سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :14

شاه جي عظمت جا اسباب[1]

 هيءَ ڳالهه ته عام مڃيل آهي ته شاه لطيف دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪڙو آهي. سنڌ جي شاعرن ۾ ته سندس درجو سڀني کان مٿانهون آهي، خصوصاً بيت گوئي جي باب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کانئس اڳ توڙي پوءِ ڪيترائي نام ڪٺيا شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ فن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. پر انهن جو ڪلام گويا بيجان بوتو آهي، جنهن مان ڪنهن به قسم جو روحاني رس ڪونه ٿو اچي، اِلا ماشاءالله. خدا ئي ڏنل ڏات سان ڪنهن جي ريس ڪانهي. ڪوبه لئيءَ مان لٺ ڀڃي شاعر ٿي نٿو سگهي.  

ٻه ٽي سال ٿيا جو مون کي سنڌ جي سڄڻ ۽ شاه جي شائق ڊاڪٽر سارلي پنهنجو دنيا جي ڇهن قديم ۽ جديد ٻولين (جهڙوڪ، يوناني، لاطيني، فرانسوي، عربي، سنڌي ۽ اردو) مان 13 چيده شاعرن جي غنائي شعر جو انتخاب، پنهنجي انگريزيءءَ ۾ شاعراڻي ترجمي ساڻ هديه طور موڪليو هو.افسوس جو انگريزي، الماني، اسپاني، لاطيني وغيره موجوده زبانن مان ڪي به ٽڪرا نموني طور ڪونه ڏنا اٿس. سنديس راءِ موجب غنائي وجداني شعر جي ميدان ۾ شاه سڀني کان سرسو آهي، ۽ انهن تيرهن شاعرن مان ڪوبه ساڻس برميچي نٿو سگهي. خود پاڪستان جي مشهور شاعر اقبال تي به شاه کي ترجيع ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته اقبال سواءِ ڪن جزوي نظمن جي پنهنجي ساري ڪلام ۾ فارسي شاعريءَ جي تقليد ڪئي آهي، جو لفظ موجوده وقت جو اردودان طبقو به اڻ پوري طرح سمجهي سگهندو. ان جي برعڪس شاه جو ڪلام سراسري فطري، سادو، سلوڻو ۽ شيرين آهي، جنهن کي عام خاص ماڻهو پوريءَ طرح پروڙي ۽ ڳائي وڄائي ان مان پورو حظ وٺي سگهن ٿا ۽ ڪنهن به خاص طبقي تائين محدود ناهي.

سارلي صاحب شايد وطن پرستيءَ جي موه کي لڪائڻ خاطر انگريزي غنائي شعر ڏي اشاري ڪرڻ کان احترام ڪيو آهي، نه ته هوند چئي ڏئي ها ته شاه جو غنائي شعر نه فقط مذڪور شاعرن جي شعر کان اعليٰ ۽ اتم آهي، پر خود شيڪسپيئر، شيلي، ورڊس ورٿ، ڪيٽس وغيره کانئس گهڻو هيٺ آهي. سوال آهي ته آيا شاه جو شعر مٿين انگريزي شاعرن جي شعر کان افضل ۽ احسن آهي، يا اها دعويٰ ڪرڻ ئي مورڳو حقيقت جي ابتڙ ۽ مبالغي آميز آهي؟ منهنجي ناقص خيال موجب ته تنوع ۽ تفنّن جي لحاظ کان اِهي انگريزي شاعر کڻي شاه کان ڪي رتيون ڪثر هجن، پر روحاني نقطهءِ نظر کان شاه جو ڪلام گهڻو بلند ۽ بالا آهي. ازانسواءِ شاه جو وطني شعر، جو هن مارئي جي وجود ۾ مجسم ڪيو آهي، تنهن جو مثال ساري دنيا جي شاعرن ۾ ڪو مشڪل ملندو. اهوئي هڪڙو گڻ آهي، جنهن کين ٻين شاعرن تي فوقيت بخشي آهي.

