سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :8

ميين عيسيٰ جي تربت جي تلاش ۾[1]

 

پر سال شاه لطيف جي ورسيءَتي ميين عيسيٰ جي ڪلام ۽ زندگيءَ تي ڪجهه تبصرو ڪيو هوم، ۽ ٻڌايو هوم ته هي بزرگ به شاه صاحب جي وڏن معاصرن مان آهي، بلڪ انهن هستين مان آهي، جن شاه جي بزرگيءَ جي پيشن گوئي ڪئي هئي. ڪلام جي وڌيڪ ڦولها ڪندي، معلوم ٿيو آهي ته هي بزرگ 12 صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي ۽ جيڪڏهن سنديس وڏي عمر حساب ۾ آڻجي، ته ڏسبو ته هن پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني 11 صدي جي آخر ۽ 12 صدي جي اوائل ۾ نباهي. ص 170 تي زماني جي انقلاب جو ذڪر ڪندي، قحط الرجال تي افسوس ۽ ارمان ڪيو اٿس:

ادب، استادي، مٽي مائٽي، دل دوستي هئي

منجهه هزارا

ڪ ڪ ڪارهن سن ۾ هئي سندين پچارا

ڏني اِن ڳالهين، منجهه ٻارهن ٻاتاڙا

تڏهن جهڙا اچن ڏينهڙا، گذارجن تهڙا

جهڙو ورندو واءُ ڏسين، ڏي تون پُٺِ تيڏاه.

پنهنجي ٽيہ اکري جي ”ر“ واري اکر ۾، ماڻهن جي لاغرضائي ۽ بيپروائي جو ذڪر ڪيو اٿس، چي: اڄ ماٺ ڪرڻ موچاري آهي، نه ته ماڻهو وڏي وڪر ۾ پئجي ويندو:

تنهان ماٺ موچاي هن ڏينهين، گهڻو آه سکر

ڪين ڪُڇجي ڪو ذرو، منجهه حال هن هيڪر

اوءِ سي ڪامل ڪئان لهان جنين ڪنہ نه ڪر

جي ڪلمو چون ڪوڏ منجهان، سدا ٿيا سڳر

اڄ سنڌيون جوڙڻ، قصا ڪرڻ، اِي مون ۾ جهل اثر

جو هوم نڪ، ڪِ ناس پتو، ته پيس پنهنجي ۾ گوندر:

بهرحال يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هن بزرگ ڪڏهن وفات ڪئي. پنهنجي ڪلام ۾ هيٺين سنڌي بزرگن ڏي اشارو ڪيو اٿس: (1) مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم نوح جو معاصر (2) مخدوم نوح رحه، وفات 998هه (3) سيد عبدالڪريم رحه، وفات 1032هه (4) مخدوم محمد حيات سنڌي رحه، وفات 1163هه (5) مييون عبدالباسط پٽ ميِيون پير محمد هالائي، سندس همعصر.

سندس بياني طرز مان ائين پيو لکائجي ته ڄڻ مخدوم محمد حيات دنيا مان لڏي ويو آهي. ۽ ميون عبدالباسط حال حيات آهي. انهيءَ مان پڌروآهي ته مييون عيسو 1163هه کان پوءِ گهڻو وقت جيئرو رهيو آهي. شاه لطيف جنهن 1165هه ۾ وفات ڪئي آهي، تنهن جو ڪٿي به نالو نه آندو اٿس: گويا شاه لطيف انهيءَ عرصي تائين ايتري قدر شهرت حاصل نه ڪئي ۽ نڪي ڪي لطيفي لات ايتري قدر ماڻهن جي وات هئي. اگرچه مجيد شاعر۽ ٻين ڪن اڳين گمنام شاعرن جا بيت انشاء ڪيا اٿس. عجب جي ڳالهه آهي جو شاه لطيف جو ڪوبه بيت تضمين طور ڪم نه آندو اٿس. پاڻان سندس ٻه ٽي بيت شاه جي رسالي ۾ اچي ويا آهن ۽ خود شاه صاحب سندس ڪيترن ئي بيتن جو تتبع ڪيو ٿو ڏسجي. جيڪڏهن هيءَ روايت صحيح آهي ته هن شاه صاحب کي ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ دعا ڪئي هئي ته ان مان هي انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته مييون عيسو ان وقت چڱي عمر جو هو ۽ سنديس علميت ۽ بزرگي تسليم شده هئي. ابواب سلوڪ جي پنجاهين صفحي لکندي، جتي تقريباً سندس ڪلام جون ٻه پتيون پوريون ٿين ٿيون، سنديس عمر 88 ورهيه آهي، جيئن هيٺين سٽن مان ظاهر آهي:

سطاءِ سڪ محبت سندي ڳالهڙي، سالڪ سڳورا

مانَ سڻي ڪا سڌ ٿئي، هن عيسيٰ ڪو اثرا

جنہ وڃائي ويسري، ڄاڻي ڄمارا

محبت سندي ميٺ جي، پيئيس نه پروڙا

هنهين لاف هڻندي لنگهيا، اٺاسي عمر جا ڏينهڙا.

اهڙي بزرگ جي مزار ڏسڻ جي گهڻي وقت کان اُڪير هيم. آخر تاريخ 19 آڪٽوبر 1951ع جو اٽڪل 9 بجي ڌاري عزيزم مسٽر الله بخش نظاماڻي سان جيپ ۾ چڙهي، ملاڪاتيار جي ڀرسان کوکرن جي ڳوٺ طرف روانو ٿيس. مسٽر الله بخش ٽالپر هڪ ڏينهن اڳيئي تڪليف وٺي ڳوٺ جي وڏڙن، جهڙوڪ حافظ احمد ولد حافظ عمر ميمڻ ۽ حافظ احمد ولد حافظ محمد بچل سانگائي ميمڻ جي مدد سان قبر جي تشخيص ڪري ڇڏي هئي، جا صدين کان خدا جي ٻانهن جي زيارت گاه ٿي رهي آهي. کٿڙ جي اسٽيشن کان رستو ٽکڙ شريف يا وسي ملوڪ شاه ڏانهن لڙي ٿو. اگرچه سنواريل ناهي ته به بسين ۽ بيل گاڏين جي اچ وڃ ڪري، اهو ٽاڪرو رستو پڪي جهڙو ٿي پيو آهي، ۽ کيس انجنيري کاتن جي انگلن ۽ آرن جي ضرورت ڪانهي. اڳتي ته هن موسم ۾ چؤڌاري ساوڪ لڳي پيئي هوندي هئي. پر هن سال پاڻي جي اڻاٺ ۽ مينهن جي ماٺائيءَ ڪري، سڄو ملڪ ڀڙڀانگ لڳوپيو هو. رڳو ٽکڙ جي اوريان درياه جو نظارو ڪي قدر وڻندڙ هو. واٽ تي حضرت مرشدنا خواجہ عبدالرحمان سرهندي قدس سره (1244، 1355هه) ۽ سندس فرزند حضرت خواجه حسن جان نورالله جي مقبري جي ورهين کان پوءِ زيارت نصيب ٿي. احاطي، جي ٻاهران هڪ تجر هيٺان عزيزي محترم سيّد ميران محمد شاه جي ٻن جگر گوشن نياڻيءَ ۽ سڪيلڌي فرزند قبول محمد شاه جي آرام گاه تي قلّ پڙهي ختمو بخشيو ويو. اتي پنهنجي آخري آرام گاه لاءِ پڻ خالي جاءِ ڇڏي ڏني اٿس. رب تعاليٰ کيس شل ڏينهن ڏئي! بي اختيار سعدي جو قطعو دل تي تري آيم:

بس نامور کہ زير زمين دفن کرده اند

کز هستيش بروي زمين بر نشان نماند

آن پير لاشہ را کہ سپرند زير خاک

خاکش چنان بخورد کز و استخوان نماند

زنده است نام فرخ نوشيروان بخير

گر چه بس گذشت که نوشيروان نماند

خيري کن اي فلان وغنيمت شمار عمر

زان بيشتر کہ بانگ برآيد فلان نماند.

