تمر فقير جو
احوال ۽ ڪلام
[1]
شاه لطيف رحه جي پهرين خليفن مان تمر فقير
[2] نهايت مشهور
خليفو ٿي گذريو آهي. سندس نالو اڃا تائين پيو
ڳائجي. افسوس جو اهڙي پاڪدامن ۽ پاڪيزي شخص جي نڪا
ڄمڻ جي تاريخ معلوم آهي ته نڪا وفات جي. پر جيسين
شاه صاحب جو نالو جيئرو آهي، تيسين هي سندس ننڍڙو
ٻالڪو به ياد رهندو. نه فقط سندس شاه صاحب سان
الفت ۽ محبت ڪري؛ نه فقط سندس پرهيزگاري ۽ نيڪ
اخلاقيءَ ڪري، پر سندس سهڻي ڪلام جي به ڪري، جنهن
مان سندس آقا جي سخنن جو سڳنڌ پيو اچي.
باوجود تلاشيءَ جي سندس والده جو نالوته ڇڏيو، پر سندس پيءُ
جونالو به اڃا معلوم ٿي نه سگهيو آهي.
”ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪين ڪي“.
نواز فقير جي روايت موجب، تمر اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ سرجيوئي مس هو
ته پڻس وفات ڪري ويو. مائي صاحبہ پنهنجي ڏير محبت
فقير سالاري
[3] ۽ ٻين عزيزن سان
گڏجي حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر حج تي اسهڻ کان
اڳ شاه صاحب کي پيرين پوڻ ۽ دعا گهرڻ لاءِ ويئي.
شاه صاحب سندس حق ۾ دعا گهري ۽ چيائين ته: مائي!
خدا ڪندو توکي پٽ ڄمندو، پر اهو اسان جو ٻالڪو
ٿيندو. جڏهن حج ڪري مديني شريف پهتا، تڏهن مائي
صاحبہ ”فدڪ“ جي باغ ۾ هڪ کجيءَ جي وڻ هيٺ هٿ پير
لڌا ۽ فرزند ڄائس، جنهن جو نالو تمر (کارڪ)
رکيائون، ڇاڪاڻ ته هڪ تمر يعني کجيءَ جي وڻ هيٺ
ڄائو هو. سالن کان پوءِ جڏهن پنهنجي وطن موٽي آيا
تڏهن هن دُرّ يتيم کي وڃي شاه صاحب جي حضور ۾ حاضر
ڪيائون. جتي هو شاه صاحب جي نظر فيض اثر هيٺ
پُٽيلن وانگر پلجي وڏو ٿيو.
مرحوم مير عبدالحسين سانگيءَ وري پنهنجي فارسي ڪتاب ”لطائف
لطيفي“ ۾ تمر جي پيدائش جي ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
تمر فقير جا وڏا اصل کان شاه لطيف جي والد شاه
حبيب جا سچا مريد ۽ معتقد هئا. هڪ دفعي ماين ۽
نياڻين سان گڏجي مرشد کان موڪلائي حج تي روانا
ٿيا. اتي تمر فقير جي والده کي (بيبي مريم وانگي)
هڪ کجور جي وڻ هيٺ سنڀارون ٿيون ۽ ڇوڪرو ڄائو،
جنهن جو نالو مائٽن ”حاجي علي“ رکيو. ٿيون ورهين
کان پوءِ جڏهن ڀلي پار کان واپس آيا، تڏهن ٻڌائون
ته شاه حبيب وفات ڪري ويو آهي
[4] سو ڏاڍو ارمان
ٿين ۽ سڀيئي زالين مڙسين ڪهي آيا ڀٽ تي ۽ شاه لطيف
سان سندس والد سڳوري جي عذر خواهي ڪيائون ۽ ننڍڙي
تمر جي ٻانهن شاه صاحب جي سپرد ڪيائون. شاه صاحب
سندس چالاڪي ۽ ڦڙتائي ڏسي کانئس سندس نالو پڇيو،
پاڻ وراڻيائين ته: منهنجو نالو آهي ”حاجي علي“.