ڪنهن به شاعر جي بزرگي يا ڪوچڪي ان جي ماحول تي منحصر آهي. ملڪ جي مادي ۽ روحاني فضا، آب وهوا وغيره سنديس ذهنيت ۽ ڪيفيت تي اثر وجهن ٿا، تنهن ڪري ائين ڪين چئي سگهبو ته فلاڻو شاعر فلاڻي شاعر کان ڀلو ۽ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته بزرگي يا وڏائي هڪ اضافي يا اعتباري امر آهي. مثلاً هيئن چوڻ ته ابسن، شيڪسپيئر کان اڳرو آهي؛ يا شاه روميءَ کان، بلڪل حيف ۽ ظلم آهي، سڀڪو پنهنجي پر ۾ ماحول جي موافق وڏو يا ننڍو آهي، ۽ مقابلو ۽ مشابهت هرحالت ۾ مڪروه ۽ نامنظور آهي. هان! ڪي ٿورڙا شاعر برابر پنهنجي ماحول ۽ بسيط کان ٻاهر ٽپي، اهڙيون همہ گير ۽ سروڀومي حقيقتون سهڻي ۽ سندر پيرايہ ۾ اظهار ڪن ٿا، جي هر زمان ۽ هر مڪان سان عام لاڳو آهن. اهڙائي شاعر سدا جئرا ۽ جڳ جا رهبر آهن، جن ۾ ذات پات جو ڪو سنڌو سيڙهو ناهي، ۽ جي سڀڪنهن کي يڪسان پنهنجو فيض  پهچائين ٿا:

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سولهي.

اهڙا شاعر آهن شاه ۽ رومي. جن جي عظمت کان سارو عالم آهستي آهستي واقف ٿيندو وڃي.

سنڌ جي صحرا ۾ جو هي سرسبز گل پيدا ٿيو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڀ ولايت واسي ڇڏي آهي، تنهن جي بزرگيءَ جا اسباب ڪهڙا هئا يا آهن؟ ڇا هن جي واقعي نگاري؟ ڇا هن جي اسلوب بياني؟ ڇا هن جي اخلاق پردازي؟ ڇا هن جي منظر مصوري؟ ڇا هن جي لساني نزاڪت ۽ خوبي؟ ڇا هن جي انساني عظمت ۽ انڪساري؟ ڇا هن جي روحاني لطافت ۽ خود انڪاري؟ اهي سڀ وصفون منجهس ڪوٽ ڪوٽ ڀريل هيون. بلڪ هو ڪِن اهڙين غير مفهوم صفتن سان به سينگاريل هو، جن جي بيان کان زبان ۽ قلم قاصر آهن. اسين فقط ڪن جزوي لساني خوبين تي اجمالي نظر وجهون ٿا، جي سنديس شاعراڻيءَ بزرگيءَ تي دلالت ڪن ٿيون.

عام طرح شاه جي ڪلام کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) غنائي (2) بياني (3) قصصي ۽ (4) روحاني. روحاني يا صوفيائي رمزون ته سڄي ڪلام جي رڳ ۽ ريشه ۾ سمايل آهن. هرهڪ بيت ۾ ڪو نه ڪو اونهو اسرار رکيل آهي، جنهن کي ڪي رند پروڙي سگهندا. تصّوف شاه جي ڪلام ۾ ائين آهي، جيئن ”سرندڙي ۾ وچون سڳو“. هِتان هُتان تصّوف جو درياه پلٽيو پاريون پيو ڪري. غناء يا راڳ يا نغمو سندس ساري ڪلام جي جند ۽ جان آهي. هر ڪنهن قسم جو سُر خوب آلاپي سگهجي ٿو. دهلن، ڌمرن ۽ شرناين جي ضرورت ناهي ۽ اهڙو ته من موهيندڙ، مٺو ۽ رقت انگيز آهي، جو دل ڏاريو ڇڏي ۽ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي اکين مان بي اختيار رحمت جا لڙڪ لڙيو پون. ڪهڙي به ڪٺور سنڌيءَ اڳيان شاه جو بيت چئبو ته سندس جگر پاڻي ٿي پوندو. اهڙو اثر ۽ جذبو دنيا جي ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ ورلي لڀندو.