خواجه عبدالرحمان صاحب نقشبندي زماني جو قطب ٿي گذريو آهي. سندس ڪرامتن جون ڳالهيون مون پنهنجي والد مرحوم کان ٻڌيون جو سندن مريد هو. هڪ دفعو ٽلٽيءَ جي ڀرسان شاه بخاري جي مقبري تي زيارت لاءِ ويا هئا، وچينءَ جو وقت هو. جيئن وضو ٿي ساريائون تيئن پنهنجو پاڻيءَ ڀريل ڪؤنرو کڻي، اوچتو ڀر واري وڻ جي ٿڙ کي هنيائون. حاضرينن کانئن ان جو سبب پڇيو، جنهن تي فرمايائون ته: اسان جو فلاڻو مريد سڪرات جي سختيءَ ۾ پاڻي گهري رهيو هو، تنهن کي شيطان پيشاب جو پيالو ڀري ٿي ڏنو. ٺڪرين لڳڻ تي شيطان ڀڄي ويو ۽ ڪونري جي پاڻيءَ وڃي سنديس نڙي آلي ڪئي پڇا تي معلوم ٿيو ته برابر ائين هو. ٻئي ڀيري قلندر لعل شهباز عليہ رحمت جي روضي مبارڪ تي زيارت لاءِ ويا ته هڪ ڪڃري بيٺي ناچ ڪيو ۽ خواجہ حافظ شيرازي جو هي غزل پئي ڳايائين:

دل ميرود زد ستم صاحبدلان خدارا

دردا کہ رازپتهان خواهد شد آشڪارا.

جڏهن هن بيت تي پهتي:

در کوئي نيڪ نامي مارا گذر ندادند

گر تو نمي پسندي تفير ڪن قضارا.

تڏهين خواجہ صاحب جن آڱر جو اشارو ڪيو ته ڪڃري غش ٿي ڪري پيئي ۽ سامت ۾ اچڻ بعد توبہ تائب ٿي، پنهنجو گندو پيشو ڇڏي ڏنائين ۽ باقي زندگي شرافت ۽ پاڪ دامني سان گذاريائين. حافظ احمد ولد حافظ محمد بچل وري ڳالهه ڪئي ته پهريائين ٽکڙ شريف ۾ سڪونت پذير ٿيا هئا، ۽ موجوده دفن واري جاءِ به پنهنجي جيئري چونڊي هئائون. ڪنهن مدت کان پوءِ درياه اچي ٽکڙ کي پائڻ لڳو، ۽ سڀ ماڻهو ششدر ٿي هيڏان هوڏان ڀڄڻ لڳا، تڏهن سيّد غلام نبي شاه (؟) کين عرض ڪيو ته: قبلا، ڌڻي جي درگاه مان دعا گهرو ته هيءَ مصيبت دور ٿئي. تنهن تي پاڻ پائيندڙ درياه جي ڪپ تي، ٽي ڏينهن سانده مصلو وڇائي سجدي ۾ پيا هئا. آخر سندين التجا قبول ٿي ۽ درياه پٽا ڏئي پوئتي ٽري ويو، اڄ تائين ٽکڙ جي ويجهو نه آيو آهي. اهڙا هئا قرب ۽ ڪرامت جا صاحب.

اوليا را هست قدرت از الله

تير جستہ باز گردانند زراه

مرکہ‎ خواهد هم نشيني باخدا

گو نشند در حضور، اوليا

ناز خندان باغ را خندا کند

صحبت مردانت از مردان کند

گر تو سنگ صخره اي مر مر شوي

چون بصاحب دل رسي گوهر شوي.

