شمس
العلماء ميرزا قليچ بيگ[1]
(سندس سوانح
۽ ڪلام تي نهايت مختصر تذڪرو)
سنڌي ادب جي
آسمان جو هي چمڪندڙ ستارو، اسي (80) ورهين جي جلوه
۽ جوت بعد 3 جولاءِ 1929ع تي الوپ ٿي ويو. سندس
وفات جي ڪري سنڌي ادب کي جو نقصان پهتو آهي، تنهن
جي اڃا تلافي ٿي نه سگهي آهي ۽ نڪي سندس ڪو همسر
اڃا تائين جاڳيو آهي. ناچيز سان خاص نينهن هوس.
1921ع ۾ جڏهن”ديارام ڄيٺمل ڪاليج“ ۾ سنڌي زبان تي
خطاب ڏيڻ لاءِ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن بندي سندس
شان ۾ هڪ فارسي قصيدو چيو هو، جو کيس نهايت پسند
آيو هو، ۽ پاڻ سان کڻي ويو هو. خبر ناهي ته ان جو
حشر ڇا ٿيو؟ پر مرحوم شمس العلماء جي ادبي هستي ۽
عاليشان شخصيت ان وقت کان وٺي جو اثر ڪيو، اهو اڃا
تائين دل تان نه مٽيو آهي. جڏهن مان ولايت کان
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيس ۽ ”سنڌ مدرسةالالسلام“ جو
مدير مقرر ٿيس، تڏهن خاص ڪري غريب وٽ قدم رنج فرما
ٿيندو هو. سال ۾ هڪ ٻه دفعو، سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ
ڪميٽيءَ جي ضمن ۾، جنهن جو آءٌ پڻ ٿاڦيل رڪن هوس،
ساڻس مکا ميلو ٿيندو هو. هوُنءَ به سرڳواسي
گربخشاڻيءَ سان هم دوش ٿي شاه جي رسالي تي عرق
ريزيءَ جو کيس گهڻو قدر هوندو هو. سندس وفات حسرت
آيات جي خبر جا بجا پکڙجي ويئي. بنده جي ڪَن تي پڻ
غير وقت تي پيئي. آنجهاني گربخشاڻيءَ کي اطلاع
ڏنم، سو ٻيئي ڄڻا گڏجي پهرين ويندڙ گاڏيءَ ۾
حيدرآباد پهتاسين ته مرحوم جو جنازو تيار ٿي ويو
هو ۽ منهن ڏيکارڻ لاءِ ٻاهر آندو هئائون. گربخشاڻي
صاحب اگرچه هڪ نيڪ انسان هو، ته به ظاهري هندو هئڻ
ڪري کيس منهن ڏسڻ نه ڏنائون، جنهن جو کين گهڻو
ارمان ٿيو، باقي مان سندس ديدار فرحت آثار کان
مستفيض ٿيس. سندس چهرو مبارڪ بدرمنير وانگر پئي
چمڪيو، ۽ گلاب جي گل وانگر پئي ٻهڪيو ۽ سندس
پيشانيءَ مان نور ظاهر هو. سندس سونهاري جا سفيد
وار سج جي سفيد ڪرڻن وانگر پئي جَرڪيا ۽ نرڪيا.
پاڻ ائين سُتو پيو هو جيئن ڪو جيئرو جاڳندو انسان
مٺيءَ ننڊ ۾ هجي. مطلب ته عجيب لقاء لڳو پيو هو.
جيئن سندس زندگي پاڪ ۽ پوتر ٿي گذري، گلاب جي
مکڙيءَ وانگي مک پيئي ٽڙيس ۽ هڪ عجيب مرڪ سندس
وجود تي نمايان هئي. ماڻهو سندس فراق ۾ گريان و
نالان هئا ۽ پاڻ خندان هو جيئن فارسي واري چيو آهي
ته ”ڄمڻ وقت سڀ حاضرين کلندڙ هئا ۽ تو پئي رنو،
ائين زندگي بسر ڪر جو مرڻ وقت تون کلندڙ هجين، ۽
چو گرد ماڻهو رئندڙ هجن“. ان بيت جو پاڻ هيئن
ترجمو ڪيو اٿس:
رئندو آئين
دنيا ۾، جڏهن تو ڪيو وطن
ٻيا سڀ ٿي
کليا، هو خوش سندن جان وتن،
اڄ ره تون
ائين، جوجي سڀاڻي تون وڃين
کلندو تون
وڃين، ۽ ٻيا سڀيئي رئندا رهن.
