سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :6

قاضي قاضن سيوهاڻي[1]

 

قاضي قاضن ابن قاضي ابوسعيد، ابن قاضي زبن الدين، ابن قاضي قاضن، هڪ مشهور معروف شخص ٿي گذريو آهي. سندس حياتي جو مختصر احوال تاريخ معصومي ۾ ڏنل آهي. تحفةالڪرام واري پڻ لفظ بلفظ ان تان نقل ڪيو آهي ۽ ڪنهن به قسم جو منجهس اضافو نه ڪيو آهي. هي صاحب گهڻن قسمن جي علمي فضليتن سان سينگاريل هو. قرآن مجيد جو حافظ هو ۽ قِرات ۽ تجويد به چڱي طرح ڄاڻندو هو. حديث، تفسير، اصول فقہ، تصّوف ۽ علم آلات (ڪَلن ٺاهڻ جو هنر) ۾ چڱو عبور هوس. انشاء (لکپڙهه جي علم) ۾ سندس جوڙجيس ڪونه هوس. علم رياضي ۽ حسابداني کان پڻ ڀليءَ ڀت واقف هو. ڦوهه جواني ۾ سيد محمد جونپوري، جو ميران مهدي جي نالي پڌرو آهي، تنهن جي مريدن جي لڙهه ۾ شامل ٿيو. جنهن ڪري شريعت جا عالم کيس ٽوڪيندا هئا. انهيءَ مان ڏسجي ٿو ته قاضي قاضن جو تصّوف ڏي خيال مريديءَ کان پوءِ ٿيو. سلوڪ جي واديءَ ۾ گهڻيون رياضتون ڪڍيائين ۽ سير سفر به ڏاڍا ڪيائين.

تاريخ 11 محرم سنه 927هه (23 ڊسمبر 1520ع) جو جڏهن شاه بيگ ارغون ٺٽي جي ويجهو درياه لنگهي، ڄام فيروز جي لشڪر کي شڪست ڏني، جو درياه خان جي سرڪردگي هيٺ هو، تڏهن شاه بيگ لاڳيتو 20 تاريخ تائين، ٺٽي ۾ عام ڦر جو حڪم ڏنو. ڪيترن ماڻهن جو اهل وعيال پڪڙيو ويو ۽  ڄام فيروز جا ٻارٻچا اندر رهجي ويا. جڏهن شاه بيگ کي خبر پيئي، تڏهن ڪن چڱن مڙسن کي ڏياري موڪليائين ته ڄام فيروز جي حويليءَ تي پهرو ڏين ۽ ان جي حرمت ۽ عصمت بچائين. آخر اهو غضب جو طوفان، قاضي قاضن جي طفيل اُجهاڻو.

قاضي قاضن صاحب جو عيال پڻ باندي ڪيو ويو هو، سو حيران ۽ سر گردان ٿي، ٺٽي جي گهٽين ۾ پنهنجي گم ٿيل پيارن کي پئي ڳوليائين. هڪڙو خط، جنهن ۾ ماڻهن جي تباهيءَ جو دردانگيز احوال درج ڪيو هئائين، سو حافظ محمد شريف جي هٿان شاه بيگ جي خدمت ۾ موڪليائين ان جي پڙهڻ ڪري شاه بيگ جي دل تي سخت اثر ٿيو ۽ پڙهو گهمارايائين ته ڪوبه سپاهي ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ اولاد کي هٿ نه لائي ۽ پنهنجي بٿيءَ مان هڪ تير ڪڍي، قاضي قاضن کي ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته جنهن به ماڻهو ڏانهن قاضي صاحب اشارو ڪري، سو کيس سپرد ڪيو وڃي. هن واقعي بعد گويا قاضي قاضن جو شاه بيگ سان گهاٽو رستو ٿي ويو ۽ اڪثر موقعن مهل جڏهن شاه بيگ کي مڪاني ڳالهين بابت، صلاح مصلحت ڪرڻي پوندي هئي، تڏهن قاضي قاضن کي گهرائيندو هو.

