شاه کان اڳ جا شاعر[1]
”اصليت“ هڪ اضافي امر آهي. ڪابه شيءِ گولاڙي جي وَلِ وانگر بي
پاڙي نه آهي، خود گولاڙي جي ول به ٻين جي آڌار کان
سواءِ وڌي نٿي سگهي. جيڪڏهن گلاب جو قلم نه هڻبو
ته گل ڪيئن اڀرندو؟ جڏهن گل کي صالح زمين ۾ کپائبو
۽ ان کي ڀاڻ ۽ مصالحو ڏبو، ۽ ان جي پوري طرح
آبياري ڪئي ويندي، تڏهن ان مان گلاب جا گل ٽڙندا.
اهڙيءَ طرح ڪابه بزرگ هستي يا شخصيت پيدا نٿي ٿئي.
ان جي پيدا ٿيڻ جا اسباب جاڳن ٿا. مادر فطرت کي
ورهيه ولوڙڻو ٿو پوي. تڏهن ان جي بطن مان هڪ بي
بها موتي پيدا ٿئي ٿو. شاه لطيف به اُهو دُرّ يڪتا
آهي، جو اسان جي سونهاريءَ سنڌ ڄڻيو. ليڪنِ سندس
ظهور کان اڳ شعر جي زمين سنواري ويئي هئي ۽ اُن
جون دَڙِيون دِڪِيون لاٿيون وييون هيون. جيئن ڪِ
هڪ امير يا بادشاه جي تشريف آوريءَ کان اڳ بيلدار
۽ آبدار اچي پَٽُ گهڙيندا آهن ۽ رستي تي ڇڻڪار ڪري
گلم ۽ غاليچا وڇائيندا آهن ته اُتان ان سورهيه جي
سواري لنگهي، تيئن شاه کان اڳين شاعرن به شاعري جي
ميدان تان ڪَنڊ ۽ ڪانڊيرا ڪڍي ان کي پاڪ ۽ صاف
ڪري، گل ڦل وڇائي سڀ تياري ڪري ڇڏي، ته سخن جو
شهسوار ان تان رونق افروز ٿئي ۽ ان تي پنهنجا ڪومل
پير گهمائي. آيا اهڙي خدمت لاءِ انهن اُجورو نه
لهڻو ۽ تحسين جي خراج جا لائق نه ٿيا؟
عام طرح خيال ڪيو ويندو هو ته شاه صاحب کان اڳ شاعري جو ميدان
سڃو سکڻو هو ۽ پڙهندڙ شاه جي ڪلام جو حسن ڏسي ائين
ڀائيندا آهن ته اهو جمال لازوال هنهئين حاصل ٿيو
آهي. ۽ ان جي خط ۽ خال سينگارڻ ۾ ڪنهن ٻئي مشّاط
جو هٿ نه هو، پر ائين نه آهي. شاه صاحب کان اڳ
ڪيترائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ سحر
حلال جو سَرو پيتو ۽ انهيءَ ميخاني جي مَند مان
گهڻائي پريت جا پهيڙا پياريائون. منهنجي مرضي ناهي
ته اوهان کي ٻڌايان ته سنڌي شعر ڪيئن ۽ ڪڏهن شروع
ٿيو. شعر ابدي ۽ ازلي آهي، يا اوهان کي ساموئيءَ
جا بيت يا اسحاق آهنگر جو بيت پڙهي ٻڌايان، جنهن ۾
پنهنجي لطافت آهي. پر منهنجي مرضي آهي ته اوهان جو
ڌيان ٻن ٽن وڏن شاعرن ڏانهن ڇڪايان، جن جو شاه جي
شاعري تي سڌو سنواٽو اثر پيو آهي، جن جا الفاظ،
عبارتون ۽ اصطلاح شاهه ڪم آندا آهن. ليڪن شاهه
انهن جي خيالن ۽ ڪلامي خوبين کي پنهنجي تخيّل جي
بوتي اندر سميٽي، نئين شڪل ۽ نئون رنگ ڏنو آهي. پر
اوهين پڇندا ته جيڪڏهن اهڙا نام ڪٺيا شاعر اڳ ۾
موجود هئا ته پوءِ انهن جو اڄ نالو به ڪونه ٿو
ٻڌجي، سو ڇو؟ ان جو سبب هي آهي ته شاه هڪ شمس آهي
۽ ٻيا شاعر تارن، ڪتين ۽ قمرن وانگي آهن، جيئن شمس
جي شعاع کان ڪتيون ۽ ڪواڪب ڪافور ٿي ويندا آهن،
تيئن شاه جي جلوه ۽ جوت اڳيان اهي ٽمڪندڙ شمعون به
الوپ ٿي وييون، ليڪن رات جي وقت انهن کي پنهنجي
سونهن ۽ سوڀيا آهي، واٽهڙن کي اونداهيءَ ۾ دڳ
لائين ٿا ۽ انهن جي دل کي راحت ۽ روشني ڏين ٿا.
