سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :21

شاه جي رسالي ۾ تحريفون[1]

 

شاه جي رسالي جي گڏ ڪندڙن، شاه جي ڪلام سان جنسي ڪِيسُ ڪيو آهي ۽ ان ۾ ديده دانستہ پنهنجا پراوا بيت ملائي ڇڏيا آهن. مثلاً، شاه ڪريم جا بيت جي گنج ۽ مير عبدالحسين واري نسخي ۾ ضميمہ طور ڏنل آهن، تن کي ڄاڻي واڻي مناسب يا غير مناسب جاين تي رسالي جي وچ ۾ ٽنبي ڇڏيو اٿن. پوءِ وري ڪي مت جا موڙهل چون ته انهن کي تضمين طور ڪم آندو ويو آهي، اگرچه حقيقت ان جي بالڪل ابتڙ آهي، ۽ شاه صاحب مورڳو انهن جو تتبع ڪيو آهي.

شاه ڪريم جا بيت ۽ انهن سان گڏ قاضي قاضن جا بيت گهڻو وقت اڳي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب غلط نموني ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا،۽ 1927ع ۾ مون انهن کي درست ڪري، شاه ڪريم جي روحاني گفتن سان گڏ هڪ زياده مفصل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو هو. تنهن هوندي به اوائلي غلطيون اديبن جي اندر ۾ ايتري قدر گهر ڪري ويون آهن، جو جو انهن مان ڪيترا ڏسڻا وائسڻا راهه گذارو شاهه ڪريم جا ڪيترائي مشهور بيت، شاه لطيف ڏانهن منسوب ڪندا آهن. مثلاً:

تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک

سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک.

_______

مروئان موران پکڻان، وائي ٻي مَ ڀُل

هو هلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.

_______

تو کي توڙائون ”لا“ سين لاٿائون

اڃا پڻ ”آئون“، واريو وجهين وچ ۾.

_______

اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ

هاڻي وڃ گمان، سهي سڃاتا سپرين.

_______

اسين تتان آئيون، جت کهنبو ناه

جي وڃون ويساه، ته پڻ مٿئون لوئيون. وغيره وغيره رسالي جي متن ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: احسان، ايوب، بلال، ٻڍو، جوڻيجو، حبيب، ڌوٻي، ڏاتو، زبير، شاه حسين، صالح، طالب، طبيب، عزيز، عطا، عنايت (عنات)، عيسو، قاسم، قطب، ڪيسر، لاکو، لکمير، محمود، مڱيل ۽ هلال. ازانسواءِ خواجہ محمد زمان لنواري ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ جا ڪيترائي بيت بنا پڇاڻ جي داخل ڪيا ويا آهن. اهو ته ڇڏيو، پر ڳچ بيت نهايت قديم گمنام شاعرن جا پڻ ڄاڻي واڻي منجهس دوسيا ويا آهن. مثلاً هيٺيان ٻه بيت، جي 934هه کان به اڳ جا چيل ٿا ڏسجن، ۽ جن جي اسان وٽ سند آهي، سي به حق بناحق شاه ڏي منسوب ڪيا ويا آهن:

سڻي سڏ پرين جو، وانڪي جي نه ورن

ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.

-------

سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين

مرڻان منهن مَ موڙ، اڄ وٽي ٿي وڌ لهي.

انهن بيتن جو واسطو مخدوم احمد ڀٽيءَ جي وفات سان آهي، جو ٻئي ڪنهن ضمن ۾ ڪي سال اڳ ڏيکاريو ويو آهي. شاه جي فقيرن ٻئي بيت جي وچ ۾ هيٺين سٽ خواه مخواه وڌائي آهي ۽ لفظي تڪرار سبب ان جي خوبي خراب ڪري ڇڏي اٿن:

ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ.

ڪاتي، ڪرٽ ۽ خنجر، هڪڙيئي وقت ڪم آڻڻ شاه جي شان وٽان ناهي.

