سنڌي علم ادب
[1]
سڀڪنهن قوم جو علم ادب پهريائين پهريائين شعر سان شروع ٿيو آهي.
سنڌي به انهي قاعدي کان مستثنيٰ ناهي. اوائلي
حالت ۾ انسان جا جذبا ۽ شعور صحيح ۽ صاف رهن ٿا
جيئن، سُرندي جي تارن کي ٿوريئي ڇهڻ سان سرود
نڪرندو، تيئن سالم دل کي ٿوريئي ڇٻي اچڻ سان عظيم
اثر ٿئي ٿو.
قدرت جي من موهيندڙ نظارن پسڻ ڪري، قلب ۾ جا رقت ۽ خوشي پيدا
ٿئي ٿي، تنهن جو اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب
وسيلو آهي. شهر سان وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان
مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي.
جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل سخن، دل تي اثر ڪن ٿا، تنهن صورت ۾ شعر
جو پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي، تنهن جو اثر
به دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري ابتدائي
حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل
بنياد مذهب آهي. قدرت جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن
انهن جي خاطر ۽ رضامندي لاءِ گيت ڳايا ۽ ڪرم
ڪريائون بجا آندائون.
ڪنهن قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا عرصن موافق، سندس
خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن به خاص عرصي جي
تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي پهريائين ان عرصي جي
علمي خزاني کي کولڻو ٿو پوي. سن ۽ حقيقتون تاريخ
جو فقط بوتو بنائين ٿيون، پر انهن جي رڳن ۾ روح
تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي تاريخ جو ذخيرو موجود
هوندو، جنهن جي رستي اسان کي خبر پئي ته قوم جي
قديم فردن جا ڇا ڇا خيال ۽ جذبا هئا. سندن علم جي
مراد ڇا هئي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جا ڪهڙا سرچشما هئا!
مطلب ته هر ڪنهن قوم جي تاريخ سڪندر جي زماني کان
وٺي ويندي سومرن ۽ سمن تائين مبهم آهي. چه جائيڪ
ان جي اوائلي ادبي تاريخ به اونداهيءَ جي پردن
اندر لڪل هجي!
هت اسان جو مطلب نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي بحث ڪريون،
يا سندس مخفي ادبي خزانن جي ڳولا ۾ اجايو وقت
وڃايون؛ بلڪ اسان جو مقصد آهي ته ڏسون ته نظمي
توڙي نثري ادب ڪڏهن کان وٺي شروع ٿيو. اگرچه سنڌي
زبان نهايت آڳاٽي آهي، پر منجهس موزون ڪلام
تقريباً 11 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ٿيو. اِهو ڪلام
آهي سيد عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت، جي سندس خاص
مريد محمد رضا پنهنجي تصنيف ”بيان العارفين“ ۾
پنهنجي مرشد جي وفات کان 6 ورهيه پوءِ يعني 1044
هجريءَ ۾ قلمبند ڪيا. پر انهي عرصي کان گهڻو گهڻو
وقت اڳي، سنڌي نظم جو پڙاڏو ڪَن تي پوي ٿو. ڄام
تماچي، هڪ الله لوڪ شيخ حماد نالي جي دعا سان
دهليءَ جي نظربنديءَ مان ڇٽي، سنڌ جو تخت ڌڻي ٿئي
ٿو. ڄام تماچي جي والده جي زار حالت تي قياس کائي،
درويش جولان ۾ اچي هڪ سنڌي بيت وڏي واڪي پڙهيو،
جنهن ۾ سندس ماڳ موٽي اچڻ ۽ ملڪ ماڻڻ جو اشارو
ڪيائين جيڪڏهن اها روايت سچي آهي ته انهيءَ جي بيت
جي تاريخ سنہ 777 هجري (مطابق 1375ع) ڌاري مقرر
ڪري سگهجي ٿي.
ساڳئي سمي سردار جي ڏينهن ۾ ”هفت تنن“ جو حادثو ٿي گذريو آهي،
جن پنهنجي شهادت وقت آئينده واقعن جون پيشنگويون
بيتن جي صورت ۾ ڪيون. اگرچه انهن جي صحت ۾ شڪ آهي،
ته به سندن قديم هئڻ جو ضرور اقرار ڪرڻو پوندو.
