جڏهن شاه جوان هو
[1] تڏهن سڀ ڪنهن
ڏينهن ٺٽي وڃي مخدوم جو وعظ ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن
ڪنهن قضاني هو حاضر ٿي نه سگهيو ۽ مخدوم جي وعظ
ٻڌندڙن جي دلين تي ڪوبه اثر ڪونه ڪيو. جڏهن کانئس
انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيائون، تڏهن چيائين ته ”اهو
شخص جو دل ۽ جان سان وعظ ٻڌندو هو، سو غائب آهي“.
ٻئي ڏينهن شاه اچي مجلس ۾ شامل ٿيو. وعظ تمام زور
وارو هو ۽ هر ڪنهن ٻڌندڙ تي وڏو اثر ڪيائين. وعظ
جي آخر ۾ مخدوم سڀني سامعين کي سڏي شاه ڏي اشارو
ڪيو، جو هڪ سامي فقير جي ويس ۾ ويٺو هو. ڇا ڏسن ته
شاه جي پوشاڪ سڄي رت جي ٽڪن سان ڀري پئي آهي(3).
شاه ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، هن کي ڪابه
بيماري ڪانه ٿي. پر مراقبي ۾ پران ڏنائين 1165هه،
1751ع). کيس ڀٽ تي دفنيائون، انهيءَ گنبذ واري
مسجد جي لڳ، جا پنهنجي هٿن سان جوڙي هئائين. سکر
جي مشهوري رازي عيدن غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪم سان
سندس مقبرو (1167هه 1753ع) ۾ اڏيو. ٻيون قبرون پڻ
ٺاهيون ويون، جن ۾ سندس ڪٽنب واران ۽ فقيرن جا
جنازا رکيل آهن مير محمد خان ستت ئي شاه جي مقبري
کي هڪ صندل جو دروازو چانديءَ جي پٽن سان وجهايو.
خيرپور جي لونگ فقير، جو هڪ شاهه جو مريد هو، تنهن
مقبري جي ڏاکڻي طرف (ڪراڙ) ڍنڍ جي ڪپ تي هڪ کوه ٻن
پؤڙين سان کڻايو، ۽ پڻ ٻه وڏا گهر ۽ ڳچ ڪٽهڙا کڙا
ڪيائين. ٻيون جايون زيارتين ۽ فقيرن جي رهائش لاءِ
پوءِ ڀرو شاه صاحب جي سجاده نشينن ٺهرايون. موجوده
(1870ع) جو سيّد مسند ڌڻي آهي، سو شاه عبداللطيف
جو ستون قائم مقام آهي.
شاه جي پونين کي گذران ۽ معاش لاءِ پنهنجا مستقل ذريعا آهن، ۽
آرام سان رهن ٿا. مير ۽ ٻيا رئيس سندن مريد آهن،
جي ڪشاده دليءَ سان شاه جي مقبري تي ڀيٽائون ڏيندا
آهن.
---------
شاه
ڀٽائي ۽ مخدوم محمد کهڙائي[2]
تازو مخدوم شفيع محمد کهڙن واري مخدوم محمد عاقل صاحب جي فارسي
تاريخ ”گنجينہءِ جهان نما“ جي هڪ حصي جو ترجمو
مطالعي لاءِ ڏنو. ان ۾ قديم سنڌ جي ڏند ڪٿائن سان
ڀريل تاريخ ۽ اولياءالله جو ڪرامتن سان ٽمٽار
احوال ڏنل آهي، جنهن کي ڪابه تاريخي اهميت ڏيئي
نٿي سگهجي. تاهم منجهس ڪي نيون ڳالهيون آهن، جي
دلچسپيءَ کان خالي نه آهن، انهن مان شاه لطيف رحه
۽ مخدوم محمدي رحه جي ملاقات جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي
ٿو.
هڪ دفعي شاه صاحب سير ڪندو اچي کهڙن جي شهر ۾ نڪتو ۽ فقير ميان
چنيہ جي کوه تي اچي منزل انداز ٿيو[3]،
۽ ساڻس ڳچ خليفا ۽ قوال به طنبورن سميت همراه هئا.
