نعت
(علامه دائودپوٽي جو هي شعر، محترم لطف الله بدوي جي هڪ مضمون
”علامہ دائودپوٽي جو هڪ تازه شعر“ مان ورتو ويو
آهي، جيڪو ماهنامي ”نئين زندگي“، ماه آڪٽوبر 1951ع
۾ ڇپيو. انهي مضمون ۾ علامہ دائود پوٽي جي شخصيت
متعلق تاثرات پڻ شايع ٿيل آهن.)
تو جِهو سنسار ۾ ناهي سڄڻ ڪوئي ٻيو.
1. تون ٿئين شمس نَير، ٻيا سڀ ٿيا تارا قمر
تنهنجي نور مان سڀ جلوه گر، تون آهين ڏيهن جو ڏيو.
2. آدم کان اڳ تو نور هو، تنهنجي ذات جو به ظهور
هو
ڪيڏو شان ۽ شعور هو، ايڏو نه رتبو ڪنهن مليو.
3. تنهنجو حسن ٿيو چوڏهن طبق، حيران ٿيا حورون
مَلڪ
سهسين ٿيا تو تان صَدق، مليو يوسف کي تنهن مان هو
ذرو.
6. تنهنجي صفت ڪهڙي ڪيان، جا ٿي اصل کان بي بيان
تنهنجي ذات جي نه آڻي عيان، تنهنجو نَه پيو ڪنهن
کي پرو.
5. وڻ ٽڻ مڙوئي بحر و بر، حيوان ۽ جنّ و بشر
ٿيا سڀ سلامي ڏيج گر، ڪونهي ڇٽل ڪوئي بندو.
6. عاصي ”عمر“ کي انورا، پهرائيو پنهنجي درا
ٻئي در وڃي ڪهڙي مڱا، ناهي تو بنا ڪو ٻيو آجهو.
_______
مجازي ۽ معنوي
[1]
(23، اپريل 1956ع تي مغرب کان پوءِ سارنگ پنهنجو سڀ صورت ۾ جلوه
ڏيکاريو هو. جيئن ته علي الصباح سو ائين ٽين بي
ڌاري بيداري ٿي، تيئن هي جذبا شعر جي صورت ۾ دل جي
افق تي نمودار ٿيا، ”ع“)
ڪڏهم ايندين پتيم پيارا، تو رءَ گذريم سانوڻ سيارا
ڪڏهم ايندي نرمل نوري، تو لءِ تڪيم ڪتيون تارا
ڪهڙي سانگ جهليين تون سپرين، تو لءِ واهم نير
نيسارا
نينهن ڍولڻ جي رمجهم لاتي، آگم اڏيا بوند بهارا
رنگ رسيلا سارنگ ساهيا، ڳاڙها ساوا نيلا نيارا
وڄڙين ويس وسڻ جا ڪيڙا، جهڙ ڦڙ بادل ميگهه ملارا
راڙ رعد جي اولهه آئي، وهه وهه وسيا وَس وسڪارا
تَڙ تاسيارا پُر ٿيا پاڻي، سرها ٿيئڙا سره سنگهارا
ساجن تنهنجي سڪ آنءُ ماري، ڪانهي تو بِن تات توارا
آءُ اندر جا ڏکڙا اوريون، ڳاهون ڳجهه جون پائي
ڳارا
آءُ ته جايون ڏيانءِ اکين ۾، ٺرنم ٺڙٺپ نيڻن نارا
آءُ عجيبا تو لءِ اُڪنڊي، ڪوڙي لائج قربن وارا
شام حسن جي سيڄ سجائي، کوڻ تنهين کان آيا اُٻڪارا
آهه ”عمر“ کي آس پسڻ جي، ڪيتر رسندين منهن موچارا
ڪڏهين ايندين پيتم پيارا
سنڌي ادبي سوسائٽي جا مقصد ۽
پروگرام
[2]
”قوم زنده رهي، جنهن جي زبان زنده رهي“
محترم ناظرين ڪلام نئين زندگي!