انهن کان پوءِ وري تحفة الڪرام جي صاحب شيخ ڀرئي
جو نالو ورتو آهي، جنهن واتان حديقةالاولياءَ جي
مصنف، اسحاق آهنگر جو هڪ بيت ٻڌو. هن درويش 903
هجري (1497ع) ۾ وفات ڪئي ۽ گنجي ٽڪر جي دامن ۾
پوريل آهي. اهڙي طرح راڌڻ شهر ۾ راڄو درويش هڪ خدا
رسيدو مست ٿي گذريو آهي، جو استغراق جي حالت ۾ مٺي
آواز سان سنڌي بيت پڙهندو هو، ۽ جيڪي چوندو هو،
ائين ٿي پوندو هو. سندس وفات جو سنہ 977 هجري
(1569ع) آهي. افسوس جو اهي بيت ڪٿي به قلمبند نه
آهن.
پر راڄي فقير کان گهڻو اڳي قاضي قاضن جو اسم گرامي اچي ٿو. سندس
وسيع ڪلام مان فقط ست بيت ”بيان العارفين“ ۾ موجود
آهن. اهي سنڌي ادب جي آسمان ۾ ثريا جي ستن تارن
وانگر چمڪندڙ آهن. انهن مان اسان کي پنهنجي سلف
صالح جي ذهني ۽ روحاني ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اهي
سراپا سونهن جو سر آهن، منجهائن عقل جزويءَ جي
عاجزي، ظاهري علم جي سکڻائي سڃائي، محبوب حقيقيءَ
۾ محويت ۽ وحدت الوجود جا ڳوڙها مسئلا روشن ٿين
ٿا. انهن مان پڌرو ٿئي ٿو ته اسان جي بزرگن جو دلي
رجحان هميشہ تصوف ۽ روحانيت ڏي رهيو آهي، انهن
پنهنجي وجداني ڪلام کي مجازي عشق ۽ دنيوي امورن
سان ملوث نه ڪيو آهي. حقيقت به ائين آهي ته اسان
جي بزرگن ۽ شاعرن جو فطري لاڙو، روحاني ڳالهين ۽
اندر جي پاڪائيءَ ڏي آهي. انهن پنهنجي عرفاني سخن
کي ڪڏهن به بادشاهن، اميرن ۽ تونگرن جي ساراه سان
نه ڀريو. فقط الله جي ساراهه، بزرگان دين جي مهما،
۽ نصيحت پردازي تي سارو ڌيان صرف ڪيو اٿن.
قاضي قاضن (قادن) اصل درٻيلي (ڊڀري) جو ويٺل هو، ۽ مخدوم ميران
مهدي جونپوري جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو، جنهن ڪري
زماني جا ظاهري عالم مٿس لعن طعن ڪندا هئا. جن مان
هڪڙو ”بيان العارفين“ ۾ ڏنو اٿس ته ڪيئن نه هڪڙي
ملامتي فقير جي تنبيہ تي سندس اکين مان اونداهي
جون اکياڙيون لهي ويون، ۽ ڪيئن نه معرفت جو ماڳ هٿ
آيس:
جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
وري اٽڪل پنجاه ورهين تائين شهر جو پتو ڪونه ٿو پوي. اگرچه انهي
مدت ۾ ڪيترن ئي بزرگن پنهنجا ڪلام چيا هوندا، جي
زماني جي خوردبرد ڪري الوپ ٿي ويا آهن، سواءِ ڪن
چند بيتن جي. بزرگن جا سماع ٿيندا هئا، حلقا لڳندا
هئا، واعظ جون مجلسون ٿينديون هيون، جن ۾ اهي
معرفت جا ڪلام پڙهيا ويندا هئا. اهڙي قسم جا ٻه ٽي
بيت خوش قسمتيءَ سان هٿ آيا آهن. مخدوم احمد ڀٽي
رحه حيدرآباد شهر ۾ سماع ٻڌنديئي (930 هه ۾) وفات
ڪئي، تنهن بابت روايت آهي ته: هڪ دفعي سماع ۾ ڪنهن
سوناري نينگر هي بيت ڏنو:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
هي بيت ٻڌنديئي مخدوم صاحب جن غش ٿي ويا ۽ انهيءَ حالت ۾ واصل
بالله ٿيا. تنهن تي سوناري وري چيو:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين
مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وَٽِي ٿي وڌلهي.
