سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :3

 

قديم سنڌي شاعري: شاه ڀٽائيءَ کان اڳ[1]

 

اسان جي پياري سنڌي زبان گهڻو آڳاٽي آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اها سڌيءَ طرح پراڪرت زبان جي وراچبا ڀاشا مان نڪتل آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جو اصل سنسڪرت سان نٿو لڳي. شايد اهي قديم مرده زبانن جا آثار آهن، جي اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ رهجي ويا آهن. هي تسليم شده ڳالهه آهي ته سنسڪرت زبان آريه لوڪن هند و سنڌ ۾ آندي. ليڪن آرين جي اچڻ کان هزارها سال اڳ سنڌ کي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجو تمدن هو، جنهن جا آثار موئن جي دڙي ۽ ٻين دڙن جي کنڊرات مان ظاهر آهن. قديم موئن جي دڙي واري ٻوليءَ جو نالوسميري ۽ ٻين قديم ٻولين سان وڃي لڳايو اٿن ۽ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان جي جڙ اهي قديم ٻوليون آهن.

اگرچه پڪ سان چئي سگهجي ته سنڌي ٻولي موجوده صورت ۾ ڪڏهن ڳالهائڻ ۾ آئي. عرب سياح جهڙوڪ اصطخري ۽ مقدسي جيڪي ڏهينءَ عيسوي صديءَ ۾ سنڌ آيا، تن صاف لکيو آهي ته ان وقت ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون ۽ تقريباً ساڳئي زماني ۾ مشهور اديب البيروني پنهنجي تاليف ڪتاب الهند ۾ ڄاڻايو آهي ته ان وقت ڏاکڻي سنڌ ۾ ويندي ساحل تائين ملواري الفباء رواج ۾ هئي، ۽ ڪن ڀاڱن ۾ ارڌ ناگري رسم الخط چالو هو. پر يقين سان چئي نٿو سگهجي ته اهي اکرن جا نمونا ڪهڙي وقت عربي رسم الخط ۾ تحويل ٿي ويا. اها تبديل ضرور درجي بدرجي ٿي هوندي. منهنجي راءِ آهي ته جيئن سنڌ جا رهاڪو زياده تعداد ۾ مسلمان ٿيندا ويا، تيئن انهن جاهليت جي رسمن سان گڏ اهي هندو رسم الخط جا آثار به درگذر ڪري عربي صورتخطي اختيار ڪئي هوندي. ساڳيو رنگ ايران ۾ ٿيو. مجوسين جي اقتدار ٽٽڻ بعد سندن زبان پهلوي به ناس ٿي ويئي ۽ ماڻهن عربي لکڻ جو نمونو اختيار ڪيو.

بهر حال آڳاٽي ۾ آڳاٽو سنڌي عربي لکڻ جو نمونو جو اسان وٽ موجود آهي، سو آهي ”شاه ڪريم جا بيت“، جي خاص سندس مريد محمد رضا 1038 هجري ڌاري پنهنجي ڪتاب ”بيان العارفين“ ۾ درج ڪيا.  اگرچه اهو لکڻ جو نمونو نهايت ناقص آهي، جو مرحوم ميرزا قليچ بيگ صاحب جهڙو عالم به انهن بيتن کي پوري طرح درست ڪري نه سگهيو. جيتوڻيڪ انهن جي اکري معنيٰ باقاعدي پارسي ۾ ڏنل آهي، ته به اهي گهڻي مشڪل کان پوءِ پڙهي سگهجن ٿا. انهن اکرن ۾ ”هه“ جو اچار ۽ ”نون جا غنو“ بلڪل ناهي، ۽ سڀڪو سمجهي سگهندو ته سنڌي ”الفباء“ ٻاونجاه آواز عربيءَ جي ٽيهن حرفن ۾ ادا ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي.

