حڪيم صاحب جن جو شعر.
جهڙا يوناني حڪمت ۾ حاذق هئا، تهڙائي شعر گوئي ۾ ڀڙ هوندا هئا،
۽ سڀڪنهن مضمون تي فارسي توڙي سنڌي ۾ بلا تڪلّف
شعر لکي ويندا هئا. گهڻن ئي وٽانئن شعر سازيءَ جو
هنر پرايو ۽ شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. جهڙوڪ
منهنجو دوست ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ سندن گهڻو
ڪلام ٽڙيل پکڙيل آهي ۽ شايد سندن لائق فرزندن وٽ
موجود هجي. باقي ٿورو ناصحاڻو ڪلام مٿي ڄاڻايل
ڪتاب ”بهار اخلاق“ ۾ درج ٿيل آهي، جو 1935ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو هئائون؛ ان مان ڪن چونڊ شعرن جو
انتخاب هيٺ ڏجي ٿو:
اڳيون زمانو ۽ هاڻوڪو وقت
شل اچي عالم ۾ موٽي ايڪي الفت جو بهار
شل ٿين سرسبز ايڪي جا شجر ۽ شاخسار
شل دليون ٿين صاف ۽ ٿين شامتون شل سڀ معاف
شل وڃي غصو دلين تان، شل وڃي غم ۽ غبار
شل محبت جي عمارت اڄ وري برپا ٿئي
شل منجهس موٽي پسون اڄ نت نوان نقش ونگار
شل وري وڇڙيا ملن ۽ پاڻ ۾ پرچن وري
شل وري سي دوست جاني ٿين، ٿين سي يار غار
شل مبارڪ باد جا نعرا لڳن چارون طرف
شل ملن چؤڌاري واڌايون اسان کي لک هزار
شل بکيا بک کان ڇٽن ۽ شل ڏکيا سکڙا پسن
اڄ پيادا سي گهمن، شل سي سڀاڻي ٿين سوار
شل سڀئي هڪ گهر جا ڀاتي ٿي گذارن هيج سان
شل ڌريون سڀ گڏ ٿين، جي اڄ ڏسون ٿا ڌار ڌار شل
ياد ٿا سي ڏينهڙا، جڏهن پون قربن ڀريا
اڄ لنگهي دل مان وڃي تير حسرت آرپار
ياد پونم ٿا اڳيان سي کل خوشيءَ جا ڏينهڙا
ڇا ٿيو؟ جو اڄ رئن ڀائر ٿا هر جا زار زار
ياد پونم ڏينهڙا، جن ۾ رهياسين موج سان
هاسين همدم، همقدم، غمٺار ۽ پڻ غمگسار
ويا سي گذري ڏينهڙا، ڏينهن هي گذري ڏينهن ڀي.
عمر ساري آهي ڇا؟ بس ڏينهن آهن ٽي يا چار
ڇو ٿيو مايوس آهين، ڇو ٿو غمگين ٿين ”حڪيم“!
موٽي ايندا ڏينهن قربن جا، نه غم ۾ دل کي ڳار.
حب وطن
خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ
هڻي شاخ طوبيٰ هجڻ جو سو دم اڄ
کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ
ٿي ڄڻ عيد ان لئي خدا جو قسم اڄ
مليو آهي مضمون حبّ وطن جو
مليو موقعو آهي سير چمن جو
ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين
بهشت برين جو ٿيو فرش زرين
ٿي مس منهنجي مشڪ ختن، فافہ چين
لکان لفظ جنهن سان معطر ۽ مشڪين
وطن جي محبت جو هي داستان ٿيو
وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو
وطن جا وڻن وڻ، وڻي ٽاري ٽاري
خزان وطن ۾ به آهي بهاري
ٿي ڄڻ روز روشن، سنديس رات ڪاري
منجهس مثل جنت جي ٿيون نهرون جاري
وطن منهنجو هڪ جنت آباد آهي
وطن سان ئي بس منهنجي دل شاد آهي.
بهار جي موسم
بلبلو! خوش ٿيو، جو آ باغن ۾ اڄ آيو بهار
عاشقن جي روح کي، اڄ آهي ريجهايو بهار
طبع منهنجي کي غمن کان ڪانه هئي فرصت نصيب
پر بهاري شعر لءِ اڄ تنهن کي ڀڙڪايو بهار
ناز سان آيو چمن ۾ آهي اڄ محبوب گل
بلبلِ شيرين نوا، اڄ واه جو ڳايو بهار
باغبان کان هو خزان ۾ ويو رسي بلبل، مگر
باغبان سان اڄ وري بلبل کي پرچايو بهار.
