شاه لطيف رحه ۽
رومي[1]
اهڙي عنوان تي مضمون لکڻ، گويا اهڙن ٻن شاعرن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻي
آهي، جن جي زماني ۽ ماحول جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو
تفاوت آهي، گويا اِبسن جي شيڪسپيئر سان، يا مارلو
جي گئيٽي سان مشابهت ڪرڻي آهي.
چه نسبت خاک را با عالم پاک.
دهقاني سنڌ جي شاعر شاهاڻي شاه جو مقابلو جلال الدين روميءَ سان
ڪرڻ ئي عبث آهي. رومي اهو شاعر يڪتا ۽ بي مثال
آهي، جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هو ٻين
شاعرن تي عقاب وانگر اڏامي ٿو.
آنجهاني محترم استاد ڊاڪٽر نڪلسن، جنهن جهڙو روميءَ جو ڳوڙهو
اڀياس اڄ تائين ڪنهن به نه ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح
شاه لطيف جو اونهو مطالعو اڃا ڪنهن به سنڌي نه ڪيو
آهي. سو روميءَ کي دنيا جي سڀني صوفي شاعرن ۾ وڏو
ليکي ٿو ۽ کانئس اڳ ”هرمن ايٿي روئيءَ“ کي سڀني
قرونن جي ”وحدت الوجودي“ شاعرن ۾ بزرگ شمار ڪيو
آهي. اِها ڪا اجائي لاف گزاف ناهي، بلڪ حقيقت آهي.
تنهن ڪري شاه کي روميءَ سان ڀيٽڻ جنهن جي محيط ۽
بلنديءَ کي رواجي شاعر هرگز پهچي نه سگهندا، وڏو
ظلم ۽ حيف آهي. شاه بيشڪ پنهنجي دائره ۽ نوع ۾
لاثاني آهي، ۽ سنڌي شعر جي صاف چشمي مان تِڪون
ڏنيو اٿس، ۽ سندس ڪلام خارجي اثرات کان پاڪ آهي،
پر مون کي کل وٺندي آهي، جڏهن ڪي اديب، جهڙوڪ
ڊاڪٽر ٽرمپ، مرحوم شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ،
آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سارلي، چوندا آهن
ته شاه تي روميءَ، حافظ ۽ جاميءَ جو گهڻو ۽ گهاٽو
اثر آهي. اِها دعويٰ سراسر غلط آهي. شاه جيڪڏهن
ڪنهن جي پيروي ڪئي آهي، ته سنڌ جي قديم بزرگن
جهڙوڪ قاضي قاضن، شاه ڪريم، لطف الله قادريءَ، شاه
عنايت رضويءَ ۽ ميين عيسي جي ڪئي آهي. سندس شعر جو
قالب توڙي مضمون فارسي شاعرن جي ڪلام کان بالڪل
نرالو آهي.
جيڪڏهن هِتي هُتي شاه جي خيال ۾ روميءَ يا ٻين فارسي شاعرن جون
جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته انهيءَ جي اها معنيٰ نه
آهي ته ڪو هن ڄاڻي واڻي پنهنجا خيال انهن کان
اڌارا ورتا آهن. مثلاً عام طور چوندا آهن ته مثنوي
جو پهريون بيت:
بشنو از ني چون حکايت ميکند
از جدائيها شکايت ميکند.
تنهن کي شاه هن طرح ادا ڪيو آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پن پنهنجا ساريا، هوءُ هنجون هڏن لاءِ هاري.
پهريائين ته هي بيت فارسي بيت جو ترجمو ناهي؛ ٻيو ته هن بيت جو
قرينو سسئيءَ سان آهي، ۽ نڙ سان ڪوبه واسطو نه
اٿس؛ ٽيون ته سنڌي بيت جي قرات خود مشڪوڪ آهي، ۽
جدا جدا نسخن ۾ مختلف ڏنل آهي، ۽ چوٿون ته هن بيت
جي ماقبل يا مابعد مان اِها خبر نٿي پوي ته اهو
بيت ڪو شاه جو آهي. يا مثلاً شاه جو هي بيت:
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جوجي لهين
هئا اڳهم گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
انهيءَ بابت چيو ويندو آهي ته روميءَ جي هيٺئين بيت جو ترجمو
آهي:
آن ندا کش اصل بر بانگ و نواست
خود ندا آنست و اين باقي صد است
اگرچه معنيٰ لڳ ڀڳ ساڳي آهي، پر طرز ادا بالڪل نياري آهي. تنهن
ڪري ائين ڪين چئبو ته شاه انهيءَ فارسي جي بيت جو
هوبهو ترجمو ڪيو آهي.