اها حالت
آهي ان شخص جي، جو ”نفس مطمئنہ“ جي منزل کي رسيو
آهي. جنهن تي زندگي ۾ ربّ راضي ٿيو، جنهن لاءِ
دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي سمان هيون. جيئريئي پاڻ لاءِ
قبرستان ۾ تجر تيار ڪري ڇڏي هئائين، اڪثر اوقات
مقام ۾ وڃي پنهنجي قبر ۾ سمهي رهندو هو، جتان بهشت
جي بوءِ ايندي هيس. جڏهن لحد ۾ رکيائونس، تڏهن
سامي اهڙي دل وڻندڙ سرد هئي، جو يقين ٿيو ته هي
خدا جو مقبول ٻانهون، اندر ڌرڻ سان جنت ۾ داخل
ٿيو. سبحان الله! شل سڀ جو مرڻ ائين ٿئي!
سندس پاڪيزه
حياتي تي سندس فرزندن ۽ محمد صديق مسافر ڪتاب لکيا
آهن. ان تي تبصرو ڪرڻ ۽ ان کي دوباره دهرائڻ عبث
آهي. سڄي نصيحت آميز آهي. ٻڌندڙ ان کي تفصيل سان
پروڙي سگهن ٿا، مختصر مضمون ۾ ڪيترو بيان ڪري
سگهبو. کيس نوڪري پسند نه هئي ۽ هميشہ چاهيندو هو
ته ادب جي خدمت ڪريان. جيڪا به فرصت ملندي هيس سا
يا ته مطالعي ۾ گذاريندو هو، جو بلڪل وسيع هو، يا
قلم فرسائي ۾. آخر وقت تائين ڪتاب لکندو رهيو. هڪ
دفعي جڏهن کيس ملڻ ويو هوس، تڏهن اوطاق ۾ پنهنجي
بي ٽيڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو، ۽ هڪ ساديءَ ميز تي
ويٺي لکيائين، اهو سندس دائمي شيوو هو، جو ٽيڪ
ڏيئي ڪرسيءَ تي نه لکيائين نه پڙهيائين. مرهٽن
شاگردن جو سو ٻڌو اٿئون ته چوٽي ڇت سان ٻڌي پڙهندا
آهن ننڊ جي گهيرٽ تي نوڙيءَ جي ڇڪ، کين جاڳائي
وجهندي آهي. پر ههڙي قسم جو ڌيان ۽ يڪجهتي بيمثال
آهي. رات جو پهريون وقت ذڪر ۾ گذاريندو هو. اوطاق
جي هڪ وڻ تي پڃرو ٺاهي ڇڏيو هئائين. جنهن تي پکي
وانگر ويهي الله جو نالو ڳنهندو هو.
پاڻ ڪيترائي
ڪتاب لکيا اٿس، جن جو عدد ٽن سون کان به مٿي آهي.
تمثيل جي فن يا ناٽڪ تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڪين هئا.
پاڻ انگريزي ناٽڪ ترجما ڪري ۽ پڻ اصلي ناٽڪ رچي،
اها اوڻائي پوري ڪئي اٿس. جهڙوڪ خورشيد، دلارام،
شاه ايليا وغيره، ان ڪري کيس سنڌ جو شيڪسپيئر
چوندا آهن. نثر ۾ ڪي جزوي ڪتاب هئا، سو جدا جدا
موضوعن تي انگريزي توڙي ٻين زبانن مان ترجما ڪيا
اٿس، جيئن ته مقالات الحڪمت، تهذيب الاخلاق ۽
فرائض انساني. ”زينت“ سندس اصلي تصنيف آهي ۽ نهايت
دلڪش پيرايي ۾ لکي اٿس. جدا جدا زبانن خصوصاً
انگريزي ۽ فارسي شعر مان چيدا چيدا خيال چونڊي،
انهن کي سنڌي نظم ۾ آندو اٿس. اهڙي طرح هن سڃي ۽
سکڻي ٻوليءَ کي مالا مال ڪيو اٿس، جا خدمت ڪڏهن به
وسرڻ جي نه آهي. پڻ چچ نامي، تاريخ معصومي، تحفة
الڪرام ۽ ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪري انگريزي ۾ هڪ
مبسوط ۽ سلسليوار سنڌ جي تاريخ لکي اٿس، جو ڪم هيل
تائين ڪنهن به نه ڪيو آهي. مطلب ته جهڙس همہ گير
اديب، نثر نويس ۽ شاعر اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي.