دنيا جي سڀني ادبن وانگر سنڌي ادب به شعر سان شروع ٿئي ٿو. انسان ذات کي جڏهن ٻوليءَ جي ڏات عطا ٿي، تڏهن کيس پنهنجي وندر لاءِ راڳ جي به نعمت بخشي ويئي. تنهن ڪري بلڪل بديهي امر آهي ته سنڌي زبان جي وجود ۾ اچڻ سان ان ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه شعر به چيو ويندو هوندو، ليڪن افسوس جي ڳالهه آهي ته اهي پراڻا دفتر اسان جي هٿن تائين نه پهتا آهن. سو ته ڇڏيو پر رڳو عربن جي زماني جي تاريخ به اسان تائين سلامت نه پهتي آهي. انهيءَ دؤر ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن عربي زبان ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو، جنهن لاءِ عربي ادب، تاريخ ۽ ديني علومن ۾ اڪيچار شاهديون آهن. اهڙي طرح سنڌي عبقريت قبل از اسلام واري زماني ۾ به ضرور پنهنجو ذاتي جوهر ڏيکاريو هوندو. پر ان لاءِ حال في الحال اسان وٽ ڪا اهڙي زبردست ثابتي ڪانهي. اسلام پاڪ جي اچڻ بعد سنڌين پنهنجون اوائلي روايتون وساري ڇڏيون، ۽ سندن دليون اسلام جي خالص تعليمات سان معمور ٿي ويون، ۽ اڳڀرو هلي تصّوف جي اثر هيٺ نوان گل ڪڍيائون.

شعر جا آڳاٽا نمونا، جيڪي اسان جي هٿن تائين رسيا آهن، تن تي مذهب ۽ تصّوف جو ڳوڙهو صبغو چڙهيل آهي، ۽ ناصحاڻي سانچي ۾ سنڃيل آهن. انهيءَ اوائلي شعر ۾ اگرچه ايتري رواني ۽ ايترو تخيل ۽ نغمو ناهي، ته به اهو هلي هلي دلڪش راڳ ٿي پيو، ۽ ان جو انتها ڪمال شاه لطيف جي ڪلام ۾ ظاهر ٿيو. اسان جي سنڌي ادب جي اها بدبختي آهي، جو اسان جا ڪهنا اديب ۽ عالم عربيءَ ۽ فارسيءَ کي چهٽي پيا ۽ پنهنجي مادري زبان تي ڪوبه توجهه نه ڏنائون. انهيءَ جي معنيٰ اها ناهي ته سڀني ماڻهن کي عربي يا فارسي ايندي هئي. بلڪ ائين چوڻ برحق آهي ته عام ماڻهن جي زبان سنڌي هئي ۽ انهن پنهنجي اندر جا راز ۽ جذبا ضرور سنڌي زبان ۾ ظاهر ڪيا هوندا. ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا هوندا جن پنهنجا خيال پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ ۾ ادا ڪيا هوندا، پر زماني جي بي اعتنائيءَ ڪري اهي قلمبند نه ٿيا ۽ دنيا جي پٽيءَ تان ميسارجي ويا. ازانسواءِ عربن وانگي منجهن راوين جو دستور ڪو ڇڊو هو، جو سندن آواز پونيَرن کي پهچي. انهيءَ ناقابل معافي غفلت اسان جي ادب ۽ تاريخ کي عظيم نقصان پهچايو آهي. مان بلڪل تاڪيد سان چوان ٿو ته عربن جي دور ۾ سنڌي شاعري ضرور موجود هئي، جيئن هيٺينءَ حڪايت مان ظاهر آهي: مجمل التواريخ جو مصنف، برمڪين جي سخا جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته ”هڪ دفعي ڪو سنڌ جو ماڻهو فضل بن يحييٰ برمڪي وٽ آيو ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت چيائين:

اره بره کنکره کراکري مندره

فضل پڇيو ته: هي ڇا ٿو آکي؟ تنهن تي ترجمان چيو ته هيئن ٿو چوي!