اسان کي ڪوشش ڪري اهي گمنام رهبر ڳولي ڪڍڻ گهرجن
ته خبر پوئيون ته شاه جي شخصيت ۽ عَبُقريّت جا
ڪهڙا سرچشما هئا. مان ڳچ وقت کان انهيءَ ڏس ۾
کوجنا ڪندو رهيو آهيان ۽ مختصر نموني ۾ پنهنجا
خيال اوهان جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو.
قاضي قاضن (وفات 958هه) جا فقط ست بيت بيان العارفين ۾ موجود
آهن، جي شاه ڪريم عليہ رحمت (وفات 1032هه) پنهنجي
ارشاد ۽ شغلن جي دوران ۾ چيا آهن. جي بيان
العارفين جو مصنف انهن جو بيان نه ڪري ها ته قاضي
قاضن جو نالو به نه ٻڌجي ها. منهنجي خيال ۾ انهيءَ
بزرگ جو ڪلام جهجهو ۽ جالارو هو. شاه ڪريم جا 94
بيت موجود آهن، جن مان ٻه بيت ٽن تڪن وارا آهن،
جيئن ته:
جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ
ته سڃي سيج پرينءَ ري، پنهون پڌر ناههِ
نڪري چياءِ، ته گهوڙا گهر نه سپرين.
۽
جهوڙيرا جهڻڪن، مٿي مين مڱڻا
سپڙ راتِ سمگئا، ڏکيا ڏينهن ڏسن
گهِر ٿا گهوٽ وڃنِ، چِندا لٿي چارڻين.
اهي بيت اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪيئن نه ٻِه تُڪي بيت يعني ڏوهيڙي
مان ڦري شعر ترقي ورتي، قاضي قاضن ۽ شاه ڪريم جا
گهڻو ڪري سڀيئي بيت شاه لطيف جي رسالي اندر گڏجي
مُسجي ويا آهن، ۽ انهن مان ڪيترن جو شاه تتبّع ڪيو
آهي. اگرچه شاه انهن کي پنهنجو رنگ ۽ روپ ڏنو آهي.
شاه ڪريم کان پوءِ اسان کي لطف الله قادريءَ جو ڪلام مليو آهي،
جو يا سندس آهي يا ٻين جو. بهرحال پندرهن بيت سڄا
سارا سندس ڪتاب ”منهاج المعرفت“ ۾ موجود آهن، جي
هن سلوڪ جي جدا جدا مقامات جي باري ۾ چيا آهن. بيت
ٽن تڪن وارو، ڏهه بيت چئن تڪن وارا، ٻه بيت پنجن
تڪن وارا آهي. هڪ بيت ڇهن تڪن وارو ۽ هڪ بيت ستن
تڪن وارو آهي. انهيءَ مان اوهين معلوم ڪندا ته بيت
جي ساخت ۾ ڪيتري قدر تبديلي اچي ويئي. لطف الله
قادريءَ جو اهو ڪتاب 1078هه ڌاري يعني شاه صاحب جي
ولادت باسعادت کان 34 سال اڳ جو لکيل آهي. مون کي
يقين آهي ته لطف الله جو ٻيو ڪلام سندس ٻين ڪتابن
جهڙوڪ ”تحفة السالئين“ ۾ موجود هوندو. ڪاش، لطف
الله قادريءَ بابت وڌيڪ خبر پوي. نموني طور هي ٻه
ٽي بيت اوهان جي نزهت خاطر ڏجن ٿا:
(1)
”لا“ سين لَہُ ٿئون، پار ”اِلہ“ جي آئيا
ڪين کنيائون پاڻ سين سچو پَههُ پئون
وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان جي.