شخصي ڪمالات کي ڇڏي جيڪڏهن سندس ادبي ڪرتبن تي رڳو
نظر ڪبي ته بي نظير ڏسڻ ۾ ايندو.
سندس طبيعت
هميشہ اعتدال تي رهندي هئي. منجهس جوش ۽ جولان گهٽ
هو، تنهنڪري سندس ڪلام به معتدل ۽ ماٺيڻو آهي. نه
منجهس عشق ۽ محبت جا ڪُن ۽ ڪڙڪا آهن، نه وري منجهس
جواني جي تِکَ ۽ تابش آهي. ڀريل ڦوڪيل ندي واري
سانت ۽ ڌيرج سان پيو وهي. سندس استاد به انگريزي
شاعر وليم ورڊسورٿ جي اولاد مان هو. انهيءَ شاعر
جي متي موجب پاڻ به شعر نهايت سليس ٻوليءَ ۾ چيو
اٿس. تنهنڪري الهامي موقعن تي وڃيو فصاحت ۽ بلاغت
جي توڙ کي پهچي ۽ سندس ڪلام ”سهل ممتنع“ ٿيو پوي،
نه ته اڪثر تانگهي ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻي ۽ سندس ڪلام
الوڻو، بي سواد ۽ بي رونق ٿيو پوي، جيئن مٿيون
بيت، يا
فيض جيڪي
مون کي ٿيو حاصل سو پنهنجي پيءُ کان ٿيو
رات جو ٿي
گڏ ستس جنهن سان ۽ ويٺس ڏينهن جو.
گهڻو ڪري
فارسي اشعار جا ترجما انهيءَ طرز تي ڪيا اٿس، جن
جي پڙهڻ مان ڪنهن قسم جو ميٺاج ۽ رس خيرڪو ايندو.
باقي ”سوداءِ خام“ ۾ درج ٿيل اوائلي شعر، جن ۾ ڪي
قدر جواني جو جنون سمايل آهي. سي سونهن ڀريا ۽
سريلا آهن. مونکي ننڍي هوندي کان سندس هيٺيان شعر
وڻندا آهن:
ڪر ڌيان
دنيا آهي فاني، ڪنهن نه نباهي جاني.
______
ماڻا ڪري نه
مار سڄڻ تون ذري ذري
پاڻان نه ڪر
مون کي پرين پيارا پري پري.
______
ويو اخلاص
عالم مان عجب هي دور آيو آ
______
لانگ فيلو
جي ”حياتي جو گيت“:
مَ چَو مون
کي حياتي خواب آهي.
------
منهنجو خدا
آهي مون ساڻ
------
۽ سهائي
راتڙي وغيره.
بهرحال اهو
مرحوم ميرزا صاحب جي اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو آهي، جو
سنڌي ساهت ايتري ڪڙي تي پهتي آهي. جڏهن سنڌي ادب
جي ڪامل تاريخ لکبي، تڏهن سندن نالو سونهري اکرن ۾
لکيو ويندو، رَحمہ الله رحمة واسعةً.
________
حڪيم فتح
محمد تغمدالله برحمتہ[2]
مرحوم حڪيم
فتح محمد صاحب جن علم ادب جي ميدان ۾ گهڻين خوبين
۽ صفتن جا صاحب هئا، ۽ نثر توڙي نظم ۾ امتيازي
درجو حاصل هون. سندين وفات بعد اڃا ڪو اهڙو جامع
الصفات آدمي پيدا نه ٿيو آهي، جو سندن جوڙ ۽ جيس
هجي ۽ سندن جتيءَ ۾ پير پائي.
مرحوم جا
قرب وند ۽ بزرگانہ ناتا، هن لکندڙ سان انيڪ هئا ۽
مرڻ گهڙيءَ تائين سندين شفقت هلندي آئي. خود
پنهنجا پويان پساه به منهنجي جوٽن تي ڏنائون، ۽
منهنجا اندوه آگين ڳوڙها سندن مشڪندڙ منهن ۽
زعفراني ڳلن تي پيا. کين سڪرات جي سختي به ڪانه
ٿي، ۽ نهايت سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجي جان پنهنجي
جان آفرين کي سپرد ڪيائون.