۽ پڻ مخدوم نوح رحه پنهنجي وفات وقت (998 هه) هڪ خاص مريد کي
پاڻ وٽ ستت اچڻ لاءِ هڪ بيت ڏنو آهي، جو سندن
ملفوظات ۾ مندرج آهي.
مٿين حقيقتن مان پڌرو آهي ته سنڌي شعر جي شروعات چوڏهين صدي
عيسوي جي آخر ۽ پندرهين صدي جي اوائل ۾ ٿي آهي. ان
کان اڳ سنڌي شعر تي ايترو ته ڌنڌ چڙهيل آهي، جو
نور جو هڪ ترورو به نظر نٿو اچي. شاه ڪريم جو ڪلام
سنڌي شعر جو وهائو تارو آهي ۽ منجهانئس انهي پرڀات
جا پَرتوا پون ٿا، جن جو شمسي شعاع شاه لطيف جي
بيتن ۽ ڪافين ۾ ظاهر ٿئي ٿو. شاه ڪريم سنہ 1030هه
(مطابق 1620ع) ۾ چالاڻو ڪيو. ان کان پوءِ تقريباً
سؤ سالن تائين وري شعر جو دهو ڪونه ٿو پوي، اونده
انڌوڪار لڳو پيو آهي.
شاه عنايت صوفي جهوڪ واري جي شهادت جو مال 1130هه آهي. ان بزرگ
جا ارشاد ۽ مقولا به ضرور شعر جي صورت ۾ هوندا ۽
جيڪڏهن درگاهه جي متصدين وٽ اڃا تائين سندس ڪلام
موجود آهي ته اهو ڪوشش وٺي ڪٺو ڪرڻ گهرجي. شاه
شهيد جو مٿو کوڙڻ ۽ لطيفي لات جو شروع ٿيڻ. ڇاڪاڻ
ته سچو شعر اهو روحاني ڪرشمو آهي، جنهن جو اثر يا
سلسلو ڪڏهن نٿو ٽٽي. هڪڙي پُوڻي اڃا پوري مس ٿي
ٿئي ته ٻي تند ٿي تاڻجي. اهو نظم جو ڌاڳو ڪڏهن به
ڇڄڻ جو ناهي. عربيءَ جي مشهور شاعر ابو تمام جو
قول آهي: ولکنہ صوب العقول اذا نحلت سحائب منہ
اعقبت سجائب، ”پر اهو (يعني شعر) عقلن جو ماٺو
مينهن آهي: جڏهن ان جا ڪي ڪڪر وهي وڃن ٿا ته انهن
جي پٺيان وري ٻيا پيدا ٿين ٿا.“
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اهو نظمي ڪلام اڪثر بيتن يا دوهن جي
صورت ۾ هو، جن جي ڪمال اچي شاه عبداللطيف ڀٽائي تي
دنگ ڪيو. انهيءَ شاعرن جي شاه پنهنجو ڪلام هڪ
لاثاني نوع ۾ چيو آهي، جو ايتري قدر معمور معنيٰ
آهي ۽ ايتري قدر سوز ۽ گداز، رقت ۽ ميٺاج اٿس، جو
کانئس پوءِ آيل شاعرن جي انهيءَ قسم جي شعر مان
اهو رس ۽ اها لذت ورلي حاصل ٿئي ٿي. پر شاه لطيف
کان اڳ، توڙي ساڳئي ئي وقت، ڪي وڏا بزرگ ٿي گذريا
آهن، جن سنڌي ادب ۽ زبان جي خاصي خدمت ڪئي آهي.
