سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :26

 

شخصي تاثرات

 

 

سنڌ جي ادبي تاريخ

ادبي ذوق

باران رحمت

نعت

مجازي معنوي شعر


 

 

 

سنڌ جي ادبي تاريخ [4]

 

هيءَ دنيا به هڪ حيرتناڪ هستي آهي. ساعت بساعت سانڊي جيان سوين رنگ بدلائي ٿي، گهڙيءَ گهڙيءَ نوان ويس ۽ روپ پائي ٿي ۽ ويک مٽائي ٿي. ائين ڪوئي ڪونه چئي سگهندو ته هيءَ دنيا هڪ حالت ۾ رهندي. سڪندر ۽ دارا پنهنجا وارا وڄائي ويا، پنهنجا نقارا ۽ نيشان ڇڏي ويا، مصر ۽ يونان، روم ۽ ايران، اسيريا ۽ توران جون قديم باشاهتون به انهيءَ لهر ۾ لڙهي وييون. جدّت پسند قدرت وري ٻيون قومون پيدا ڪيون، جن پڻ پنهنجي نوبت لنگهائي، عدم جي واٽ ورتي. انهن جي هستيءَ جو نيشان سندس تاريخ مان ئي ملي ٿو.

جيڪي به سڌريل قومون ٿي گذريون آهن، سي پنهنجا ڪارناما دنيا جي پٽيءَ تي ڇڏي ويون آهن. سڀڪنهن قوم جي ذاتي حالت معلوم ڪرڻ جو مکيه رستو آهي سندس علمي ۽ ادبي خزانو؛ ۽ قومن توڙي ساهت جو بقاءُ سندين لياقت تي مدار رکي ٿو. سڀڪو شخص پنهنجا خيال ۽ جذبا پهريائين پنهنجي ڪٽنب، پوءِ دوستن ۽ آخر پنهنجن هم وطنين ۾ ڦوڪي ٿو. انهن خيالن جي زندگي سندس همعصرن ۽ پوين جي فيصلي تي ڇڏيل آهي، ۽ جيڪڏهن اهي جيئرا رهيا ته قومي ادب جي هڪ محڪم ڪڙي ٿي پوندا.

ڪنهن به قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو پوي ٿو. سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿيون. پر انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو. جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پوي ته قوم جي قديم فردن جا ڇا خيال ۽ جذبا هئا. سندن علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا. مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي سندس علم جي ذخيري تي مدار رکي ٿي.

افسوس! اڍائي هزار ورهيه گذري ويا آهن ته سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. موجوده وقت ۾ ڪي قدر ڪوشش انهيءَ باري ۾ ورتي ويئي آهي. پر اڃا تائين ڪو اهڙو معقول نتيجو ڪونه نڪتو آهي ۽ ڪنهن به پوري روشني نه وڌي آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ علمي خزانو هڪ پوريل دفتر ٿي رهندا، جيڪڏهن هرڪو فرد ان جي کوجنا ڪرڻ ۾ بهرو نه وٺندو. سنڌ ملڪ کي هڪ عاليشان تاريخ ۽ علمي خزانو آهي، جو اسان جي اڻڄاڻائيءَ ۽ وڏن جي لاغرضائيءَ کان ناس ٿي ويو آهي ۽ جي هينئر به اسين پنهنجون اکيون بيپرواهيءَ ۽ نيم خوابيءَ کان نه کولينداسوُن ته انهيءَ تاريخ جا رهيل کهيل آثار به آهستي آهستي ناپديد ٿي ويندا.