واذا لمکارم في آفاقنا ذکرت

فاِ نما بڪ فيها يضرب اُلمثل.

(جڏهن اسان جي چوڌاري ملڪن ۾ چڱا ڪم ياد ڪيا ويندا، تڏهن تنهنجي ئي نالي پهاڪو ڏنو ويندو). تنهن تي فضل کليو ۽ کيس هزار دينار انعام ڏنائين ۽ سهڻي سروپا پهرايائين ۽ ڪيترائي اُٺَ ۽ چوپايا ڏيئي روانو ڪيائينس. ترجمان کي پڻ پنج سؤ دينار بخشيائين ۽ چيائين ته اسان کي هي زبان نٿي اچي.“ افسوس جو اهو بيت اڃا صحيح طور پڙهي نه سگهيو آهيان. اميد اٿم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ بيت تي ڪافي روشني وڌي ويندي.

ڳالهه ڪري ڪيئن به هجي، پر اهڙا گهڻائي سنڌي شاعر گمناميءَ جي گوشي ۾ مري کپي ويا هوندا. جن جو شعر جيڪر اڄ اسان جي اکين جو ٺار بنجي ها، تنهن هوندي به ساموئيءَ جي هفت تنن جا، جا ست بيت، جيڪي ايندڙ زماني جي اڳڪٿي ڪن ٿا، سي اڃا موجود آهن، پر شيخ جمالي (وفات 1326ع)، شيخ ڀرئي، درويش راڄي ڪامل ۽ ٻين قديم بزرگن جا بيت اُمّ کي غائب ٿي ويا. رڳو اسحاق آهنگر (لوهر) ڏي منسوب ٿيل بيت قائم آهي،  جنهن ۾ هڪ عجيب خوبي رکيل آهي:

”ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ تي

مانَ چؤنم ڊرڪ، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ سان.“

جيڪڏهن اندلس جو هڪ مهذب عمدو شاعرابن زيدون هيئن چوي ته ”ڪاش مان ڏندڻ هجان“ جو معشوق ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ چپن سان لائي“ ته آهنگر جو هي بيت به نزاڪت کان خالي نه آهي. انهن آڳاٽن شاعرن کي ڇڏيو، پر ڪن تمام مشهور شاعرن جو سنڌي ڪلام،  جهڙوڪ درس الهڏني جو ڪلام، جو سيد علي ثاني (وفات 971 هه) جو معاصر هو ۽ ساڻس بيت بازي به ڪندوهو. يا يوسف سهتي ۽ مخدوم محمد معين (وفات 1748ع) جو ڪلام اڄ عدم پيدا آهي، اگرچه اهو پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ معروف هو، هي سڀ اسان جي تذڪره نويسن ۽ مورخن جي تساهل ۽ غفلت جو نتيجو آهي.

هن بعد اُهي ٻه بيت آهن، جن جو لاڳاپو هالن پراڻن جي مخدوم احمد ڀٽي رحه جي وفات سان آهي، جنهن جو ذڪر تحفةالڪرام جي مولف ڪيو آهي. خوش قسمتيءَ سان اهي بيت ڀٽي بزرگن جي خانداني روايتن ۾ محفوظ آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ لڱا نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ سماع جي محفل هئي. جنهن ۾ مخدوم صاحب به شامل هو. اتي هڪ سوناري ڇوڪر هي بيت ڳايو:

سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن

ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.

ميين عيسي پنهنجي سنڌيءَ ۾ اهو ساڳيو بيت هن ريت ڏنو آهي. چي، هڪ بزرگ فرمايو آهي:

سَڏُ سڃاڻي پرينءَ جو، واڪي جي نه ورن

ڪوڙي دعويٰ دوسن سين، سي ڪڄاڙي کي ڪِنَ،

طلب نه سُڄي تن، هُنهم سَڌ سڏائيون.