تنهن تي شاه صاحب فرمايو ته: ”علي“ ته الله تعاليٰ
جي شينهن ۽ عارفن جي سردار ۽ عالمن جي امام جو
نالو آهي، تنهنڪري تنهنجو نالوئي رکون ٿا ”تمر“،
ڇاڪاڻ ته تون تمر جي وڻ هيٺان ڄائو هئين، ۽ ڄمڻ
وقت عرب عورتن جهمريون پائي خوشيون ڪري، توکي هيءَ
لولي ڏني هئي:
”فوق المطر، تحت التمر، لبن البقر،
هات الله، هات الله.“
(يعني) مٿان مينهن، هيٺان کجور، ڳئون جو کير،
ڏي الله، ڏي الله.
اهو سڻندي ئي تمر جا مائٽ حيران ٿي ويا، ۽ پنهنجا هٿ اکين تي
ڌري، ماک ڀريائون ته برابر سندس ڄمڻ وقت ائين ٿي
گذريو هو.
قصو ڪيئن به هجي، ننڍڙو تمر ڪچيءَ وهيءَ کان شاه صاحب جي صحبت ۾
رهيو ۽ سندس رنگ ۾ رڱجي ويو. روحانيت جا اڪثر
مقامات سندس صحبت ۾ طيء ڪيائين، ۽ شاه جي ڪلام
ڳائڻ ۽ وڄائڻ ۾ ڀڙ ٿيو، ڪڏهن به شاه صاحب کان پري
نه رهندو هو. شاه صاحب به کيس پٽن کان وڌيڪ
ڀائيندو هو. شاه صاحب ۾ سندس ڪمال محويت جو مثال
هن ڳالهه مان ملي ٿو: هڪ دفعي شاه صاحب تمر کي چيو
ته مان ٿو لڪان، تون مون کي ڳول. ايتري ۾ بيٺي
بيٺي شاه صاحب نظر کان الوپ ٿي ويو. تمر ڪائنات
جون ڪنڊون پاسا ڳوليندي آخر شاه صاحب کي اعليٰ
عليين تي وڃي لڌو. وري چيائين ته: ڀلا تون لڪ، آءٌ
ٿو توکي ڳوليان. شاه صاحب ارض وسماء جا سڀيئي
اطراف ووڙيا، پر ڪٿي به نظر نه آيس. آخر جڏهن حيلا
حوالا هلائيندي شاه صاحب ٿڪجي پيو، تڏهن تمر سندس
وارن مان جونءَ جي صورت ۾ نڪري اچي سندس پيرن ۾
پيو. تنهن تي شاه صاحب چيس ته: تڏهن اسان ۾ لڪو
هئين؟ تمر وراڻي ڏني: اوهان کان سواءِ ڀلا مون
لاءِ ٻي به ڪا واه آهي ڇا؟ انهيءَ ڪري سڀيئي مريد
۽ خادم سنديس عزت ڪندا هئا.
تمر اڃا سامايو ئي ڪين هو ته شاه صاحب جن وفات فرمائي[5]
رحلت کان اڳ پنهنجي هن ننڍڙي مريد لاءِ اوطاق جي
زمين جو ٽڪر ليڪي ڇڏيو هئائين، جا اڃا به سندس
نالي سڏبي آهي ۽ سندس پارت مخدوم ميان محڪم الدين
سيلاني[6]
کي ڪري ويو، جو هڪ جليل القد اولياء ۽ هڪ نهايت
بلند خيال ۽ صاحب وجد ۽ حال جو هو، ۽ شاه صاحب سان
اتحاد ۽ محبت جو رستو هوس. چون ٿا ته شاه لطيف کيس
وصيت ڪئي هئي ته جڏهن تمر بلوغت کي رسي تڏهن کيس
فقيريءَ جا سڀيئي فن سيکارج ۽ درويشيءَ ۽ دلريشيءَ
جي راهن ۽ رسمن کان واقف ڪج. ٿيو به ائين جو ميان
محڪم الدين جي رهبريءَ ۽ هدايت هيٺ هو وڏي ڪماليت
کي وڃي رسيو. سڄي حياتي سَتو جَتو ٿي گذاريائين ۽
کانئس پوءِ جيڪي پهريان خليفا سندس گاديءَ تي
ويٺا، جهڙوڪ ميون ڪمال بٽ ۽ ميون سماعيل، سي سڀ
مجرد ۽ صاحب فضيلت هئا، ۽ انهن کي سندين لياقت
موجب چونڊيو ويو هو، پر ميهر فقير جي وقت کان وٺي
تمر فقير جي گادي به هڪ موروثي شيءَ ٿي پيئي آهي.