ڄام فيروز جي پيش پوڻ بعد دريا خان جا پٽ محمود خان ۽ مِٺڻ خان مخالفت تي ڪمر ٻڌي بيهي رهيا. سارنگ خان ۽ رنمل سوڍي جي مدد سان، سهتن ۽ سوڍن جو لشڪر گڏ ڪري ظاهر ڪيائون ته ”مئي مارائي کان سواءِ ڪين مڙنداسين.“ شاه بيگ ارغون سيوهڻ هٿ ڪرڻ بعد قاضي قاضن کي ڏانهُنِ موڪليو ته کين آڻ مڃڻ جي نصيحت ڏئي، پر انهن قاضيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنو. سيوهڻ جي قلعي جي مرمت ڪرائڻ وقت به قاضي قاضن منزل تي حاضر هو ۽ انعام اڪرام لڌائين. تنهن کان پوءِ شاه بيگ سان گڏجي  بکر ويو، جتي ڌاريجن بنسبت کائنس صلاح پڇي ويئي. قاضي قاضن عرض ڪيو ته ”هيءُ زمين سيلابي آهي ۽ منجهس ڪانڊيرا گهڻا ڄمن ٿا. ڪانڊيرن ڪپڻ لاءِ هميشہ ڪوڏر کپي.“ شاه بيگ اهو ٻڌي، جيڪي به ڌاريجا سردار بکر ۾ موجود هئا، تن کي هڪدم قتل ڪرائي ڇڏيو.

شاه بيگ ارغون جي وفات 22، شعبان 928 هجري مطابق 18 جولاءِ 1522ع کان پوءِ ٿي.

مرزا شاه حسن، قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪيو، اتيئي سڪونت اختيار ڪيائين. اٽڪل ويهارو ورهيه انهي قضائي منصب تي رهيو. جيڪي به شرعي فيصلا وٽس رجوع ٿيندا هئا، سي ڪمال احتياط، امانت ۽ ديانتداريءَ سان نبيريندو هو. شايد 947 هجري ڌاري استعفا ڏنائين ۽ اها جاءِ سندس ڀاءُ قاضي نصرالله کي ملي. پڇاڙي جا سال مديني منوّر ۾ گذاريائين، جتي سنڌ جا ٻه مشهور عالم قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم رائوتي ۽ شيخ عبدالله متقي ابن مولانا سعد درٻيلوي سندس هم صحبتي هئا. سنه 958 هجري مطابق 1551ع ۾ وفات ڪيائين.  

جيئن مٿي چيو ويو آهي ته قاضي قاضن جو تصّوف ڏي لاڙو ميران مهدي جي ارادتمنديءَ کان پوءِ ٿيو. پر هيٺئين بيت مان ظاهر ٿئي ٿو. ته سندس دل جي دري انهيءَ کان به اڳي روحانيت جي طرف کليل هئي. بيان العارفين واري شاه ڪريم جي واتان هي بيان ڪيو آهي ته ڪنهن ڏينهن هڪ ملامتي بزرگ، قاضي قاضن جي مسجد جي محراب ۾ پير قبلي طرف ڪري ستو ۽ انگ تي لٽو ڪونه هوس. قاضيءَ کي خبر پيئي سو هٿ ۾ دُرو کڻي مسجد ۾ آيو، جان ڀانيائين ته پيرن کان وڃي دُرو هڻانس ته ڇا ڏسي ته پيرن جي جاءِ تي مٿو رکيو آهي ۽ مٿي جي جاءِ تي پير! ٻئي ڀيري جڏهن پيرانديءَ ڏانهن ويس تڏهن به سِرُ ڏٺائين. مطلب ته جنهن به طرف پيرن ڏي ٿي ويو اُتي ان بزرگ جو مٿو ڏٺائين، تنهن تي ڏاڍو ششدر ٿيو. آخر انهي بزرگ قاضي ڏانهن نظر ڪري چيو ته ”پير جيڏانهن وڻني تيڏانهن ڪر، پر پنهنجي دل خدا ڏانهن رک“. تڏهن دُرو ڇڏي خدا جي طالبن مان هڪڙو ٿي پيو ۽ اُن وقت هي بيت پڙهيائين:

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري

باطني اسرارن سمجهڻ ۾ ظاهري علم هڪ وڏو پردو يا حجاب آهي، تنهن بابت قاضي قاضن چوي ٿو:

سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻ لئه

اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.