السلام عليڪم ورحمت الله وبر کاتہ، عرض ته اوهان جي روشن راءِ
ضمير کان مخفي نه هوندو ته هندوستان جي تقسيم بعد
سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري، اسان جي زبان ۽ ادب کي
تمام وڏو صدمو پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته اها حقيقت آهي
ته گذشتہ ٽن صدين ۾ اگرچه سنڌي ادب مسلمانن اديبن
جي ڪاوش جو نتيجو هو، ته به انگريزن جي ايامڪاريءَ
۾ ان جي اشاعت جو وسيلو اڪثر هندو ئي هئا، جي
پنهنجي سود خاطر سنڌي بزرگن جا ڪلام نثر خواه نظم
۾ ڇپائيندا پئي آيا، تنهنڪري جيستائين اسان ۾
پنهنجي اسلاف جي ورثي سنڀالڻ جو احساس جاڳي، ۽ ان
جي دوام ۽ بقاء لاءِ جوڳو بندوبست ڪريون، تيسين
هندن جي يڪايڪ پڌارجڻ سبب، سڄو ادبي ميدان ڪتابن
کان خالي ٿي ويو. ايتري قدر جو اسان جي بزرگن جا
شاهڪار، جهڙوڪ شاه جو رسالو وغيره بلڪل اڻ لڀ ٿي
ويا. هينئر اگرچه ڪن چند ماڻهن جوفي خاطر اهڙا
ڪتاب ڇپايا آهن، ته به انهن جي ڇپائي ايتريقدر
سقيم آهي، جو جهڙا ڇپيا آهن تهڙا نه. مٿين روبڪار
ڌيان ۾ رکي، سال 1949ع جي آخر ڌاري ڏهين سنڌي ادبي
ڪانفرنس جي موقعي تي ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جو پايو
وڌو ويو، جنهن جا مکيه مقصد هي آهن:
(1) سنڌي بزرگن جون قديم توڙي جديد تصنيفون جدا جدا ٻولين ۾ گڏ
ڪرڻ.
(2) انهن تصنيفن کي صحيح ۽ سندر نموني ۾ ڇپائي پڌرو ڪرڻ.
(3) انهي مقصد بر آريءَ لاءِ هڪ ڇاپخانو سهڻن عربي حروفن سان
برپا ڪرڻ.
(4) سنڌي ادب جي تحفظ، بقا ۽ بهبودي لاءِ هر ممڪن اُپاءُ وٺڻ.
هي تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي، پر سڀڪو غيرتمند سنڌي، جنهن کي
پنهنجي تهذيب ۽ فضيلت (سنڌيت) برقرار رکڻ جو اونو
آهي، سو جيڪڏهن ويهن ننهن جو زور لائي، هر قسم جي
قربانيءَ ۽ ايثار لاءِ تيار ٿيندو، ته مشڪل آسان
ٿي پوندو. قومون پنهنجي وجود ۽ ادب ۽ زبان جي
حفاظت لاءِ ڇا ڇا نه ڪري گذريون آهن، تنهن جي دنيا
جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي. ڇا اسين ايتري قدر پست همت
۽ بي غيرت ٿي ويا آهيون، جو پنهنجي اسلاف جو قيمتي
ورثو به سنڀالي نٿا سگهون، ۽ عاجزن وانگر ٻين جي
رحم ۽ ڪرم ڏي نگران آهيون؟ اسان جو ادب خصوصاً شعر
تمام وسيع ۽ مالا مال آهي، جنهن تي اسان کي فخر
ڪرڻ جڳائي. قدامت، متانت ۽ نزاڪت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
آهي. آيا اسان تي فرض ناهي ته ان جي حفظ ۽ بقا
لاءِ پنهنجو تن، من ۽ ڌن قربان ڪريون؟
الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جو اڃا اسان ۾ غيرت ۽ همت آهي ۽ عزت ۽
استقلال جا سرچشما سڪي نه ويا آهن. ان جو مثال هي
آهي جو گذريل چئن مهينن اندر جزوي ڪوشش سان ساڍا
10 هزار روپيه ڪٺا ڪري سگهيو آهيان. ڪنهن کي اميد
هئي ته ايتري قليل عرصي اندر ايتري رقم گڏ ڪري
سگهبي؟ اڃا به الله ۾ اميد جهجهي اٿم. عزيزو! هن
مقصد پوري ڪرڻ لاءِ لکها روپيه گهرجن، پر جيڪڏهن
سنڌي قوم جا بر آوارده بزرگ اسان سان هن سڳوري ڪم
۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا ته لک ڇا پر ڪروڙ روپيا به
جمع ٿي سگهندا. پوءِ سارو ادبي خزانو صحت ۽ صفائي
سان ڇپجي نروار ٿي عوام توڙي خواص جي اکين جو ٺار
ٿي پوندو.