يمن ڪلياڻ جي پنجين فصل ۾ روميءَ جو نالو 6 دفعا ورتو اٿس، پر
جيڪي بيت انهيءَ تي ٻڌل آهن، تن جي اڃا درست پڙهڻي
به معلوم نه ٿي آهي، نڪي ڪي وري ساريءَ مثنويءَ
مان ڪو انهن جو پرو پوي ٿو، نڪي ڪي رومي ۽ چيني
نقاشن جي ڳالهه ڏي ڪو منجهن اشارو آهي. نه وري
”ايڪ قصر، در لک“ جي تمثيل مثنوي ۾ آهي.
قصو هيئن آهي ته ساري دنيا جي صوفين جي هڪ زبان آهي. دنيا هنن
لاءِ غير موجود آهي، ۽ اڻ موجود ۽ غير حقيقي ڏي
هُو لونڻو به نٿا ڦيرين. پرڪار وانگر هو هڪڙيئي
مرڪز تي پيا ڦرن ۽ سندن اعمال توڙي افڪار انهيءَ
نقطي تي ٻڌل آهن. اهي ڪڏهن به پنهنجي ٽٻڪي کان پري
نٿا وڃن. ستارن وانگي هڪ خاص فلڪ ۾ چڪر ڏيئي رهيا
آهن. تنهن ڪري سڀيئي صوفيانه خيال ۽ ڪتابتون
هڪڙيئي رنگ ڍنگ جا آهن ۽ هڪڙيئي روحاني تجربي جو
دفتر آهن. اهوئي سبب آهي جو ساري جهان جي صوفين جا
خيال ۽ عبارتون ساڳيون آهن.
روميءَ وانگر شاه جي ڪلام کي به ڪا خاص ترتيب ۽ تنظيم ڪانهي.
سندس خيال موتين وانگر کنڊڙيا پيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي
ڪچ ڪوڏين سان به رليل مليل آهن. نڪي ڪي وري سندس
صوفي خيالن جي اظهار لاءِ ڪي خاص اصطلاح معين آهن،
جي اندلس جي مشهور صوفي ۽ ”وحدت الوجود“ جي پايي
وجهندڙ ”ابن العربي“ پهريائين پهريائين گهڙيا، ۽
جنهن جو اثر سڀني صوفي شاعرن ۽ لکندڙن تي نمايان
آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته شاه جو سارو
ڪلام اسان جي هٿن تائين نه آيو آهي جو اسين انهيءَ
باري ۾ پنهنجي راءِ بدلايون. اصلوڪي رسالي جو نسخو
شاه پنهنجي هٿن سان ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو ۽
موجوده رسالو سندس مريدن جي دماغ ۽ حافظي جو نتيجو
آهي، جنهن ۾ ڪيترائي کرا ۽ کوٽا بيت اچي ويا آهن.
شمس تبريز وانگي نڪا شاه ڪاني ڪرامت هلائي ۽ نڪي
سندن مريدن، جو سربستو سلامت پاڻي مان ٻاهر نڪري
اچي. سندس ڪلام جي پختگيءَ ۽ تنوع ۽ مالا ماليءَ
بنسبت هيئن چئي سگهجي ٿو ته شاه کان گهڻو زمانو
اڳي سنڌڙي سچن صوفين ۽ بزرگن جو آکاڙو هئي، جنهن
ڪري سندس شعر متقدم صوفين ۽ شاعرن جي خيالن ۽
معنائن سان معمور آهي. سندس ڪلام جي لساني ۽
سلاست، نغعي ۽ سُر لاءِ هي سبب ڪافي آهي ته شاه
خود هڪ باڪمال راڳيندڙ هو، جنهن ڪري سندس حاذق هٿن
۾ اڳين شاعرن جي کهري ۽ ڦِڪِي ٻاڻي، سلوڻي ۽ سُرَ
واري ٿي پئي. جيئن ڊاڪٽر سورلي چيو آهي ته ”شاه
پهريون ئي شخص هو جنهن سنڌي زبان جو تخيلي استعمال
ڪيو“. هن پنهنجي ٻاجهاريءَ ۽ شيرين زبان ۾ اهيئي
خيال ادا ڪيا، جي سندس وقت ۾ مروج هئا.
شاه جي عبقريت بذاتہ تغزل ڏي مائل آهي، ۽ سندس عشقي شعر ۾ ئي
صوفيانه خيال سمايل آهن. سڀني ڳالهين جو مرڪزي
موضوع آهي ”عاشق جو معشوق کان جدا ٿيڻ، عاشق جي
معشوق لاءِ تلاش ۽ سندن آخري ميلاپ، جو اڪثر
جسماني موت بعد حاصل ٿئي ٿو. اها جستجو اڻ ٿڪ،
دائم ۽ بي انتها آهي. اها سرگرداني عاشق کي مرگهه
ترشنا جي جل وانگر هرکائي، کيس لڳاتار ڳولا لاءِ
همتائي ٿي، تان جو انهيءَ طلب ۾ مرندي، وڏي وڇوڙي
بعد پنهنجي يار سان وصال پائي ٿو. جيئن تلاش زياده
تيئن طلب ۽ سڪ زياده؛ عشق جي واٽ ۾ فوري وصال سالڪ
کي خام ۽ ڪچو بنائي ٿو. شاه انهيءَ پي در پي
تانگهه ۽ طلب ڏانهن ڪيترين ئي جاين تي اشارو ڪيو
آهي:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال م ملان هوت
من اندر جا لوت، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
فوري وصال جي ڪري اندر جي لوڇ وساميو وڃي ۽ سالڪ جي اصلي مقصد
کان رهجيو وڃي. اهو عاشق لاءِ صنم آهي، جو دل کي
دوست جي ديدار کان رهائي ٿو:
صنم سوئي ڀانءِ، جو دل رهائي دوست کان.
