سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :17

ڀٽائي جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو[1]

 

وحدت الوجود يا هم اوست (سڀ ڪجهه اهوئي آهي)، تصّوف جو روح ۽ روان آهي. اڪثر صوفي عارف انهيءَ متي تي هليا آهن. پر ان جو تعبير ڪرڻ اهڙو ته نازڪ آهي، جو هڪ قدم هيڏانهن يا هوڏانهن الحاد ۽ اشراڪ جي اوڙاه ۾ اڇلايو ڇڏي. جتي ”گنهگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيين“، اُتي هن اڻڄاڻ پنهنجي تُنَنِ پيل پراڻي پاکڙي اجيڪار ۾ اوهري آهي، يا الاهي امن سان پار اڪارج!

جت سُڄي تڙ ڀيڙ تک، ٻيڙو اُتي ٿيلهي وڌوم

لهر لوڏي کان اِلاهي امن سان پهچاءِ پار.

ان ڪپيري ۾ پير پائڻ ئي آهي سِر تان سانگهو لاهڻ. يا الله! تون ئي بر جو بورائو ۽ راه جو رهبر آهين تنهنجي ئي توهه جي طلب آهي، تون ئي دستگيري ڪري، هن بيراه مان ٻاهر ڪڍ!

ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مفرد ناهي، ۽ نه ڪنهن مفرد شيءِ جو تصّور انساني ذهن ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو. جيستائين شيءِ کي صورت ناهي، تيستائين ان جو خيال ۾ اچڻ محال آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن باري تعاليٰ جي ذات پاڪ ڪائنات جي شين وانگي هجي ها، ته هوند انهن وانگر اسان جي تصّور جي دائري اندر اچي سگهي ها. اها هڪ مجرد حقيقت آهي، جا اسان جي عقل ۽ فهم، قياس ۽ وهم کان بالاتر آهي:

اي برتر از خيال و قياس و گمان و وهم

و از هرچہ گفتہ اند شنيديم و خوانده ايم

 

دفتر تمام گشت و باخر رسيد عمر

ما هم چنا در اول وصف تو مانده ايم.

صوفي سڳورا چوندا آهن ته ذات پاڪ هڪ مجرد حقيقت آهي، سا هڪ وجداني ۽ بديهي ڪيفيت آهي، روحاني ڪشف آهي، اندر جو آواز آهي. سڀ شيءَ ان جي احديت ۽ وحدانيت جي گواهي ڏيئي رهي آهي: ”و في ڪل شيء لہ آية تدل عليٰ انہ واحد“، ۽ حضرت سلطان الاولياء خواجہ محمد زمان لنواري واري فرمايو آهي ته:

پل پل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي

ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.

خالق ۽ مخلوق، عبد ۽ معبود، ظاهر ۾ ٻه نياريون شيون آهن. انهن مان ڪابه ٻيءَ ۾ مدغم نٿي ٿي سگهي.

”اَنا عبد“ ”معبود تون“، ات نڪو شرڪ نه شڪ

پچارون پرين جون، محبتين مرڪ

سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرين کي.

ٽينءَ سٽ جي رمز تي پوءِ اينداسين، حال في الحال هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ ظاهر ۾ وڏو سنڌو ۽ سيڙهو آهي، ۽ ٻنهين جي وچ ۾ جيڪا نسبت آهي، سا عقل ۽ قياس کان ٻاهر آهي، ۽ ان جي ڪيفيت ۽ ڪميت جو بيان ڪري نٿو سگهجي، جيئن مولانا رومي فرمائي ٿو:

اتصالي بي تکيف بي قياس،

هست رب الناس را يا جان ناس“

آخر اها ڳالهه تسليم شده آهي ته جان کي جسم سان، بصارت کي روشنيءَ سان، خوشيءَ کي دل سان، خوشبوءَ کي نڪ سان، نطق کي زبان سان، وغيره هڪ خاص تعلق آهي، ليڪن اهو تعلق بي چون و بي چگون آهي. اهڙي طرح الله کي به ممڪنات سان هڪ قسم جي خاص نسبت آهي، جا ڪيفيت ۽ ڪميت کان آجي آهي.

ماڻهو ٻين حيوانن کان انهيءَ ڪري نيارو آهي، جو ان ۾ اِلاهي نور جو ذرو موجود آهي. جنهن جي وسيلي هو خدا کي سڃاڻي سگهي ٿو، ۽ جنهن ڪري ئي ٻين حيوانن کان ممتاز آهي. جيڪڏهن اها باطني شناس ۽ اندورني حس منجهس نه هجي ها ته هو به پَسُن سمان آهي. انهيءَ ڪري چيو اٿن ته ”من عرف نفسد فقد عرف ربہ“. انسان عالم اصغر آهي، تنهن ڪري ان ۾ عالم اڪبر جون سڀ خصوصيتون ننڍي پيماني تي موجود ۽ متجليّ آهن. انسان جي دل هڪ آرسي آهي، جنهن ۾ عالم ملڪوت جا نقش ۽ نگار اولڙي طور جلوو ڪن ٿا، ليڪن انهيءَ قسم جي اتصال يا نسبت کي اتحاد ۽ حلول نٿو چئي سگهجي.