مخدوم محمدي صاحب جي ماڻهن شاه صاحب کي نه سڃاتو ۽
سندس اها روش غير شرعي محسوس ڪري قدري ناراضگي به
ڏيکاريائون. شاه صاحب کانئن پڇيو ته جيڪڏهن ڪو
آدمي هن شهر ۾ اهڙو غير شرعي ڪم ڪري، ته ان کي
ڪهڙي سزا ڏيندا آهيو؟ جواب ڏنائون ته ان کي تعزير
ڪندا آهيون، يعني ان جو ڪارو منهن ڪري، پٺيرو گڏه
تي چاڙهي ۽ شهر ۾ ڦيرائي ”هيڙو هيڙو“ ڪندا آهيون.
تهان پوءِ خليفن وڃي مخدوم صاحب کي خبر ڏني ته
ههڙي وضع وارو شخص طنبورن ۽ قوالن سان اچي پرگهٽ
ٿيو آهي. مخدوم صاحب کي مڪاشفي سان معلوم ٿيو ته
اهو شخص خود حضرت شاه ڀٽائي آهي، تنهن تي پنهنجو
خاص ماڻهو دعوت لاءِ ڏانهس موڪليائين. شاه صاحب هڪ
ٺڪريءَ تي ڪوئلي سان هيٺيون جواب بيت ۾ لکي موڪليو[4]:
اڄ نه آيس آنءُ، سڀان ايندس سپرين
توتي جنهن جو نانءُ، کڻي بار کُهِيَنِ جو.
مخدوم صاحب اهو جواب پڙهي وجد ۽ حال ۾ اچي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو حضرت شاه صاحب بنان چوڻ چائڻ پاڻ کي تعزير
ڏيئي، گڏه تي سوار ٿي گهٽيون گهمندو، اچي مخدوم
صاحب وٽ پهتو. مخدوم صاحب کيس سڃاڻي چيو ته ”توهين
پنهنجي مشرب کان مجبور آهيو. توهان جو پاڻ کي
تعزير ڏيڻ اجايو آهي.“ ڀٽائي صاحب وراڻي ڏني ته
”شرع محمدي برسرو و چشم منظور آهي.“
حضرت شاه ڀٽائي جو سفر خواه حضر ۾ دستور هوندو هو ته پوئين رات
جو تهجد جي نماز کان پوءِ، سرودن سان قوالن فقيرن
جي مدح خواني ۽ قوالي ٻڌندا هئا. جڏهن مخدوم صاحب
وٽ اچي مهمان ٿيا، ته ان رات مخدوم صاحب جي خليفن
سرودن وغيره کي قفل ڏيئي حجري واريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند
ڪري رکيو هو. جڏهن سحور جي وقت تهجد کان پوءِ حضرت
شاه صاحب مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ فقيرن قوالي شروع
ڪئي، تڏهن ڪوٺيءَ ۾ بند ٿيل سرود ازخود وڄڻ لڳا.
مخدوم صاحب خليفن کان پڇيو ته: اهي مزامير ڪير ٿو
وڄائي؟ خليفن چيو ته: قبلا سائين! اهي ته ڪوٺي ۾
اندر قابو آهن ۽ پاڻهي پاڻ ٿا وڄن. تنهن تي مخدوم
صاحب فرمايو ته: اهي انهن تي مباح آهن.
الغرض ته ڀٽائي صاحب کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ هفتو کن رهيل هو. ان
کان پوءِ موڪل وٺي درازن ۾ فقير ميان صاحبڏني
فاروقيءَ وٽ ويو، جو ان وقت سرڪاري اهلڪار هو. کيس
چيائين ته: اوهين سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏيو، جو اوهين
صاحب امانت جا ٿيندؤ. کيس هڪ کوهي کڻڻ جو حڪم
ڪيائين، انهيءَ جاءِ تي جتان پاڻ اڳيئي ڪوڏر جو
لپو هڻي مٽي ڪڍي هئائين. پوءِ رخصت وٺي واپس ڀٽ
شريف تي هليو ويو، ”دروغ بر گردن راوي“.
________
شاه لطيف جي تصوير[5]
(شاه جي سچي تصوير اصل کان موجود ناهي)
اسان جي سونهاريءَ سنڌ قديم زماني ۾ اهي اڪابر پيدا ڪيا، جن
دنيا جي مسلمانن کي ديني ۽ روحاني علوم جا سبق
پڙهايا. جن جي فيض جي چشمي مان گهڻائي اُساٽيل
سيراب ٿيا؛ جن اجتهاد جو نعرو هڻي تقليد جي تاڙي
ڀڳي ۽ جن پنهنجو فضل ۽ ڪمال اوج تائين پهچايو. اڄ
انهن جا پويان اصليت کي ڇڏي نقليت کي چنبڙي ويا
آهن، ۽ پنهنجي دماغ جا در پوري ٻين جي ٻريل چراغ
کان روشني اڌاري وٺي رهيا آهن.
ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي
اُنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار
ڪٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُنهين ڀيڻيين.
(شاه)
ادبي نقالي ۽ چوري ته ايتري قدر وڌي ويئي آهي، جو ڪي نو ساخته
نام نهاد اديب جا مضمون چورائي، انهن تي پنهنجو
نالو ڌرين ٿا، ڪي وري مصنفن جا نالا مٽائي ڪتابن
جا ڪتاب پنهنجي نالي ڪن ٿا. ڪي وري ٻين کان ٿورن
پئسن تي ڪتاب ۽ شعر لکارائي، انهن تي پنهنجو نالو
ٿڦين ٿا، ۽ ڪي وري امانت تي ورتل ڪتاب تڳائي، انهن
جي موٽائي ڏيڻ کان نابري وارين ٿا. آءٌ حيران
آهيان ته ههڙي سرقہ مان ڇا ٿو هٿ اچين! ايترو به
احساس نه اٿن ته آخر خون ۽ کستوري ڳجها ڪين رهندا
۽ اها سندن چوري اُره زوري نيٺ ڦاٽندي، پوءِ
خداوند ۽ خلق کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا، يوم تبلي
السرائر فمالہ من قوة ولا ناصر. شايد دنيا ۾ اها
بازي ڦٻي وڃين، پر آخرت ۾ ته ضرور انهن جو ڦورو
ڦلهندو.
مان قارئين ڪرام جو ڌيان هڪ عبرتناڪ ۽ دلير تدليس ڏي ڇڪايان ٿو.
ادبي نقطہ نظر کان بالڪل واجب آهي ته اهڙو ڊوهه
ظاهر ڪجي. عالم آشڪار آهي ته اسان جي سنڌ جي شاعرن
جي سرتاج شاه لطيف رحه جي ڪابه تصوير موجود ڪانهي.
باقي سندن حليو مبارڪ سو معلوم آهي. مرحوم مير
عبدالحسين سانگي جي لفظن ۾: ”سندن قد بلند بالا ۽
سنئون هو، سندن چمڙي ڪڻڪ رنگي هئي ۽ سندن سونهاري
هموار ۽ شرع شريف جي مواقف هئي ۽ شهپرن[6]
کي برو سمجهندا هئا. سندن حق بين اکيون ڪشاديون ۽
ڳاڙهيريون ۽ ماڻڪيون ڪاريون هيون. سندن پيشاني صاف
۽ ڪشادي هئي. سندن سينو، جنهن ۾ ڪيني جو ذرو به
ڪونه هو ۽ الاهي معرفت سان ڀريل هو، موڪرو هو. بدن
۾ پورا پنا هئا، نه پتلا نه ٿلها...“. باوجود
انهيءَ صاف بيان جي سنڌ جا صورت پرست، معنيٰ جا
محتاج ائين ڀائيندا آهن ته شاه جي ڪا خيالي تصوير
ڪڍون. مورک بني اسرائيلن سامريءَ جي هر ڪاهڻ تي
خدا کي گابي جي صورت ۾ پوڄيو ۽ بت پرست هندن خدا
جي ذات والا صفات کي ٽه مورتي جي شڪل ڏني ۽ ايران
جي ڀليل نقاشن رسول الله صلعم جي معراج واري منظر
کي هڪ براق تي سوار برقع زده انسان سان تشبيهه
ڏني. گويا ظواهر ۾ ڦاٿل ڀورڙن کي آڪاريءَ صورت
بغير معنيٰ جي سخت مشڪل نظر آئي. اندر ۾ گهڻا ئي
گهاٽ گهڙيائون، گهڻائي بوتا ۽ صنم ٺاهيائون، پر
معنيٰ جي مغز کان محروم رهيا. شاه لطيف جي شان
واريءَ شخصيت جي سمجهڻ لاءِ هنن کي ظاهري صورت جي
ضرورت ٿي ۽ ان جي معنوي لطائف ۽ فضائل کان مهجور
رهيا.