اهو ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل بالله ٿيا. تنهن تي سوناري ڇوڪر وري هي بيت ڏنو:

سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڪن سين

مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌلهي.

ساڳيو ئي بيت شاه جي رسالي ۾ هن ريت خواه مخواه شامل ڪيو ويو آهي:

سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين

ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، آڻي خنجر کوڙ

مرڻا منهن مَف موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.

وچين سٽ ڪنهن ڄاڻي واڻي ٽنبي آهي ۽ پهرين توڙي پوئين سٽ سان ڪوبه واسطو ڪونهيس. نڪي ڪي اهڙو لفظي تڪرار وري شاه جي شان وٽان آهي. جنهن صورت ۾ اهو واقعو 1528ع ۾ ٿيو، تنهن صورت ۾ اهي ٻئي بيت انهيءَ سال کان گهڻو اڳڀرا ٿا ڀانئجن ۽ سچي سنڌي شعر جي شروعات تي دلالت ڪن ٿا. انهن کان پوءِ قاضي قاضن (وفات 958ع) جا ست بيت آهن، جي هن ضعيف پهريائين پهريائين واضع ڪيا آهن، نه ته شاه ڪريم جي ڪلام ۾ خلط ملط ٿي ويا هئا. اهي ثابت ڪن ٿا ته قاضي قاضن هڪ بلند مرتبي جو ”وحدت الوجودي“ صوفي بزرگ ۽ شاعر هو، جيئن سندس هيٺئين بيت مان پڌرو آهي:

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙئي

هيڪائين هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

شاه ڪريم ان جي مقابلي ۾ وري هيئن فرمايو:

سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي سڀ ڪنهن

نابودي نه ٿيي، اي ناديدي جهت.

قاضي قاضن جو گهڻوئي شعر ٿو ڀانئجي، پر زماني جي خرد برد ڪري معدوم ٿي ويو آهي. اهڙي طرح حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليہ به پنهنجن ارشادن ۾ ڪيترائي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر عام طرح ٻه ٽي مشهور آهن. هيٺيون بيت روحاني راز سان ڀريل آهي:

پئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهئا

روئي چري رات، ڏسي ڏکوين کي.

 سندس وفات 27 ذوالقعد 998هه جمعي جي رات واقع ٿي، مگر سومهڻي نماز بعد مسجد مان نڪرندي فرمايائون ته:

نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سُکي چاٽ

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻئا.

وفات کان ٿورو اڳ پنهنجي خاص خليفي ابوبڪر لڪياريءَ کي ساريندي چيائون:

ابوبڪر آءُ سامين سفر چتائيو

متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي.

 خليفي ابوبڪر کي مڪاشفي ۾ اهو احوال معلوم ٿيو ۽ هي بيت پڙهندو فوراً اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو:

اچان ٿو اڃان، ڪجو ڪا ذري جي جٽا

متان ٿي پُئاءُ، سارين سناسين کي.

تاريخ 21 فبروري 1950ع تي جناب مخدوم غلام حيدر صاحب جي خدمت ۾ حاضر هوس، جن کان مخدوم صاحب عليہ رحمت جي وڌيڪ ڪلام بابت استفسار ڪندي معلوم ٿيو ته هڪ دفعي ڪنهن سوالي اچي سندن در تي سين هنئي:

سمي ڄام آئي، عالم سڀ آجو ٿيو.

تنهن تي پاڻ فرمايائون:

سمو به ساٿين گڏ، تون به لوچج لڄ کي

هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪج

ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي جي به سوڀ ٿئي.