(2)
”اِلہ“ اوريائين ڇڏي ويا کِيپ کرِي
او ٿِيا سيڪڙو سبحان جا، پيئين وِکَ پَري
”صم“ بڪمءٌ عميءٌ فَهمُ لا يعلقون“،
اُوءِ پئا پروڙان پَري
وِئا تِتِ وري، جتي قال نه قيل ڪِينُ.
(3)
سيئي سالِڪَ هلئا، واٽون ويهون وهنّ
ڪوڏان پسو قطاريا، پانڌي لئي پرين
اوءِ هيجان هلئا حق ڏؤنہ ٻيو ڏيئي ٻَنِ
واديءَ تنهن رهن، جت ري پرينءَ ڪينِ پسجي.
(4)
جِنہ پنڌ نهايت ناهِڪا، نڪو آت نه ڇيہُ
سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيههُ
اُت هلڻ حيرت ۾ ٿئو، چيتا ٿو چَليہُ
اوري ڪرمَ آسرو، واديءَ وچ مَ ويههُ
ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيہُ
ته سو پسين ڏيہُ، جنہ کي سڪي سڀڪو.
(5)
تان ڪو ڏِهو پَهَيڙا، سَنيِهَڙو سَندونِ
ڪيئن پانڌيئڙا پنڌ ۾، ڪِنہ پَر اُهڃاڻونِ
ڪنہ پر هلن حقّ ڏونہ، ڪنہ پر وصالونِ
ڪين فاني ٿيا في الله ۾، ڪنہ پر مُشاهِدونِ
ڪهڙو حال حقيقت اُن جو، ڪهڙو پنڌ پَرونِ
”لاَ يَعلَمُ تَاوِيلہُ اِلاّالله“، اونهون ات
سَندونِ
ڪونَ ڄاڻي منجهونِ، اوءِ ٻجهڻا ٻاهر ٿئا.
اهل ذوق معلوم ڪري وٺندا ته شاه صاحب ڪيتري قدر اها ساڳي ٻولي
ڪتب آندي آهي: ”ڪين کنيائون پاڻ سين“، ”ويا کيپ
کري“، ”جتي قال نه قيل ڪين“، اونهو اُت“ سندونِ“،
”ٻجهڻا ٻاهر ٿئا“، ”جت نهايت ناهه ڪا“، ”نڪو انت
نه ڇِيہُ“، ”اوري ڪرمَ آسرو“، ”عقل اُت اوڇون
ٿئو“، ”ڀورو ڪين ڀڄي“، ”اوري ڪرمَ آسرو“، ”عقل اُت
اوڇون ٿئو“، ”ڀورو ڪين ڀڄي“، ”واٽون ويهون وهن.“
شاه صاحب فرمايو آهي: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪَهه
ڄاڻان ڪيهي وئا“، ”ٻيون ڏيئي ٻن“، وغيره وغيره.