ميهر فقير ئي تمر فقير جو پهريون خليفو آهي، جنهن
تجريد کي ترڪ ڪري شاديءَ جو گهنگهر ڳچيءَ ۾ وڌو ۽
هينئر سندس پٽ گاديءَ تي آهي، جو هڪ الڙ جوان آهي.
تمر فقير هڪ وڏو اهل دل درويش هو، ۽ هميشہ درگاه تي رهي فقيرن
جي خدمت چاڪري ڪندو هو، ۽ انهن کي ذڪر فڪر
سيکاريندو هو. مسجد شريف جي امامت ۽ آبادي پڻ سندس
حوالي هوندي هئي. پنهنجي چاچي محبت فقير سالاري جي
انتقال بعد، هو سيّد جمال جو ڪجهه وقت لاءِ خليفو
پڻ ٿيو، پر اڪثر فقيرن جي تمر ڏانهن رجوعات ڏسي،
سيّد جمال کي هميشہ دل ۾ کٽڪو رهندو هو ته متان
ڪنهن ڏينهن مريد کانئس منهن نه موڙي وڃن. تمر فقير
ته شاه لطيف وانگر تارڪ هو، جنهن کي دنيوي پدارٿن
جي ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي. تنهن خيال ڪيو ته
مرشد جي جانشين کي ناراض ڪرڻ بدران بهتر آهي ته
ملڪ ڇڏي وڃجي. سو ڳجهه ڳوه ۾ چند خاص رفيق ساڻ ڪري
ڪڇ ڀڄ ڏي راهي ٿي ويو ڪڇ ڏي ويندي پهرين منزل
دائره شريف (اڏيرو لعل) جي سيّدن وٽ ٿيس، جن سنديس
گهڻي خاطر داري ڪئي. اُتان اُسهڻ وقت سيّدن وٽ
پنهنجو ”گنج“ (يعني شاه جي ڪلام جو هٿ اکر لکيل
نسخو) امانت طور ڇڏي ويو. چي، مون جيئري مون مئي
جيڪڏهن ڪو اوهان کان انهيءَ امانت جي طلب ڪري، ته
ضرور موٽائي ڏجو. ڪڇ ڀڄ ۾ پهچڻ بعد اتي جا ماڻهو
سندس ڪرامتون ڏسي گهڻي تعداد ۾ اچي مريد ٿيا. خود
وقت جو راجا ڳهڻ راءِ، جو بي اولاد هو، سو به وٽس
دعا لاءِ هلي آيو. تمر فقير جي دعا سان راجا کي
نرينو اولاد ٿيو، جنهن ڪري هو به سندس پڪو مريد ٿي
پيو.
جلاوطنيءَ ۾ هن گهڻا ئي سال گهاريا، پر جڏهن ڏٺائين ته سندس
حياتيءَ جو ماڻ اچي ڀريو آهي، تڏهن خيال ٿيس ته
پنهنجي مرشد جي ڀر ۾ جاءِ ٿئيم. سو ڳچ فقيرن سان
هڪ تيز ڏاچيءَ تي سوار ٿي ڀٽ شريف ڏانهن رخ
رکيائين. اجل جيڪو هميشہ پٺيءَ پلاڻيو بيٺو آهي،
تنهن کيس جيئري اتي پهچڻ نه ڏنو، ۽واٽ تي ئي
پنهنجا پران جان پرور کي پَرنيائين. مرڻ وقت
پنهنجي دوستارن کي وصيت ڪيائين ته سندس لاش ڏاچيءَ
تي لڏي ڀٽ تي پهچايو وڃي ۽ چيائين ته سندس ڏاچي
اڏيري لعل ۾ جنهن هنڌ گوڏا کوڙي ويهي رهي، تنهن
هنڌ جي سيّدن کان منهنجي امانت واپس ورتي وڃي ۽
وري جنهن هنڌ ڀٽ تي پلٿو ماري ته اتي مون کي دفن
ڪيو وڃي. تمر فقير جا ساٿي جيئن سفر ڪندا اڏيري
لعل کان اچي لنگهيا، تيئن ڏاچي سيّدن جي حويليءَ
اڳيان کوپو کوڙي ويهي رهي. امانت جي تقاضا ڪئي
ويئي، پر سيّدن وراڻيو ته هاڻي جنهن صورت ۾ اها