__________

 

 

ادبي ذوق [5]

 

علم ادب به هڪ عمدو فن آهي، جيئن لطيف فنونن حاصل ڪرڻ لاءِ تجربو، مهارت ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي، تيئن علم ادب ۾ مهارت ۽ تجربو سخت درڪار آهن. نثر نويسي، شاعري ۽ مصّوري به لطيف آهن، جي وهبي به آهن ۽ ڪسبي به آهن. بيشڪ ڪن فردن کي خدائي ڏات مليل هجي يا ڄاپندي ڄام هجن، پر ڪوبه ماءُ پيٽان هنر يا فن وٺي ڪونه آيو آهي. ترتيب ۽ ماحول جو اثر هر ڪنهن هنر يا فن تي ضرور رهيو آهي، رڳو وهب يا ڪسب ڪنهن ڪم جو ناهي. جيستائين ٻنهي قوتن جو پورو ميلاپ نه ٿيو آهي، تيستائين ڪوبه اديب يا شاعر يا مصّور يا فنّان ڪماليت جي درجي کي پهچي نٿو سگهي. انهن سان گڏ متواتر اورچ ڪوشش به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فن ۾ پير ڌري پوءِ ان کي ڇڏي ڏبو ته اهو اڻپورو ۽ ناقص رهجي ويندو. ازانسواءِ هڪ کان وڌيڪ فنن ۾ ڪماليت ورلي حاصل ٿي سگهندي. اهڙا متفنن ۽ ڪامل انسان دنيا ۾ شاذ ۽ نادر آهن. هرهڪ کي پنهنجي دائري اندر ڪنهن خاص ڪم جي سر انجاميءَ لاءِ مقرر ڪيي ويو آهي. جيڪڏهن سڀڪو ”هر فن موليٰ“ هجي ها ته قدرت جو ڪارخانو ٽٽي پوي ها ۽ ڪائنات ۾ بي بندوبستي ۽ بي انتظامي ڇائنجي وڃي ها. مثلاً هڪ اعليٰ درجي جو نثر نويس اديب مشڪل انتهائي درجي جو شاعر ٿي سگهي ٿو، يا ان جي ابتڙ.

هر کسي را بهر کاري ساختند“

علم ادب به هڪ وهبي ۽ ڪسبي ڏات آهي. سڀڪو  سڌڙيو لئيءَ مان لٺ ڀڃي اديب يا شاعر ٿي نٿو سگهي. هڪ شاعر يا اديب کي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي ڪمال ۽ توڙ تي پهچڻ لاءِ سخت جُهد پِٽڻا پون ٿا. هڪ وهبي شيء ائين آهي جيئن ڪو ٻيٺو يا چرا گاه، جنهن ۾ وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ گل ڦل سواءِ ڪنهن ترتيب يا نظام جي ٽڙيا پکڙيا پيا هجن. اگرچه انهن کي به پنهنجو حسن ۽ جمال آهي ۽ انهيءَ بي انتظاميءَ ۾ نظام آهي. پر جڏهن انسان جو هنرمند هٿ انهن کي خاص ترتيب ڏيئي بيهاري ٿو، تڏهن انهن جو جلوو ۽ جمال ويتر وڌيڪ ٿئي ٿو. پاڻي جي هڪ وهندڙ ڪسي، جبل تان جرڪندي گهِرڪندي، ور وراڪا کائيندي، نهايت خوشنما ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جڏهن اها ڪنهن مَرغزار ۽ گلستان مان لنگهي تڌهن سندس زيب ۽ ٿي،زينت دوبالا ٿيو پوي.هڪ فطرتي شاعر يا اوائلي اديب جي ڪم کي ڏسندا، جنهن کي زماني جي مروڙ ۽ اڳين جي تجربي زياده آگاه ۽ پختو ڪيو آهي ته زمين ۽ آسمان جو فرق معلوم ٿيندو. وَهب لاءِ ڪسب ائين آهي جيئن سون تي سهاڳ.