سندين ولادت
جي پوري خبر ڪانه اٿم. پاڻ سيوهڻ جي عالي نسب ۽
علمي خاندان جا، جنهن ۾ طبابت ۽ حڪمت پشت بپشت
هلندي اچي، تنهن جا گوهر گل چراغ هئا. سندن والد
صاحب جو نالو خليفو ميان محي الدين صاحب هو، جو پڻ
پنهنجي پنهنجي فياضيءَ ۽ فضيلت ڪري مشهور آهي
استاد نا مرحوم مولوي حاجي عبدالرحيم منگسي، سنڌ
مدرسةالاسلام جو معلم الفقہ، سندن همعصر هو، ۽ ٻئي
ڄڻا پاٽ شريف جي عالم ۽ عامل مولوي خير محمد صاحب
وٽ پڙهيا هئا.
طالبي جي
زماني ۾ جناب حڪيم صاحب جن طبع جا وفاد ۽ غضبناڪ
ذهن ۽ ذڪاءُ جا مالڪ هئا. عربي توڙي فارسي ۾ نهايت
پاڪيزه شعر چئي ويندا هئا ۽ بحث مباحثي ۾ پڻ زرنگ
۽ يگانا هوندا هئا. جيڪو به سندين مقاربت ۾ ايندو
هو، تنهن تي هيءَ حقيقت هويدا ٿيندي هئي ته هي
جوان غير معمولي شخصيت رکندڙ آهي.
سياسي
معاملات ۾ گهڻو تجربو ۽ مهارت حاصل هين، ۽ خلافت
تحريڪ واري زماني ۾ ذري گهٽ حڪومت جي گرفت کان ڇٽل
هئا، ليڪن سندين سياست سان واهپو بي لوث ۽ خاص وطن
جي خدمت لاءِ هوندو هو، ۽ نه ٻين سياسي نام نهاد
رهبرن وانگي، جن کي ڪو نه ڪو پنهنجو دنياوي مطلب
سر ڪرڻو هوندو آهي.
مرحوم سان
منهنجي معرفت مولوي عبدالرحيم صاحب جي وسيلي اٽڪل
1917ع يا 1918ع ڌاري ٿي هئي. پاڻ مون کي گهڻو
ڀائيندا هئا ۽ مان به اڪثر ڪري هر هفتي سندن ڪچهري
روڊ واري مطب تي ويندو هوس، جو دوا درمل کان سواءِ
علمي مجلسن جو پڻ مرڪز هوندو هو. بي،اي امتحان پاس
ڪرڻ بعد عربي پڙهڻ جو ذوق شوق جاڳيم، جنهن جا سلا
اڳيئي مولوي عبدالرحيم صاحب جي تربيت هيٺ دل جي
ٻنيءَ اندر پوکيل هئا. مولوي صاحب پنهنجي روءِ
سوءِ فقہ جي درس وقت شاگردن کي عربي پڙهڻ جي ترغيب
ڏيندو هو، ۽ پڻ انجمن حمايت الاسلام جو پهريون
عربي ڪتاب پڙهائيندو هو، ۽ فجر نماز بعد قرآن مجيد
جو ترجمو ۽ تفسير سيکاريندو هو. جنهن حلقي ۾ مون
سان گرد ٻيا به ڪيترائي اتساهي شاگرد، جهڙوڪ مرحوم
نصير محمد نظاماڻي ۽ مرحوم الله بخش ٽالپر شامل
هوندا هئا، ليڪن بي،اي پاس ڪرڻ تائين مون اهو
پهريون ڪتاب به پورو ڪونه ڪيو هو. جڏهن ايم،اي
امتحان لاءِ عربي کنيم، تڏهن فارسي جي زور تي
انجمن جا چارئي ڪتاب پاڻهي پڙهيم. باقي مشڪلاتن حل
ڪرڻ لاءِ مرحوم حڪيم صاحب جن وٽ هلي ويندو هوس. ۽
انهيءَ سان گڏ پاڻ منهنجي سڀڪنهن سبق جي ذيل ۾
تمرينن ۽ ترجمي جي تصحيح فرمائيندا هئا. ليڪن وڏن
ڪتابن پڙهائڻ ۾ سندين هلي ڪانه سگهي. ابن قتيبہ جي
”الشعر والشعراءُ“ جي پهرئين ئي صفحي پڙهائڻ بعد
ٿڪجي پيا. شايد پيشگي مطالعي لاءِ فرصت ڪانه هين،
يا مورڳو ڪتاب جي عبارت کي دق ڏسي نابري
واريائون. اهڙي طرح مرحوم سيّد ابراهيم بغدادي،
جنهن وٽ ابن خلدون جو مقدمو پڙهڻ ويندو هوس، سو به
ٻن ٽن صفحن پڙهائڻ بعد پڙ ڪڍي بيٺو، چي مون کي
سمجهڻ ۾ نٿو اچي کڏي واري مرحوم مرحوم مولوي محمد
صادق صاحب علم و ادب کي ماڳهين حرام سمجهي، پڙهائڻ
