏيئي سگهان ٿو.... هاڻي ئي- ڪائسٿ جي ٻچي...“

ڊاڪٽر وچ ۾ ئي دٻ چاڙهيس: ”اوهان اهو ڇا پيا چئو؟

ڪائسٿ ڇا؟ خبر اٿو،مان به ڪائسٿ آهيان.

دانتوءَ ڄڀ کي چڪ پاتو. چي، ”ڀلا اوهان کي ڪجهه چئي سگهان ٿو آئون! جيون کي چئي رهيو هوس، هن ڪمبخت کي.... پر آئون بچي ته ويندس نه؟“

دانتو روئڻ لڳو.

”نيٺ به اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڪونه بچندا؟ دوا پيئو، نيم سنجم سان رهندا اچو.“ هريهر ڪمپائوڊر ڀرواري ڪمري ۾ دوا ٺاهي رهيو هو. هن چيو، ”دانتوءَ کان اهو ڪين پڄندو. بيماري ته هن پاڻ پيدا ڪئي آهي. کاڌي جي هٻڇ کيس بيمار ڪيو آهي. ٻه ڏينهن مس ٺيڪ رهيو ته ڪنهن نه ڪنهن جي گهر وڃي ڌرڻو ماريندو- اڄ هتي ئي ٻه ٻُڪ کائيندس.“ هريهر کلڻ لڳو.

ڊاڪٽر چيو: ”اوهان کي اسپتال ۾ رهڻو پوندو. رهندا؟“

”رهندس.“ دانتو جيئڻ چاهي ٿو. کانئس مرڻ ڪين پڄندو. کيس ڀرتي ڪيو ويو. ڊاڪٽر هڪ ڪاغذ کنيو. چيائين، ”ضلع مئجسٽريٽ کي سڀ ڪجهه لکنداسون. هن ريت ماڻهن جي موت جو اعلان ڪندو ڦرڻ اٺوڪي يگ ۾ سهڻ کان ٻاهر آهي. ان جو بدلو چڪائڻ گهرجي!“

ذرا ساعت کانپوءِ اڌ لکيل درخواست ڦاڙي ڦٽي ڪيائين. چي، ”رهڻ ڏي!“

”هن ماڻهوءَ جي سرتي ڀوت سوار آهي. موت جي اڳڪٿي ڪندي خوشي ٿي ٿئيس. مرتيو ته دنيا م نشچت ۽ اٽل آهي. ڪير نٿو ڄاڻي؟ ان کي جيتڻ لاءِ آدمي جي ڪوشش جو به انت ڪونهي. اها ساڌنا لڳاتار جاري آهي. ايجاد جي مٿان ايجاد ٿي رهي آهي. مگر اڄ تائين ان کي روڪي ڪير نه سگهيو آهي. اڄ به هو ڌرو وانگر اڏول ۽ اسٿر آهي. پر آهي ته دردناڪ وڇوڙي جو وڻج! ان ۾ اڌياتمڪ يا روحانيت جي ملاوٽ ڪري موت جي اڳڪٿي ڇرڪائيندڙ آهي. رومانٽڪ هوندي به نردئي آهي. بنهه پسونءَ جي ٻل چاڙهڻ سمان. پوڄا پاٺ جي اڊمبر سان اڌياتمڪتا جي ڪوهيڙي ۾ هڪ خيالي لوڪ جي سرشٽي رچائي موت کي مڪتي جي نالي سان ظاهر ڪرڻ تلوار جي وار جهڙي هڪ ڪٺور روايت آهي. هيءُ جيون دت ان جو پروهت بنجي ويٺو آهي.“ ڊاڪٽر سوچيو: هي مَسِٽِ اسٽاپ! هن کي روڪيووڃي. هن کي ضرور روڪيو ويندو- هي مسٽ بي اِسٽاپڊ!

جيڪڏهن هن ويچاريءَ ارچنا جي نبض ڏسي ها ته هن جي موت جي به پڌرائي ڪري وڃي ها. نبض ڏسڻ نه ڏنيمانس سو چڱو ئي ڪيم. هن ڀاڳيه وادي ديش ۾ موت جي اڳڪٿي ڪرڻ وارا طبيب ئي لائق ويڄ مڃيا ويا هئا. تعويذ، تائٿ، جنتر منتر، جڙي ٻوٽي، چرڻا مرت- ڪجهه به ڏيڻ ۾ کين سنڪوچ ڪونهي.