سوسائٽي جي ميمبرن جا هي درجا آهن.
(1) مربي اهو شخص جو 1000 روپين کان وٺي 5000 روپين جي رقم
يڪمشت عطا فرمائي.
(2) همدرد اهو شخص جو 500 روپين کان وٺي 1000 روپين جي رقم هڪڙي
ئي وقت عطيي طور ڏئي.
(3) دائمي ميمبر اهو شخص جو سال بسال هڪ روپيو ڏيندو رهي.
رب تعاليٰ جي لطف سان سنڌ ۾ گهڻائي اهڙا زميندار ۽ سردار ۽
جاگيردار پيا آهن، جي سوسائٽيءَ جا مربي ۽ همدرد
ٿي سگهن ٿا ۽ گهڻائي اهڙا آهن جو هڪ ئي دفعي سؤ
رپيا ادا ڪري لائيف ميمبر ٿي سگهن ٿا ۽ مان نٿو
ڀانيان ته ڪو اهڙو فرد هوندو جو هڪ روپيو ڏيڻ جو
پاڻ ۾ ست ساري نه سگهي. هي ڪو هميشہ جو ليکو ناهي،
پر هڪ وار هٿ جي مر لاهڻي آهي. حاصل ڪلام جيڪڏهن
نيت خالص آهي ۽ ارادو محڪم ته ٽڪر به ٽاڪي سگهجن
ٿا.
منهنجي سنڌ جي سڄڻن کي نماڻي اپيل آهي ته هي جيڪو ڀاري ڪم سر تي
کنيون اٿئون، تنهن جي اهميت محسوس ڪري، سوسائٽيءَ
جي دل و جان سان حوصلي افزائي ڪن. سندن هي حق
رهندا:
مربين کي سوسائٽيءَ جا سڀ ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا مفت ملندا.
- همدردن کي 50 في صدي ڪفايت تي.
- لائيف ميمبرن کي 25 في صدي ڪفايت تي.
- رواجي ميمبرن کي ٽپال خرچ معاف ڪيو ويندو.
ولا جرالا خرة خير و ابقي!
پيارا سڄڻ- هي آهي منهنجو نماڻو عرض، جو مختصر لفظن ۾ پيش ڪيو
اٿم. مون کي قوي اميد آهي ته اوهين پنهنجي زبان ۽
ادب جي جياپي، واڌاري ۽ سڌاري خاطر هر ممڪن قرباني
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، ۽ سوسائٽي جا مربي، همدرد
۽ لائيف ميمبر بڻجي آئينده ترقي ۽ فلاح لاءِ ڪوشان
رهندا. جواب جي زور عنايت - والسلام.
هيٺيان سنڌي ڪتاب پروگرام تي آهن، جي هينئر خاص عربي سنڌي ٽائپ
مهيا ٿيڻ تي ترتيب وار پريس ۾ موڪليا ويندا.
(1) ڪلام گرهوڙي يعني ڪلام مرحوم مغفور شهيد عبدالرحيم گرهوڙي
جو.
(2) بيان العارفين (يعني شاه ڪريم رحه بلڙي واري جو ڪلام ۽
ملفوظات).