هاڻي اچون ٿا خاص موضوع تي. انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو انڌير چئبو، جو اصل شاعر جو نالو مٽائي، ان جي جاءِ تي ٻيا لفظ ڪم آڻجن ۽ ماڻهن کي انهيءَ واهمي ۾ وجهجي ته هي بيت شاه صاحب جا چيل آهن. خبر ناهي ته اهڙي نموني ڪيترن بيتن سان هٿ چراند ٿي هوندي. مثال لاءِ هيٺيان ٿورا بيت وٺو، جن جي پڙهڻي ڇاپي نسخن موجب آهي:

 

 سر سهڻي

طعني لئي تران، مٿي وه واڪا ڪيو

مون کي سڪ ساهڙ جي، مر محبت منجهه مران

وچان ڪيئن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي.

ڀٽ واري نسخي کان سواءِ ٻين سڀني قلمي نسخن ۾ گنج سميت وچين سٽ هن طرح ڄاڻايل آهي:

مُنکي سڪ محمود چي، مر محبت منجهه مران.

ڄاڻي واڻي تعريف ڪري، ”محمود چي“ جي بدران ”ساهڙجي“ لکيو ويو آهي. ۽ ويچاري گمنام شاعر سان ظلم ڪيو ويو آهي.

 سر ڪيڏارو

هي سرشاه صاحب جو چيل ناهي. اڪثر بيت احسان فقير لانگاه جا آهن، جو پڻ شاه جو همعصر هو. ”احسان چي“ جي بدران جاءِ بجاءِ ”احسان سين“ يا ”احسان سان“ لکيو ويو آهي، اگرچہ انهن بيتن مان غيريت جي بوءِ پيئي اچي، الا ماشاءالله. مثلاً هي بيت تمام سهڻو آهي پر ان ۾ تحريف بالڪل ظاهر آهي:

جنت سندين جوءِ، فائق هليا فردوس ڏي

فنا ٿيا في الله ۾، هوءِ ۾ پيا هوءِ

رب ڏيکاريين روءِ، اُنين جي احسان سين.

ٻيو هڪ زائد بيت حسين فقير ۽ جمعي فقير وارن رسالن ۾ ڏنل آهي، ليڪن ان ۾ ظاهر ظهور ”احسان چي“ جا لفظ مندرج آهن، جنهن مان صاف ثابت آهي ته هن فقير جو ڪلام ڪهڙي نه بري نموني ۾ چورايو ويو آهي.

پهرين هن پليت تي، ڪيو حملو حر

گهڻا مرتد ماريا، ڪري غلبو گر

آرڻ ۾ ”احسان چي“، ڪئي پيارن پر

اِي ٻَئِي دانههَ در، آيا ڪم امام جي.

مرحوم مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڪيڏاري جي تحريفات تي ورهيه اڳي روشني وڌي هئي، اميد ته موقعي آهر انهيءَ لاءِ نئين سر بحث ڪيو ويندو.  

 

سر سسئي

موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو نه جيڏيون

نهارينديس نڪري، آرياڻي البت

ڪنديس اوٽ ”عيب جي“، لڪن ڏيئي لت

سرتيون شريڪت، آءٌ ڪيئن آڳن سين ڪريان.

”ابتين ڪامائن“ ۾ ڏنل لفظن جي جاءِ تي، ڀٽ واري قلمي نسخي ۽ بمبئي واري قديم ڇاپي ۾ ”ايوب چي“ ڏنل آهي، جنهن مان ظاهر آهي هيءُ بيت ”ايوب“ نالي سگهڙ جو چيل آهي، ميان احمد ۽ مير صاحب وارن قلمي نسخن ۾ ”عيب چي“ لکيل آهي، ۽ گنج ۾ وري ”ان جي“ آهي. مطلب ته ڪاتبن انهيءَ بيت ۾ به وڏي دماغ سوزي ڏيکاري آهي.

 

سر سورٺ

هيٺيون بيت شاه صاحب جو نه، پر هڪ ”عزيز“ نالي بزرگ جو چيل آهي. ڇاڪاڻ ته برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي جو ڪاتب ان جي هيٺان ”عليہ رحمة“ جا دعائيہ لفظ لکي ٿو. ڇاپي نسخن ۾ ”عزيز چي“ جي بدران ”عظيم جو“ ڏنل آهي. گنج ۾ وري ”عليل کي“ جا لفظ درج آهن. برٽش ميوزيم واري جي تائيد سيد ابراهيم شاه ۽ مير علي احمد وارن نسخن مان ملي ٿي.