کانئن اڳ ڪتابت سموري عربي يا فارسي ۾ ٿيندي هئي،
پر هنن پنهنجن ڀائرن سان خاطر ٿيڻ ۽ انهن کي سچي
دين جي دڳ تي هلائڻ لاءِ ڪيترائي قيمتي ڪتاب
پنهنجي ٻاجهاريءَ سنڌي ۾ لکيا، انهيءَ لاءِ ته عام
کي فائدو پهچي. انهن مان هيٺين صاحبن جا نالا
قابِل ذڪر آهن: مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين،
مخدوم محمد هاشم، محمد ابراهيم نقشبندي، خواجه
محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، رضوان الله
عليهم.
مخدوم ابوالحسن جي سنڌي ته مشهور آهي. هن صاحب سنڌي صورت خطيءَ
کي علمي شڪل ڏني، بلڪ ان ۾ اهي خوبيون ۽ نزاڪتون
پيدا ڪيائين، جي اڄوڪي ’اَلفباءٗ ۾ به موجود ڪين
آهن. ڪنهن مخدوم ضياءالدين جي سنڌي فقہ جي مسئلن
تي جدا شعري هم قافيہ فقرن تي مبني آهي، زبان
اعليٰ صاف ۽ سليس آهي، اگرچه منجهس ڪو اهڙو حظ
ناهي. اهي سڀيئي گڻ ۽ وصفون وري مخدوم محمد هاشم
جي سنڌيءَ ۾ آهن، جو پنهنجي پر ۾ بيمثل آهي. ساڳيو
ئي سوز ۽ گداز اٿس، جهڙو شاه جي ڪلام ۾، اگرچه ان
کان بلڪل نيارو آهي. ”بناءالسلام“ صاف ”اسين، آ آ“
وارين تڪن ۾ چيل آهي، ۽ منجهس ”دين متين جا مسائل
درج آهن جنهنڪري عبارت گهڻي قدر رُکي، ۽ اڀوڳي ٿي
پئي اٿس. پر عم سيپاري جي تفسير ۽ ”قوت العاشقين“
جي تمهيد ۾، جنهن ۾ سندس روح، الله جي ساراه ۽
رسول جي سڪ ۽ چئن يارن جي مدح ۾ ريلا پيو ڏئي.
منجهس اهو جذبو، ميٺاج ۽ رواني آهي جو پڙهندڙن جو
قلب جهڄيو پوي ۽ بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڳلن تي
ڳڙيو پون. اهڙي قسم جو ميٺاج وري پوئين زماني جي
بزرگن، جهڙوڪ ميان عبدالله منڌري، محمد اشرف
ڪاماري شريف واري ۽ هارون شاه جي ڪلام ۾ آهي، انهن
سڀني بزرگن جو ڪلام شعر ۾ آهي.
خواجہ محمد زمان ۽ فقير گرهوڙيءَ وري پنهنجو طبقو پاڻ ٺاهين ٿا.
خواجہ صاحب جا سنڌي ابيات، جن جو تعداد 84 کان به
مٿي آهي، هن ضعيف فقير عبدالرحيم جي شرح سان شايع
ڪيا آهن، جو اصل دقيق عربيءَ ۾ هو. خواجہ صاحب جن
جو نثري ڪلام ۽ وعظ به عربيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو
آهي، جنهن جي ڪري سندس اصليت جي خبر پئي نٿي سگهي
ته ڪهڙيءَ بناوت تي هو.
خود فقير گرهوڙيءَ جو ڪلام نهايت پاڪيزو ۽ اعليٰ درجي جو آهي،
هڪڙن ڪلمن ۾ ته قرآني سورتن ۽ آيتن جو تفسير ڪيو
اٿس، پر اهو به اهڙي دلڪش پيرايي ۾، جو ان جي پڙهڻ
سان خستگي نٿي ٿئي. ان ۾ سچي شعر جون سڀيئي خوبيون
ڪوٽ ڪوٽ ڀريليون آهن. ٻين ڪلمن ۾ وري تصّوف ۽
فلسفي ۾ اچي پلٽيو آهي، ليڪن اعليٰ شعر جي دامن
هٿان نه ڇڏي اٿس. اڳين بزرگن جي ڪلام وانگي منجهس
رکائي ۽ آلُوڻائي ڪانهي. ان جي پڙهڻ مان لنوُ لنوُ
ٺري ٿي ۽ دل کي ڏاڍو لطف ٿو اچي. فقير عبدالرحيم
گرهوڙي اسان جو پهريون ئي اديب ۽ شاعر آهي، جنهن
جو نثري ڪلام اسان وٽ پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾
موجود آهي. سندس سارو ڪلام مون گڏ ڪري رکيو آهي،
اميد ته جلد ئي کيس جلوه گر ڪيو ويندو.