(3) ابيات سنڌي - يعني ڪلام خواجہ محمد زمان رحه لنواريءَ جو
گرهوڙي جي شرح سميت.
(4) گل خندان تاليف آخوند لطف الله رحه.
(5) ميون عيسو هالائي اسلامپوري رحه.
---------
ضميمو
(ترجما)
اسلامي تصوّف
عربي شاعريءَ جو فارسي شاعري تي اثر
اسلامي تصوف
[3]
(اسلامي تصوف بابت سنڌ جي ڪن نام نهاد صوفين وٽ عجيب خيال آهن.
انهن جي خاطر اسلام جي وڏي فيلسوف ۽ مورخ ابن
خلدون، جنهن کان وڌيڪ سَند ملي نه سگهندي، تنهن جي
معرڪة الارا ڪتاب ”مقدمہ“ مان تصّوف جو فصل ترجمو
ڪيو وڃي ٿو ته کين اسلامي تصّوف جي حقيقت جي خبر
پوي، ”ع“)
تصّوف جو علم به انهن شرعي علمن مان آهي، جو اسلامي ملّت مان
نئين سر پيدا ٿيا. اصحاب ڪرام ۽ ٻيا سلف صالح،
صوفين جي طريقي کي حق ۽ هدايت جو رستو ڪري ليکيندا
هئا
[4]. خدا جي عبادت ۾
مشغول رهڻ، خدا جي واٽ ۾ سڀ شيءِ ترڪ ڪرڻ، دنيا جي
جنسار ۽ سينگار کان پاسو ڪرڻ، عيش عشرت ۽ مال
مرتبي کان منهن موڙڻ، خلق کان الڳ ٿي (خلوت ۾
گذارڻ؛ اهي آهن تصّوف جا اصول جي اصحابن توڙي
اڳوڻن صالحن ۾ مروج هئا.
جڏهن ٻي صدي هجريءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ مسلمان دنيا جي طرف جهڪي
پيا، تڏهن جن ماڻهن عبادت ۽ خلوت اختيار ڪئي تن کي
صوفي ۽ متصّوف سڏڻ لڳا. امام قشيري رحه[5]
فرمائي ٿو ته خبر ناهي ته صوفيءَ جو لفظ ڪيئن
ٺهيو، ڇاڪاڻ ته قياس ۽ لغت جي لحاظ سان اُن جي
اشتقاق جو قاعدو ئي نٿو ملي
[6]. منهنجي راءِ آهي
ته صوفي جو لفظ ”صُوف“ (اُنّ يا پشم) مان ئي نڪتل
آهي، ڇاڪاڻ ته هن فرقي جا افراد عام ماڻهن جي
برخلاف اوچن ڪپڙن ڍڪڻ بدران سادا اوني ڪپڙا پهرين
ٿا.