موٽي مڱڻهار، شال اچين ڪڏهين!

اٺئي پهر عظيم جو، تنهنجو ڪنڍو منجهه ڪپار

جنهن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين.

قارئين ڪرام معلوم ڪري وٺندا ته ڪهڙي پڙهڻي وڌيڪ درست آهي.

 

سر مومل راڻو

هيٺيون بيت شاه جو نه، پر سندس خاص فقير ”طالب“ جو آهي. ”طالب چوءِ“ يا طالب چي“ جا لفظ مٽائي، انهن جي جاءِ تي ”طرحن ساڻ“ لکيو ويو آهي.  

اڃا ڀيرو هيڪڙو، پسبي مومل

وٺي ويندي پاڻ سين، ڏيندي نه موڪل

هت ويهن ٿي وڄايا، ”طرحن ساڻ“ طبل

جن کي هيون ڪلنگيون منجهه ڪل، سي ويا

ڪنبندا ڪاڪ ڏي.

 

سر بلاول

هيٺئين بيت ۾ ”طيب“ شاعر جو نالو حذف ڪري، ان جي جاءِ تي ”تکو ڪيو“ جا لفظ وڌا ويا آهن:

آلا بندي آئيو، تنهن جي هاٿيءَ هاڪ هنئي

آرڻ ٻڌي ابڙي، ٿي رڻ ۾ رڪ رئي

تيغن تائين ”تکو ڪيو“، سگهي ڪونه سهي

سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

هاڻ گنج ۽ ٻين ڇهن قلمي نسخن ۾ ”تکو ڪيو“ جي جاءِ تي ”طيب چي“ ڏنل آهي، جا ئي صحيح پڙهڻي آهي. سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم وارا نسخا ته اها سٽ ئي نٿا لکن.

 

سر مارئي

هيٺئين بيت ۾ ”حبيب چئي“ جي بدران ”حبيب جي“ لکيل آهي. اڳين قراء،ت گنج ۽ ٻين ٻن نسخن جي آهي:

تنهن پر اُٺن مينهڙا، جنهن پر گهريائون

رضا جا رحمان جي، ڀڄي پاريائون

ملير ماڻيائون، حڪم ساڻ ”حبيب جي“.

 

 

سر پورب

هيٺيون بيت ”بلال“ نالي هڪ سگهڙ جو آهي ۽ اهو نالو ڇهن معتبر قلمي نسخن ۾ ڄاڻايل آهي، ليڪن ”بلال چي“ جي بجاءِ ”بهار جي“ لکي، ويچاري ٻهراڙيءَ جي شاعر کي پنهنجي حق کان محروم ڪيو ويو آهي:

ڪانگل قريبن جا، اچي وائيءَ وڻ

تو ۾ بوءِ ”بهار جي“، مشڪ کٿوري مڻ

اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ

توکي پسي تڻ، سُورنَئون صاف ٿئي.

اهو بيت ”بلال“ شاعر جو آهي. انهيءَ ڳالهه مان به ثابت ٿئي ٿو، جو ساڳئي بيت جي هڪدم پٺيان مير علي احمد واري بياض ۾ هيٺيون بيت ”بلال“ جي نالي سان ڏنل آهي:

سُورنئون صاف ٿيئي، تَنُ پسي توکي

پيهي پڇ ”بلال چي“ جا پر چوکي

ڏيل ڇڏيو ڏوکي، سور سڻي ٿي سچني.

مطلب ته رسالي جي جمع ڪندڙن وڏو قهر ڪيو آهي. اکيون ٻوٽي ٻين جو ڪلام کڻي رسالي ۾ داخل ڪيو اٿن. جن بيتن ۾ شاعرن جا نالا ڏنل آهن، تن جي تشخيص ڪرڻ ته سولي آهي، پر اهي بيت، جن مان شاه جو شعور ئي نٿو بکي ۽ جن مان اجنبيت جي بوءِ اچي ٿي، تن جي تميز ڪرڻ نهايت ڪٺن آهي، ۽ وري انهن کي اوٽ تي شاه جي ڪلام کان جدا ڪرڻ به انصاف جي خلاف آهي. بس، خدا جي وس.

