(1) الله تعاليٰ هڪڙو آهي، اهوئي سچو اکر من اندر
پيو بکجي:
تون چؤ الله هڪڙو، وائي ٻي مَ سک
سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک.
(2) خدا هر هنڌ حاضر آهي:
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي
تيهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
(3) سڄڻ جي سنڀار کان هينئڙو نٿو ورچي!
ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لوهه سنداڻ جينءَ
سنڀاري کي سڄڻن، ورچي تان نه وئو.
(4) پرين کي ملڻ لاءِ لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهڻ گهرجن. متيون ۽ عقل
ميڙي ساڙي ڇڏجن. پاڻ وڃائڻ کان سواءِ دوست جو
ديدار ميسّر نه ٿيندو:
چرين جينءَ چت ڪري، سَڱ سڀيئي ڇن
جي ڀائين پرينءَ مڙان، ته مت منهنجي ڳن.
______
متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پؤ
جو تو سائر ڀانئيو، سو هرٻوئي ناهه.
______
پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءِ لهه
تهان ڌار نه سپرين، منجهه منجهئين پاء.
______
جي لياڪا لوڪ ڏون، جان سي نه لتاءِ
تان ٿيي نه ماءِ، پورو پسڻ پري سين.
______
(5) ٻه گدرا هٿ نه ايندا:
ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪنين نه نيا پاڻ سين
سڪڻ سپيرين کي، لاڳاپو سين لوڪ
______
قرب ۽ ڪبرياءُ، ماءِ ملاقي نه ٿيي
صوفيءَ جي صلح ۾، پورو اي پرياءُ.
______
(6) ظاهري علم وڏو حجاب آهي:
ڪنز، قدوري، ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ.
(7) سانده تلاش جي ضرورت آهي، نه ته محبوب ملي نه
سگهندو:
منڌ مَ منہ ويہ، اُڀي اوسڙ اس ۾
تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏوُر جنين جو ڏيهه.
_______
تان ڪي ڳوري ڇل، جان لاڙائو سج ٿيو
هاڙهي ڌاري هل، وڃي هوتن جو ٿيو.
_______
(8) معرفت جو ماڳ ملڻ اڻانگهو آهي، ان جي پروڙ به
اڻ پروڙ جي برابر آهي:
آهي اهڃائو، پير پريان جو جيڏيون
جنين ساڃائو، تنين تان نه پروڙيو.
(9) خدا جي ذڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٻڌڻ!
پريان سندي ڳالڙي، جيڪو ٻئي ڪري
مت منهنجي ڪن ڪر، تي کي جاب نه ڏي.
______
سا ڪئو سا ئي ڪن، سپيريان جي ڳالڙي
هيڪڙيائي سکئا، ٻي نه اُڄهي تن.
(10) خلوت در انجمن:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ
کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.
مطلب ته شاه ڪريم هڪ وڏو روحاني بزرگ ۽ طريقت جو صاحب هو. اگرچه
گهڻو پڙهيل ڪين هو. تڏهن به سندس باطن کليل هو.
وقت جا وڏا سياڻا ۽ عالم جڏهن شاه ڪريم جي مجلس ۾
شامل ٿيندا هئا، تڏهن هو سندس توحيد جا باريڪ نڪتا
۽ معنائون ٻڌي حيرت ۽ فڪر ۾ پئجي ويندا هئا. (رحمت
الله)
______
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي[1]
شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، خواجہ محمد زمان صاحب لنواريءَ واري جو
وڏو خليفو ۽ زماني جي وڏن جيّد عالمن مان ٿي گذريو
آهي. آباء ۽ اجداد مڱريہ قوم جا، اصل راجپوتانا جا
ويٺل هئا، جي زماني جي گردش ڪري لڏي اچي راڻيپور ۾
ويٺا. سندس والد بزرگوار جو نالو سعيدالله هو.
سندس اوائلي زندگيءَ جي وڌيڪ خبر ڪانه ٿي پوي، رڳو
هي معلوم آهي ته ننڍي هوندي کان وٺي کيس ڪتابن
پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ رفتي رفتي ايتريقدر علمي
تجربو حاصل ڪيو هئائين، جو انهي وقت ساريءَ سنڌ ۾،
ٺٽي کان ويندي ملتان تائين جهڙس ڪو عالم ڪونه هو.
مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو دسترس هوس جو ڪوبه مٿس
غالب پئجي نه سگهندو هو. فقہ جي ڪتابن ۾ ايترو
اعتبار نه هوس، ۽ هميشہ پنهنجي اجتهاد تي هلندو
هو.
اوائل ۾ خواجہ محمُّد زمان صاحب سان گهڻي ارادت ڪانه هوندي هيس.
بلڪ سندس مريدن تان چٿرون ڪندو هو. هڪ دفعي واٽ
ويندي ڪو درويش گڏيس جو خواجہ صاحب جن جي زيارت
لاءِ لنواريءَ ڏي پئي ويو. تنهن سان ٺٺولي ڪري
چيائين ته: پنهنجي پير کان پڇ ته معراج خاص پيغمبر
صلي الله عليہ وسلم لاءِ هئي يا ٻين لاءِ به؟
درويش جڏهن لنواري پهتو، تڏهن خواجہ صاحب جن جي
صحبت ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو جو شيخ عبدالرحيم جو
نياپو ڏيڻ وسري ويس. جڏهن موٽڻ جو ايرادو ڪيائين،
تڏهن خواجہ صاحب کيس پاڻمرادو فرمايو ته: شيخ
عبدالرحيم کي چئج ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل
اڏائي هئائون، جا اڃا تائين قائم آهي ۽ هرڪو
مٿائنس پيو لنگهي. ساڳيءَ طرح عالم جي سردار لاءِ
به گويا هڪ پل ٺهرائي ويئي، سا ڪا ڊهڻ جي نه آهي.
البت ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شرف رسول الله صلعم کي
ئي هو، پر سلطان جي پٺيان ٻيا به پنهنجي شان ۽
رواج موافق لنگهي سگهن ٿا.
شيخ عبدالرحيم کي جڏهن هي جواب پهتو، تڏهن هڪدم لنواري هليو
آيو. پهريائين ارادو ڪيائين ته ڏسان ته خواجہ صاحب
ڪهڙي پاڻي ۾ آهي. ڇا، وٽن حقيقت ۽ معنيٰ آهي يا
فقط اسم۽ رسم! خواجہ صاحب کائنس قرآني آيت
”ولطـُّور وکتاب مِّستور في رّقِ منشور والبيت
العمور“ جي معنيٰ پڇي. شيخ عبدالرحيم ظاهري معنيٰ
بلڪل سهڻي نموني ۾ ادا ڪئي. پر جڏهن خواجہ صاحب
مٿس روحاني معنيٰ جا دروازا کوليا، تڏهن اکين تان
انڌاريون لهي ويس ۽ هڪدم سندس مريد ٿيو. پوءِ بحث
مباحثا ڇڏي وڃي عرشين لڳو. هڪڙيئي ملاقات ڍئي ڇڏيس
۽ وري سندين حياتيءَ ۾ لنواريءَ نه آيو.
جڏهن خواجہ محمد زمان صاحب وفات ڪئي ۽ خدشو هو ته متان سجاده
نشيني تي رڳڙو ٿئي، تڏهن شيخ عبدالرحيم پهريون ئي
شخص هو، جنهن سندس صغير فرزند خواجہ گل محمد جي
بيعت ڪئي ۽ هڪ سڄو سال سندس ملازمت ۾ رهيو. تنهن
کان پوءِ موڪلائي پنهنجي ڳوٺ گرهوڙ ۾ گذارڻ لڳو.
اتي ڳچ وقت خلوت ۾ گذاريائين. بلڪل ٿورو کائيندو
هو، ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن مُسهل وٺي معدو خالي ڪندو هو.
انهي مجاهدي ڪري اهڙو ضعيف ٿي ويو، جو بنهه هڏن جي
مُٺِ وڃي بچيو.