شاه جي تصوير شايع ڪرڻ جو خيال پهريائين مرحوم شمس العلماء
ميرزا قليچ بيگ جي دل ۾ پيو ٿو ڏسجي. کيس شاه لطيف
بريءَ
[7] جي تصوير ڪنهن
طرح هٿ چڙهي، جا پنهنجي 1913ع واري شاه جي رسالي
جي ڇاپي اڳيان سرورق تي ڇپائي، ڀانيائين ته شايد
ڪو ٻيو شاه لطيف بحري ٿي گذريو آهي. سو هيءَ تصوير
ضرور شاه عبداللطيف ڀٽائي جي هوندي. پر هن فضيلت
جي صاحب ايمانداريءَ سان ”بري“ لفظ تصوير هيٺان
باقاعدي بحال رکيو ۽ هروڀرو ائين ڪونه لکيائين ته
هي شاه عبداللطيف جي تصوير آهي. هن تصوير ۾ هڪ شخص
مٿي اگهاڙو، مڇون وڏيون، چيتي جي کل جي لنگوٽ سان،
ڍنڍ جي ڪناري تي وڻ هيٺ مراقبي ۾ ويٺو آهي، وڻ جي
ٿڙ ۾ ٻه ٽي ستارون به ٽنگيون پييون آهن. جي شاه
لطيف جي حليي کان بيخبر آهن، سي ضرور دوکي ۾ پوندا
ته اها صورت شاه لطيف جي ئي آهي.
بهرحال شاه لطيف بريءَ جي شبيهه وڌيڪ انگور ڪڍيا. سنه 1946ع
ڌاري شاه لطيف جي ٻاريءَ وارن، هڪ هندو مصّور مسٽر
دادلاڻيءَ هٿان شاهه لطيف جي هڪ ٻي تصوير ڪڍائي.
انهيءَ رسام جي تخيل ته هيڪاري وڃي توڙ ڪيو. شاه
کي هڪ ننڍڙي ڳڀرو جوان جي هيئت ۾ ظاهر ڪيو اٿس.
مٿو اگهاڙو، ننڍڙي شهمور ڏاڙهي، ڪنن ۾ ڪيوٽيون،
پير اگهاڙا، کاٻي پير ۾ ڪڙي، ڀرسان سنهيءَ ڳچيءَ
وارو ڪونرو ۽ پريان هڪ پوشيدي ملتاني جتي ٺهي ٺڪي
رکي اٿس. وري دعويٰ ته اِها شڪل سرڳواسي ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي ڏنل بيان موافق آهي. سبحان الله!
هن کان پوءِ پرسال تازو مرحوم غلام محمد شهواڻيءَ، شاه جو رسالو
ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪرڻ گهريو، تڏهن دل ۾ خبط جاڳيس ته
رسالي جي سرورق تي ڪانه ڪا شاه جي مورت ڇپايان. سو
نڪا ڪيائين هم، نڪا ڪيائين تم، مسٽر ايم. گدواڻي
جي انگريزي ڪتابچي ”شاه لطيف“ تان، هڪ هندستاني
صوفي (اتن انڊين صوفي) جي تصوير، جا کيس 1922ع ۾
برٽش ميوزيم (بريطاني عجائبخاني) جي ڪنهن قلمي
نسخي مان هٿ آئي هئي، سان کڻي ڇپايائين. اهو ته
ٺهيو پر هڪ هندستاني صوفي جا لفظ به محو ڪري، ان
جي هيٺان لکيائين ”شاه عبداللطيف ڀٽائي“. انهيءَ
تدليس ۽ جعلسازيءَ تي مون مرحوم کي گهڻوئي ڇينڀيو
هو، پر ڏڌل کير ٿڻن ۾ پئجي نٿو سگهي.
پر اها خرابي اتي ختم نه ٿي. مارچ 1951ع ۾ جڏهين ميان محمد
عثمان ڏيپلائيءَ پنهنجو ”اصلي وڏو مڪمل (؟) شاه جو
رسالو“ شايع ڪيو، جو سندس دعويٰ موجب ”سڀني رسالن
کان گهڻن بيتن وارو آهي“ (!)، تڏهن ان جي غلاف
توڙي سرورق تي ساڳي برڪت واري تصوير ڇپايائين، ۽
پڻ ان جي سرورق تي هي لفظ وڌائين ”اصلي تصوير شاه
عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليہ“. مطلب ته جيئن ٿڌ
تيئن وڌ. هن تصوير ۾ اهو هندستاني صوفي پيش جي تڏي
تي، ساڄي پاسي کان صندل تي طول رکي ٽيڪ ڏيو ويٺو
آهي، کاٻي هٿ ۾ وڃڻي اٿس، ۽ مٿي تي اڇي ڪپڙي جي
بخائين ٽوپي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو هڪ متشرع
صوفي، ٺهي ٺڪي پنهنجي صورت ڪڍائي، ۽ اندر جي
اصنامن کي ڀڃڻ بدران اٽلو پنهنجي بت کي پوڄڻ لڳي!