_______

 

شاه جا گم ٿيل بيت[2]

 

انهيءَ عنوان سان ڊسمبر 1955ع وارن ”عبرت“ جي پرچن ۾، ماستر شيخ محمد سومار بدينائي ڪي شاه لطيف رحه جا بيت شايع ڪيا هئا، جن ڏانهن بروقت جناب حاجي ابن مڱڻ منهنجو ڌيان ڇڪايو هو. محترم مولوي محمد عثمان ڏيپلائي انهن جو خير مقدم ڪندي هيئن لکيو هو ته ”اسان جو محترم دوست شيخ محمد سومار بدينائي لائق صد تحسين جو آهي، جو هن اهڙا ڪافي (؟) جواهر هٿ ڪري موڪليا آهن.... اگرچه ڪي صاحب ائين به چوندا ته هنن مان ڪي يا سڀ شاه صاحب جا نه آهن. مگر اسان جو چوڻ آهي ته هي به بهرحال اهڙائي جواهر آهن...  ڀل ڪي علم وارا صاحب ڇنڊ ڇاڻ ڪن پر اسين ته هنن جواهرن کي جواهر ئي سمجهنداسون، چاهي ڪهڙيءَ به کاڻ مان نڪتل هجن.“

هُونءَ ته مولوي صاحب جن نڪتہ دان ۽ گوهر سنج آهن، پر خبر ناهي ته هن ڀيري ڇو اکيون ٻوٽي کري کوٽي جي خبر نه  رکي اٿن. ماستر ممدوح جي شوق جي ڪيتري به تحسين  ڪجي پر اهو ذوق ڪٿي جو ڪچ جي ڪڻي ۽ امل ماڻڪ جي تميز ڪري. انهيءَ ڳالهه کي هڏهين ”جاکوڙا ڪڍڻ“ ڪين چئبو، جو رسالي جي هڪ ٻن نسخن تان ڪي اوڦٽو بيت نروار ڪري ڇپائجن. مون کي خبر ناهي ته ”مهراڻ“ ۾ ڪهڙا موتي ۽ جواهر پارا موڪليا هئائين، جن جي زرق برق پڙهندڙن جون اکيون کيريون ڪري ڇڏيون. بهرحال سندس کوجنا هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ قدردانن انهن جو قدر سڃاتو، ۽ انهن جي انڪشاف ڪري سنڌ جي ادبي وايو منڊل ۾ انقلاب اچي ويو!

حقيقت هي آهي ته ماستر صاحب کي جناب پير عالي شاه جيلاني جي معرفت هڪ ڪڇ ڀڄ جو لکيل شاه جي رسالي جو خطي نسخو، جناب سيد مٺو شاه سيراڻيءَ واري وٽان مليو هو، ۽ پڻ لونگ فقير جي رسالي ۾ منهن پائڻ جي مهلت نصيب ٿي هئي. اهي ٻئي رسالا جناب پير صاحب جن رحمت فرمائي مون کي به مقابلي لاءِ تاريخ 31 جولاءِ ڏنا آهن، جو انهن جي ٻين قلمي نسخن سان ڀيٽ ڪري رهيو آهيان. لونگ فقير جو رسالو ته ڪو مس ڏهن پنڌرهن سالن جو لکيل ٿو ڏسجي، ۽ تمر فقير جي گادي نشين ميهر فقير (وفات 1954ع) جي اهتمام سان، رواجي پني تي لوهي قلم ۾ اتاريل آهي، جنهن ۾ شاه صاحب جي اصلي ڪلام سان گڏ ٻيو به گهڻو ئي گند گاهڻ ميڙيو ويو آهي، ۽ در حقيقت حسين فقير، سومري خان رند ۽ جمعي فقير جي رسالن ۽ ان جي نقلن جو ڪچڪول آهي. ڪاتب جي ڪاريگري انهيءَ مان پڌري آهي، جو ”تاريخ، مهينو، سال“ جا لفظ لکي، انهن جي پٺيان ڪوبه انگ نه ڄاڻايو اٿس، اهڙي رسالي جي معتبرائي پري کان ئي ظاهر آهي.