منهنجي خيال ۾ هي بيت مخدوم صاحب جن جو نٿو ڀائنجي، ڇاڪاڻ ته ان جي عبارت گهڻو ڪريل آهي. ساڳئي وقت ڌاري. مخدوم پير محمد لکوي هڪ عاليشان شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس هڪ ڪلام ”بياض خادمي“ ۾ مندرجه آهي، جنهن جو اختصار منهنجي دوست لطف الله بدوي پنهنجي تذڪره ۾ ڏنو آهي. انهيءَ شعر ۾ صبا کي پنهنجو قاصد بنائي نهايت دلڪش الفاظن ۾ پاڻ ڪريمن ڏي نياپو ۽ نياز موڪلي ٿو:

اي صبا واء صبح جا، خاطي خير هٿان

تون ريٻارو رحمان رحمان جو، ۽ قاصد قريبان

تون ميانچي محبوبن جو، پَيڪ سندو پريان

تون پانڌي پيارن جو، اولي اکڙيان

تون ساٿي سڪاين جو، ماهر مشتاقان

آڻين عجيبن جون، خبرون خوشحالا.

نين نياپا نينهن جا، واڍوڙين وٽان

آنا املح قول جنين، سلوڻا سڄڻا

حُب جني جي هيريو، هِنيون حيرانا

سڪ تنين جي ساه کي، سڪايو سوڪا

ونءُ تون مِٺا وائُڙا، واقف واٽِڙيا.

هيءَ مناجات خاص لنبي آهي. اهڙي قسم جو شعر مخدوم محمد هاشم، عبدالله منڌري ۽ پير محمد اشرف جي هٿن ۾ ڪماليت کي رسيو ۽ انهن سڀني سنڌي شاعرن تي ابن الفارض جي تائيہ ۽ بوصيري جي برده جو گهڻو ۽ گهاٽو اثر آهي.

هينئر اسين شاه ڪريم جي زماني (944، 1032هه/ 1537، 1623ع) کي اچي ويجها پيا آهيون، جنهن حضرت مخدوم نوح وٽان فيض پرايو ۽ جنهن کي سنڌي شعر جو ”وهائو تارو“ ڪري چئجي ته جڳائي. دوهرو جنهن جو قاضي قاضن موجد هو، سو شاه ڪريم جي هٿن ۾ پختو ٿيو ۽ ڪمال کي پهتو. سندس شعر ڪلي ٻه، تُڪا بيت ۽ ٽِه تُڪا بيت (جن مان هڪ پراڙ نالي شاعر جو ڏسجي ٿو) ۽ هڪ مصرع آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته شاه ڪريم جي وقت کان وٺي دوهري جي تُڪن ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. اهي ٽِه، تُڪا ٻه بيت هي آهن:

جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ

تان سڃي سيڄ پرين ري، پنهون پڌر ناه

نڪرندي چياءِ، گهوڙا گهر نه سپرين.

_________

جهوڙيرا جهڻڪن، مٿس مين مڱڻا

سپڙ رات سمگئا، ڏکيا ڏيهه ڏسن

گهر ٿا گهوٽ وڃن، چِندا لٿي چارڻين.

شاه ڪريم جو شعر قدامت جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏو پايو رکي ٿو. منجهس مضمون جي گونا گوني سا ڪانهي، باقي سچ، سونهن ۽ ستوگڻ سڀيئي چڱي انداز ۾ موجود آهن. پڙهندڙن کي ان مان گهڻو رس ۽ راحت ايندي. سندس ڪلام سريلو ۽ سوزناڪ آهي. ڪيترابيت ته اهڙا آهن جي هوند پهاڪن طور ڪم اچن ۽ انهي وقت جي سياڻپ جو آئينو آهن. گهڻا سلوڪ ۽ تصّوف تي آهن، جن ۾ عرفان ۽ اِيقان جا موتي پُوتل آهن. توحيد، وحدت درڪثرت، استغراق، حيرت، وصال وغيره جا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ ۽ ايجاز سان بيان ڪيا اٿس. مطلب ته شاه ڪريم جا بيت سنڌي نظمي ادب جو نهايت اهم حصو آهن، جن کان سواءِ هوند سندس اوائلي ماهيت جي پوري خبر نه پوي. اهي بيت صاف سنڌيءَ ۾ چيل آهن ۽ منجهن عربيءَ ۽ فارسيءَ جي گهڻي آميزش ڪانهي ۽ اهي انهيءَ ڳالهه تي پڻ دلالت ڪن ٿا ته اسان جي سنڌي زبان ٻين زبانن جي محتاجيءَ بغير اونهن روحاني افڪارن جو تعبير ڪري سگهي ٿي. شاه ڪريم جا اڪثر بيت سواءِ ڪنهن تحقيق جي شاه جي رسالي ۾ گڏجي مسجي ويا آهن ۽ ڪيترائي تنگ ظرف ماڻهو انهن کي شاه جو سمجهي ڀري مجلس ۾ انتشار ڪندا آهن.