يعني اهي ظاهري علم جا ڪتاب، جي مون پڙهيا، سي طريقت جي واٽ ۾ ويتر ٻاٻرن ڪنڊن وانگر ٿي لڳا ۽ انهن جو هرهڪ اکر واڳوءَ جي ڀيانڪ شڪل ڌاري مون تي اُڀري آيو.

طريقت جي واٽ ۾ سڀڪنهن قسم جو علم وسارڻو پوي ٿو. فقہ ۽ نحو جا ڪتاب انهيءَ جي راه ۾ ڪابه مدد نٿا ڏين. اهو پار ئي ڪو ٻيو آهي، جتان محبوب جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿو، تنهن تي چوي ٿو:

ڪنز، قدوري ڪافيه، ڪينڪي پڙهيوم

سو پار هي ڪين ٻيو، جتان پرين لڌوم

______

ڪنز، ڪدوري، ڪافيه، جي پروڙين سڀ

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ.

فقہ ۽ نحو جا ڪير کڻي دقيق کان دقيق مسئلا سمجهي، پر حقيقت لهڻ ۾ سندس اهڙي حالت آهي جهڙي منڊي ماڪوڙي جي، جا کوهه جي تري ۾ ويهي، آسمان جي وماس ڪرڻ لڳي. يعني ظاهري علمن دوران، معرفت جو منجهه لهڻ ناممڪن آهي.

”همه اوست“ سڀڪجهه اهو (الله تعاليٰ) آهي، جو متو تصّوف جي اتنها آهي، تنهن تي ڌيان ڌريندي قاضي قاضن چوي ٿو ته حقيقت ۾ نفي آهيئي ڪانه، يعني دنيا ۾ ڪنهن کي حقيقي هستي آهيئي ڪانه، بلڪ هڪ ذات پاڪ اثبات آهي ۽ ان کي ئي مطلق هستي آهي:

”لا“ لاهيندي ڪن کي، لا موراهين نافہ

بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪو ٻيو.

نفيءَ کي دور ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي، نفي بالڪل آهيئي ڪانه، خدا جو سنهن ته پرين بنا ٻيو ڪي به هرگز (ڪٿ) ڏسڻ ۾ نٿو اچي. انهيءَ منزل جو بيان ڪندي، پاڻ هڪڙو ڏاڪو مٿي وڃي ٿو ۽ چوي ٿو:

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙ ئي

هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

درياه لت ڏيئي هيٺائين مٿائين زمين ٻوڙي ڇڏي، يڪي لس ٿي ويئي، ۽ سڀ (جهت) ميٽجي ويا. جيئن درياه جي اڇل ۾ دِڪيون دڙا ۽ کڏون کوٻا ڀرجي، هڪ درياه ٿي پوندا آهن ۽ ڪنهن طرف جو سماءُ نه پوندو آهي. تيئن وحدت (هيڪڙائي) جي درياه ۾ ڪثرت (گهڻائي) جون ڪايائون ڪالعدم ٿي ويون. انفرادي (جدا ۽ اڪيلي) هستيءَ جو سنڌو نه رهيو. يڪايڪ وحدت جو مهراڻ موجون هڻڻ لڳو.