انهيءَ مان ثابت ٿيو ته هرڪنهن هنر يا فن لاءِ تربيت وٺڻ ۽ هڪ استاد جي نظر ۽ رهبريءَ هيٺ ڪم ڪرڻ ۽ ڪِيڙجڻ بلڪل واجب سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان ۾ شاعري ۽ مصّوريءَ جو رجحان يا استعداد پاتو ويندو هو ته ان کي اهڙي قسم جي تعليم لاءِ اتاليق ۽ استاد جي ضرورت پوندي هئي. اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سنواري سڌو ڪرڻ هڪ لازمي امر آهي. نظامي عروضي سمرقندي پنهنجي ”چهار مقالہ“ ۾ هڪ اديب يا شاعر جون خصوصيتون ڄاڻايون آهن. لکي ٿو ته هڪ هونهار شاعر لاءِ ضروري آهي ته سڀني متقدم، متوسط ۽ متاخر شاعرن جا ديوان پڙهي ۽ پڻ ڪيترا هزار شعر از بر ياد ڪري، تان جو مَلڪو پختي ٿئي. ازانسواءِ ٻيون به ڪيتريون وصفون بيان ڪيون اٿس. ان جو ماحصل هي آهي ته قديم ۽ حديث تي حاوي ٿي، پنهنجي فن ۾ اصليت ۽ عبقريت پيدا ڪري  ۽ اڳين جو نقاد يا مقلد نه ٿئي. شعر ۾ جيڪي خيال سمايل آهن، سي اوائل کان وٺي ساڳيائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ان جا سرچشما، جي انساني عواطف سان وابسته آهن،ڇاڪاڻ ته ان جا سر چشما جي انساني عواطف سان وابسته آهن، سي گهڻو ڪري اَڻ ڦرندڙ آهن، اگرچه انهن ۾ زمان ۽ مڪان جي اختلاف ڪري مناسب تبديل ۽ تغيّر ضرور اچي ٿو، تنهنڪري هڪ شاعر لاءِ لازم آهي ته جيڪڏهن ڪنهن منقدم شاعر جو خيال وٺي ته ان کي هڪ نئين سانچي ۾ پلٽي علحده صورت بخشي ۽ ان ۾ لفظي ۽ معنوي جدت پيدا ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته سندس شاعريءَ کي ڪابه ترقي حاصل نه ٿيندي ۽ ڪوريءَ وانگر ساڳئي تَرتي پيو شعر جي تاڃي اڻندو.

الحمدلله! اسان جي ٻاجهاري سنڌ ۾ شاعرن ۽ اديبن جي ڪمي ڪانهي، پر انهن ۾ نوعيت ۽ جوت جي قلت بيشڪ آهي. انهن جي تربيت لاءِ ڪو مڪتب نه آهي. سڀڪو لڪير جو فقير بنجي پنهنجي نموني هلي رهيو آهي. اڪثر فارسي ۽ اردو شعر جي نقالي ۾ محو آهن. انهن جو شعر اهڙو آهي، جو هڪ ٿورو پڙهيل آدمي ته سندن ڪلام سمجهي نه سگهندو، بلڪ سنڌي ست درجا پڙهيل يا مئٽرڪ پاس ٿيل به منجهي پوندو. صاف سنڌي ۾ زير اضافت آهيئي ڪانه. موجوده اديب ۽ شاعر زير اضافت جو ايتريقدر استعمال ڪن ٿا جو فارسيدان ئي پڙهي سگهندا. موجوده شاعرن مان مشڪل ڪي ٿورا هوندا جن شاه جو رسالو يا سچل جو ڪلام يا اڳين اديبن ۽ شاعرن جي سنڌي پڙهي هوندي. پوءِ انهن کي صاف صاف سنڌي شعر گوئي ۾ ڪيئن درڪ حاصل ٿيندو؟ تنهنڪري طبعاً کين اردو شاعريءَ جي تقليد ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ سببان سندن ڪتابت ۽ ڪلام اصلي سنڌي صورت ڇڏي هڪ عجيب شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. ڪانءَ وانگر مورن جي اهل ڪندي کانئن پنهنجي اصلوڪي رفتار ۽ گفتار وسري ويئي آهي، ۽ ديده دانستہ مشڪل پسندي اختيار ڪئي اٿن. اڳين اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم ۾ ڏسبو ته زير اضافت ورلي ڪم آندي اٿن. حتٰي ڪ خليفي گل محمد جهڙي شاعر به پنهنجي ڪلام ۾ زير اضافت جو خير ڪو استعمال ڪيو آهي. باقي آخوند محمد قاسم جو شعر سو فارسي ترڪيبن سان ڀريو پيو آهي. گل خندان جو مؤلف آخوند لطف الله ته انهيءَ ڳالهه ۾ اعتدال جو ليڪو لنگهي ويو آهي! هن جي نثر ۾ اگرچه اضافت جو ايترو استعمال نه آهي، پر شعر ۾ هاءِ ڪري ڇڏي اٿس. مثال طور:

 

عاشقن کي ٿي ازل کان هي پريشاني نصيب

نوءِ خار دشتِ محنت پاي عرياني نصيب.

__________

 

عال ذوق سخن جي مغز معنيٰ لاءِ

نه هوم فڪرِ رسا ۽ هيم نه طبع روان

مگر بخاطرِ احباب و نزهتِ دلها

لکيم هي قصا مطبوع بادلِ شادان

مان ادب سان پڇان ٿو ته هي ڪِيڙ بَڪِيڙو ڪهڙو سنڌي سمجهندو! مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جو نثر به زيراضافت کان عاري آهي، اگرچه شعر ۾ جسته جسته انهيءَ مرض جو مشاهدو ٿئي ٿو. موجوده اديبن ۽ شاعرن جو نثر ۽ نظم ته زيراضافت ۽ ٻين فارسي ترڪيبن سان ٽمٽار آهي ۽ پنهنجي بار ۾ پيو ڇڄي. منجهانئس سنڌيت جو بوءِ اصل نڪري ويئي آهي. خصوصاً غزل سرائي ۽ مخمس ۽ مسدس ۽ مستزاد ۾ سو سنڌيءَ جي مٽي پليٽ ڪئي ويئي آهي. طرحي شعر ته بنهه سنڌي ڪلام تي هڪ بدنما داغ آهي. مثال طور وٺو هالا ڪانفرنس يا جيڪب آباد ڪانفرنس جي طرحي مصرع. عزيزو! اوهين ايمان جي سلامتي سان ٻڌايو ته ڪهڙو دهاتي ماڻهو انهيءَ جو مطلب پروڙي سگهندو؟ سنڌ جي موجود ۽ هتي حاضر شاعرن کي ڇڏي، مان ليکراج عزيز جي شعر مان هڪ ٽڪرو پيش ڪريان ٿو.

 

اي زمين، سنڌ جنت آشيان

سيل، انجم ٿي تنهنجي ريگ، روان

 

هو جهان ۾ شاعرن جو بادشاه

آسمان، علم جو تابنده ماه

 

ڳولي جنهن کي ساري عالم جي نگاه

آه! دنيا ۾ نه اڄ سو شاه آه

 

شوخي، خون، شفق مضمون آ

مطلع، چرخ، برين پُر خون آ

 

انقلاب، گنبد، گردون آ

آسمان زير، زمين مدفون آ

وغيره وغيره.

”زمين، سنڌ“ ۾ سنڌ مضاف اليہ آهي جو غلط نموني ۾ ڪم آيل آهي. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري. اهڙا مثال اڪيچار آهن، هيءَ مُٺ هزار جو نمونو آهي. صاحبو! منهنجو عرض شخصي تنقيد يا نڪته چيني ناهي، بلڪ منهنجي مراد آهي ته اصلاح ٿئي. منهنجو مقصد آهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر اجائي نقالي ڇڏي صحيح ادبي ذوق ڌارين ۽ پنهنجا خيال صاف سنڌيءَ ۾ ادا ڪن، جيئن انهن کي عوام وٽ پسندگي ۽ مقبولي حاصل ٿئي.