سچي قرباني
ڪي ٿين قربان پنهنجي يار تان
يار جي رفتار ۽ گفتار تان
ڪي وري گهورين سڀڪجهه ڪن نثار
يار جي سر تان ۽ هر هڪ وار تان
مال ۽ زر تان ٿا ڪي ڪن صدقي سِير
ڪي ٿا سر گهورين دنيادار تان
۽ ٿين ٿا ڪي فنا اولاد لاءِ
ڪي عزيز وخويش رشته دار تان
غرق ٿيا ڪي ڪنهن نه ڪنهن سواد ۾
ڪي وڃن ٻلهار ٿا واپار تان
ڪي مرن اڄ پنهنجي نالي لاءِ ٿا
ڪي فدا ٿين ڪرسي ۽ درٻار تان.
______
صدقي ٿيان شل اُن خدا جي نانءُ تي
آنُ ٿيان قربان پالڻهار تان
آنُ ٿيان صدقي وطن جي خاڪ تي
گهور ٿيان شل آنُ وطن جي خار تان
شاه ڀٽائي
سنڌ جو سهڻو مڻيو ۽ سنڌ جو سينگار شاه
شاعرن شيرين ڪلامن جو سچو سردار شاه
لال ٿيو جنهن جو لقب ۽ نانءُ ٿيو جنهن جو لطيف
سنڌ جي روحاني دلدارن مان هو دلدار شاه
جنهن جياريو مارئي کي ۽ عمر ڪيائين کي عمر
ساه جنهن سسئي ڏنو هو، سو پنهون جو يار شاه
ڇا سندس ٻولي مٺي، ڇا سنديس وائي عجيب!
واه خوش رفتار، واه خوش گفتار شاه
_______
جنهن پڙهيو آهي رسالو شاه جو رس رمز سان
ٿو چوي سو هيج مان، آهي هئين جو هار شاه
جي منجهي من، دک سان دل ڀرجي، کڻي پڙهه شاه کي
ڏئي اکين آنند ۽ تو لاءِ ٿئي منٺار شاه.
حقيقت جي پڇا
بقا جي ۽ فنا جي سڀ حقيقت
اڙي غافل گل و گلزار کان پڇ
ڀلائي، ڀائپيءَ جو ڀيد ۽ رمز
مهاجر کان ۽ پڻ انصار کان پڇ
چڪو وحدت ۽ آزاديءَ جو پيتم
اچي سا ڪيفيت سرشار کان پڇ
جهادِ في سبيل الله جو رتبو
جنابِ حيدرِ ڪرّار کان پڇ
منهنجي همت ۽ طاقت جي حقيقت
رقيبِ رهزن ومڪار کان پڇ
منهنجي هن شعر جي ڪجهه قدر قيمت
وڃي تون ڪنهن دُرِ شهوار کان پڇ.
_______
شعر اڪثر عروض جي بحرن ۽ وزنن تي چيو اٿن؛ پر گاه گاهي زير
اضافت جي علت کان عليل آهي. اگرچه منجهس ايتري
اضافت جي گهڻات ناهي، جيتري موجود وقت جي مصنوعي
شاعرن جي ڪلام ۾ آهي. بالجملہ سندن شعر گهڻي قدر
پاڪيزو، صاف ۽ متين آهي. فارسي ادب ۾ ”صائب“ ۽
ناظم هروي“ شاعرن، فردن جي شڪل ۾ ڪيترائي پهاڪا
لکيا آهن. جن ۾ حسن تعليل سمايل آهي. حڪيم صاحب جن
شايد پهريان ئي شخص هئا، جن سنڌي شعر کي فرد سان
سينگاريو آهي. ڪي ٿورا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
لچن جي وچ منجهان پڻ ٿا لڀن ڪي ڪي چڱا انسان
وچين آڱر ۽ آڱوٺي جي وچ ۾ ڏس ته اشهد ٿي.
_______
نه فڪر نان جو ڪر، پڙهه نراڙ ۾ پنهنجي
ڀرن ۽ نڪ ۽ اکين کي ته آهي ”نان“ لکيل.
_______
رهي سگهجي ٿو نرمي ساڻ پنهنجي دشمنن جي وچ
ڏندن جي وچ ۾ آهي، ڏس! سلامت ڪيئن زبان تنهنجي.