انسان جڏهن اکيون ڪن ٻوٽي، حواسن جا دروازا بند ٿو ڪري، تڏهن روحاني عالم جو ديدار پسي ٿو ۽ سندس روح ملڪوت جي جهان جو سير ٿو ڪري. ننڊ ۾ ته حواس هيڪاري بيڪار ٿين ٿا. دنيا ۾ ”ماسواءِ“ جو خيال نه ٿو رهي، تڏهن حقيقي محبوب انسان جي دل ۾ ديرو ڪري ٿو. پر جي هڪوار اکيون کليون ۽ جسماني عالم جي سار ٿي، ته اهو محبوب گم ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڪيتريون به هٿوراڙيون پاءِ، ۽ واجهه وجهه ته اهو هٿ نه ايندو. تصور جي حالت ۾ ائين آهي جو ذات پاڪ جو پرتوو دل تي پوي ٿو:

سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿيا

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هنيڙي جاڙ وڌامِ.

افسوس جو زماني جي خوردبرد هن اعليٰ هستيءَ جي ڪلام جا جوهر اسان جي نظر کان ڇپائي ڇڏيا. فقط ڪتيءَ جي تارن وانگر ست موتي داڻا موجود آهن، جي سنڌڙيءَ مائي جي سهڻي ڳچيءَ ۾ سونهن. جيڪڏهن وڌيڪ ڪلام موجود هجي ها ته هن بزرگ هستيءَ جو سڀني طرفن کان اڀياس ڪجي ها. اهو به جس آهي شاه ڪريم کي، جو پنهنجي مقولن سان گڏ قاضي قاضن جي قولن کي برقرار رکيو اٿس، نه ته اهي ست موتي به گم ٿي وڃن ها.

_____


 شاه ڪريم - شريعت ۽ طريقت جو روشن تارو[2]

 

شريعت جي شمس جو شعاع، طريقت جي تار جو تارو، حقيقت جي حال کان واقف ۽ معرفت جي مهراڻ جو غواص، خدا جو خاصو دوست سيّد عبدالڪريم، متعلوي (مٽيارين) جي مشهور شهر ۾ سن 944هه شعبان مهيني جي 20 تاريخ مطابق 20 جنوري 1538ع ۾ ڄائو هو.

متعلوي ساداتن جا ابا ڏاڏا اصل هرات جا ويٺل هئا. انهن مان هڪڙو امير سيد حيدر نالي پنهنجي والد بزرگوار سان گڏجي امير تيمور جي رڪاب ۾ هندستان ۾ آيو، پر ستت ئي کانئس موڪلائي، گهمندو ڦرندو هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) ۾ اچي پهتو، اتي هالا ذات جي ماڻهن سان هن گهڻا ڀلائي جا پير ڀريا جنهن ڪري سندن پرئي مڙس شاه محمّد نالي پنهنجي سيلوان نياڻي بيبي فاطمہ کيس شادي ڪري ڏني. سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ سال ڏيڍ مس رهيو ته کيس سندس والد جي وفات جي خبر پيئي، ۽ هرات هليو ويو، جتي ٽن سالن بعد لاڏاڻو ڪيائين. سندس پرپٺ کيس فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو سيّد مير علي رکيائون. شاه ڪريم سندس پنجينءَ پيڙهي مان هو.

شاه ڪريم اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد ميان لعل محمد وفات ڪئي، جنهن ڪري پدري پيار کان محروم رهيو. سنديس پرگهور سنديس والده ماجده ۽ مربي ڀاءُ سيد جلال ڪندا رهيا. جڏهن پنجن ڇهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس مڪتب ۾ موڪليائون، جتي هڻي ڌڻي ٻه سيپارا ڪلام الله جا پڙهيو. شاه ڪريم خود پنهنجي مڪتبي زندگيءَ جو احوال هن ريت ڏنو آهي: ”ننڍپڻ جي زماني ۾ آخوند مون کي ٻين کٿابين سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. مون کي توڙي ٻين کي حرف ڏيئي ڇڏيندو هو ته واٽ تي ياد ڪندا وڃو. جڏهن جهنگ ۾ ويندا هئاسون، تڏهن ٻيا سڀيئي سبق ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا، مگر مان رڳو الله جو نالو پيو اوريندو هوس. موٽڻ مهل ٻيا کٿابي پنهنجا سبق سُڻائي هليا ويندا هئا پر مون کي اکر به ياد ڪونه هوندو هو. مون کي پڙهائڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيائون، پر ڪجهه نه وريو.“