مان شاعر نه آهيان پر بعضي بعضي ازغيبي توارد ٿيندو اٿم ۽ ڪجهه نه ڪجهه شعر چئي وجهندو آهيان. تازو پنهنجي هڪ پياري دوست ڏي پنهنجو هڪ سادو سودو شعر ڏياري موڪليم. بيشڪ ان ۾ عروضي چوڪون گهڻيئي هيون، پر وڏو عيب ان ۾ اهو هو جو اهو تمام سادو ۽ عام فهم هو. منهنجي محترم دوست مون ڏي لکيو ته اهو شعر تمام سادو آهي ۽ هينئر سنڌي شعر ايڏي اوج ۽ ڪمال کي پهتو آهي، جو اهڙي شعر کي شايع ڪرڻ گويا شعر جي بيعزتي ٿيندي. عزيزو! هي آهي موجوده شاعراني ذوق جو هڪ مثال.

مون کي معاف ڪندا، جو مان پنهنجي عزيز دوست جي راءِ سان شامل نه آهيان. منهنجي نظر ۾ سنڌي شعر عروج جي بدران تنزل جي واٽ وٺي رهيو آهي. ان مان سادگي ۽ سنجيدگي صفا نڪري وئي آهي، رڳو تڪ بندي ۽ نقاليءَ تي ٻڌل آهي. شاعراڻا خيال فطري نموني ۾ ادا نٿا ڪيا وڃن، پر انهن کي ڌاريو لباس پهرائي پنهنجي اصل کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. اسان جو شاعراڻو ذوق نسورو اردو شاعريءَ جي نقالي ۽ تقليد آهي. آيا اسين ايتريقدر عاجز ٿي ويا آهيون، جو پنهنجي اندر جا امنگ پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون! اها ٻولي، جا اسان جي بزرگن جي گود ۾ پلي ۽ وڌي وڻ ٿي ۽ اهڙا شگوفا ۽ گل ڪڍيائين، جو انهن جو واس اڃا به دٻيل دماغن کي ڍئي ڏيئي رهيو آهي. بيشڪ ٻوليءَ کي ترقي وٺائجي، ان ۾ نون نون خيالن جو اظهار ڪجي، نون نون سانچن ۾ شعر کي پلٽجي ۽ ان کي تونگر ۽ مالامال بنائجي. پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته ان جي صورت نسخ مسخ ڪري ڇڏجي، جو ان جا فرزند به کيس سڃاڻي نه سگهن!

هاڻي سوال آهي ته صحيح ادبي ذوق ۽ سليقو ڪيئن پيدا ڪجي؟ ان جي لاءِ ونگڙيون واٽون اختيار ڪرڻ ضروري ناهن. پڌرو پٽ شاهراه لڳي پيئي آهي، پر اسين خواه مخواه ورن ۾ وراڪا ڪري رهيا آهيون. سنئون رستو ته هي آهي ته  شعر جي ميدان ۾ اسين اڳين جي اڳواڻي قبول ڪريون ۽ نثر جي نيستان ۾ ڪن جيّد نثر نويسن جو تتبع ڪريون، جي اضافت جي جي آزار کان آزاد آهن شعر جو ميدان ته نهايت ڪشادو آهي اڳين اسان لاءِ اڳيئي رستو گهڙي صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌيءَ کي سنواري، سينگاري اهڙو مسّودو بنايو اٿن.  جو ان ۾ هرقسم جا پاڪيزا خيال ادا ڪري سگهبا. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته اسان مان گهڻا آهن جن شاه جو سڄو رسالو پڙهيو هوندو يا سچل سرمست جي ڪلام جو مطالع ڪيو هوندو؛ يا شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ميين عيسيٰ جي سنڌيءَ جو سواد ورتو هوندو؟ بهتر آهي ته اسان جا جوان، جن جي نازڪ طبع نثر ۽ نظم ڏي مائل آهي، سي پهريائين انهن ماڻڪن ڏانهن منهن ڪن ۽ انهن جي جلوي ۽ جوت منجهان ڪجهه اهاءُ وٺن. برٽن صاحب ڪهڙو نه خوب چيو آهي ته ”سنڌ جي پرڳڻي جو نظمي ادب، با طراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبع زاد، جهجهو، لفظن ۽ عبارتن ۾ گونا گون ۽ وقت سارو ۽ فطرتي آهي.“ افسوس جو انگريزي تعليم جي سرشتي هيٺ لکندڙ اديب زياده تصنّع کي لڳي ويا آهن، ۽ ٻين عالماڻين ٻولين جي تقليد ڪرڻ ۽ انهن مان خيال اڌارا وٺڻ لڳا آهن؛ انهيءَ ڪري شايد سنڌي نثر کي تقويت پهچي، باقي شعر کي سو اهڙي قسم جي اهل ضرور زيان رسائيندي.