صوفين ۽ اهل ظاهر جي وچ ۾ هي اختلاف آهي، جو اهل ظاهر چوندا آهن ته خدا تعاليٰ ڪائنات جي سلسلي کان الڳ ۽ هڪ بلڪل نياري ذات آهي، ۽ صوفين موجب الله تعاليٰ ڪائنات کان ڌار ناهي. بلڪ هڪ ٻئي کي ڏٺي بغير سڃاڻي نٿو سگهجي:

”هو“ پڻ ڪونهي ”هن“ ري، ”هي“ نه ”هن“ ئان ڌار

الانسان سري و انا سره، پروڙج پچار

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.

ايتري قدر ته سڀيئي صوفي مڃين ٿا، ليڪن انهن جي تعبير ۾ گهڻو تفاوت آهي. هڪڙن وٽ الله تعاليٰ هڪ مطلق وجود يا مطلق هستيءَ جو نالو آهي، جو جڏهن تعيّنات يا مظاهر جي صورت ۾ جلوه گر ٿئي ٿو، تڏهن ئي سڀ ممڪن شيون پيدا ٿين ٿيون.

سرتيون سُٽ ڪپاه، مارهو مَ منصور کي

ٿي ترڪيب تباه، وحدت وائي هِڪڙي.

(خواجہ محمد زمان)

سمنڊ جون هزارين لهرون جدا جدا آهن، پر حقيقت ۾ پاڻي هڪ ئي آهي:

لهرن لک لباس، پاڻيءَ وهڻ هيڪڙو

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار

جيءَ پنهنجي جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

(شاه عبداللطيف)

مظاهرن جي ڪثرت ڪري وحدت ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي پوي. جيئن ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ڏبيون آهن، پوءِ اگرچه اهي ڳنڍيون جدا ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ته به ڌاڳي کان سواءِ ڳنڍيون ڪا زائد شيءِ نه آهن. رڳو ان جي صورت بدلي آهي.

ٻيا صوفي وري وحدت الوجود جي هي معنيٰ وٺندا آهن ته جيئن آدمي جو پاڇولو اگرچه بظاهر هڪ جدا شيءِ آهي، ليڪن في الواقع ان کي پنهنجو وجود ڪونهي. جو ڪجهه آهي، فقط آدمي آهي. اهڙي طرح اصل ۾ باري تعاليٰ جي ذات موجود آهي، ۽ ٻيون جيڪي به شيون موجود آهن، سندس پاڇولا يا پرتوا آهن. انهي قسم جي وحدت کي وحدت الشهود (همه از اُوست) چوندا آهن.

وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ هي فرق آهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان ”سڀڪجهه خدا آهي، ۽ (خدا) سڀ ڪجهه“. جيئن جَرَ جي ڦوٽي ۽ لهر کي پاڻي به چئي سگهجي ٿو، پر وحدت الشهود ۾ ائين چوڻ جائز نه آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو جو پاڇولو هرگز ماڻهو ٿي نه ٿو سهگي، ”چه نيست خاک رابا عالم پاڪ“ اهل ظاهر وٽ وحدت الوجود، نامنظور ۽ ممقوت آهي. انهيءَ عقيدي جي ڪري ايران ۾ حلاج ۽ هندستان ۾ سرمد پنهنجي سِري وڃائي. ليڪن پوئين زماني جي صوفين ۽ متصّوف عالمن ان جو نئون تعبير ڪري، ان کي اسلامي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي.

اهو وحدت الوجود جو مسئلو ڪنهن ڇيڙيو ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن جو يقيني فيصلو ڪري نٿو سگهجي. زهد ۽ عبادت، تقويٰ ۽ رياضت جي زملي بعد، جڏهن تصّوف خاص رنگ ورتو.