انهيءَ مان پڌرو آهي ته شاه ڪريم جي دل ننڍي هوندي کان وٺي مولا ڏي مائل هوندي هئي. مڪتب کان نٽائي وڃي سماع جي حلقن ۾ داخل ٿيندو هو. جنهن تان پنهنجي وڏي ڀاءُ هٿان مار به کاڌي هئائين. بعضي وري وعظ ۽ نصيحت جي حلقن ۾ وڃي حاضر ٿيندو هو. هڪ دفعي مخدوم ضياءَ الدين صاحب رحمت الله عليہ، جو ان زماني جو عارف ۽ عالم هو، وعظ پئي ڪيو. شاه ڪريم اڃا صغير هو، تنهن به ڪنڊ ۾ ويهي ڪن لائي وعظ ويٺي ٻڌو. جڏهن وعظ ختم ٿيڻ بعد شاه ڪريم اُٿي گهر ڏي هلڻ لڳو، تڏهن مخدوم صاحب جي سندس پٺ تي نظر پئجي ويئي. ڏسڻ شرط فرمايائين: سبحان الله، هي نينگر هاڻي ئي مهتر خضر عليہ السلام سان هم صحبت آهي، جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي! اهڙا اهڃاڻ ڏسي سيد جلال ننڍڙي ڪريم کي ڪجهه به نه چوندو هو؛ ويتر جو ماڻس خبر ڏنيس ته شاه ڪريم جي ولادت جي پاڻ سڳورن بشارت ڏني هئي، ۽ ننڍڙيئي  هوندي  پاڻ پاڪن پنهنجن مبارڪ لبن جي پڪ سندس وات ۾ وڌي هئي، ۽ مٿس اهو نالو ڌريو هئائين، سو سمجهائين ته سندس ڀاءُ وڏي هوندي ڪرامت جو صاحب ۽ وڏي مرتبي وارو ٿيندو. انهي ڪري هميشہ سنديس راءِ رضا تي هلندو هو. ۽ جيسين جيئرو هو، تيسين مٿس عيال جو بار نه رکيائين. شاه ڪريم سارو فراغت جو وقت درويشن جي صحبت ۾ گذاريندو هو.

جڏهن سيد جلال هن دنيا مان چالاڻو ڪيو، تڏهن شاه ڪريم کي رسول الله صلعم جي طرفان امر ٿيو ته هاڻي ڀاءُ وانگر عيال جي خدمت ڪر. تڏهن ضرورت سمجهي گذران خاطر پورهيو ڪرڻ لڳو. بيان العارفين ۾ ذڪر آهي ته ”اوائلي ڄمار ۾ حضرت پير پنهنجي والده شريف جي ٽهل ٽڪور ڪندا هئا. پورهئي سانگي ٻين مزورن سان گڏجي ويندا هئا. جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندا هئا. قوالي خوب چوندا هئا. ۽ سنڌي بيتن چوڻ ۾ پنهنجي خوش الحانيءَ سببان مشهور معروف هئا. مزور جڏهن اهي بيت ٻڌندا هئا، تڏهن کيس منٿ ڪري چوندا هئا ته: يا حضرت! اوهين ويهي بيت ڳايو، اسين پاڻهين اوهان جي زمين جو حصو صاف ڪري وٺنداسون. حضرت جن انهن جو چوڻ وٺي ويهي بيت آلاپيندا هئا. مزور ڏاڍو ذوق ۽ حظ حاصل ڪندا هئا، ۽ ڪوڏر جي ڪم جي سرانجامي به پيا ڪندا هئا. ڏينهن پوري ٿيڻ تي سڀ مزور گڏجي حضرت جن جي پتيءَ جي ٽڪري کي ساعت ۾ صاف ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ حضرت جن بنان ڪنهن ڏاکڙي جي مزوري وٺي خوش ٿي گهر موٽيندا هئا.“