ان کان پوءِ ٽکڙ ڏي وڌياسين، جتي مرحوم حافظ عبدالله ”بسمل“ جي فرزندن جي زناني مڪتب ۾ قدري آرام ورتوسون. سيّدن سڳورن توڙي حافظن پنهنجا ڀال ڀلايا ۽ مهماني جا شرط خوب بجا آندائون، مسٽر الله بخش ٽالپر اتي اڳيئي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، ۽ جناب مرحوم قاضي سيّد اسدالله شاه صاحب ۽ جناب مرحوم حافظ ”بسمل“ جا ڪتاب اتي معائني لاءِ آڻي رکايا هئائين. افسوس جو شاه صاحب جي وسيع لائبريري اڏيهيءَ جو کاڄ ٿي ويئي ۽ منجهس رڳو شاهه صاحب جا تصنيف ٿيل ڪتاب به موجود ڪونه هئا. ٿورڙا ڪتاب حديث ۽ تفسير تي هئا، جن سان منهنجي گهڻي دلچسپي ڪانه هئي، باقي جناب مرحوم حافظ عبدالله ”بسمل“ جا ڪتاب گهڻي تعداد ۾ سلامت هئا. فارسي شاعرن جا ڪيترا اهڙا ديوان، مثنويون ۽ ڪليات موجودهئا، جي هاڻي عام طرح مشڪل ملي سگهن. ازانسواءِ هڪ نسخو ”خزانہ عامره“ ۽ ”حاجي بابا اصفهانيءَ“ جو موجود هو. مون رڳو ننديرام وارو ”تاريخ معصوميءَ“ جو سنڌي ترجمو ۽ ”مختارنامو“ تصنيف مرحوم مير حسن علي خان جو پاڻ لاءِ چونڊيا ۽ اهي مرحوم جي فرزند مون کي سوغات طور بخش ڪري ڏنا. وٽن جناب حافظ هارون جو ڪيتروئي ڪلام انتشاري حالت ۾ موجود هو، جنهن ڪٺي ڪرڻ لاءِ کين استدعا ڪئي ويئي. ڳالهين ڪندي وٽانئن خبر پيئي ته ڪشنچند ليکراج ”عزيز“ جي سموري ڪليات جناب حافظ ”بسمل“ صاحب جي تصنيف ٿيل آهي.

اي غريبي! حيف آهي توتي جو هڪ اديب مفلسي۽ مسڪيني سببان تنگ ٿي پنهنجي جگر جو ولوڙيل رت، ٿورن پئسن تي ٻين کي وڪڻي ڏئي! ۽ حيف آهي اهڙن خريدارن تي جو اهڙن اَتيتن جي محنت جو رڳو سکڻن اکرن ۾ اعتراف به نه ڪن. سچ چيو آهي پياري رسول (فداه ابي و امي) ”الفقرءَ سواد الوجہ في الدارين.“ يعني سڃائي ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارائي آهي.

”ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.“

ڳچ وقت اتي ترسي ملاڪاتيارن ڏي اُسهياسين، جتي ڊاڪ بنگلي ۾ هٿ منهن ڌوئي سڌو کوکرن ڏي روانا ٿياسين ۽ آخوند ميين عيسيٰ جي قبر جي زيارت ڪئي سين. اها قبر خير واه ۽ درياه جي بند جي آڙ ۾ آهي. هڪ پٿرن جو ڍير آهي جنهن سان بزرگ جي ٻين عزيزن جون ٻه ٽي قبرون گڏجي مٽجي وييون آهن. رڳو هڪ پنڊ پٿر ميين عيسيٰ جي مزار جا پار ڏئي ٿو، جو جهولن جي جهڙپن ۽ مينهن جي وسڪارن ۽ اُسن جي اولاڪن ڪري زبون ٿي ويو آهي. قبرن جي چوڌاري هڪ چوکنڊي هئي، جنهن جو ورهين کان نالو نشان گم آهي.

سمنڊ جي سيني اندر آهن سمايل ڪيترا

لؤلؤ و ياقوت ۽ مرجان جواهر بيشمار  

 

ڪيترائي ورد ۽ نسرين و نرگس نسترن

ٿا ڄمن صحرا اندر ڪونهي سندن ڪوئي وقار.

 

هو ميون عيسو به هڪ سنبل ساريءَ سنڌ جو

عطر جنهن جو ٻن صدين کان ٿيو هويدا آشڪار.

 

ڳوٺ ننڍي ۾ گذاري ربّ کي واصل ٿيو

لاءِ اسان جي دائما پويان ڇڏيائين شاهڪار

 

هر مبشر شاه جو ۽ قادري مشرب سندس

ليڪ نغمي راڳ کان هئڙو بري ۽ عاردار.

 

قائم شريعت تي سدائين پڻ طريقت ۾ تمام

مصطفيٰ جي حب ۾ مخمور هئڙو تار تار.

 

ٿي اڏايائين ڪبوتر ڪوڏ مان يثرب طرف

۽ مکيائين سان سراهيءَ پَر تنين جا برق وار.

 

ٿو گهري ”عاصي“ عمر رب کان دعا هر روزشب

شل وسي تنهن تي هميشہ ابر رحمت بار بار.


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، جنوري 1952ع ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org