مٿس جديد افلاطوني فلسفي ۽ ٻين قومن جي روحاني خيالن جو اثر پيو، تڏهن انهي طبقي جا ماڻهو صوفي سڏجڻ لڳا. انهن تفڪّر ۽ ڪشف تي زياده زور ڏنو، ۽ انهن جي قلب تي جيڪي غيبي اطوار ۽ مشاهدا طاري ٿيا، تن کي انهن استغراق ۽ محويت جي حالت ۾ اچانڪ ظاهر ڪري وڌو اهي خيال عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئا، ۽ ڪيترن ئي جي گمراهيءَ جو باعث بڻيا. جيئن شيخ جنيد بغدادي (المتوفي 297هه) جنهن کي سيد الطائفہ يا صوفين جو سردار چوندا آهن، انهن معتدل صوفين مان هو، جي ”اهل الصحو“ (بيداري جا صاحب، جي مدهوشيءَ کان پري رهن ۽ جلان فلان نه ڳالهائين) جي نالي مشهور آهن، تنهن جا ڪي قول ٻڌو:

(1) خدا تعاليٰ سڄا سارا ٽيهه سال جنيد سان، جنيد جي زبان ۾ ڳالهايو، حالانڪ نه جنيد وچ ۾ هو ۽ نه خلق کي ڪا خبر هئي. (2) هڪ ڏينهن منهنجي دل گم ٿي ويئي. چيم ”الاهي، منهنجي دل موٽائي ڏي.“سڏ ٻڌم ته ”اي جنيد! تنهنجي دل انهيءَ ڪري کسي اٿئون ته تون اسان وٽ رهين، ڇا تون گهرين ٿو ته غير وٽ رهين؟“

 هيٺيان فقرا وحدت الوجود تي دلالت ڪن ٿا.

(1) ڪنهن رات هڪڙي مريد سان پئي ويو. واٽ تي ڪتي جي ڀونڪ ٻڌندي چيائين ”لبيڪ لبيڪ“. مريد پڇيس ”هي ڪهڙو حال آهي؟“. جواب ڏنائين ”ڪتي جو زور سان ڀونڪڻ ۽ بَهڻ، حق تعاليٰ جي قهر ۽ قدرت جي نشاني آهي. ڪتو وچ ۾ نه ڏٺم، تنهن ڪري چيم (لبيڪ).“

(2) تصّوف اهو آهي جو خدا توکي تو کان ماري ۽ پاڻ جيئرو ڪري.

(3) جو شخص سواءِ مشاهدي جي ”الله“ چوائي، سوڪوڙو آهي.

(4) علم حاصل ٿيڻ وجود جي معرفت عين جهل آهي. چيائونس ته ”چٽو ٻڌاءِ“. جواب ڏنائين ته ”عارف ۽ معروف اهوئي آهي.“

(5) جيستائين تون ”خدا“ ۽ ”بندو“ چوندين، تيستائين شرڪ ۾ آهين. بلڪ عارف ۽ معروف هڪڙو آهي. جيئن چيو اٿن ته: ”درحقيقت اهو آهي، هتي خدا ۽ ٻانهون ڪٿي آهي. يعني سڀ خدا آهي.“

(6) ٻن ڄڻن جي وچ ۾ محبت تيستائين درست نه ٿيندي، جيستائين هڪڙو ٻئي کي نه چوي ” اي مون!“.

انهيءَ زماني جا سڀيئي صوفي بزرگ، جهڙوڪ ذوالنون مصري (وفات 245هه)، بايزيد بسطامي (وفات 261هه)، حلاج (وفات 309هه) ۽ شبلي (وفات 334هه)، اگرچه سڀيئي گهٽ وڌ وحدت الوجود جي عقيدي ڏي مائل آهن، ۽ خدا کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نٿا ڏسن.

ذوالنون مصري ڪيمياوي ۽ فيلسوف هو، ۽ گهڻو ڪجهه جديد افلاطوني فلسفي مان اقتباس ڪري تصّوف سان ملايو اٿس. بايزيد بسطامي ته ذوالنون مصري ۽ جنيد بغداديءَ کان به ڪئين وکون اڳتي ويو آهي ۽ نهايت دليريءَ ۽ بيباڪيءَ سان وحدت الوجود جو پرچار ڪيو اٿس. محويت جي عالم ۾ ۽ الاهي نشي جي اثر هيٺ، هيٺيان جملا سندس وات مان صادر ٿيا آهن:

(1) ليس في جبتي سوي الله. يعني ”الله کان سواءِ ٻيو ڪي به منهنجي جبي ۾ نه آهي.“

(2) سبحاني ما اعظم شاني. يعني ”پاڪائي جڳائي مون کي، ڪيڏو نه وڏو شان آهي منهنجو.“

(3) لااِلٰہ اِلا انا فاعبدون. يعني ”ڪوئي به الله ڪونهي سواءِ منهنجي، منهنجي عبادت ڪريو (يا مون کي سڃاڻو)“.