شاهه ڪريم هميشہ ڇڙائي پسند ڪندڙ ۽ پرڻي کان ٽهندڙ هو. ۽ پنهنجن فقيرن کي پڻ نصيحت ڪندو هو ته متان شادي ڪندا آهيو. پاڻ به لاچاري حالت ۾ ساداتن جو ننگ رکي قبوليت ڏني هئائين. کيس پرڻي مان ڪا روحاني راحت ڪانه ايندي هئي، لاچار اها سنت پاڙي هئائين.

هڪڙي دفعي ڪنهن مريد جي نڪاح تي ويا ۽ واٽ تي هي ٻه بيت پڙهيائون:

جا تو گهيڙي گهٽ، ماڪرياڙي مڇڙا

اُن ڪُنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙيا پٽ.

_____

ڏوران پسي ڏور، وئين جي وهرو ڪري

ماڪرياڙيءَ مڇڙا، هوند نه وڌين هور.

(يعني اي مڇڙا، توجا ڪنڍي گهٽ اندر گهيڙي آهي، تنهن ڪنڍيءَ ڪيترن ئي کي ٻاهر ڪڍي پٽ تي سٽيو آهي.  جيڪڏهن پري کان ڏور کي ڏسي تڪڙو تڪڙو نڪري وڃين ها ته اي مڇڙا، ڪنڍي توکي اهري مامري ۾ نه وجهي ها.)

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته شاه ڪريم کي ننڍي هوندي کان سماع ۽ راڳ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ فراغت جي وقت ۾ پڻ فقيرن سان محبت ونڊيندو هو. هميشہ اهڙا وجهه پيو ڳوليندو هو ته ڪو مرد خدا جو مليم، جنهن جي لهه لڳان، ۽ هدايت جي واٽ وٺان. انهيءَ تات طلب ۾ ڪيترائي ڏينهڙا لنگهي ويس. تان جو ڪنهن ڏينهن هڪڙو رمتو بزرگ سلطان ابراهيم نالي، اصل بهار جو ويٺل، شاه ڪريم جي ڳوٺ واري ءِوو   واري مسجد ۾ اچي لٿو. هوُ ڌڻي جو ڌُئل ٻانهو ۽ الاهي اسرارن جو ڄاڻندڙ هو، ان کي ڏسنديئي شاه ڪريم جي دل ڏانهس کينچجي ويئي، ۽ ان جي قرب جي ڪڙيءَ ۾ قابو ٿي پيو. راتيان ڏينهان سندس خدمت ۾ لڳي ويو ۽ سندس حڪمن جي بجا آوريءَ واسطي ڪمرڪشي بيٺو. آخر انهيءَ ڪامل درويش دعا ڪيس ته ”ٿوري وقت ۾ پاڻهي تنهنجي دل ۾ خدا جي محبت جو مچ مچندو، ۽ تون گهڻو خوش رهندين.“ آخر پنهنجن رياضتن ڪري وڃي وڏيءَ روحاني منزل کي پهتو.

سندس صحبت زماني جي وڏن بزرگن، جهڙوڪ مخدوم نوح رحه، سيّد محمد يوسف بکري رحه ۽ مخدوم آدم سميجي رحه سان هئي. مخدوم نوح وٽان گهڻو فيض پرايائين، ۽ انهن جي ئي اشاري تي بلڙي جو شهر وسايائين، جتي سندس هزارين مريد ۽ معتقد ٿيا.