اڳي اهو خيال ڪيو ويندو هو ته شاه ڪريم جي وفات کان پوءِ وري شاه عنايت جي شهادت تائين ڪو اهڙو نامي گرامي اديب يا شاعر سنڌ ۾ ڪونه پيدا ٿيو. مگر اِها وڏي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته ادب يا شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو سلسلو ڪڏهن به نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي مس پوري ٿئي ٿي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. عربيءَ جي هڪ مشهور شاعر ابو تمام جو مقولو آهي:

ولڪنہ صوب العقول اِذا اُنجلت

سحائب منہ اعقبت بسحائب.

(يعني شعر عقلن جو ماٺو مينهن آهي. اڃا مس ان جا ڪي ڪڪر وسي وڃن ٿا، انهن جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.)

ٽيون سال اتفاق سان عزيزم پروفيسر قاضي نبي بخش جي معرفت بيان العارفين جو هڪ نسخو مليم جنهن سان گڏ لطف الله قادريءَ جو هڪ نادر فارسي ڪتاب ”منهاج المعرفہ“ به شامل هو، جو هن 1078هه ڌاري لکڻ شروع ڪيو، يعني شاه لطيف جي ولادت کان چوٽيهه ورهيه اڳي. منجهس قادري طريقي موجب 13 باب سلوڪ جا ڏنل آهن. هرهڪ باب جي آخر ۾ هڪ يا ٻه بيت سنڌيءَ ۾ ڏنا اٿس. اهڙا بيت ڪل 10 آهن، جن مان هڪ ٽِن سِٽن وارو، ڏهه چئن سٽن وارا، ٻه پنج سِٽا، هڪ ڇهه سِٽو ۽ هڪ ست سِٽو بيت آهي. انهن مان خبر پوي ٿي ته شاه ڪريم جي وفات کان ٿورو پوءِ سنڌي بيت ۾ ڪيتري قدر ترقي ٿي ويئي هئي. اها ڳالهه غلط آهي ته شاه لطيف ئي دوهري جي سٽن ۾ واڌارو آندو. مثال طور هڪ نموني جو بيت ڏجي ٿو:

 

ٽه سٽو

”لا“ سين لهه ٿئون، پار ”اِلہ“ جي آئيا

ڪين کنيائون پاڻ سين، سچو پهه پئون

وڃي تن ڪيو، منجهه سير سراءِ سبحان جي.

 

چؤ سٽو

اولياء تن عالم ۾، جيئن ستون منجهه گهرن

تئان ڪڙڪي هيڪڙي لڏي سڀ وڃن

هوءِ جوکو جيءَ تنين، هيجي ساڪن سنداتن

منجهي سڀ وڃن، مَتِيون ماڳ ڌڻين کي.

 

پنج سٽو

سيئي سالڪ هلئا، واٽون ويهه وهن

ڪوڏان پسون قطارئا، پانڌي لءِ پرين

اُوءِ هيجان هلئا حق ڏونه، ٻيون ڏيو ٻن

اوري ڪن نه آسرو، تاڻئو توڙ وڃن

وادي تنهن رهن، جت ري پرينءَ ڪين پسجي.