هيءُ ماڻهو- جيڪو پنهنجي سڪليڌي پٽ جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ به ڪونه گٿو ۽ سا به هن جي ماءُ يعني پنهنجي استريءَ جي سامهون! اف! ڪهڙو نه نرد ئي! ڪلپنا به نٿي ڪري سگهجي!! پرديوت ڊگهو ساهه کنيو. سگريٽ دکائي ۽ ڪمري مان نڪري نرسن جي وارڊ ڏانهن ويو. نرس کي ڪوٺائي چيائين: ”نئين مرض- هن ٻڍي برهامڻ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. مٿس ڌيان رکجو. هن جي ڪاڪوس جي جاچ ڪرڻي پوندي. اڄ ئي.“

تهان پوءِ سڄي وارڊ جو چڪر هڻي آيو ۽ ميدان ۾ نئين عمارت جي سامهون اچي بيهي رهيو.- ”سٺي عمارت جڙي رهي آهي. ڊيسينٽ بلڊنگ. چئني طرفن کان ونگس هجن ها ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها. ونگس بنجڻ جي اسڪيم به آهي. بعد ۾ بڻبا.“

”نئون زمانو آيو آهي. وگيان جو يگ. نصيب ۽ قسمت جي نيڪاليءَ جو يگ! انسان بيمارين تي فتح پائيندو. موت سان جنگ جوٽيندو. هن بيوس بڻجي موت ۾ ئي امرت جي کوج ڪئي آهي. اڄڪلهه ڪيترن قسمن جون يوجنائون گهرجن ۽ اڄ اها به ضرورت آهي ته ههڙن مدت خارج ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪجي جيون مهاشيه جهڙن کي. اڳڪٿي- موت جي اڳڪٿي! موت سان هيءُ ديش ڄڻڪ نينهن اڙائي ويٺو آهي. گنگا ڪناري ديهه کي جل ۾ ارپڻ ڪري مرڻ ئي مقصود آهي!“- موتيءَ ماءُ جي ايڪس- ري رپورٽ ملڻ سان پرديوت کي نئون ٻل مليو آهي. موتي رپورٽ کڻي اڄ صبوح جو ئي بردوان کان موٽيو آهي. بردوان جا ڊاڪٽر جيتوڻيڪ پرديوت کان سينيئر آهن، ته به هنن جو پرديوت سان گهاٽو سنٻنڌ آهي. هن لکيو هو: ڪرپا ڪري مونکي سموري رپورٽ تفصيلوار موڪليندا. ڇو ته مان هن ڪيس ۾ گهڻو ’انٽريسٽيڊ‘ آهيان. ٻڍڙيءَ جي موت جي اڳڪٿي ڪري کيس گنگا گهاٽ اماڻڻ جي تياري ٿي رهي آهي. هتان جي هڪ دقيانوسي وئديه مهارجا اها اڳڪٿي ڪئي آهي- ”ته هيترن ڏينهن هيترن مهينن ۽ هيترن پلن جي اندر ٻڍڙيءَ جو پراڻ پکيڙو پرواز ڪري ويندو؛ پير جي سور وچان ئي هن جو انت ايندو. هن ڪيس کي مون زبردستيءَ اسپتال موڪليو آهي. مڪاني ماڻهو منهنجي ان حرڪت تي کل اڏائي رهيا آهن، ته هڪوار جيون دت نبض ڏسي ٻڌايو آهي، ته پوءِ ٻڍڙيءَ کي موت کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟!“

بردوان جي ڊاڪٽر، ان ڪري موتيءَ جي معرفت سموري رپورٽ موڪلي آهي. ان کي پڙهي پرديوت جو چهرو خوشيءَ وچان ٽڙي پيو ۽ ساڻ کيس بڇان به ڏاڍي آئي. ”ڌڪو کائڻ سان ٻڍيءَ جي پير جي هڪ جوڙ ۾ چوٽ اچي ويئي، هڏيءَ جو ڪجهه حصو اتي رهجي ويو آهي. نشتر هڻي ان خارج عنصر کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو ۽ هڏيءَ جي ڪنهن حصي کي الڳ به ڪرڻو پوي، ته ائين ڪرڻ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو! شنڪا ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي.“

”اڳڪٿي! اڳڪٿي! موت جي اڳڪٿي! هون!“

اڃا ڪالهه سانجهيءَ جو به اهڙو ئي قصو ٻڌي آيو آهي. بي – ڪي- ميڊيڪل اسٽورس جي مالڪ وجيه وٽان. هو به رت پياڪ ماڻهو آهي. بيماريءَ جو وجهه وٺي ماڻهن جو ڏيوالو ڪڍي ٿو ڇڏي. نقلي دوائون وڪڻي ٿو. ڊگهيون ڳالهيون ڪندو آهي.پرديوت کي لاچار وٽس وڃڻو پوي ٿو، نه ته هو کانئس نفرت ڪري ٿو. هڪ ضروري انجيڪشن جي گهرائڻ لاءِ ويو هو. ’سڀاڻي شام تائين سئي ملڻ گهرجي.‘ ٻيون به ٻه چار دوائون. وجيه وٽ اهڙو بندوبست آهي جو ڏيهاڙي رات جو ساڍي ڏهين بجي واري ٽرين ۾ سندس هٿيڪو ماڻهو ڪلڪتي ويندو آهي. صبح جو ضروري شيون خريد ڪري ٻپهرن جي گاڏيءَ دواران شام جو نوگرام واپس پهچي ويندو آهي. پورا چوويهه ڪلاڪ به ڪونه لڳندا اٿس. هاوڙا جي سيزن (ماهواري) ٽڪيٽ وٺي رکندو آهي.

هن وٽ ئي اوطاق ۾ مٿين ڳالهه جو ذڪر نڪتو هو. موتيءَ ماءُ واري ڳالهه.