ڇاڪاڻ ته عبادت جي معنيٰ معرفت يا سڃاڻڻ به آهي، جيئن موليٰ سائين فرمايو آهي: وما خلقت الجنّ والانس الاليعبدون.“ ”نه خلقيو آهي مون جنن ۽ ماڻهن کي، مگر انهيءَ لاءِ ته مون کي پوڄين يا سڃاڻن “. شيخ محي الدين ابن العربي چوي ٿو:

”فيحمدني و احمد و يعبدني و اعبده“ (هو مون کي ساراهي ٿو ۽ هو مون کي پوڄي (سڃاڻي) ٿو ۽ آءٌ کيس پوڄيان (سڃاڻان) ٿو).

حلاج ته اناالحق جا نعرا ظاهر ظهور لڳائي ڏنا، جنهن ڪري سوريءَ جو منهن ڏٺائين ۽ چوڻ لڳو ته ”انا من اهوي انا نحن روحان حللنا بدنا“ (آءٌ اهوئي آهيان جنهن کي آءٌ پيار ڪريان ٿو، ۽ جنهن کي آءٌ پيار ڪريان، سوئي آءٌ آهيان. اسين ٻه روح آهيون جي هڪ بدن ۾ حل ٿيا آهيون). مطلب ته حلاج نهايت مرتب نموني ۾ خدا ۽ انسان جي اتحاد بابت سخن گوئي ڪري ٿو، ۽ اهي حلاج جا سخن ئي آهن جي پوءِ ابن العربي ۽ سندس پوئلڳن جو مدار ٿيا، تنهن ڪري هيءَ دعويٰ ڪرڻ ته ابن العربي، وحدت الوجود جي فلسفي جو اول باني هو، سراسر غلط آهي. ابن العربي ته پاڻ اشارن ۽ رمزن کان ڪم ورتو آهي، ۽ ڪڏهن به صراحت سان وحدت الوجود جي اپٽار نه ڪئي اٿس. نه ته حلاج وانگر هو به ڪنڌ ڪٽائي وهي ها.

مطلب ته موجوده تصّوف جو بنياد، انهيءَ عهد جي صوفين هٿان پيو، ۽ هڪ محڪم شڪل ۽ صورت ورتائين. البت زماني گذرڻ بعد ٻيون به گهڻيون ئي ڦيريون ڦاريون منجهس داخل ٿيون، ۽ نوان نوان اصطلاح، تعبير، رسمون ۽ سلوڪ جا احوال ۽ مقامات منجهس گهڙيا ويا. امام غزالي، ابن العربي ۽ سهروردي ان کي فلسفي جو رنگ ڏنو، ۽ امام قشيري، ابو نصر سراج، هجويري ۽ غزالي شريعت ۽ تصوف جي وچ ۾ وفاق آندو جيئن ته هي اصول قائم ڪيائون ته تصوف جا دقيق اسرار عام ماڻهن کي نه سلجن، جيئن شاه صاحب فرمايو آهي ته:

سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱئو.

يا

حوصلو حيرت جو، آه نه مٿي عام

سندي محبت مام، ڪور پروڙي ڪنيڪي.

رومي هڪ هنڌ چوي ٿو ته ”اناالحق جو نعرو حلاج جي نهايت انڪساريءَ ۽ نهٺائي جو ثبوت آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن چيو ”انا العبد“ (مان ٻانهون آهيان)، تنهن گويا پنهنجي خودي ڏيکاري ۽ خدا سان شرڪت ڪيائين.“ حلاج ائين چئي پنهنجي دوئي ماري، ۽ خدا تعاليٰ ۾ پاڻ کي ايتري قدر گم ڪيائين، جو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس. فريدالدين عطار جو حلاج جو شيدائي آهي، سو چوي ٿو ته ”قم باذني“ ۽ ”قم باذن الله“، ٻئي محبوب جي واتان نڪتا آهن ۽ جيڪو ”اناالحق“ جو نعرو نه هڻندو، سو ڪافرن جي جماعت مان آهي:

قسم با ذني و قم باذن الله

هردو يک نغمه آمد از لب يار

هر کہ ازوي نزد اناالحق سر

او بود از جماعت کفار.

۽ محمود شبستري چوي ٿو ته: جيڪڏهن ٻرندڙ ٻوٽو ”اناالحق“ چوي ته اهو روا آهي، پر جيڪڏهن ڪو نيڪ مرد ”اناالحق“ جو نعرو هڻي ته ڇو نه روا آهي؟

روا باشد اناالله از درختي

چرا نبود روا از نيک بختي؟

۽ شاه صاحب اهو وحدت جونڪتو نهايت سهڻي نموني ۾ نروار ڪيو آهي:

جر تڙ تک تنوار، وحدت وائي هيڪڙي

سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار

همہ منصور هزار، ڪهي ڪهندين ڪيترا.


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1956ع تان ورتل

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org