 

ڇهه سٽو

جنهن پنڌ نهايت نا ڪا، نڪو انت نه ڇيهه

سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيہ

ان هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چيتا ٿو چليہ

اوري ڪر مَ آسرو، وادي وچ مَ ويہ

ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيہ

ته سو پسين ڏيہ، جنهن کي سڪي سڀڪو.

 

ست سٽو

تان ڪو ڏهو پهيڙا، سنيهڙو سندونءَ

ڪينءَ پانڌيڙا پنڌ ۾، ڪنهن پر اُهڃاڻون،

ڪنهن پر هلن حق ڏونہ، ڪنهن پر وصالونءِ

ڪينءَ فاني ٿيا في الله ۾، ڪنهن پر مشاهدون

ڪهڙو حال حقيقت ان جو، ڪهڙو پنڌ پرونِ

لايعلم تاويله الاالله، اونهون ان سندون

ڪو نه ڄاڻي منجهونِ، اوءِ ٻجهڻا ٻهر ٿيا.

شاه لطيف جو اڀياس انهن ٿورن بيتن جي مطالعي مان معلوم ڪندا ته شاه صاحب ڪيتري نه قدر اڳين بزرگن جي ٻولي ڪم آندي آهي. لطف الله قادريءَ جو ٻيو به ڪتاب سلوڪ تي لکيل آهي، پر اڃا اسان جي نظر نه چڙهيو آهي. هي شخص هڪ وڏي پايي جو صوفي بزرگ، مصنف ۽ شاعر ٿو ڏسجي. سندس زندگيءَ جو احوال هيل تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

اهڙيءَ طرح لطف الله قادري جهڙا ٻيا به ڪيترائي اديب ۽ شاعر ٿي گذريا هوندا، جي گلاب جي گلن جيان برپٽ واسي زماني جي تند رفتار اڳيان الوپ ٿي ويا ۽ ڪنهن به لکندڙ سندن بي واقع ۽ گمنام هستيءَ جو احوال پوئين لاءِ ڪونه ڇڏيو.

هن کان پوءِ ستت ئي لطيفي دور شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاه عنايت نصرپوري، مخدوم محمد معين، ميين عيسيٰ، مخدوم محمد هاشم، خواجہ محمد زمان ۽ شهيد گرهوڙيءَ جهڙا عظيم الشان بزرگ شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن جنهن جو بيان ڪرڻ هن موضوع کان ٻاهر آهي. قديم دور جي شاعرن جي شاعري بيتن ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي، جن ۾ الله ۽ سندس رسول جي واکاڻ ۽ سلوڪ ۽ روحانيت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. انهن جي سنڌي جبل جي چشمي وانگر صاف ۽ پاڪ آهي ۽ مٿس فارسي زبان جو برو اثر نه پيل آهي. جيئن متاخر ۽ موجود شاعرن جي ڪلام تي جنهن فارسي ترڪيبن جي جهجهائي ۽ زير اضافت جو زور آهي، ۽ جو چنڊ شهري دماغ ڦريل شاعرن بغير ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو. رب تعاليٰ توفيق ڏني ۽ عمر بخشي ته مستقبل قريب ۾ ”ادبي ذوق“ [2] تي مقالو لکي موجود شاعري تي مبسوط تبصرو ڪيو ويندو.

والله ولي التوفيق واليہ حسن الماب.


[1] علامه دائود پوٽي هيءَ تحريري تقرير پهرين نومبر 1952ع ۾ ”انجمن علم و ادب“ هالا ادبي ڪانفرنس  جي موقعي تي ڪئي هئي، جيڪا پهريون ڀيرو ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ سپٽمبر 1958ع ۾ شايع ٿي.

[2]  اهو مقالو جيڪب آباد واري جمعيت الشعراء جي جلسي ۾ پڙهيو هوم (۽ شايد) نئين زندگي ۾ شايع ٿيل آهي_”ع“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org