پرديوت جي هٿان هو نينگر، جيڪو ڪالهه مري ويو هو. تنهن جو ذڪر- ان ريت و پن بابو جي هڏڪيءَ جي ڳالهه. ونيه ناگريزي دوا فرش آهي. نفعو به جهجهو ٿو ڪمائي، پر کيس انگريزي دوائن تي ويساهه ڪونهي؛ سندس صدق آيورويدڪ علاج ۾ ئي آهي. هو ڊاڪٽرن کي به اڪثر چوندو آهي؛ ”اوهان ماڻهن جو علاج ته ڪاڻا ماڻا به ڪري سگهن ٿا. رت، ٿڪ، پيشاب، کانگهارو- ٽورو (ڪاڪوس)، ايڪس – ري وغيره جي هيتري ساري تپاس کان پوءِ ئي خاص علاج ڪري سگهندا، پر اڳئين زماني ۾ نبض جاچي بيماري ٻڌائي سگهندا هئا، فلاڻي ۽ فلان بيماري آهي. هيترن ڪ هيترن مهينن، هفتن يا ڏينهن جي معياد آهي. اسان جي جيون مهاشيه جو مثال کڻي وٺو...“ وجيه، جيون مهاشيه جي اڳڪٿيءَ جو حوالو ڏيندي چيو، ”هڪوار هن موتي ماءُ جي باري ۾ جيڪي چيو آهي ڊاڪٽر بابو- تڏهن...“ ليڪن ايڪس- ري جي رپورٽ ۽ ڊاڪٽر جي خط مان پرديوت کي پريرنا ملي ويئي هئي. هن جو حوصلو وڌيو آهي. هتان جا ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن جو ازخود ڪمزور پيو محسوس ڪجي. ايتريقدر جو چاروُ بابو به هن جي ها ۾ ها ملائي رهيو آهي. هريندر ڊاڪٽر جوان آهي، پر آهي هتان جو. وشواس ته هو به نٿو ڪري، پر اوشواس جي درڍتا منجهس ڪانهي. ٻال اوسٿا جون يادگيريون ڌونڌاڙي کيس نٻل بڻائين ٿيون. ان ڪري به جو مهاشيه کيس موت جي منهن مان بچايو هو. هن جي رام ڪهاڻي به ڪهڙي نه حيرت انگيز آهي! ننڍپڻ جون ٻيون به عجيب ڳالهيون اٿس- ڪيتريون ئي!- ليڪن هينئر پرديوت ثابت ڪري ڏيکاريندو: موتي ماءُ بچي ويندي. دانتو به بچي ويندو. ڊاڪٽر پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ڪنن ۾ سريلو آواز گونجيو. منجو ڳائي رهي هئي. هڪ وڳو آهي. رسوئي تيار آهي. ڪابه هاج ٻي ڪانهي. عجيب زنده دل عورت آهي. هيءَ منجو! مورتي مثل جيون. جيون جو جهرڻو! ڊگها ساهه ڀري جوش و خروش سان وڌي رهي آهي. وڏي ڪشمڪش کان پوءِ ڊاڪٽرن کي جيتي سگهيو آهي. گهر ۾ ان ڪري ٻيا ڀاتي منجوءَ کي پسند ڪونه ڪن- ايترو لاڏلو هوئڻ به ڪو چڱو آهي ڇا!

پر ڊاڪٽر کي اهو سڀ پسند آهي. کيس سائيڪل هلائڻ سيکاري اٿائين. بندوق ڇوڙڻ به سيکاري اٿائين. هاڻ موٽر ڪار هلائڻ به سيکاريندس. ڪابه روڪ ٽوڪ نه وجهندو.

اهائي، اهائي ته زندگي آهي! وهڪري واري، آنند بخش. سٻل جيون جو آنند به اهوئِي ته آهي- دِس اِز لائيف!

ڏاڪن تي بليچنگ پائوڊر ڇڻڪايل آهي. ان ڪري بوٽ جو ترو صاف ڪري هو مٿي ويو. اتي صابڻ، پاڻي، لوشن، ٽوال تيار.

هوري هوري چون چُرمر جو آواز ڪندي هڪ بيل گاڏي اچي رهي هئي. اسپتال جي ڀرسان ئي سڻڪ آهي. ساوڻ جي اُڀ ۾ ڪڪر مڙي رهيا آهن. ڇانوَ کان ڍڪيل اُداس ٻپهري. رکي رکي ڦڙ ڦڙ وسي رهي آهي. پر گاڏيءَ جي ڇپر اندر هو ڪير؟ سفيد ڏاڙهي، سفيد وار، ٿلهو متاروجسم، ڪڪرن ڇانيل اُڀ ڏانهن پيو نهاري. گاڏيءَ جا ڦيٿا کڏ ۾ اٽڪن ٿا، سرن سان ٽڪرائين ٿا. گاڏي لوڏا ۽ جهوٻا کائي ٿي، پر هولاطمع آهي. ’جيون مهاشيه آهي، ڪٿي بيمار کي ڏسڻ وڃي رهيو آهي.‘


[1]  هيرڻ

[2]  ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرهن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org