شيخ عبدالرحيم کي جهاد اصغر جو هميشہ شوق رهندو هو ۽ شهادت جي
تمنا هوندي هيُس، جتي ڪا بدعت ڏسندو هو، اتي ان جي
پاڙ پٽيندو هو، گرهوڙ کان ٽيهه ڪوهه پري خيرپور
رياست ۾ هڪ مهاديو جي مڙهي هئي، جتي هر قسم جون
بڇڙايون ٿينديون هيون. سندس آرزو هوندي هئي ته
انهيءَ بتخاني کي ڀڃي نابود ڪريان. هڪ لڱان
لنواريءَ ڏي ويندي، ڪن واٽهڙن کان خبر پيس ته
بتخانو اڳي کان به ابتر ٿي ويو اهي، يارن کي
چيائين ته ”هلو ته هلي بتخانو ڊاهي ناس ڪريون“.
پوءِ هڪ درويش کي لنواري روانو ڪري، ان جي هٿان
خواجہ گل محمّد ڏي هيٺيون نياپو ڏياري موڪليائين:
جنهن ڪَنَ ٽوپايا ڪوڙ مان، تنهن کي ڪڄاڙو!
ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي.
خواجہ صاحب اهو سنيهو سڻي ڏاڍو افسوس ڪيو، ۽ چيائين ته شيخ صاحب
پنهنجي پڄاڻي ڏٺي آهي.
پوءِ ته وٺي پڙهو گهمايائين ته: آهي ڪو غازي جو جهاد في سبيل
الله ۾ ساه ڏئي؟ 72 ڄڻا سندس سڏ تي لبيڪ چئي اُٿي
هليا. اول بت پرستن کي پنج شرط ڏنائين، جي انهن نه
مڃيا ۽ اٽلندو جنگ جون تياريون ڪيائون. غازين به
وٺي هلان ڪئي. مهاديو جو مهتت، رامڻ ٻروچ جي هڪ ئي
گوليءَ سان ختم ٿي ويو ۽ سندس وڏو ڪٽڪ ڇڙوڇڙ ٿي
ويو. پوءِ اک ڇنڀ ۾ بتخانو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيائون.
شيخ عبدالرحيم پاڻ نڪو هٿيار هلايو ۽ نڪو اجايو
سجايو ڳالهايائين. بيهي ”اياڪ نعبد واياڪ نستعين“
جا نعرا هڻڻ لڳو. کيس ڪيترا ترارين ۽ نيزن جا گهاؤ
لڳا. جن جي ڪري گهڙي کن ۾ دم ڏيئي شهادت جو پيالو
پيتائين. اهڙو ته پنهنجي بدن کي رياضت ۾ پچائي
ڇڏيو هئائين، جو چون ٿا منجهائنس رت جو هڪ ڦڙو به
نه نڪتو. سندس لاش کڻائي اچي گرهوڙ ۾ دفن ڪيائون.
هي حادثو 1192هه (1778ع) ۾ ٿي گذريو. ان وقت شيخ صاحب جي عمر
چاليهه سال هئي. گرهوڙي صاحب زماني جي عجائبن مان
هو، رحمة الله رحمة واسعة.
شيخ عبدالرحيم جون تصنيفون
شيخ عبدالرحيم اصول ۽ فرع جو عالم هو ۽ پنهنجي وقت ۾ بي نظير
هو. سندس تصنيفون فقہ توڙي سلوڪ ۾ حد ۽ حصر کان
ٻاهر آهن. سندس ڪيترا ڪتاب مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه
وقت، جا لڏپلاڻ ٿي هئي، تنهن ۾ گم ٿي ويا. انهن
مان ڪيترا اڃا به موجود آهن. جهڙوڪ:
(1) فتح الفضل، جنهن ۾ حضرت خواجہ محمد زمان جا سنڌي
مقولا،عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس.
(2) شرح ابيات سنڌي عربي ۾، جنهن جو هن ضعيف ترجمو شايع ڪيو
آهي.
(3) مڪتوبات، جي پير ميان سعيد حسن وٽ موجود آهن.