کان عذر ڪيو. ساڳيءَ طرح مولوي محمودعلي صاحب کان
پڻ ”نهج البلاغہ“ پڙهڻ ڇڏي ڏنيم، جو هوُ صاحب وڃي
صرف ۽ نحو جي موشگافين ۾ پوندو هو، ۽ اصلي مطلب تي
نه ايندو هو. آخر ٻي واه نه ڏسي پنهنجي سر ايم،اي
جا سڀيئي ڪتاب پڙهيم، ۽ عربي انشاء ۽ ترجمي تي
دسترس ڪن خاص عربي ڪتابن ۽ سندن انگريزي ترجمن سان
ڀيٽڻ ڪري حاصل ٿيم. بهرحال حڪيم صاحب جن جي
ابتدائي مدد لاءِ مان سندن دائما شڪر گذار رهندس.
ولايت کان
تحصيل بعد جڏهن موٽي آيس ۽ اچڻ سان پنهنجي پراڻي
درسگاه سنڌ مدرسةالاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيس،
تڏهن مدرسي جي بري حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ همہ تن
مشغول رهندو هوس. ايتري قدر جو ماڻهن سان ملاقات
جو موقعو به ڪونه ملندو هوم. هڪ دفعي حڪيم صاحب جن
ڪنهن ڪم سانگي مون کي ملڻ لاءِ آيا. مان ڪلاس جو
معائنو ڪري مس آفيس جي دروازي تائين پهتس ته حڪيم
صاحب جن دوبدو ٿيا، اتيئي کانئن احوال پڇي، ڪم جي
ايفاء جو وعدو ڪري، کانئن رخصت ياب ٿيس، جا ڳالهه
کين نه وڻي. شايد سندن ارادو هو ته کين اندر وٺي
وڃي وهاريان ها ۽ حال ۽ احوال پڇان ها، پر مون کي
ايتري فرصت ڪٿي؟ اهو ڏمر دل تي رهجي وين. انهيءَ
وقت مدرسي جي شيعہ مسجد ۾ قرآن شريف جي درس لاءِ
ڪلاس کوليو هوم ۽ مغرب نماز کان پوءِ جڏهن سڀ هئو
مئو لهي ويندي هئي، تڏهن ڪن خواهشمند شاگردن کي
پنهنجي اندر جي روشني ۽ علم آهر ترجمو ۽ تفسير
سيکاريندو هوس. سکندڙن مان هڪ کڏي مدرسي جو پڙهيل
شاگرد سونڊن جو ويٺل به شموليت ڪندو هو. مان ڪنهن
خاص تفسير تي مدار ڪونه رکندو هوس. پر پنهنجي ٿوري
علم جي آڌار تي، سائنس ۽ فلسفي جي حقائق موجب
سمجهاڻي ڏيندو هوس. هڪ ڀيري ”يؤمنون بالغيب“ جي
مفهوم تي ويا کياڻ ڏنم، جو رواجي تفسيرن جي خلاف
هو. سونڊي ڇوڪري ٺڪ وڃي اها خبر مرحوم مولوي محمد
صادق صاحب کي سڻائي، ۽ جنهن وري وڃي حڪيم صاحب وٽ
هائيدوس مچائي، چي ”من تلقاء نفسہ“ (پنهنجي وات
ويڻي) تفسير ڪري فلاڻو اسان جي نونهالن جا عقيدا
ٿو بگاڙي. حڪيم صاحب جن ته اڳيئي آزرد ويٺا هئا،
سو خار وچان يڪدم ويهارو کن تهمتون قلمبند ڪري،
مون ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليائون، جي اڃا مون وٽ
موجود آهن. ساڳئي وقت وڃي مرحوم خانبهادر ولي محمد
حسن علي ۽ ٻين مدرسي جي ميمبرن کي منهنجي خلاف
ڀڙڪايائون. مرحوم ولي محمد صاحب ته مون کي پٽن کان
به وڌيڪ پيارو سمجهندو هو، تنهن مون کي صلاح ڏني
ته حڪيم صاحب جن وٽ وڃي سندن تتل سيني تي ڇنڊو
وجهه. اگرچه مون گهڻو ئي چيومانس ته مون کان ڪوبه
ڏوه صادر ڪونه ٿيو آهي، ۽ مان سندين تڪفير جا جواب
باصواب ڏيئي سگهان ٿو، تڏهن به سندن تاڪيد تي فتني
ٽارڻ خاطر حڪيم صاحب جن وٽ لنگهي ويس. ٿورڙيئي
گفتگو بعد سندن رنج دور ٿي ويو ۽ آئينده لاءِ
باهمي محبت ۽ وداد جو رستو گهڙجي صاف ٿي پيو.
