پيش لفظ
”شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ جي
گڏجاڻي، مورخه 5 مئي 1977ع ۾ تجويز بحال ڪئي وئي
ته حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح ۽
شاعرانه پس منظر کي نروار ڪرڻ لاءِ اهي سمورا
تحقيقي ڪتاب دوباره شايع ڪيا وڃن، جيڪي ڪافي اڳي
ڇپيا هئا ليڪن هن وقت ناپيد ٿي چڪا آهن. انهيءَ
تجويز جي تڪميل ۾ هن کان اڳ علامہ دائودپوٽي جو
1937ع ۾ ايڊٽ ڪيل، ۽ (1958ع ۾) نظر ثاني ڪيل ڪتاب
”ميين شاه ڪريم جو ڪلام“ ٻيهر شايع ڪيو ويو.
هي ڪتاب علامہ دائودپوٽي جي اُنهن مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي اڳ
ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل آهن. جيئن ته انهن
مضمونن جو وڏو حصو حضرت شاه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام،
فڪر ۽ فلسفي متعلق آهي، تنهن ڪري اهي پڻ يڪجا ڪري
ڪتابي صورت ۾ ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن کان اڳ ڪاميٽيءَ جي اڳين منظور ٿيل ”جامع تحقيقي رٿا“ هيٺ
اوڻيهه (19) ڪتاب شايع ٿيا آهن، ۽ نئين رٿا هيٺ
جيڪي ڪتاب ڇپائڻا آهن، تن ۾ هيءُ ٻيو ڪتاب آهي.
اهڙيءَ ريت ڪاميٽيءَ جي اشاعتي سلسلي جو مجموعيءَ
طور هيءُ ايڪيهون (21) ڪتاب آهي.
آءٌ خانم خديجہ دائودپوٽي صاحبه جو ممنون آهيان، جنهن مهرباني
ڪري، علامہ صاحب جا مضمون ترتيب ڏيئي، ڀٽ شاه
ثقافتي مرڪز کي اشاعت لاءِ ڏنا. ازانسواءِ ممتاز
مرزا ۽ شيخ محمد اسماعيل جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن
ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ تعاون ڪيو.
1- ڊسمبر 1978ع |
عبدالحميد آخوند
سيڪريٽري
شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز. |
مهاڳ
مرحوم شمس العماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي شخصيت،اسان
سنڌ واسين لاءِ، وڏي تحقيق ۽ جاکوڙ کان پوءِ،
پنهنجي زبان جي علم و ادب ۾ قابل قدر اضافو ڪيو.
ليڪن ڊاڪٽر مرحوم جي ادبي خدمتن تي نظر ڦيرائڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته سندن قلمي جنبش ۽ تحقيق جي خاص
چنتا هيءَ رهي آهي ته ڪنهن طرح سنڌي زبان جي گذريل
زماني جون وَٿون ورائي هٿ ڪجن؛ جن ادبي شہ پارن تي
لٽ چڙهي ويو هو، تن کي صاف ڪري، اُگهي پُگهي،
پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ آندو وڃي ۽ اهڙي طرح پنهنجي
ماضيءَ جي خزاني کي کولي عوام آڏو آڻجي ته جيئن
علم و ادب جي ميدان ۾ ڪڙيون ملائي هڪ قسم جو تسلسل
قائم ڪجي.
ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر صاحب شروع کان انفرادي توڙي
اجتماعي طرح ڪوششون جاري رکيون. اجتماعي ڪوششن ۾
اهڙيون ڪاوشون شامل آهن جن جي نتيجي ۾، سنڌي ادبي
صلاحڪار بورڊ (جو بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي شڪل ۾
ظاهر ٿيو)، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي
سوسائٽي جهڙا عظيم ادارا قائم ٿيا ۽ وڏا ڪم هٿ ۾
کنيا ويا. ليڪن مرحوم علامہ دائودپوٽي جن طبيعتاً
انفرادي ۽ خاموش ڪم کي ترجيع ڏيندا هئا. انهيءَ
ڪري پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي، جيڪي ڪم بسم الله ڪري
کنيائون، تن نه رڳو ڏينهن جي روشني ڏٺي بلڪ سنڌي
ادب کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. پوءِ ان سلسلي ۾، ابيات
سنڌي هجن، منهاج العاشمين هجي يا ڪلام گرهوڙي،
سڀني ۾ تحقيق جو پهلو نمايان آهي ۽ ڪر کنيو پيو
ٻڌائي ته انصاف جي تقاضا پوري ڪئي وئي آهي.