باقي رهيو سيد مٺو شاه سيراڻيءَ واري جو ڪڇ ڀڄ جو لکيل قلمي نسخو، جنهن بابت دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته ”شاه لطيف جي وفات بعد هڪ ٻن ورهين اندر لکيل آهي ۽ سندس صورتخطي ”گنج“ سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي.“ سو اهي ٻئي ڳالهيون سراسر غلط آهن. ڪنهن به صاحب مون کان سواءِ اڄ تائين ”گنج“ جو مقابلو نه ڪيو آهي، جو ويهه ڏينهن سانده ٻه سؤ ڪلاڪ هڪ پڙيءَ ويهي، ان تان مواد ڪٺو ڪيو اٿم. اگرچه سندس زيارت کڻي ڪيترن ئي ڪئي هجي. ”گنج“ عادي اڇي پني تي 1207هه جو لکيل آهي [3] جنهن ڪري هٿ لائڻ سان ورق ڀريو پون. باقي مٺو شاه واري رسالي تي نڪو ڪاتب جو نالو ۽ نڪي ڪاتب جي ڪا تاريخ ڄاڻايل آهي، مگر پنو مضبوط قديم سڻي وارو اٿس. هڪ صفحي تي (پير) ”غوث محمد قريشي از درگاه نالايہ کچهه بهوج“ جي هٿ اکرن ۾ تاريخ 12 رجب المرجب 1316هه لکيل آهي. ازانسواءِ صفحي 304۽ 305 تي ٻه جدا جدا مهرون آهن، جن جي ڪتابت حال في الحال پڙهڻ کان پري آهي. ليڪن انهن ۾ ڪابه تاريخ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. ٻئي صفحي تي ڳاڙهي مس ۾ هي لفظ مرقوم آهن ”اين رسالہ تصنيف شاه صاحب مخدوم شاه لطيف رحمت الله عليہ“. محتويات جي ازروءِ هي رسالو هوبهو آخوند محمد شفيح ولد آخوند الياس جي لکيل نسخي (17، 27 صفر 1273هه) جهڙو آهي، فقط آخر ۾ احسان فقير ۽ پٽس اسماعيل جي سرڪيڏاره مان سترهن بيت ڏنل آهن. آخوند محمد شفيع جو لکيل رسالو، ديوان تاراچند شوقيرام پنهنجي ٻن ڀائرن ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند جي يادگار ۾ اين، ايڇ اڪيڊمي (هاڻ گورنمنٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد) جي ڪتبخاني کي ڏنو هو، جو اڃا تائين اتي موجود آهي ۽ مون ان جي تطبيع ڪري ڇڏي آهي سيد مٺو شاه وارو رسالو حقيقت ۾ هڪ بياض يا منتخب آهي، جنهن ۾ جدا جدا سرن مان ڪي چونڊ بيت درج ڪيا ويا آهن. مثلاً مارئي جي سر جا منجهس فقط 6 داستان آهن. اگرچه ڇاپي نسخن ۾ ٽيهه اکري سميت 11 داستان؛ جمعي فقير ۽ ان جي نقلن ۾ 18 داستان، لونگ فقير واري نسخي ۾ 27 داستان، ۽ مولوي احمد جت واري رسالي ۾ فصلن ۽ منزلن کان سواءِ 28 داستان آهن.

هاڻي سوال آهي ته مٺو شاه وارو رسالو، آخوند محمد شفيع جو رسالو، برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيس وارا نسخا، سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم جا رسالا، سڀ حقيقت ۾ ڪامل مڪمل ديوان يا رسالا آهن، جيئن سندن عنوان مان پڌرو آهي، يا مورڳو ڪنهن خاص قديم رسالي يا ”گنج“ جا اختصار ۽ انتخاب. پهرين حالت ۾ چئبو ته گويا سڀ رسالا ويندي موجود ”گنج“ سميت سڀ هٿرادو ۽ جڙتو آهن ۽ منجهن زائد بيت خود شاه لطيف جا نه آهن، بلڪ پوءِ فقيرن انهنجي تتبع تي ٺاهي، شاه جي اصلي ڪلام ۾ داخل ڪيا آهن. ليڪن انهن بياضن ۾ باوجود اختصار جي ڪيترائي نوان بيت آهن، جي ”گنج“ توڙي ٻين قلمي نسخن ۾ نٿا ملن، مثلاً، برٽش ميوزيم واري بياضن ۾ هي بيت:

سفر سکيرون، هون سلامت سپرين!