سنديس بياني طرز به عجيب ۽ نياري آهي ۽ ڪوبه سنڌي شاعر انهيءَ ڏس ۾ ساڻس همسري ڪري نه سگهندو. قصصي يا تمثيلي شعر رسالي ۾ تمام ٿورو آهي. سنڌ جا پنج مشهور قصا (1) سهڻي ۽ ميهار (2) سسئي ۽ پنهون (3) مومل ۽ راڻو (4) ليلان ۽ چنيسر ۽ (5) مارئي ۽ عمر حقيقت ۾ هڪ ڪاٺڳڙه وانگر آهن، جنهن تي شاه پنهنجي روحاني ڪلام جي ماڙي اڏي آهي. ڪهاڻيءَ سان سندس سروڪار ڪونهي ۽ هڪ مرڪزي خيال هٿ ڪري ويٺو منجهانئس روحاني راز پلٽي. سهڻيءَ جي ساهڙ لاءِ بي پناه سڪ، سسئي جي غفلت ۽ ننڊ، مومل جو سومل کي مڙساڻو لباس پهرائي پاڻ سان سمهاري راڻو رسائڻ، ليلان جو هار تي هرکي چنيسر کي هٿان وڃائڻ ۽ مارئيءَ جي وطن لاءِ اجهل اُڪيرَ؛ اهي سڀ هن کي ڪٿان جو ڪٿان وٺي وڃي روحاني عالم ۾ ٿا ڪڍن، ۽ پڙهندڙ به ساڻس پيو ملڪوت جو سير ڪري.

عام طرح جو سمجهيو ويندو آهي ته اهي قصا تمثيلي يا ناٽڪي آهن ۽ انهيءَ شعر جي صنف ۾ شاه پڻ شيڪسپيئر ٿيو پوي، سو منهنجي نظر ۾ سراسر صحيح ناهي. البت شاه هڪ مرڪزي نقطي تي حاوي ٿي، جنهن تي سڄيءَ ڳالهه جو مدار آهي، ان کي اهڙي تمثيلي نموني ۾ پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو خيال جزوي تفصيلات کي ڇڏيو وڃيو انهيءَ نقطي تي کُپي، جا انهيءَ فن جي اعليٰ اٽڪل آهي، ۽ جا فقط شاه ۽ شيڪسپيئر جهڙن قليل ڪَوِيسرن کي ئي حاصل ٿي آهي. اهڙي طرح شاه رزمي شعر به ڪو ڇڊو چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيڏاري جي سر جي ڏانهس نسبت نهايت شڪ گاڏئين آهي.

شاه کان اڳ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا خيال شعر جي رستي ادا ڪيا آهن. قاضي قاضن، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، سيد عبدالڪريم بلڙائي، لطف الله قادري ۽ ميين عيسيٰ جا نالا ڪنهن کان ڳجها هوندا؟ انهن سڀني صاحبن سنڌي شعر جي چمن جي آبياري ڪئي آهي ۽ سنڌي زبان جي کهرن۽ کڙٻڙي لفظن کي گهڙي صاف ڪري سرود وارو بنايو آهي. اها سندر ۽ ٻاجهاري ٻولي شاه جي ورثي ۾ آئي، جنهن پنهنجي قلب جي ڪوٺاري ۾ کيس پگهاري اهڙو ته ملائم ۽ جلادار بنايو، جو هن ۾ اهي استعداد ۽ ممڪنات پيدا ٿي پيا، جو هوءَ هر خيال کي هر رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿي. سنسڪرت، عربيءَ ۽ فارسي جي آميزش ڪري منجهس ايتري قدر ته وسعت ۽ مروت آهي، جو اسين دقيق ۾ دقيق خيالن جو ان ۾ تعبير ڪري سگهون ٿا. شاه انهيءَ سهڻي سماجوڳ مان جڙيل لفظن جي مجموعي کي پنهنجي لاثاني عبارت ۾ هميشگيءَ جي بود ۽ هستي پيدا ڪئي آهي، ۽ منهنجو عقيدو آهي ته جيسين شاه جو ڪلام جيئرو آهي تيسين سنڌي زبان کي وسوئي ڪونهي. ڪاش، سنڌ جي پٽن ۾ اها غيرت ۽ جذبو جاڳي، جو هو پنهنجي مادري زبان جي ساه سان سنڀال ڪن ۽ کين مدخواهن جي نرغي کان بچائين!