صاحبو! منهنجو وس آهي پيغام پهچائڻ. ادب جون واڳون اوهان جي هٿن ۾ آهن. چاهي ان کي اَسفل سافلين ڏي گِهلي وڃو. سنڌي جا سمجهدار سپوت ضرور ڪنهن ڏينهن اوهان کان ان جو جائزو وٺندا.

 

مراد ما نصيحت بود گفتيم

حوالت باخدا کرديم و رفتيم.

__________


 

باران رحمت [6]

 

ڪيتري وقت کان وٺي عالم شهادت ۾ حشر ۽ واويلا پديدار هئي ۽ شور ۽ غل نمودار. انسان پنهنجي ربّ جي رحمت کان نا اميد نه ٿي استسقاء لاءِ استدعائون پئي ڪيون. جانور ۽ پکي به پنهنجي زبان حال سان قطره باران لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. سِپ سمنڊ جي وچ ۾ مينهن ڦڙي لاءِ تشنہ لب ٿي ابرِنيسان ڏي نگران هئي ته من سندس پيٽ ۾ ڪو موتي سرجي. سبزي ۽ ساوڪ، گل ۽ ڦل پنهنجو منهن پرده خمول ۾ لڪائي رهيا هئا. بلبل گل جي صحبت ۽ وصال لاءِ پريشان ۽ آزرده خاطر ٿي آه و فغان پئي ڪئي.

آخر اي پروردگار! تنهنجي ڪرمن جا ڀنڊار ڀرپور آهن. تنهنجا خزانا اکٽ ۽ اپار ۽ تنهنجيون مهربانيون بيحد ۽ بيشمار آهن. آخر تنهنجي رحمت جي موٽ ٿي ۽ دوباره نئين خلقت جي لوٽ ٿي، دود دل جي غمامن بدران اڄ مهر جامزن آبپاشي رهيا آهن. مرده دلين ۾ نئين سر ساه پيو آهي. ڪيترا اڃايل سيراب ٿي پنهنجي شڪر ڪاميءَ کان شڪر جا گيت ڳائڻ لڳا آهن. هاري ويچارا جن جا فصل پاڻيءَ لاءِ سڪندا هئا، سي اڄ سرها آهن. چوڌاري خوشي ۽ سرور آهي، چوطرف رحمت جو دريا موجزن آهي، ۽ چوڏس اميد جو ڪڪر قطره افشان آهي. شايد اي مولا! توکي پنهنجي بندن تي رحم آيو، جو انهن جي هنجن مينهن جي صورت ورتي.

اسان جي سنڌڙي به ٻن چئن سالن جي مدت مديد کان پوءِ سرهي ٿي آهي. چوڌاري وڄون وسڻ جا ويس ڪري آيون آهن. چوڌاري رعد جي رڙ آهي. تاڙي جي تنوار تي هارين هر سنڀاياآهن ۽ چوڌاري ”سائي ڪندو الله“ اها وائي سندن وات آهي. ڍور ڍڳا، پکي پکڻ سڀ خوشي مان نٿا ڍاپن. هر هنڌ عالم مظهر ۾ حياتيءَ جي بوءِ آهي.