لطف الله قادري کان پوءِ شاه عنايت رضويءَ جو وارو اچي ٿو، جنهن
تقريباً سڀني سرن ۾ ڪلام چيو آهي، جن ۾ خود شاهه
صاحب چيو آهي منجهس جمال جي جهاجهه ۽ لفظن، جي
گهڻات ۽ احساس جي عَمق آهي. شاه لطيف جو وڏو همعصر
هو چون ٿا ته هڪ دفعي شاه صاحب جو نصرپور وڃڻ ٿيو،
جنهن تي شاه عنايت ڏانهن کير جو پيالو ڀري موڪليو،
يعني ڳجهو اشارو ڪيائين ته اوهان جي هتي گنجائش
ناهي. تنهن تي شاه صاحب ان ۾ گلاب جو گل وجهي
موڪليو، يعني منهنجي اچڻ ڪري اوهان کي لکا نه
پوندي. بهرحال جيڪڏهن شاه عنايت جي رسالي جو ڳوڙهو
اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته شاه صاحب سندس ڪلام
جو ڪيتري قدر متدين رهيو آهي. شاه عنايت جي ڪلام
سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي قادرالڪلام شاعرن جا بيت
گڏجي ويا آهن. جهڙوڪ: قطب، شريف، سّيد، بلاول
وغيره. ساڳيا ئي نالا شاه صاحب جي رسالي ۾ موجود
آهن ۽ پڻ ٻين ڪيترن جا، جهڙوڪ: ٻڍو، کٽي، قاسم،
لطف الله، لکمير، ڪيسر، جوڻيجو، حبيب، جلال،
محمود، مڱيل، شاه حسين ۽ طالب. جي يا ته شاه کان
اڳ جا هئا، يا شاه سان سهيوگي، جو انهن جا بيت خود
شاه صاحب ڳائيندو هو يا سندس فقير جدا جدا موقعن
تي چوندا هئا. انهن شاعرن ۾ عيسيٰ جو نالو به اچي
ٿو، جنهن جو هڪ بيت سارنگ جي سر ۾ ڏنل آهي:
ڍٽ ڍُري، پٽ پيئيون، وڄن ڪئا ورن
اونهي ٿي، عيسو چوي، ڇاڇر سڀڪا ڇنِ
جن محب اندر من، سي پرين پيهي گهر آئيا.
هاڻ سوال آهي ته اهو عيسو ڪير هو؟ شاه صاحب کان اڳ ٿي گذريو آهي
يا شاه جو معاصر هو؟ ياشاه کان پوءِ جو آهي؟ جتي
ٻين سگهڙن ۽ شاعرن جا گهڻا بيت داخل آهن، اُتي فقط
عيسي جو هڪ بيت اچي ٿو، انهي مان گمان ڪڍي سگهجي
ٿو ته عيسو ان وقت گهڻي قدر ويو ٿو ڏسجي. مون وٽ
ميين عيسي جي ”سنڌي“ آهي، جا مون کي پنهنجي محترم
هم زلف آخوند عبدالله وٽان ملي آهي، ڪلام ناهي پر
خوبين جو ڀنڊار آهي. منجهائنس قدامت جي خوشبوءَ
اچي ٿي ۽ منجهس اُهي لفظ ڪم آيل آهن، جي شاه جي
رسالي ۾ به نه ملندا، جهڙوڪ ”راتوڌو“، ”لوف ٿيڻ“،
”اُڀيڪ“، ”رهڪ“، ”مِهت“ وغيره وغيره، ۽ پڻ ”پَهس“
۽ پريندهم“ جا لفظ ذري ذري ڪم آڻي ٿو. سندس بياني
قوت بيحد آهي. هجر ۽ وصال جو بيان نهايت دلڪش ۽
گوناگون پيرايي ۾ ڪري ٿو. مولانا رومي وانگر
پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي تمثيلون ۽ نقل نظير ڏئي
ٿو. منجهس سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر،
تماچي ۽ نوري، عمر مارئي، ليليٰ مجنون ۽ يوسف
زليخا جي قصن ڏي اشارا آهن ۽ سڀ مجازي محبوب،
حقيقي محبوب يعني رسول الله صلي الله عليہ وسلم جو
عڪس آهن. رسول الله صلحم جي سِڪ ۾ ڦاٽيو ڳچ ٿيو
پوي ٿو. آيا اهو شخص قاضي ميان عيسيٰ هالائي آهي
يا ڪو ٻيو، تنهن جي تلاش ڪرڻ ضروري آهي. مشهور
”ٽيهه اکري“ جا 1312هه ۾ ڪوٽڙي ۾ ميان شير محمد
شاهه ولد امير علي شاه محمد پوٽي ڇپائي پڌري ڪئي ۽
قاضي ميان عيسيٰ هالائي ڏي منسوب آهي، اها به
عيسيٰ جي سنڌي ۾ مندرج آهي. ڪتاب ۾ هيٺين سنڌي
بزرگن ڏانهن اشارا آهن: (1) مخدوم نوح رحمت الله
عليہ (998هه) (2) شاه ڪريم رحمت الله عليہ 1032هه
۽ (3) مخدو محمد حيات سنڌي 1163هه (4) ميون
عبدالباسط ولد ميون پير محمد هالائي. شايد ميون
عبدالباسط جو شاه لطيف جي معتقدن مان هو ۽ جنهن جو
ذڪر مرحوم مير عبدالحسين پنهنجي ”لطائف لطيفي“ ۾
ڪيو آهي. شايد شاه صاحب جن کان عمر ۾ وڏو هو.