شاه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جي وسيلي، سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪارن جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلاست ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي، جو پڙهيل سواءِ دقت جي کين پڙهي ۽ پرجهي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۽ جهڄندي، ڌڻار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي؛ غريب ۽ شاهوڪار اعليٰ ۽ ادانيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگارين ٿا. دل وهمن سان ويڙهيل هجي، هم ۽ غم هنئين کي وڪوڙي ويا هجن، مصيبت جا مينهن وسندا هجن، ڏک ۽ بک ڪري ڏيل ڏهيون ٿيندو هجي، جدائي ۽ فراق ڪري جهڄندڙ ۽ جدا ٿيندڙ هجي، شاه جو هڪ ٻه بيت ڳائبا ته دم پل ۾ سڀ اولاد لهي ويندا. سيني کي اها راحت رسندي ۽ دل کي اهو آٿت ۽ آرام ايندو، جو هزار حڪمتن سان به حاصل نه ٿئي.

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ

سڳر سونهائينِ، پريان سندي پار جو.

--------


 

شاه جو صوفيانو شعر[2]

 

شاه لطيف جو سارو شعر صوفيانه روحاني خيالن سان ڀرپور آهي. ان تي تفصيل سان بحث ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ۽ اڀياس گهرجي. هت فقط ڪن ٿورن نڪتن جو بيان ٿو ڪجي. شاه هڪ سچو صوفي هو. هي جو گربخشاڻي ۽ ٻين پڌرو ڪيو آهي ته شاه محّرم مهيني ۾ ڪارا ڪپڙا ڍڪيندو هو ۽ محرم ڪندو هو، سو بلڪل نادرست هو. اهو انومان سرڪيڏاري مان ڪڍيو ويو آهي، جو اڪثر احسان فقير ۽ ٻين سگهڙن جو چيل آهي، فقط شاه ڏانهن منسوب آهي. پاڻ شريعت جو پابند هو، ليڪن طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون طيء ڪيون هئائين، جيئن هيٺين بيتن مان پڌرو آهي. هي جهان حرص ۽ هوَسَ جو مڪان آهي، جنهن ۾ خدا تعاليٰ انسان کي آزمايش لاءِ موڪليو آهي ۽ چي: سڌيءَ سڙڪ تي هلجانءِ، پنهنجو روح نفس جي حملي کان سالم رکجانءِ، پنهنجو پاند هن پليت پاڻيءَ ۾ نه پسائجانءِ؛ انهيءَ ۾ ڪهڙو راز سمايل آهي؟

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾

اُڀا ائين چَوَن، مڇڻ پاند پسائيين!

حيرت ۾ پئجي سوال ٿو پڇي ته ڀلا ڪهڙي طرح پنهنجو پاند آلود نه ڪجي؟

پيو جو پاتار، سو پُسڻان ڪئن پالهو رهي؟

جواب ٿو ڏئي:

شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو

هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ

هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پُسڻان پالهو رهين.

امام قشيري صاحب پنهنجي ”رسالہ“ ۾، جنهن تي ساري تصّوف جو دارومدار آهي. لکي ٿو ته سچو صوفي اُهو آهي جو الله ۽ رسول صلعم کي مڃي. شريعت جي احڪامن تي پورو رهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو اندر صاف ڪري. اها وصف شاه صاحب سان پوري لڳي ٿي. ڪٿان به معلوم ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو مرشد ورتو هئائين. پنهنجي ئي رياضت ۽ مجاهده ڪري اولوالالباب جي درجي تي پهتو هو، جيئن خواجہ محمّد زمان لنواريءَ واري سندس باب ۾ فرمايو آهي ته ”هوُ هڪ ”اهل دل“ آهي.“ حق جي تلاش ۾ گهڻا ئي وندر ووڙيائين، جوڳين سان جاٽائون ڀيٽيائين، آخر محسوس ٿيس ته ڏونگر ڏورڻ ۽ ڀٽن ۾ پنڌن ڪرڻ سان پرين نٿو ملي، پر اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ پاڻ کي ماري مات ڪرڻ سان:

ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي

لڪو ڪين لطيف چي، ٻاروچو ٻئي پار

نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

اهو ”پاڻ“ جو پردو آهي، جو سالڪ کي مالڪ کان پري ٿو رکي:

هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پريان

وَنَحنُ اَقرَبُ اِليہِ مِن حَبُل الوريدِ. تنهنجو توئي ساڻ

پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.

دنيا ۽ ان جو ٽڪساٽ ڪجهه به ناهي، اهو سڀ حق جو پاڇو آهي. يا ائين چئجي ته جيڪي آهي سو خدا آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ حقيقي طرح موجود ناهي. سڀ ۾ پاڻ آهي يا سڀ منجهس آهي:

ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي

والله بِڪُلّ شَيءِ مُحِيطُ، ايءَ آرياڻيءَ اهڃاڻ

سڀ ۾ پنهُون پاڻ، ٻيو ڪونه ٻروچ ري.

هي هڪڙو منڊ رٿيل آهي يا مومل وارو طلسمي محلات آهي، ان کي جيڪو ڀڃندو، سو محبوب جو مشاهدو ماڻيندو،پر اهو به تڏهن جڏهن پنهنجي وجود جو ورق ڌوئي ڇڏيندو، ۽ پاڻ کي عدم ۽ فاني في الله ڪري ڇڏيندو. ”هوئڻ“ ۽ ”خودي“ جو خيال ڪڍي ڇڏيو، ته هن جهان مان پار پئي ”لقاپر“ ۾ لنگهه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ کيس ”ٻيائيءَ“ کان غيرت ٿي اچي:

”آئون“ سين اِن پار، ڪڏهن تان ڪونه پيو

اِن اللهَ وتُرُ، يُحِبُّ الُوِترَ، نيئي ”ٻيائي“ ٻار

”هيڪڙائيءَ“ وٽ هار هنجون جي ”هئڻ“ جون.

_______

هيڪر ”هئڻ“ ڇڏ، ته اوڏو ٿئين عجيب کي

مار اءيتُ شَيئاً اِلاَّ وَرَ اءيَتُ اللهَ، نيئي اَجها اوڏاهين اڏ

ته هوت توهين کان هِڏ، پرين پاسي نه ٿئي.

رومي ۽ شاه، انهيءَ ڳالهه ۾ ”اقبال“ سان اختلاف رکن ٿا. اقبال آکي ٿو ته مسلم کي پنهنجي خودي وڌائڻ گهرجي ته هو ساري ڪائنات تي قابض ٿي سگهي. اسان جا صوفي سڄڻ وري هيئن ٿا فرمائين ته خودي مار ته يار جو ديدار نصيب ٿئي، ۽ ساريءَ ڪائنات تي قدرت حاصل ڪرين، ۽ سچ به ائين آهي ته ”خودي“ ۽ ”خدا“ هرگز نه مِڙندا. ”ٻن ترارين جاءِ، ناهي هڪ مياڻ ۾“. پوءِ جنهن مسلم پنهنجو پاڻ ماري پاڻ کي خدا ۾ مَحو ڪيو، تنهن کي ٻيءَ مخلوق جو ڪهڙو ڊپ رهندو؟ اڳين مسلمانن دنيا تي انهي ڪري فتح پاتي، جو انهن پنهنجو وجود الاهي حڪمن تي فدا ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من، ڌن سڀ خدا جي راه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو هئائون، نه ته انسان ڪري پِيلِ مست هجي، ته به اهو هڪ ٽيڪ ڏنل ٿوڻي وانگر آهي. ”ڪاَنّهُم خُشُبُ مُسَنّدَةُ“ جنهن کي هڪ لوڏي سان اُکوڙي سگهجي ٿو.