مدرسة
الاسلام جي مديريت بعد مون کي اسماعيليہ ڪاليج
(بمبئي) ۾ عربي پروفيسر (مدرس) مقرر ڪيو ويو. جڏهن
ڪڏهن ڪراچي اچڻ ٿيندو هو، تڏهن گهڻو ڪري ڪشنچند
شاهاڻي جي جاءِ تي پريس مٿان ٽڪنڊو هوس، ليڪن
ٽنهين وقتن جي لذيذ ۽ متنوّع ماني جناب حڪيم صاحب
جن جي گهران ايندي هئي. بعضي مان سندين چار چشميءَ
لاءِ سندن مطب تي ويندو هوس ۽ بعضي پاڻ ڀلائي
جاپير ڀري مون وٽ ايندا هئا. سندن ٻه ڪتاب
”ابوالفضل ۽ فيضي“ ۽ ”بهار اخلاق“ منهنجي ئي ڪوشش
سان ميٽريڪيوليشن لاءِ منظور ٿيا. نه سندين
پاسخاطري ڪري، بلڪ ڪتابن جي استحقاق آهر. جڏهن مون
پنهنجا ڪتاب (1) مرشد،المبتديءَ جا ٻه حصا (2)
تاريخ معصومي ۽ (3) چچنامہ شايع ڪيا، تڏهن پاڻ
انهن تي نهايت عاليشان ۽ مبسوط تقريظون لکيائون ۽
مون کي آسمانن تي چاڙهيائون اهڙي طرح جڏهن هندن
منهنجن ڪتابن ”منهاج العاشقين“ ۽ ”ابيات سنڌي“ تي
نازيبا حملا ڪيا ۽ اعرابن واري شرارت شروع ڪئي،
تڏهن منهنجي بچاءُ ۾ انهن کي دندان شڪن جواب
ڏنائون. وري جڏهن 1939ع ۾ ڊي، پي آءِ ٿي ڪراچي
آيس، تڏهن به پنهنجي آخري دم تائين مون تي مهربان
رهيا. اگرچه هڪ ٻه دفعا سوءِ فهميءَ ڪري قدري شڪر
رنجي به رهي.
پير الاهي
بخش صاحب جي سيما جي سڀاوَ کان ڀليءَ ڀت واقف هئا.
جڏهن پنهنجي بوقلموني طبيعت کان لاچار ٿي، مون
ڏانهن ڪجهه ڏمهرو ٿيو، تڏهن حڪيم صاحب سخت تنبيہ
ڪئي. جيڪي فارسي ۽ سنڌي خط مون ڏي انهيءَ وقت لکيا
اٿن، سي اڃا مون وٽ موجود آهن. انهن مان معلوم ڪري
سگهجي ٿو ته مرحوم حڪيم صاحب جن کي فارسي ۽ سنڌي
انشاء تي ڪيتري استقامت ۽ پختگي ڪوٽ ڪوٽ ڀريل هئي.
پاڻ سنڌي لغت ڪاميٽيءَ جا سرجوش ميمبر هئا ۽ نهايت
حديت سان اهو اعزازي وظيفو بجا آڻيندا هئا. بسا
اوقات مرحوم مولوي دين محمد وفائي سان لغت جي باري
۾ اختلاف ٿيندو هونِ ته آخري تصفيہ لاءِ مون وٽ
ايندا هئا ۽ هميشہ حق سندن طرف هوندو هو.