مخدوم محمد حيات جو ائين ذڪر ڪيو اٿس جيئن مماتيءَ وارن جو ڪجي.
جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي سنڌي 1193هه کان
پوءِ لکي اٿس. بهرحال يقين سان نٿو چئي سگهجي ته
هي بزرگ شاه صاحب کان متقدم هو، يا معاصر، يا
متاخّر حافظ حاجي علي محمد صاحب آخوند هالائي کان
روايت آهي ته ميون عيسو اصل کان اتر کان آيل هو ۽
ڪلهوڙن جي راڄ ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ درياه جي رستي
سنڌ ۾ آيو. جڏهن ٻيڙي کاڻوٺ وٽ بيٺي، تڏهن مرشد
چيس ته تنهنجي سڪونت هت آهي. ان کان پوءِ اُتي ڳچ
وقت رهيو. ڪلهوڙن جو منجهس ويساه هو. آخر ۾ سندس
مريد کوکر کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويا، جو ملاّ
ڪاتيار ۽ سيدپور جي وچ ۾ آهي. سندس مڙه مقام کٻڙن
جي ڄارين ۾ ويڙهجي ويو آهي. حافظ حاجي ميان علي
محمد کي به مڪاشفي جي رستي معلوم ٿيو، پر اسان
آسارن کي ڪيئن هٿ اچي. اهڙي بزرگ تي هوند عاليشان
مقبرو اڏائجي. والله الهادي للصّواب. سندس سنڌيءَ
مان فقط ايتري خبر پوي ٿي ته پاڻ قادري طريقي جو
هو. سندس مرشد دهلي ۾ رهندو هو، پر عزت وچان سندس
نالو ظاهر نٿو ڪري قادري طريقي کي ٻين طريقن تي
ايتري وڌر ترجيح ڏئي ٿو، جو ان جي ڇڏيندڙ کي مرتّد
۽ ٽُڪيل سڏي ٿو. سندس ڪلام مان نماڻائي، عاجزي ۽
نوڙت پيئي بکي ۽ منهنجو خيال آهي ته انهيءَ سنڌي
کان سواءِ سندس ڪو ”رسالو“ هجي ته ان ۾ ڪو شڪ نه
آهي. ڇاڪاڻ ته سلوڪ جي ويهن بابن ۾ جيڪي بيت ڏنا
اٿس، جي ٻه سَوَ کن ٿيندا، تن مان سندس شاعري جي
عظمت ۽ بزرگي ظاهر آهي. بيت سرن ۾ سي ڪين ورهايل
آهن، باقي مٿي ڏنل مضمونن تي ڪتاب ۾ گلن وانگر
ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ منجهائن بوءِ بهار جي پيئي
اچي. ميان علي محمد جي هي به روايت آهي ته پيريءَ
۾ هن بزرگ جي شاه لطيف تي نظر پيئي هئي، جڏهن شاه
اڃا نينگر هو، ۽ پيشن گوئي ڪئي هئائين ته ”ڪو
ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي گل نڪرندا جن جي
سڳنڌ ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي.“ جيڪڏهن اها
روايت سچي آهي ته ميون عيسو شاه صاحب جو وڏو معاصر
هو. ازانسواءِ ميين عيسي جي ڪلام جي ساخت ۾ اها
سلاست ۽ لاس ناهي، جا شاه صاحب جي ڪلام ۾ آهي.
انهي مان به سندس قدامت جو ثبوت ملي ٿو. هاڻي
اوهين سندس ڪلام جي عطر جو واس وٺو:
|