هوندئان هوت پري، اوڏو آ اڻ هوند کي

ساڄن تن سري، ”لا“ سين لڏين جي.

حقيقت ۾ جيسين ”پاڻ“ جو احساس آهي، تيسين روزا ۽ نمازون به اجايون آهن. تڪبير جو مطلب به اهو آهي ته ايتري قدر خدا جي طرف متوجه هجي جو پاڻ وسري وڃي!

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز

سڀ وڃائي ساز، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ.

_________

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهِ سجود

وڃائي وجود، تِنهان پوءِ تڪبير چؤ.

________

هاڻ جڏهن باري تعاليٰ هڪڙو آهي، تڏهن هي پسارو ڇا جو؟ هن وحدت مان ڪثرت جو سبب ڪهڙو؟ صوفين جي خيالن موجب ”بي آغاز ازل ۾ رب تعاليٰ پنهنجي اڪيلائي ۽ وحدت ۾ پاڻ تي جلوه پئي ڪيو، خواهش ته مخلوق خليقان، جي مون کي سڃاڻن، اگرچه مَلڪ به سندس مهما ۽ عبادت لاءِ ڪافي هئا. گويا پنهنجي وحدت کان آجو ٿي پيو هو، جيئن ڪنهن سهڻي وينگس کي چؤديواريءَ اندر پورجي، ته ضرور پنهنجو منهن ڪنهن نه ڪنهن بهاني کڙڪيءَ کان ٻاهر ڪڍندي. حسن جي به تقاضا آهي ته ظهور ڪري.“ صوفين جي هڪ جڙتو حديث موجب خدا تعاليٰ فرمايو آهي ”کنت ڪنزًا مخفياً فا حبت ان اعرف فخلقت الحق لڪّي اعرف، يعني ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، ڀانيم ته سڃاڻجان، تنهنڪري هيءَ خلق پيدا ڪيم ته سڃاڻجان“.

انسان انهيءَ اندروني الاهي ارادي جو راز آهي. انسان جي نه هجي ته خدا جي خدائي نه رهي:

هُو پڻ ڪونهي هِنَ ري، هي نه هُنهان ڌار

اَلانسانُ سِري وَاَنَا سِرُّه، پروڙج پچار

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.

اُن جي لاءِ هي جوڙون جوڙيائين، آسمان بنايائين، زمين پٿريائين، ساري ڪائنات کي ڏينهن جو سج سان ۽ رات جو چنڊ ۽ تارن سان روشن ڪيائين، پوءِ آدم کي پنهنجي صورت ۾ خلقيائين ”خَلَقَّ آدَمَ عَليٰ صُورتِہِ“ ۽ کيس سڀني شين جو علم ڏنائين ۽ هدايت ۽ گمراهيءَ جا ٻه رستا ڏيکاريائين. جڏهن ابليس گمراه ڪيس تڏهن ارضي زندگي جو تلخ تجربو چکڻو پيس، اتيئي وڌيو ويجهيو، ۽ اتيئي انسان ذات جي واڌاري جو ڪارڻ بڻيو. اهڙي طرح وحدت مان ڪثرت ٿي، پر سڀني جي واتان هيءَ وائي نڪتي ”اسين ٻانهان، تون ڌڻي“.

سڀڪنهن وٿ ۾ ڪانه ڪا نشاني آهي، جا خدا جي وحدانيت جي شاهدي ڏئي ٿي:

وَ في ڪُل شيءِ لہ آيةُ ِ يَدُلّ عليٰ انّہ واحد

سڀني جو هلڻ هوت ڏي آهي، ۽ آخر اها ڪثرت وحدت ٿيڻي آهي. ”ڪُلّ مَن عَليها فَانِ و يبقيٰ وَجہُ رَبِکَ ذوالجَلال وَالاکرام“. کرو ڪو جو جيئريئي پاڻ کي ماري مات ڪري ۽ وحدت جي وهانءَ ۾ شامل ٿئي!

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو

مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي

ڪَبي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي.

__________


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، آگسٽ 1959ع تان ورتل

[2]  ماهنامي ”نئين زندگي“، اپريل 1950ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org