زندگي جي
پوين ڏيهاڙن ۾ کين استخواني سل جو عارضو ٿي پيو.
اگرچه ذيابيطس جي شڪايت ڳچ سالن کان وٺي هين، جنهن
جو علاج پاڻهي پاڻ ڪندا هئا. ٻنهين مرضن جي ميلاپ
ڪري آخر سندن ڍاڪ جا هڏا کاڄي هيڻا ٿي پيا، ۽
اگرچه بمبئيءَ کان خاص ڪاٺ جي گهوڙي گهرايائون، ته
به هلڻ جهڙا نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ابتلاء ڪري
لازم الفراش ٿي پيا، ۽ نيٺ ضعف ۽ نقاهت ڪري هن
فاني جهان کي ماه ذوالحجة سن 1361هه (مطابق ڊسمبر
1942ع) ۾ الوداع چيائون. وفات کان ڪيترو ئي عرصو
اڳي پنهنجي وصال جو سال هڪ قطعي ۾ چئي ڇڏيو
هئائون، جو ”مشت خاڪ“ (1361هه) مان نڪري ٿو،
انهيءَ مان ئي سندن قادرالڪلاميءَ ۽ فراست جو
اندازو ڪري سگهجي ٿو، غفرالله والجميع المومنين.
مرحوم حڪيم
صاحب جن جون تصنيفون.
هيٺين
تصنيفن جي مون کي پوري پروڙ آهي.
(1) احوال
لعل شهباز قلندر. نهايت تحقيق ۽ تدقيق سان لکيل
آهي. مون وٽ هڪ نسخو هو، سو به پاڻ گهرائي ورتو
هئائون. هينئر شايد عدم پيدا آهي.
(2) سيرة
النبي. پنهنجي نوع ۾ لاثاني آهي. نهايت سهڻي ۽
سليس عبارت ۾ لکيل ۽ سڀني خوبين تي حاوي آهي. پاڻ
ڪريمن صلعم جي سوانح عمريءَ تي سڀڪنهن ناحيت کان
روشني وڌي ويئي آهي. گهڻن سالن جي اڻاٺ بعد، سنڌي
ادبي بورڊ جي اهتمام سان ڇپايو ويو آهي.
(3) تنوير
الايمان. قرآن شريف جي تفهيم لاءِ هڪ موزون تمهيد
آهي. منجهانئن حڪيم صاحب جن جي همہ گير معلومات
بکي ٿي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ مولانا ابوالڪلام جي
تفسير کان افضل آهي. جديد نموني تي لکيل ۽ مصر جي
مشهور مصنف فريد وجديءَ جي ڪتاب ”صفوة العرفان“
(جو مون کان اڌارو ورتو هئائون) جي طرز تي ٻڌل
آهي.
(4) ڪمال ۽
زوال. نهايت سهڻي پيرايي ۾ لکيل، ابن خلدون جي
معرڪة الارا ڪتاب ”المقدمہ“ جو اختصار آهي، جنهن ۾
حڪومتن ۽ قومن جي ترقي ۽ تنزل جا اسباب بيان ٿيل
آهن. سنڌي زبان ۾ هي پنهنجي نوع جو ڪتاب آهي.
(5) ميرن جي
صاحبي. نهايت سندر ۽ سليس سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ منجهس
ميرن جي صاحبي جي ايامن ۾ سنڌ جي حالت ۽ ماڻهن جي
آسودگيءَ جو دلڪش بيان آهي.
(6)
ابوالفضل ۽ فيضي. هي پڻ سوڌيءَ سليميءَ سنڌي ۾
رچيل آهي. ٻنهي رتنن کي سيوهاڻي ڪري ليکيو ويو
آهي. اگرچه اهي سورهيه ٻئي ناگور ۾ ڄاوا نپنا هئا،
ليڪن اها نسبت قدري درست به آهي، جو سندن ابا ڏاڏا
اصل ۾ عراق کان لڏي سيوهڻ جي پسگردائيءَ واري ريل
جي پرڳڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا هئا.
(7) آفتاب ادب. جو پنهنجي حياتي ۾ لکي ڇڏيو
هئائون، پرهاڻ مس مس سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ
شايع ٿيو آهي. منجهس سنڌي ٻوليءَ جي تقدم تاريخ،
سندس سونهن ۽ سينگار ۽ صنايع و بدايع تي بحث ڪيو
ويو آهي.
|