مخدوم محمد هاشم، بزرگ گرهوڙي، ميان عبدالله منڌري ۽ ميان اشرف
جي ڪلام تي عربيءَ جي مشهور شاعر بوصيريءَ جي
مبارڪ قصيده ”برده“ جو ڳوڙهو اثر آهي. ”برده“ جو
سنڌي مثنوي ۾ ترجمو بزرگ شفيع محمد پاٽائي ڪيو
آهي، جو اڃا طبع هيٺ نه آيو آهي نهايت پاڪيزو ۽ رس
ڀريو آهي، سنڌي بيتن ۾ وري مولوي علي محمد مهيري
آندو اٿس ۽ ڪمال ڪيو اٿس. هي اديب ۽ عالم شخص
ويجهڙيءَ ڇَڪَ ۾ گذاري ويو آهي. تازو فارسي مثنوي
۾ شرح سان ترجمو ۽ تفسير وري منهنجي دوست لطف الله
بدوي ڪيو آهي، جنهن مان جامي ۽ سعديءَ جون سڪون
ٿيون لهن، عبدالله اثر به پاڻ کي انهيءَ ڏس ۾ چڱو
موکيو آهي.
شاه عبداللطيف جو ڪلام ته بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ ڪي استاد
غواص ۽ روحاني رازن جي درياء جا نهنگ، پيهي معرفت
جا موتي هٿ آڻي سگهن ٿا. هن مختصر مقالي ۾ ان جي
جدا جدا ماهيتن ۽ موضوعن تي بحث ڪرڻ عبث آهي. سندس
نڪو آند آهي نڪو پاند، ان لاءِ جدا هڪ ڪتاب گهرجي
۽ مطالعي سان گڏ فڪر ۽ تدبر، رياضت۽ باطني صفائي
جي ضرورت آهي. مطلب ته ان جي سڀني ڪلامي ۽ عرفاني
خوبين جي اپٽار جو دم هڻڻ ۽ دعويٰ ڪرڻ محض جسارت
آهي. کانئس پوءِ سچل ۽ سوامي جو ٿورو ذڪر ڪرڻ واجب
آهي. سچل جو ڪلام پڻ بيتن ۽ ڪافين تي مبني آهي،
اگرچه ڪين گهٽايو اٿس، پر شاه جي ڪلام کان ڪئين
ڪوهه پوئتي آهي. سندس بيتن ۾ اهو چَسُ ناهي ۽ نڪي
ڪي وري سندس ڪافين ۾ اها شيريني ۽ سلاست. پنهنجي
ڪلام ۾ تصّوف گهڻو ئي ميڙيو اٿس ۽ اناالحق جي نعري
کان به ڪين گٿو آهي، پر ائين چئجي جيئن چچڙي ۽ هڏن
جي ڪڙ ڪڙ. ماڳهين شريعت جي ليڪي کان لنگهي وڃي تار
۾ پيو آهي. ڪافين ۾ سو مستي ۽ موج واه جي اٿس.
گويا ڏنڊو يا چمٽو کڻي رقص پيو ڪري. پر شاه جي
واين واري منجهن لذت ڪانهي. سوامي وري ويدانت جي
واٽ ورتي آهي. سندس ٻولي هندڪي آهي ۽ سنسڪرت جي
غير مانوس لفظن ساڻ ڀريل آهي. ڪو ڪو شلوڪ لڀندو،
جنهن مان دل کي ورونہ ايندي، يا قلب تي رقت طاري
ٿيندي نه ته سراپا خشڪ ۽ بي سوادي آهي.
هتي قدما جو دور ختم ٿئي ٿو. اميد ته ٻئي بحث جي
دوران ۾، وچين دؤر جي بزرگن جو وستار ڪنداسين،
الله واهي!
|