تنهن ڪري جيڪڏهن مرڻ کان پوءِ قيامت جي ڏينهن به جيڪڏهن دوستن
سان ميڙائو ٿئي، ته وڏي غنيمت آهي:
جي قيام مڙن، واڌايون وصال سپرين
تنهان پوءِ سڄن، ته ڪر اوڏا جون.
اها ابدي زندگي ڪيئن پلئه پوي؟ مرڻ کان اڳ مرڻ سان. ”موتوا قبل
ان تموتوا“. شاه فرمائي ٿو:
مَري جيءُ ته ماڻيين، جانب جو جمال
ٿئين هوند حلال، جي پند اهائي پاڙيين.
۽ وري:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري نه ٿيا مات
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.
شاه اول ۽ آخر هڪ موحد مسلمان آهي، ۽ شاه جو تصّوف سراسر اسلامي
تصّوف آهي. هو خدا جي وحدانيت طرح طرح سان ڳائي
ٿو:
وحده لا شريڪ لہ، اي هيڪڙائي حق
ٻيائيءَ کي بک، جن وڌو سي ورسئا.
اها وحدت وري ڪثرت ڪري ظهور ۾ اچي ٿي، پر ڪنهن به طرح خدا جي
احديت کي جوکو نٿي رسائي. جيئن سمونڊ جي سطح تي
سهسين لهرون هونديون آهن، اگرچه هيٺان پاڻي سيتل ۽
صاف رهندو آهي:
لهرين لک لباس، پاڻيءَ وهڻ هيڪڙو.
سڀ شيون، ماڻهو، مرون، پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ، سڀيئي هڪ آواز سان
پڪاري رهيا آهن ته: هو هڪڙو آهي ۽ خود پاڻ ”هو“
آهن ۽ ”هن“ ۾ پنهنجو وجود وڃائي، منصور وانگي
سوريءَ جا سزاوار آهن:
جر تر تک تنوار، وحدت وائي هيڪڙي
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار
هنهين منصور هزار، ڪُهي ڪهندين ڪيترا.
انهيءَ وحدت الوجوديءَ جي واڪ بعد شاه صاحب الله جي پياري رسول
جي ثنا ۾ سر جهڪائي ٿو، جنهن الله جي وحدانيت کي
قائم ڪيو، هو عجب ۾ آهي ته اهڙي ڪارڻيءَ کان بندو
ڇو ٿو ڪترائي، ۽ اهڙي عجيب هستيءَ کي ڇڏي، ٻين
فاني وجودن ڏانهن ڀٽڪي؟
وحده لا شريڪ لہ، جان ٿو چئين اينءَ
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن
سون تون وڃيو ڪيئن، نايين ڪنڌ ٻين کي؟
ان کان پوءِ هو حقيقت محمدي ڏانهن اشارو ڪري ٿو؛ جنهن جي وڌيڪ
اپٽار خواجہ محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ
ڪئي آهي:
عاشق چؤ م ان کي، مَ ڪين چؤ معشوق
خالق چؤ م خام تون، نه ڪين چؤ مخلوق
سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو.
خواجہ صاحب انهيءَ حقيقت کي هن ريت واضع فرمايو آهي:
عجب جهڙي ڳالهه آه، حقيقت حبيب جي
نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا
شفق جيءَ ساڃاءِ، جامع ليل نهار کي.
رسول الله صلعم انساني ڪمال جي بلند ترين افق تي هو. اهو سنڌو
جو الوهيت کي انسانيت کان جدا ڪري ٿو، شفق وانگر،
جا نڪي ڏينهن آهي نڪي رات. انسان جي روحانيءَ
ترقيءَ جي حد ۽ حساب ناهي. اها لا متناهي ۽ لاحد
آهي، بشرطيڪ هو پنهنجي وجود کي حقيقي وجود ۾
وڃائي:
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
_______
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت ۾ سيئي
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
اهڙا ۽ ٻيا انيڪ خيال، دنيا جي سڀني صوفين آد کان ڳايا آهن. شاه
انهن کي پنهنجو رنگ روپ ڏيئي سنڌي ويس ڍڪايو آهي.
اهڙن خيالن جي وستار ڪرڻ لاءِ دفتر گهرجن.
__________
|