جنهن صورت ۾ هي ٽولو زهد، خلوت ۽ عبادت جي لحاظ سان ٻين ماڻهن
کان بلڪل الڳ ٿي ويو، تنهن صورت ۾ ان کي هڪ خاص
قسم جو ادارڪ (معلوم ڪرڻ جو حواس يا اندري
(Perceptive faculty)
حاصل ٿيو، ۽ حقيقت ۾ ادراڪات جي ڪريئي آهي جو
انسان ٻين حيوانن کان امتياز رکي ٿو. انساني ادراڪ
ٻن قسمن جو آهي: (1) اهو جنهن سان علوم ۽ معارف
سمجهي ٿو ۽ يقين، گمان، شڪ ۽ وهم جي حقيقت ڄاڻي
ٿو. (2) اهو جنهن سان خوشي ۽ غم، قبض ۽ بسط، رضا ۽
غضب، صبر ۽ شڪر وغيره جو احساس ڪري ٿو. روح جنهن
سان ماڻهو سمجهي ٿو ۽ جنهن جو بدن تي تصّرف آهي، ۽
جنهن جي ڪري هو ٻين حيوانن کان ممتاز آهي، سو
ادراڪن ۽ ٻين احوالن جو نتيجو آهي. ادراڪ ۽ ارادا
وري هڪٻئي مان پيدا ٿين ٿا: جيئن ته علم دليلن
مان؛ خوشي ۽ غم، خوشي ۽ غم ڏيندڙ ڳالهين مان؛ چستي
گرم غسل مان ۽ سستي ٿڪ مان؛ اهڙي طرح مريد ۾ به
مجاهده ۽ عبادت ڪري هڪ خاص حالت نتيجي طور پيد
اٿئي ٿي. اها حالت يا ته هڪڙي قسم جي عبادت آهي،
جا ورجائڻ ڪري پختي ۽ محڪم ٿي مريد لاءِ مقام بڻجي
ٿي؛ يا جيڪڏهن عبادت نه آهي ته ضرور ڪا صفت آهي،
جا نفس کي حاصل ٿئي ٿي، جهڙوڪ خوشي يا غم، چستي يا
سستي وغيره. اهڙيءَ طرح مريد هڪڙي مقام کان ٻئي
مقام ڏي سير ڪندي آخر توحيد ۽ معرفت کي پهچي ٿو،
جا مريد جي واسطي سعادت (خوشيءَ) جو انتهائي درجو
آهي.
القصہ، مريد سالڪ ايمان جي رهنمائيءَ ۽ اخلاص ۽ اطاعت جي برڪت
سان سلوڪ جا سڀ مقام لنگهي پار پئي ٿو. هرڪنهن
مقام تي خاص خاص احوال ۽ صفتون نتيجي طور پيدا ٿين
ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن مقام تي پورو نتيجو نه نڪتو ته
سمجهڻ گهرجي ته انهيءَ مقام کان هيٺ ڪنهن عمل ۾
ضرور ڪا تقصير يا خلل واقع ٿيو آهي. انهن مقامات
جي طيء ڪرڻ ۾ قلب تي ڪي نفسياتي خطرا وارد ٿين ٿا،
جنهن ڪري مريد لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي نفس کان
حساب وٺي، جيئن کيس پنهنجي عملن جي نتيجي جي خبر
پوي، ۽ جي ڪٿي ڪوتاهي ڏسڻ ۾ اچيس ته ان جي تلافي
ڪري. اهو سڀ مريد جي ذوق تي منحصر آهي.
ٿورا ڪي ماڻهو لڀندا جي انهن ڳالهين ۾ صوفين سان شريڪ هجن،
ڇاڪاڻ ته غفلت ۽ بيپرواهي ماڻهن ۾ عام جام آهي.
عام ماڻهو فقط فقہ جي لحاظ سان جزا ۽ سزا خاطر
عبادت ڪن ٿا، پر صوفي پنهنجي ذوق ۽ وجد رستي اطاعت
۽ عبادت جي نتيجن کي ڇانڊي ڇونڊي ڏسن ٿا، انهيءَ
لاءِ ته سندن علمن ۾ ڪا اوڻائي ته ڪانه رهجي ويئي
آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته صوفين جي طريقي جو
بنياد ٻڌل آهي نفس کان سندس عملن ۽ ويسر جي حساب
وٺڻ تي ۽ ذوق ۽ وجد ۽ ڳالهين تي، جي مجاهدن ڪري
حاصل ٿين ٿا. اهڙي طرح سالڪ مريد، جو هڪ مقام تي
استقرار وٺي ٿو، جتان ترقي ڪندي ٻين مقامات کي
پهچي ٿو.