آنجهاني سر ٽي. ڊبليو. آرنلڊ، جنهن گدواڻيءَ جي
ڪتاب تي تمهيد لکي آهي، تنهن تمهيد جي آخر ۾
انهيءَ تصوير جي باري ۾ هي لفظ فرمايا آهن: ”شاه
لطيف جي ڪابه سچي صورت معلوم ناهي، مگر سرورق تي
ڏنل تصوير هڪ اهڙي طبقي جي مسلم ديني بزرگ جي آهي،
جنهن ۾ شاه لطيف به هو.“
هينئر جڏهن هر سال شاه جي ورسيءَ ملهائڻ جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي
آهي، تڏهن هرڪو واجهه وجهي رهيو آهي ته ڪهڙي به
طرح شاه جي تصوير ايجاد ڪريون، خواه حقيقي هجي
خواه موهومي. اسان جي فاضل دوست مولوي عبدالواحد
سنڌي ايڊيٽر ”نئين زندگي“ جي اڳيان شهواڻي صاحب جو
شاهڪار موجود هو. سو کيس خيال آيو ته ڇونه ”شاه
لطيف عدد“ کي انهيءَ تصوير سان سينگارجي. ڇا
ڪيائين جو انهيءَ ”هندوستاني صوفي“ جي تصوير جو
بلاڪ ٺهرائي، ان جو ٺپو ”نئين زندگيءَ“ جي عنواني
صفحي تي هڻڻ گهريائين. اتفاق سان مون وٽ آيو، ۽
انهيءَ مورت جو تذڪرو ڇيڙيائين. تنهن تي مون کيس
گدواڻيءَ وارو ڪتاب هوبهو ڏيکاريو ۽ چيومانس ته:
اها تصوير شاه لطيف جي ناهي، بلڪ هڪ هندوستاني
صوفي جي آهي، جا مرحوم شاهواڻي ماڻهن کي مونجهاري
۾ وجهڻ لاءِ شاه ڏي منسوب ڪئي آهي. انهيءَ باري ۾
مون هڪ خط پاڪستان جي ”اداره مطبوعات“ جي نائب
مدير مسٽر عزيز احمد ڏانهن به لکيو ۽ روبرو به
سمجهايومانس. آخر پنهنجي چوڪ قبول ڪيائون، پر
چيائون ته: جنهن صورت ۾ بلاڪ وغيره تي ڪافي خرچ ٿي
چڪو آهي، تنهن ڪري رڳو تصوير شايع ڪئي ويندي. پر
ان جي هيٺان نڪي شاه جو نالو نڪي هندوستاني صوفيءَ
جا لفظ درج ڪيا ويندا. بهرحال اها مورت ”نئين
زندگي“ جي سر صفحي تي لڳي، ۽ نئين چشم بندي شروع
ٿي. جيئن ته انهيءَ مورت جو واسطو شاه جي
ورسيءَسان هو، نه فقط عام ماڻهن دوکو کاڌو، پر
الوحيد جي سابق فاضل ۽ محقق ايڊيٽر به ان کي ”شاه
جي تصوير“ ڪري ليکيو. ”چو گل بسيار شد“ پيلان
بلغزند“، فاعتبرو يا اولي الابصار.
شاه جو شان ڪاغذي تصوير کان مٿهون آهي. سندس مورتون ڇپائڻ سنديس
شخصيت جي اهانت ۽ بي مروتي آهي. اهڙين حرڪتن کان
باز اچڻ گهرجي. جن جو اندر اجرو آهي ۽ دل جون
طاقتون کليل اٿن، تن کي شاه جي بزرگيءَ جي تصور
لاءِ ٻاهرين ٽيڪن جي ضرورت ناهي. شاه جي عظمت ۽
بلندي انهيءَ ۾ آهي ته خود سندس ڪلام پڙهي پرجهون
۽ دوئيءَ جا ورق ورائي ڇڏيون. اهي صنم ۽ صورتون
پاڻ حجاب آهن ۽ دوست جي ديدار کي ڇپائين ٿيون. اهي
گهڙائي گهوريا جي محبوب جي ملڻ ۾ گهڙيون وجهن.
صورت سوجهه مَ تنهن جي، پيءُ پڇين ٿو جو
اِي سخن آهي سو، جو منهن مقابل نه ٿئي.
(شاه)
|