چڙهيا جو چت ڪري، پنو سو ڪاچون

تئان مَ ڀاڳون! جو منهن ڏيئي هليا.

مون کي اڄ تائين ڪنهن به نسخي ۾ نظر نه چڙهيو آهي. اهڙا ٻيا به گهڻيئي مثال آهن، جن جو هت ايراد ڪرڻ تطويل جو باعث ٿيندو. مطلب ته اهي ابيات ڪنهن اهڙي آڳاٽي نسخي تان ورتل. ٿا ڏسجن. جو هاڻ عدم پيدا آهي. يا جو ڪڏهن ڀڙڪوکائي پيدا ٿي پوي. ليس علي الله بعزيز.

منهنجي خيال ۾ مٺو شاه واري بياض جي عمر به لڳ ڀڳ ساڳي آهي، جهڙي آخوند محمد شفيع واري بياض جي، يعني اٽڪل هڪ سؤ ورهيه. ماستر صاحب جنهن جو فهم ۽ فراست عقل ۽ ادراڪ به ٻين ابتدائي معلمن جي معيار تي هوندو الا ماشاءَ الله، تنهن گهڻو وڌاءُ ڪيو آهي. ڇا ڪيو اٿس جو لونگ فقير جي رسالي تان ڪي بيت اُتاري کڻي هن رسالي جي اڳ ۾ اٽڪايا اٿس. باقي ملحق بيت خليفي محمد بچل ۽ غوث محمد قريشي جا لکيل آهن، جن جي ڇيڙي ۾ سن 1334هه ڄاڻايل آهي، يعني ته انهن زائد مصنوعي بيتن جي ڄمار تقريباً 40 سال آهي. انهن کي اهميت ڏيڻ ۽ تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ، عوام الناس جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي سمان آهي.

هاڻي اچون ٿا هن سوال تي، آيا اهي بيت شاه لطيف جا آهن، جي اڳين رسالي جي ترتيب ڏيندڙن کان نظر انداز ٿي ويا آهن، يا ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏنا اٿن، يا ڪن ٻين شاعرن يا سگهڙن جا چيل آهن! اهو هڪ نهايت مشڪل ۽ پيچيدو مسئلو آهي ۽ وڏو بحث گهري، منهنجو ايمان جي سلامتيءَ جو رايو آهي ته انهن مان ڳچ بيت شايد شاه لطيف جا هجن، باقي اڪثر سگهڙن جي دماغ جو دم پختو آهن؛ جن مان شاه جو شعور ئي ڪونه ٿو بکي. مان ائين به چوندس ته ڪيترائي بيت جن ۾ شاه لطيف جو نالو اچي ٿو، سي به شاه جا ناهن، بلڪ ڪنهن اڌڙوٽ شاعر خواه مخواه شاه صاحب جونالو کڻي منجهس ٽنبيو آهي. مثلاً، رامڪليءَ مان ڏنل بيت، جيئن مون اڳي هڪ مضمون ۾ واضع ڪيو آهي ته تمر فقير جا چيل اهن. انهن ۾ تمر فقير جو خاص شاعراڻو انداز يعني قطار البعيرين (لاڏو اُٺن جي قطار، پڇ ڳچيءَ سان ۽ ڳچي پڇ سان مهاريل) جو تلازم صاف صاف رکيل آهي:

بک لاءِ نه بکيا، نه ڌاڳا ڌوڙ ڀڀوت

ملنگ هليامنتها، منهن ڪيائون ملڪوت

سندي سان ثابوت، جوڳين سٽيو جذب سين.

________

جوڳين سٽيا جذب سين، تان سو الف ميم

هوئڻان هٽي هوءِ ٿيا، عالم، علام، عليم

حقيقت حال حليم، احد عبد عين ٿا.

علم جرا، بندن جي سستيءَ ۽ عبادت جي لچڪ مان ئي معلوم ٿيندو ته اهي سمورا بيت شاه جا نه آهن. ”ڏاچي هڻي ڏه ۽ توڏو هڻي ٽيهه“ جي مصداق چيلو ڪيترن ئي باطني بيتن ۾ پنهنجي گروءَ کي شهه ڏيئي ويو آهي!