انهن مجاهدن کان سواءِ صوفين وٽ ڪي خاص آداب ۽ اصطلاح آهن، جي
هو پنهنجي فن ۾ استعمال ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته لغوي لفظ
۽ عبارتون انهن جي دلي معنائن جي اظهار ڪرڻ لاءِ
ڪافي ناهن. انهي ڪري سندن اصطلاح اهل شريعت جي
اصطلاحن کان نرالا آهن. انهيءَ ڪري شريعت جي علم
کي ٻن قسمن ۾ وراهيو اٿن. هڪڙو اُهو جو فقيهن ۽
مفتين سان تعلق رکي ٿو، جهڙوڪ عبادتن، رسمن ۽
دنيوي معاملن بابت عام احڪام؛ ۽ ٻيو اهو جو خاص
صوفين سان واسطو رکي ٿو، جنهن ۾ هو مجاهدن، نفس جي
محاسبي، ذوق ۽ وجدن جو بحث ڪن ٿا، ۽ پڻ اهڙن
اصطلاحن جو، جي وٽن جاري آهن.
جڏهن جدا جدا علم تدوين ڪيا ويا ۽ فقيهن فقہ ۽ سندس اصولن ۽
ڪلام ۽ تفسير تي ڪتاب لکيا، جن ما ڪيترا خصوصاً
تقويٰ ۽ نفس جي محاسبي بابت آهن، جهڙوڪ محاسبي
[7] جو ڪتاب
”الرعاية“ ۽ قشيريءَ جو ڪتاب ”الرسالة“ ۽ سهروردي
جو ڪتاب ”عوارف المعارف“ وغيره.
امام غزالي صاحب[8]
وري پنهنجي ڪتاب ”اِحياءُ العلوم“ ۽ فقيهن ۽ صوفين
جي طريقن کي ملائي ڇڏيو. هن نه فقط تقويٰ ۽ چڱن
عملن ڪرڻ جا طريقا بيان ڪيا آهن، پر صوفين جا آداب
۽ دستور به واضع ڪيا اٿس ۽ سندن اصطلاحن جي سندين
عبارت ۾ سمجهاڻي ڏني اٿس. اهڙيءَ طرح صوفي مشرب
آهستي آهستي اسلام ۾ علمي صورت ورتي، نه ته اوائل
۾ صوفين جو طريقو فقط عبادت جو هڪ نمونو هو، ۽ ان
جا احڪام واتين ويڻي ٻڌا ويندا هئا، جيئن ٻين علمن
جي باري ۾ ٿيو.
مجاهدي، خلوت ۽ ذڪر جي ڪري اڪثر ڪشف حاصل ٿئي ٿو، جنهن ڪري
حواسن جا پردا کليو پون ۽ الاهي عالمن جا راز
معلوم ٿيو وڃن، جن جي انهن ماڻهن کي خبر ناهي، جي
پنهنجي ظاهري حواسن کان ڪم ٿا وٺن. انهن عالمن
(جهانن) مان روح به هڪڙو عالم آهي. انهيءَ ڪشف جو
هي سبب آهي ته جڏهن انساني روح ظاهري حواسن کي ڇڏي
باطن جي طرف رخ ٿو رکي ۽ حواس هيڻا ٿين ٿا، تڏهن
روح جي قوّت ۽ اختياري وڌي ٿي ۽ ذڪر ۽ عبادت غذا
جو ڪم ڏيئي، ويتر سنديس قوت وڌائين ٿا. اهڙي طرح
روح وڌندي وڌندي علم جي مرتبي کان شهود جي مرتبي
کي پهچي ٿو. پوءِ حواسن جا پردا کڄيو وڃن ۽ روح جو
ذاتي وجود ڪماليت جي درجي کي پهچي عين ادراڪ ٿيو
پوي. ان وقت رباني مواهب (ڏاتيون) ۽ لدني علم ۽
الاهي فتح (لطف ۽ فضل) سندس پلءِ پون ٿا ۽ آدمي
انساني افق کان نڪري ملائڪن جي افق کي ويجهو ٿئي
ٿو[9].