امانت اسان وٽ رهندي1 ۽ ڏيڻ کان صفا انڪار
واريائون. ناقِي اُٿڻ جي نه ڪري، پر لاچار کيس
ماري ڪٽي، ڀٽ ڏانهن روانا ٿيا. ناقِي حيواني عقل
موجب انهيءَ هنڌ تي جهڪي، جتي هينئر فقير صاحب جو
مدفن آهي. سندس تربت شاه صاحب جي مقبري جي ڏاکڻي
طرف احاطي جي ڪنڊ ڏانهن هڪ ڪاٺ جي تجر ۾ آهي، ۽ ڀر
۾ ميين اسماعيل جو لوڙھ اٿس. ڪهڙا نه ٻه برگزيدا
شخص هڪ ٻئي جا رديف آهن! سندس تربت تي هيٺيون بي
معنيٰ ڪتبو اڪريل آهي:
هوالباقي
وصال مرحوم مغفور ميان
زنخلي اللسطييع تمر شد ثمر، عليہ رحمت
جنهن جي صحيح پڙهڻي ميان گهوٽ سائين موجب هيئن آهي:
”ز نخل لطيفي تمر شد ثمر“
ابجد جي حساب موجب اکرن جي انگي رقمن جو جوڙ 2510 ٿئي ٿو، جو
ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن رڳو ”تمر شد ثمر“ جو حساب
وٺبو ته به انگ وڃيو 1684 کي لڳي، جو پڻ ناشدني
آهي. ڪاتب جي جهالت دل ۾ رکي جيڪڏهن ”ث“ کي ”ش“
سمجهجي، ته به ”تمر شد سمر“ جي قيمت ٿيندي 1244،
جو پڻ غير ممڪن ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه وسهڻ
جي ناهي ته تمر فقير ڪو شاه جي وفات بعد 80 سال
جيئرو رهيو هوندو، والله اعلم بالصواب. ڇا ٿيو
جيڪڏهن تمر جي وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي،
”تمر امر“، آهي سدا جيئرو.
هر گز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق
ثبت است بر جريده عالم دوام، ما
اڄ به سندس دڪي يا آسڻ موجود آهي، جنهن تي پاڻ ويهي خلق کي
هدايتون ڪندو هو ۽ اڃا تائين سندس فيض کان محروم
خليفا ان تي ويهي ڀورڙن کي ڀلائي، تعويذ لکي، ڌاڳا
وٽي ۽ ڦيڻا ڦوڪي، خوب پنهنجا کيسا ڀرين ٿا. وڌيڪ
افسوس جي ڳالهه جو خوش اعتقاد سادا، ٻاهراڙيءَ جا
جاهل، دين اسلام جي تعليمات کان غافل، انهيءَ
دِڪيءَ کي سجدا ڏيئي ايمان وڃائين ٿا ۽ رونشي
ڪوڏيون زالون نواز فقير جي هٿان پنهنجي ٻارن جون
مُڏي پاڪيءَ سان جهنڊيون لهرائي پاڻ ڦُرائين ٿيون.
واه زمانا تنهنجو پلٽو!
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
تمر جو ڪلام
تمر فقير جو ڪلام گهڻو ۽ گهاٽو ٿو ڏسجي، پر ڪاتبن جي بي
اعتنائي کان ذري گهٽ معدوم ٿي ويو آهي. ڪي بيت ۽
وايون خود شاه جي ڇاپي نسخن ۾ آهن، پر سندس ڪلام
جو ڪوبه مستقل ڪتاب نظر نه آيو آهي، رڳو برٽش
ميوزيم واري قلمي نسخي ۾ ئي رامڪلي ۽ پورب بعد سڄا
سارا ساڍا ٻارهن صفحا تمر جو ڪلام اوڦٽو آندل آهي.