هيءُ ڪتاب اهڙن مفيد مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي ڊاڪٽر مرحوم جي
قلم مان مختلف وقتن تي نڪتا. انهن مضمونن جي
خصوصيت هيءَ آهي ته اهي مجموعي طرح ۽ ساڳئي وقت
پڙهڻ سان، اسان جي ماضيءَ ۾ علم و ادب تي هڪ اهڙو
تسلسل وارو تاريخي خاڪو پيش ڪن ٿا، جو ان کان وڌيڪ
اختصار ليڪن جامعيت سان شايد ڪو مواد ملي. ”ٿورا
ڪڻا به ٿالهيءَ ۾“ واري مصداق جون سڪون لاهين ٿا.
جيتوڻيڪ زياده تر هڪ ڊگهي عرصي جي شعر و شاعريءَ تي روشني پوي
ٿي پر ان سان گڏوگڏ ان ادب سان واسطيدار شخصيتن
تان به پردو کڄي ٿو ۽ ان دور جا شاعر پوري شان
شوڪت سان اسان جي اکين اڳيان اڀرن ٿا (شعر و شاعري
تائين محدود رهڻ ان سبب ڪري ٿي پيو آهي جو ماضيءَ
مان نثري ادب نه هئڻ جي برابر دستياب ٿئي ٿو.)
ازانسواءِ سنڌي شعر و شاعري جي عام طرح اختيار ڪيل
عنوان تي به ڊاڪٽر مرحوم ضروري روشني وڌي آهي. ان
کان پوءِ هن ڪتاب ۾ چند علمي مضامين به آهن ۽ آخر
۾ چڱو خاصو حصو سنڌ جي بزرگ صوفي شاعر شاه
عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ زندگيءَ کي وقف ڪيو
ويو آهي. قديم سنڌي نثر جا به قابل قدر مثال ڏنا
ويا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هي ڪتاب، علم و ادب جي ماضي
وارن وساريل ورقن جي باب ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.
تاريخي طرح ڏٺو وڃي ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل تحقيقي مضامين 1375ع
کان وٺي 1942 تائين واري وڏي عرصي تي محيط آهن.
هونئن ته سنڌيءَ ۾ موزون ڪلام جي ابتدا سيد
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن سان ٿئي ٿي، ليڪن
هڪ روايت مطابق، ان جي شروعات اڃا به آڳاٽي آهي.
ان جي ثبوت ۾ هڪ درويش جو اهو بيت ڪيو وڃي ٿو جيڪو
هن ڄام تماچيءَ جي والده جي دکدائڪ حالت کان متاثر
ٿيندي، جولان ۾ اچي چيو هو. ان جي تاريخ 1375ع
آهي؛ ۽ انتها وري مرحوم فتح محمد سيوهاڻي جي ذڪر
تي ٿئي ٿي، جنهن جي وفات 1942ع ۾ ڊسمبر مهيني ۾ ٿي
هئي. ڏٺو وڃي ته اهو هڪ وڏو عرصو آهي جنهن ۾ سنڌ
جي شعر ۽ نثر جون پايو وجهندڙ شخصيتون اچي وڃن
ٿيون، جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ترقي يافته حيثيت
ٻڌائي ٿي ته اسان جي علم ۽ ادب جو چرچو تمام گهڻو
آڳاٽو آهي ۽ اوچتي آيل دورن جي زيادتي ۽ پنهنجن جي
غفلت سبب اهو سنڌي ادب اسان کان هميشہ لاءِ وڇڙي
ويو؛ هنن عالمن جا خيال۽ تخليقون اسان جي ادبي
خزاني جا سرچشما آهن. انهن انمول ۽ انيڪ ادبي
خوبين ۽ خصوصيتن کي ايتري اختصار واري ادب ۾
سمائڻ، سنڀالڻ ۽ پيش ڪرڻ، ڊاڪٽر مرحوم دائودپوٽي
جي قلمي قوت جي مرهون محنت آهي.
1، نومبر 1978
خانم دائود پوٽو |