اهو ڪشف اڪثر مجاهدي وارن کي ٿيندو آهي ۽ کين اهي ڪائنات (وجود)
جون حقيقتون معلوم ٿينديون آهن، جي ٻين کي ميّسر
ٿي نه سگهنديون. ڪشف جي رستي انهن کي واقعن جي
اڳواٽ خبر پوندي آهي. ايتري قدر جو پنهنجي همت
(دعا) ۽ روحاني قوت جي وسيلي هو دنيا جي سڀني شين
تي تصّرف هلائي سگهندا آهن، پر وڏا اولياء انهيءَ
قسم جي ڪشف کي تڇ ڪري ليکيندا آهن ۽ نڪي ڪي انهن
ڳالهين جي حقيقت سڻائيندا آهن، جن جو انهن کي خدا
جي طرفان حڪم نه هوندو آهي، بلڪ هو اهڙي قسم جي
ڪشف کي پاڻ لاءِ آزمودو ڪري سمجهندا آهن ۽ ان جي
غلبي کان پناه گهرندا آهن.
اصحاب سڳورا به اهڙو روحاني مجاهدو ڪندا هئا، ۽ ڪشف ۽ ڪرامت جا
صاحب هئا، پر هو انهن ڳالهين جي پرواه نه ڪندا
هئا. چئن خليفن جي فضيلتن ۾ اهڙين ڪيترين ئي
ڪرامتن جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح صوفي طريقي جا
وڏا مهندار، جن جا نالا امام قشيري جي رسالي ۾ درج
ٿيل آهن ۽ جن ساڳيو رستو اختيار ڪيو، سي به اصحابن
سڳورن جي پيروي ڪندا هئا ۽ ڪشف ۽ ڪرامت تي ڪو ڌيان
ڪونه ڏيندا هئا.
جڏهن پونين صوفين جو زمانو آيو تڏهن منجهائن ڪي جاڳيا، جن ڪشف
حجاب (پردا دور ڪرڻ) ۽ غيب جي ادراڪ کي خاص اهميت
ڏني ۽ رياضت جا طريقا مختلف ٿي پيا. هرهڪ فريقي
حواسن کي مارڻ ۽ ذڪر جي رستي روح جي طاقت وڌائڻ
لاءِ جدا جدا تعليم جا نمونا وضع ڪيا، انهيءَ لاءِ
ته روح کي ڪامل نشو و نما بعد پنهنجو ذاتي ادارڪ
حاصل ٿئي. جڏهن انهن کي هي مرتبو مليو، تڏهن
ڀانيائون ته سارو وجود (ڪائنات) اسان جي ادراڪات ۾
منحص آهي، ۽ اسان کي تمام موجوُدات ۽ ان جي حقيقتن
جو علم عرش کان وٺي فرش تائين معلوم ٿي ويو. اها
ڪيفيت امام غزالي صاحب پنهنجي ڪتاب ”احياءَالعلوم“
۾ رياضتن جي صورت بيان ڪرڻ بعد لکي آهي.
ڄاڻڻ گهرجي ته صوفين وٽ اهو ڪشف تيتر صحيح ۽ ڪامل
نه چئبو جيتر اهو استقامت تي ٻڌل نه هوندو، ڇاڪاڻ
ته ڪشف بعضي بک ۽ خلوت جي حالت ۾ به ٿيندو آهي،
جيئن جادوگرن، نصارن ۽ ٻين رياضت ڪندڙن جي حالت ۾،
جو اعتبار جو لائق نه آهي. اعتبار جو لائق اهو ئي
ڪشف آهي جو استقامت مان پيدا ٿئي. مثلاً جڏهن محدب
(ٻاهر نڪتل گولائي تي سطح وارو) يا مقعر (اندر
پيٺل گولائيءَ تي سطح وارو) آئينو ڏسندڙ جي منهن
مقابل رکبو ته سنديس صورت اُبتي ڏسڻ ۾ ايندي، پر
جيڪڏهن آئينو مسطح (سڌو) هوندو ته صورت به سڌي ڏسڻ
۾ ايندي، تنهن ڪري استقامت به روح لاءِ ائين آهي
جيئن مٿاڇري جي سڌائي آئيني لاءِ، بنسبت انهن
حالتن جي جن جو پرتوو ان ۾ پوي ٿو.
|