اهڙي خوشي جي وقت ۾ جڏهن اڃا مينهن جي بوند قلب کي فرحت ڏيندڙ ۽ دماغ کي طراوت بخشيندڙ هئي، تڏهن خواب نوشين ڦِٽائي، عالم تصّور جي گلزار ۾ گهمڻ جي امنگ پيدا ٿي. اک پٽي ڇا ڏسان ته سبحان الله! سورج پنهنجي سونهري آکيري کان ٻاهر اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، ۽ مان هڪ بهشت آئين باغ ۾ ٽلندڙ آهيان، جنهن جو مثال عالم دنيا ۾ ڪو ڇڊو لڀندو. هڪ خيالي پتلو بنجي ان منظر جو مزو وٺڻ لڳس ۽ عبرت جي اک کولي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪرڻ لڳس. ان باغ جي سبزي من کي موهيندڙ هئي. چوڌاري پاڻي جون جدولون چاندي وانگي پئي جرڪيون، ميويدار وڻ ثمر جي بار کان سر تواضع مان جهڪائي رهيا هئا، ۽ انهن تي هر قسم جا پکي طرحين طرحين طنبور وڄائي رهيا هئا. هڪ مسرت جو ماڳ هئو، جتي ڏک ۽ رنج کي ڏهاڳ هئو. پکين جون مٺيون ٻوليون پاڻ ۾ ملي ”عشق ڪلي“ جو زمزمو اختيار ڪري رهيو هيون. هير جي گُهلڻ ڪري پنن جي ڦڙ ڦڙ دل کي بهار بهار ٿي ڪيو. هر شجر هر حجر مان اُن ذات پاڪ جو جلوو جمال ظاهر هئو. ڪوئل جي قهقهه، قهري جي ڪُوڪُو ۽ بلبل جي ڳٽڪار آفاق ۾ پڙلاءِ ٿي وڌا. مور ۽ ڊيل ان خوشيءَ ۾ مستان ٿي جهمريون پئي ڏنيون. ان وجد ۽ رقص جي وچ ۾ هن دورنگي دنيا جي ڪڙائي ياد نه آئي. ان کان پوءِ قلب جو ڪاڍو گلن ڏي ٿيو.سردار گلاب پنهنجو مُرڪندڙ چهرو غنچي جي قيد ۾ خار جي عذاب کان رخ ٻاهر ڪڍي جلوه نما هئو ۽ ان جي مٿان حزين بلبل پنهنجي دردن جو داستان اوري رهي هئي.

سچ آهي هيءَ خوشي مدام نه آهي. يار جو وصل پاينده نه آهي. مجازي دوست وانگي هو دلبر حقيقي به خفا جي جلبات ۾ مخفي آهي. بعضي پنهنجي عاشق صادق تي مهر جي نظر ڪري ان جي صدق ۽ لنؤ ڏسي پرده کان منهن ٿو پسائي. ان وقت اگرچه اپر حاصل ٿئي ٿي، مگر فراق جي يادگيري تي هيهات. ٿوري وقت کان پوءِ اهو ديدار بجلي جي چمڪاٽ وانگر گم ٿي ويندو، تنهن لاءِ نالان ۽ گريان آهي.

ٻين گلن تي به نظر پئي، جن جو هت بيان ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. مگر سنڌ جي هڪ وڏي شاعر رمضان ڪنڀر جا هيءُ الفاظ آهن، جي اوهان کي انهن گلن جو واس وٺائيندا:

 

گل استو، گل پستو، گل ڦلي ڦلڪارا

گل نرگس رهبيلو، گل گلشن گلزارا

گل زونر زنگي زردو، گل ڪيسو ڪچنالا

گل جاءِ گل جافران، ڪيا تُڪمي تماشا

گل چنبيل چهرو، گل روشن رنگينا

گل گونٽو گلاب گهرو، گل سنبل ۽ لالا

گل هزارو حڪمتي، گل نرمئون نامزدا

ٻيا ڀي گل ٻهون هئا افضل ۽ اعليٰ.