ٻيا به ڪيترا ڪتاب شايد لنواري واري ڪتب خاني ۾ هجن پر افسوس جو
اهو نفيس خزانو ماسَرف عليہ خواجہ احمد زمان ۽
سندس گادي نشين جي عجيب رويي ڪري مسدود ۽ ڪِينئن
جو کاڄ ٿي رهيو آهي. شال ربّ تعاليٰ کيس چڱي مت
ڏئي جو انهي قيمتي گنج جو قدر ڪن!
گرهوڙي صاحب جو سنڌي ڪلام هن ضعيف ترتيب ڏيئي رکيو آهي، اميد ته
جلد ئي سنڌي ساهت جي سڄڻن جي اکين جو ٺار ٿيندو.
ڪلام ناهي پر موتين جو ڀنڊار آهي، سمجهو ڪي
سمجهن. هتي فقط سندس هڪ ڪلمي مان ڪجهه اختصار ٿو
ڏجي:
اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا
خود خالق مخلوقن جو رهبر رحيما
صلاتون سرور اُتي، جو جوهر جهانا
آل احمد ٻيڙيون، يا رَسِ ڏيہَ ڏيا
ڪٿي عاشق ڪوڏيا، سالڪ سچارا
جي سدا شوق شفيع جي، پچن پروانا
وڏا طالع تن جا، جي سڪن سيّد لاءِ
پر سِڪڻ سڃاڻڻ ري، محض محالي آ.
ڪونه سڃاڻي ڪڏهين، هوت هيين ڌارا
سي ڪئن پسن سپرين، جنين قلب ستا!
سڻي صورت ظاهري، اَين آرا ما
اي سڀ سُهڻو سڄڻين، پاڻ پراهون آه
دار دنيا جو ڇڏي، لنگهه لقا پر ڏانہ
جتي جلوي شاه جي، سج چنڊ سِجهايا.
لقاپر
لالن لقاپر رهي، پڌر پاڇويا
اُهي ڏسن اُن کي، جي اُنَ ڏيهه ويا
دنيا دار نه دوس جو، نڪر تنهن نجهرا
ملڪ پسين محبوب جو، جت عيش نه عيشِ جها
مرض موران ناهِه ڪو قحط جاءِ نه ڪا.
سدا سارنگ ٿو وسي، نڪو وڻ ڪوماءِ
موت مُحالي اُتهين، وائي ويريءَ ناهِ
علم عطائي اُتهين، ڪينهن شڪ شبها
ڏک نه ٿئي ان ڏيهه ۾، سڀئي سَرها
سج ري سَهائو ٿئي، ڪپهه ري ڪپڙا
سڀڪي ميّسر سڀڪنهين، ويلي واٽ نه ڪا
وِجهل ان وطن جي، مون کي ماريو ماءِ
اٺئي پهر اداس ۾، ڳري ماه مٿاء
سجهيس سڪ ساڻيهه جي، ويتر پاڙيچا
جنين قرب ڪنڊن سين، مڃر ماڻڻ لاءِ
پلر پياڪُو سپرين، سانگي سَلَمَ جا
جهڄان جهوري تن جي، ڳلن سر ڳوڙها
وري پاڙي پريان ڪنہ پر مڙان ماءِ
ساريو سپيرين کي، ڦاٽان فراقا
موليٰ ميڙ غريب کي، مٺو محبوبا.
سچو ڪلام سرتاپا سونهن جو سَرُ آهي. گرهوڙي صاحب پهريون ئي سنڌي
بزرگ آهي؛ جنهن جا سنڌي نثر ۾ مقولا موجود آهن، جي
سنڌي نثر جو سونو ديباچو ٺاهين ٿا. هيٺيان ڏه مثال
ڏجن ٿا:
(1) مال ڪهڙو پار؟ هِنيون هورنئا ٺلو.
(2) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي.
(3) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڇڙا سجهن.
(4) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جيئن بڇڙيون کاڄن.
(5) جيڪي ڪري، سو خدا.
(6) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي.
(7) بندو جائِي گندو. پاڻ پاڪ، بندو جهلڪ.
(8) کوڻي آگن وسن.
(9) لکيو پري پر نه ٽَري.
(10) سڀڪو پنهنجي ڪرم جي ڇٺي ٿو لوڙي.
-------
|