مارئي جي سر مان چونڊيل بيت اڪثر شاه لطيف جا آهن، ۽ آخوند محمد شفيع ۽ دلدار فقيرن وارن رسالن ۾ درج آهن. باقي بيت يا شاه عنايت جا آهن، يا تمر فقير جا. مثال طور ”هي ڀنگا، هي ڀيڻيون، الخ“ وارو سهڻو ۽ سوز وارو داستان سورو تمر فقير جو چيل آهي. جيئن سندس پوئين بيت مان پڌرو آهي:

هي ڀنگا، هي ڀيڻيون، هي واڙا ويڙيچن

بيشڪ ڀٽون لنگهيون، پرتي پنوهارن

تني جا، تمر چي، ٿاڻا منجهه ٿرن

ڏئي وڇوڙو وِرهن، اُٺي ويا اُڪري.

مگر رسالي جي ڪن گڏ ڪندڙن ۽ ماستر صاحب اهو بيت ديده دانستہ وساري، گويا ساري داستان کي شاه لطيف ڏي منسوب ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح جمعي فقير واري يا ٻين رسالن جو چوڏهون داستان، جو هن بيت سان شروع ٿئي ٿو، سو به ڪجهه تمر فقير جو، ته ڪجهه شاه عنات (يا عنات چوڍي) جو چيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ به ”قطارالبعيرين“ وارو سلسلو هليو اچي.

پهرين رات پسي، مون ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو

ملير ماروئڙن کي، واحد ڏيج وسي

آهر جنهن اسين، سو ملندو شال ملير ۾!

هاڻ اچو اُٺن جي لانڍ تي:

سيئي ساريم سومرا، جن جا ٿرن اندر ٿوڪ

مون  جيڏيون ملير ۾، کين مريڙا موڪ

جهڄان پسيو جهوڪ، تن ونهين ويڙيچن جي.

__________

تن ونهين ويڙيچن کي، اُڪنڊي آئون

ماڻيان هوند ملير ۾، سرتين سين سائون!

اَڀاڳي آئون، ويٺي جهڄان جهل ۾.

________

هڏ هي روح رڳون، منهنجون ماروئڙن سان

انين ري، عنات چي، جدا ڪين جيان

پلر شال پيان، وڃي ويڙيچن سين.   

___________

پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ

پهري ويا پٽن تي، مٿي ونهيان ويو

تن جهانگين سان مَ جهيڙ، جن جا ٿاڪ ٿرن ۾.

سر معذوري وارو داستان (هلندي هوت پنهون ڏي، ڪج وڃڻ سان وس) نڪي سيد مٺو شاه واري رسالي ۾ موجود آهي ۽ نڪي آخوند صاحب واري يا ٻين بياضن ۾، ۽ نڪي ”گنج“ ۾ نڪي ٻين ڪچڪولن ۾. رڳو لونگ فقير واري رسالي ۽ مولوي احمد واري  رسالي ۾ لڀي ٿو. منهنجي نظر ۾ انهيءَ داستان جا مڙئي بيت ڪنهن اڌڙوٽ شاعر جا آهن. اگرچه هڪ ٻن بيتن ۾ شاه صاحب جو نالو ناحق وڌو ويو آهي. جيتري قدر مون کي يادگيري آهي ته شاه صاحب ڪٿي به تقدير جو جمع ڪتب نه آندو آهي، ۽ نه وري ”تبار“ جهڙو عامي لفظ شاه جي شان وٽان آهي. مطلب ته ڪنهن ڄٽوڙ اُره زورائي ڪري، شاه جي ڪلام مان جملا ۽ تڪون انهن بيتن ۾ آڻي، مٿن شاه جو رنگ چاڙهيو آهي، ۽ ڪن بيتن ۾ ته هڪ کان وڌيڪ غير موزون قرآني آيتون يا عربي عبارتون ٿڦي، پنهنجي سگهڙ پائي جي ساک ڏني اٿس.