دوستو! دل ۾ جيڪي خيال ۽ احساس اتپن ٿين ٿا، سي وري ياد ڪرڻ ڏکيا آهن ۽ ان وقت جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ان جو اظهار ڪرڻ دشوار آهي. انسان کان به ان جي دل وڏي عظمت واري آهي. آخر اي يار! جيئن فراق ۽ خزان تيئن اُن ٻهڪندڙ نظاري تي هميشگي دائم نه آهي. ان مسرت ڀرئي ماڳ ۾ آخر حسرت جي اک کلي، ته اُهي عجائب اڏامي ويا ۽ پاڻ کي هڪ ويران برپٽ ۾ ڏٺم، جتي پڻ ڪرامت جي ڪڪر پنهنجي عطر افشاني ڪئي هئي. مگر اها زيبائي ۽ رعنائي ڪٿي، اها نزاڪت ۽ لطافت ڪجا؟ صالح زمين ۾ هر قطرو گل ۽ نبات جي صورت ٿو وٺي. مگر شوره زمين ۾ اهو ساڳيو ڦري ڪک ۽ ڪانڊيرا ٿيو پوي.

 

باران لطافت کہ در طبعش خلاف نيست

در باغ لالہ رويد و در شوره بوم خس.

تنهن ڪري اي سالڪ راه حقيقي! تون پنهنجي دل دنيا جي خس و خاشاڪ کان پاڪ رک ۽ پنهنجي دل جي زمين کي روحاني گلن جي پوکڻ لاءِ صالح ۽ قابل بناءِ ۽ پنهنجي دامن دنياوي خار جي نوڪ کان آلودي نه ڪر ته تو ۾ اهو روح رجاءِ ۽ محبوب حقيقيءَ جو تو ۾ آستانو ٿئي، جنهن جي رحمت هر هنڌ حاضرآهي. رڳو دل جي صفائي گهرجي. ”صفا ڪر صاف سيني کي اندر اسرار ڪافي آ“، نه ته ڪلراٺي زمين وانگر ڪرم ۾ ڪنڊا آهن:

 

تو کز سراي طبيب نمي شوي بيرون

کجا بکوي کرامت گذر تواني کرد.

______


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي،“ فبروري 1957ع تان ورتل.

[2]  هي احوال تصرف سان تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، الوحِيد سنڌ آزاد نمبر ۽ نواب حاجي محمد علي تاجپوريءَ جي چوپڙيءَ تان ورتو ويو آهي.

[3]  انهي مان پڌرو آهي ته شاه عنايت ۽ سندس ساٿين جو شاه عبدالملڪ وٽ وڃڻ سندس آخري عمر واري زماني ۾ ٿيو هوندو. جنهن صورت ۾ شاه عبدالملڪ جي وفات ۽ شاه عنايت جي شهادت ۾ 19 ورهين جو ويڇو آهي، تنهن صورت ۾ شڪ آهي ته ظاهري عالمن ۽ ٻين حاسدن ڪيئن شاه عنايت کي ايترو وقت جيئڻ ڏنوهوندو. مسئلو موڙهل ٿو ڏسجي، ”ع“.

[4]  ماهنامي ”نئين زندگي“، مارچ 1951ع تان ورتل.

[5]13، سنڌي ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد جي موقعي تي صدارتي خطبو. جيڪو ماهنامي ”نئين زندگي،“ مارچ 1953ع ۾ شايع ٿيو.

[6]  ماهنامي ”نئين زندگي.“ جون 1953ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org