شاه ڪريم جي زندگي فقر ۽ فاقي ۾ گذري. صابر ۽ شاڪر اهڙا هوندا هئا، جو ڪڏهن به پنهنجي حال جي شڪايت نه ڪيائون. ڪو ويڻ چئي ويندو هون ته به ان کي ورائي نه چوندا هئا. ”الفقر فخري“ سندن شعار هوندو هو. نماز ۽ روزا ڪڏهن به هٿان نه ڇڏيائون ۽ شريعت جا سخت پابند هوندا هئا. جڏهن هن بي بقا جهان مان لاڏاڻو ڪيائون، تڏهن سندين عمر 88 ورهيه هئي. تاريخ 7 ذوالقعد 1032هه آچر رات مغرب نماز جي وقت سندن روح مبارڪ وڃي ربّ کي پهتو.

سندن مقبرو بلڙي جي شهر ۾ ملاڪاتيار جي ڀرسان درياه لڳ آهي، سڀڪنهن ماهون پهرئين سومر تي مٿس ميڙو لڳندو آهي. جتي مريد خادم ۽ مخلص جمع ٿي سماع ڪندا آهن. انهيءَ ڏينهن تي ڏاڍو مزو ٿيندو آهي، جدا جدا ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ گهڻو حظ حاصل ڪندا آهن. سندن روضو شاه لطيف جي ڪوشش سان جڙيو جو سندن ٻئي فرزند سيّد جمال جي پيڙهي مان آهي.

شاه ڪريم جي حياتيءَ جو احوال ۽ سندن ملفوظات سنڌي ڪلام سميت ”بيان العارفين“ ۾ ڏنل آهن، جي سندن خاص مخلص مريد محمد رضا ٺٽويءَ فارسي زبان ۾ گڏ ڪيا، جو هن 1038هه ۾ جوڙي راس ڪيو اهو ڪتاب سن 1210 هجري تائين گمناميءَ جي گوشي ۾ هو؛ جو عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ کي هٿ آيو، جنهن ان کي 1213هه ڌاري سنڌي نظم ۾ آندو. اسي (80) ورهيه پوءِ مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم اورنگ پوٽي ان کي سنواري سڌاري ڇاپارايو. تنهن کان پوءِ وري 1904ع مرحوم شمس العلماءَ ميرزا قليچ بيگ صاحب سڀيئي قلمي نسخا ڀيٽي هڪ ننڍو ڪتاب ”رساله ڪريميءَ“ جي نالي سان شايع ڪيو، ليڪن سنڌي بيتن ۾ تمام گهڻيون چڪون رهجي ويون هيون. تنهن کان پوءِ هن بندي سڀ  بيت درست ڪري، خود رضا ۽ فقير ڌڻي پرتي وارا قلمي نسخا ۽ عبدالصمد وارو بمبئي ڇاپو ڀيٽي، زياده مفصل صورت ۾ 1937ع ڌاري ڇپائي پڌرا ڪيا ڪل 94 بيت آهن جن مان 92 ٻه تُڪا ۽ ٻه ٽي تڪا آهن. اگرچه اهي ٿورا آهن ۽ منجهن مضمونن جي گونا گوني ناهي، ته به سچ، سونهن ۽ ستوڳڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ سمايل آهن. پڙهندڙ کي گهڻو رس ۽ راحت ايندي. سارو ڪلام سريلو ۽ دل جهٻائيندڙ آهي. ڪيترا بيت ته اهڙا آهن، جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهي وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ تصّوف تي آهن، جن ۾ عرفان  ۽ ايقان جا موتي پوتل آهن. اهي پڻ ان وقت جي روحاني حالت جو چٽو نقشو ڏين ٿا. توحيد، وحدت در ڪثرت، استغراق، حيرت ۽ وصال جا باريڪ نقطا نهايت خوبيءَ سان بيان ٿيل آهن. مطلب ته شاه ڪريم جا بيت قدامت جي لحاظ کان سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن جن کان سواءِ هوند سنديس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. ائين چوڻ درست ٿيندو ته شاه ڪريم سنڌي شعر جو ”وهائو تارو“ آهي. هاڻي اچو ته سندن ڪلام مان ڪجهه مزو پرايون.


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1950ع تان ورتل.

[2]  ماهنامي ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1951ع تان ورتل.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org