حقيقت ۾ ”بيت سازي“ سنڌي شعر جو هڪ اهڙو نوع آهي، جنهن ۾ ڪوبه پڙهيل يا اڌ پڙهيل يا اڻ پڙهيل ماڻهو طبع آزمائي ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري سچن ۽ ڪوڙن بيتن جي پرک تمام ڏکي ٿيو پوي. مثلاً، نڪي مان شاعر آهيان نڪي سگهڙ، پر بعضي بعضي بي اختيار شعر چئي وهندو آهيان. هڪ دفعي جيئن 24 تاريخ ماه ڊسمبر 1953ع جو صبح مهل، تمر فقير جي اڳيان وڏي کٻڙ هيٺ ”گنج“ کي سوجهي رهيو هوس، تيئن تترن جي تنوار ڪن تي پيم، جن جي متواتر آلاپ مان گويا منهنجي گهر واريءَ جو نالو ٿي نڪتو. هڪدم هيٺيون بيت دل تي تري آيم:

اندر ۾ آهين، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري

جانب کي جهنگن ۾، تتر تنوارين

صبح ويل سرت مان، نالو نروارين

ٻاجهاري ٻولي ڪيو، ساه کي سيباهين

اهڙائي آهينِ، صاحب منهنجا سپرين.

يا هيٺيان ٻه بيت، جيڪي جدا جدا موقعن تي چيا اٿم:

ڪو گهمندي گهور، آيم ٻاروچن جو

اُٺ گنگائي هليا، دل ۾ ڌري پور

پنهون نيائون پاڻ سين، اٽڪل ڪري اسور

صبح سنجريم سور، اديون آريچن جا.

________

قاف ڪشالا ڪيترا، ڏونگر ۾ ڏاڍا

ڦٽيا ڦڻ فقير جا، هاڙهي هيڪاندا؟

اُتي رس ”عمر“ کي، عربي ڄام اجها

سڻج سوز صدا، سائين سور وندن جي.

هاڻي جيڪڏهن پوئين بيت جي ٽين سٽ بدلائي هيئن لکجي:

”اتي لال لطيف چوي، رس آري ڄام اجها“

۽ اهي بيت رسالي جي ڪنهن قديم نسخي ۾ مناسب هنڌن ۾ اٽڪائي ڇڏجن، ته ڪير چوندو ته اهي شاه لطيف جا نه آهن؟ مون ڪيترن ئي شاه جي راڳيندڙن کي ٻڌو آهي ته شاه جو هڪ بيت آلاپي پوءِ ان جي رمز تي ”ڳچ“ جيترا بيت چئي ويندا آهن، اگرچه شاه جي رسالي ۾ انهن جو بڻ بنياد به ڪونه هوندو آهي. اهڙي نموني ڪيترائي ٻاهريان بيت رسالي ۾ اچي ويا آهن، جن جي شاعر جي نالي بغير تشخيص ڪرڻ بالڪل اڙانگي ٿيو پوي.

علي هذا القياس، اهڙي قسم جا بيشمار بيت، وڳارن جون وڳارون، داستانن جا داستان، نه رڳو لونگ فقير جي رسالي ۾ آهن، پر گهڻو ڪري سڀني رسالن ۽ بياضن ۾ سمايل آهن، جي مون راتو ڏينهن رت ولوڙي، سُوڌي سهيڙي رکيا آهن. اميد ته جڏهن سڄو رسالو ضميمن سميت تيار ٿي ويو، تڏهن خلق کي خبر پوندي ته ڪيترين ويهين سؤ آهي؛ ۽ جناب ماستر صاحب جو هڪ رسالي تي هيترا بل کاڌا آهن ۽ ٽير ٽپا ڏنا آهن، تنهن کي پڻ معلوم ٿيندو ته جنهن شخص گذريل چئن پنجن سالن ۾ ساهه سڪائي، ويهن پنجويهن رسالن جو مواد ڪٺو ڪيو آهي، تنهن وٽ نون نفيس بيتن جو ڪيترو نه انبار هوندو! ليڪن سڀڪو پنهنجي هٽيءَ آهر هوڪو ڏئي ٿو، ڪل حزب بمالديهم فرحون!

-------


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، جولاءِ 1961ع تان ورتل. ”تحريف“ لفظ جي معنيٰ آهي: ڪنهن لفظ جا حرف مٽائي، ان جي صورت بدلائڻ.

[2]  ماهنامي ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1956ع تان ورتل.

[3]  ڇپيل مضمون ۾ ڇاپي غلطي سبب 1770هه ڄاڻايل آهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي مراد 1270هه آهي. اهو صحيح نه آهي، دراصل گنج 1207هه ۾ لکيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org