_______
جي ڀائين تو ۾ برڪت ٿئي ته قرباني جو شيوو سک
سڙن سئو ٿا جي پروانا شمع تي، ته به لڀن لک ٿا.
_______
چڱو انسان سڀڪنهن سان چڱو ٿي ٿو هلي هردم
رسائي ريج دريا، جهڙو باغن، تهڙو جهنگن کي.
______
قديم سنڌي نثر[1]
منهنجي محترم دوست مسٽر ڏيا رام مير چنداڻي ”سنڌوءَ“ جي آگسٽ
واري عدد ۾ سنڌي نثر تي هڪ مختصر مضمون لکيو آهي،
جنهن ۾ ٻين ڪوتاهين کي ڇڏي فقط هن ڳالهه تي بحث
ڪرڻ گهرون ٿا ته سال 1850ع کان اڳ سنڌي نثر بيشڪ
موجود هو، پر جنهن صورت ۾ لکپڙه اڪثر فارسي ۾
ٿيندي هئي، تنهن صورت ۾ ٿورو ڪو قلمبند ٿيل آهي.
اسان وٽ مرحوم مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (شهادت 17
ربيع الاول 1992هه/ 15 مارچ 1877ع) جا نثر ۾ گفتا
موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي
ته سنه 1850ع کان سَوَ کن ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا
نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا. اسين هيٺ مٿئين
بزرگ جا قول، جي سنڌي نثر جي هڪ آڳاٽي نشاني آهن،
پنجن قلمي نسخن تان ڀيٽي درج ڪريون ٿا.
(1) ٽڪ ڏنگڙي هلي، کڙا ياسڻي جهلي.
(2) راڻي راو سان رُچي، ابو ڀائن ري اچي.
(3) ڪافر ڪفر کان اڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اجار.
(4) ملون بهشت ڏي هلاءِ، چَتوُن پڙهي پروجاءِ.
(5) ملون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سون سين نچي.
(6) ٻه پهياڄون پرچاءِ، ٿلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ.
(7) مال ڪهڙو ڀلو، هو نرنئا نلو.
(8) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي.
(9) ماسي مانڙي پچاءِ، امان کٽڙي وڇاءِ، ابا مِهتڙي اڏاءِ.
(11) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڄڙا سڄن.
(12) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جئين مڇڙيون کاڄن.
(13) گرو چيلڙا پڙهاءِ، ڪڪڙ ٻچڙا چڻاءِ.
(14) ڪوئو سڀ پڇ سين نهي، ڪنهن پر ٻر ۾ پهي.
(15) اونداهي ۾ سوجهرو نيشاني نبي، تارا يار رسول جا سکي ڪج
قوي.
(16) هيڪڙو الله، هيڪڙو ڳالهاءِ.
(17) وڏو وڙ (در) الله جو، ونهيون الله.
(18) سا وسي الله، مينہ ته مندن وسڻا.
(19) نالو الله جو نماڻو.
(20) وڏي کانڌ الله جي، کانڌيرو بادشاه.
(21) نالائق نوازي، ڀڳي سڄي ڪري.
(22) جيڪي ڪري سو خدا.
(23) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي.
(24) بندو جائي گندو، بندو گندو.
(25) پاڻ پاڪ، بندو جهاڪ.
(26) توڻي اگلا اوڏ، پڻ لاکي ڄام جا.
(27) گوني آگن وس.
(28) چڱائي ڪجي، ڪنهن جي نه وڃائجي.
(29) شڪرانو سندس در، وڏا ٿورا الله جا.
(30) بڇڙي جو پنڌ (بنياد) بڇڙو.
(31) جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ نه پڇجي.
(32) سڀڪو پاڻ کي، آيل پاڻ کي، جيجل پاڻ کي.
(33) ڪرند پسند، ڏيند لهند.
(34) پيش ڪنهن کي نه وڃجي.
(35) لکيو پري، پر نه ٽري.
(36) سڀڪو پنهنجي ڪرم جي ڇٺي ٿو لوڙي.
(37) ڪنهن جو ڏوه ڪونهي، جيڪي ڪري سو الله.
(38) مري جواب ڏبو،
(39) ڪو ڪنهن جو نه ٿيندو.
(40) حق ٿيندو، حق وڪيل ڪندو.
(41) سڀڪو پنهنجو وڙ ٿو ڳالهائي.
(42) نيت ولمراد، ڪ کائجي ڪِ اوبارجي.
(43) جي سڄڻ سڄي ٻانهن ڏي ته سڄي نه ڳهجي.
_______
|