پر ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ داستانن جا داستان
تمر فقير جا اوڦٽو آندل آهن. سندس بيتن جي هيءَ
خصوصيت آهي، جو اُٺن جي قطار (قطار البعيرين)
وانگر هڪ بيت جي پڇاڙي ٻئي بيت جي اڳياڙيءَ ۾ آهي
۽ ٻئي بيت جو عجز ٽئين بيت جي صدر ۾ آهي. اهڙي طرح
اها لانڍ پڇاڙي تائين هَلِي هلي. ليڪن انهن جي
رواني عجيب آهي، لذت ۽ شيريني لا انتها، سوز ۽
گداز بي انداز، رقت ۽ نزاڪت بيمثال. اسين فقط سر
سسئي ۽ رامڪلي جا ڪي بيت ڏئي، پڇاڙيءَ ۾ سندس ٻن
بي نظيرواين تي اڪتفا ڪريون ٿا.
سر سسئي
(1)
پريندئي پنڌ ٿي، جتڻ ڪارڻ جوءِ
ريهون ڪيو رڃن ۾، چيهون ڪيو چوءِ
طالب کي، تمر چي، ڏس ڏيرن جو پوءِ
ڪيچان اوري ڪوءِ، ڪجان غور غريب جو.
(2)
ڪجان غور غريب جو، موٽي ڪو ميان
پانڌ نه ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جيان
سِسِي ساه ڏيان، پنوه ڪارڻ پٻ ۾.
(3)
پنوه ڪارڻ پٻ ۾، هلي هيڪاندي
هيس هوت پنهون جي، آڌر تنهن آندي
ڪيچ ڌڻي ڪانڌي، ٿيس تيڏي ويل، تمر چي،
(4)
تيڏي ويل، تمر چي، گهائي ويس گهٽ
اديون آريچن جي، ڪئو ڦوڙائي ڦٽ
مادر، آءٌ نه مٽ، آڌيءَ اوءِ اٿي ويا.
(5)
آڌيءَ اوءِ اٿي ويا، ڪر رکيائون ڪيچ
ٻاروچاڻي پيچ، منهنجو من منجهائيو.
(6)
منهنجو من منجهائيو، جتن جي جمال
وِڌو سورُ سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال
هوت نه ڀائي حال، مِٽ نه ٿيا معذور جا.
(7)
موٽي ٿيا معذور جا، حال نه ڀائي هوت
ڏنيم ڏاڍين ڏونگرين، جتن ڪارڻ جهوت
هينئڙو ٿيو ٻه پوت، جو وهم پريان جي وڍيو.
سرود رامڪلي
(1)
ويراڳي واحد سين، رکج چاءُ چوري
هي جي ڪَنَ ڪپار جا، سي ڪامل وجهه ڪوري
منجهان ڏيل ڏوري، ريجهائيج رام کي.
(2)
ريجهائيج رام کي، ڀري ڀليءَ ڀت
سناسي سنسار جي، مُورِ مَ وڃائج مَتِ
جا جڳائي جوڳ کي، پارج سا ئي پَتِ
هئي آديسي اَتِ، وانءُ سڱيون سناسي کڻي.
(3)
سڱيون سناسي کڻي، ٿيج پريين پار
سڳا، سيلِيُون، سڱيون، ڌاڳا ڪيم ڌئار
هيءَ جا هاج هٿن جي، سا ڪوڙي آهي ڪار
من منجهائين مار، ته اوڏو ٿئين الک کي.
(4)
جي ڀائين اوڏو ٿيان الک کي، ته وڃ رام
سين راهي
سناسي سنسار جا، ڇڏ لاڳاپا لاهي
جتي جاٽا جوڳ جي، اُت سامي رس ساهي
ڪاپڙي ڪاهي، گنگا ڀيٽج گومتي.
(5)
گنگا ڀيٽي گومتي، سامي سير ٿيا
ويراڳي واحد لاءِ، ڪنهن جنهن پهه پيا
مٿي تيرٿ، تمر چي، اُو واڪيندا ويا
تن ڪاڇوٽينِ ڪيا، هڻي گس هنگلاج ڏي.
(6)
هڻي گس هنگلاج ڏي، هو سامي ٿيا سير
جتي جاٽا جوڳ جي، اُت مرڪي اُڀا مير
هِت ڪيائون راضي رام کي، هُتِ ٿا چائين پير
تان پڻ اي تقدير، مڃيندهين محو ٿيا.
(7)
منجهئين من محو ٿيا، واريائون وائي
”ترڪ الدنيا راس ڪل عبادة“ اِي انهين لاءِ آئي
پڇن ڪانه ٻيائي، اوءِ پيهي ويا پاتار ۾.
......
رامڪلي سان تمر کي خاص عشق ٿو ڏسجي. ٻئي هڪ داستان ۾ گور کناٿ
کي الله تعاليٰ سان ۽ گروءَ کي رسول الله صلعم سان
۽ چين کي امت محمدي سان تعبير ٿو ڪري ۽ اهائي رمز
رامڪليءَ ۾ رکيل آهي.
(1)
نه بابو نه بکيا، نه اسم اثباتي
منجهان ارادي حق جي، ٿيو ظاهر عشق ذاتي
صورت صفاتي، پوءِ ڪيائين پڌري.
(2)
پوءِ ڪيائين پڌري، بابو بياني
پائي سر صورت جو، آيو انساني
اي سر سبحاني، ذاتيءَ مان ظاهر ٿيو.
(3)
ذاتي مان صفاتي ٿيو، صفاتيءَ مان سڀ جَڳُ
آديسي الڳ، مشاهدو محبوب جو.
(4)
مشاهدو محبوب جو، سامي سڃاڻيج
احد جدا احمد کان، ڀورا مَ ڀانئيج
خالي ڪو مَ کڻيج، گُرري پساه گودڙيا.
(5)
گُر ري پساه گودڙين، خالي ڪونه کنيو
بيراڳيءَ کي ڀڳوان جو، روح ۾ نام رهيو
وچاندر ويو، گر کي گڏيو ڪاپڙي.
(6)
گر کي گڏيو ڪاپڙي، راول روبروءِ
”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ رسيو جوڳي
انهين جوءِ
حق کي گڏيو هوءِ، لاهوتي لامڪان ۾.
(7)
لاهوتي لامڪان جو، ساميءَ سير ڪيو
جتي رنگ نه روپ ڪو، راول تت رسيو
”ليس ڪمثلہ شيءٌ“ حسن حد نه ڪو
ڳجهه اندر ڳرهيو، احد احمد پاڻ ۾.
.....
پڇاڙيءَ ۾ سندس نهايت سريليون ۽ سوز واريون ٻه وايون ڏجن ٿيون.
(1)
مئيءَ مَ ماريجاه، ٻاروچا، رهو رات ڀنڀور ۾
الله ڪارڻ اوٺيا، واڳون واريجا
ڏکي ڏونگر وٽ ۾، چڪي چاڙيجاه
مون سانگياڻيءَ جا سپرين، پرين پاريجاه
پيرانديءَ پنوه جي، منهنجو لوڙه ڪجاه
طالب کي، تمر چي، محبن ميڙيجاه.
(2)
هاڙي هلي روءِ، هلي روءِ، مَني پير هٿن سين
واڪا ڪيو وڻن ۾، ٿي جربون ماري جوءِ
رائي ۾ رڙيون ڪري، هن گازر گام نه ڪوءِ
آريچا اٺن تي، هيءَ تان جڏڙي جوءِ
وهڻ مون وهه ٿيو، پرينءَ پڄاڻا پوءِ
ان جا ڇڏي ڇپرين، تنهن هاريءَ هال نه ڪوءِ
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪو پُري پنهل کي چوءِ
ڪجان غور غريب جو، ڪيچان اوري ڪوءِ
آريءَ جي اولاد جو، شل ساٿ سلامت هوءِ
ساڄن انهيءَ ساٿ سان، ڪو هوت منهنجو هوءِ
طالب کي، تمر چي، ڪو ڏس ڏيرن جو پوءِ.
مطلب ته تمر جي ساري زندگي هڪ مخفي مام آهي. دنيا ۾ اڪيلو ۽ تن
تنها رهي، واحد سان ور وڌائين، ۽ آخر وڃي گورکناٿ
کي گڏيو:
هيڪائي هيڪ ٿيا، اوڏا ساڻ احد
هيءَ ڇڏيائون حد، ويا مطلق محو ٿي.
________
|