سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :24

بزرگ هستيون

(صحابي، ولي الله ۽ عالم سڳورا)

 

حضرت ابوذر غفاري رضه

 

شيخ عيسيٰ مسيع الاولياء سنڌي برهانپوري

 

شاه شهيد عنايت الله صوفي

 

ابوذر غفاري رضه[1]

 

(مختصر تبصرو)

 

ذوالحجہ مهيني جي اٺين تاريخ اها تاريخ آهي، ۽ جنهن ۾ رسول پاڪ عليہ الصلوٰة والسلام جي هٿ مبارڪ تي چوٿين يا پنجين بيعت ڪندڙ ۽ اسلام جي پهرئين ظاهر ظهور پرچار ڪندڙ مبلغ ۽ پهرئين اشتراڪي خيالن واري مسلم وفات ڪئي؛ جنهن بابت حضرت رسالت ماب فرمايو آهي ته ”کائنس وڌيڪ سچار انسان تي نه نيلي آسمان ڪڏهن سايو ڪيو، ۽ نه ميريءَ زمين ان جو بوجو کنيو. اها اولو العزم هستي ڪهڙي هئي جنهن جي سچ جي ڪلمي کان وڏا وڏا اصحابي ڇرڪندا هئا، ۽ جنهن جي لاڏاڻي وقت حضرت علي ڪرم الله وجہ فرمايو ته ”هاڻ دنيا ۾ ڪو به اهڙو شخص نه رهيو آهي، جو خدا جي ڳالهين ۾ لومة لائم جو ڊپ نه رکي؛ خود مان به پاڻ کي مستثنيٰ نٿو سمجهان.“ الله الله، اڄ اهڙا مڻيار ڪٿي آهن؟ اج ته ڪَچُ پيو ڪُٽجي، ۽ سچ جي هرهنڌ هار آهي:

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلءِ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

محل ۽ مڪان ساڳيا ئي آهن، پر ماڻهو ٻيا آهن. شاه صاحب چئي ٿو:

سَر اُهيئي ساڳيا، پکي ٻيا ٿيا

جن ٿي لميو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا

پاٽوندر، پيا، وڃي ڪينجهر ڪنڌيين.

يا جيئن هڪ شاعر چيو آهي:

اَمّا الخيام فانّها کيخامهم

واري نساء الحّي غير نساء ها.

اڄ ڪوڙ ڌنڌو ۽ ڪرت ٿي پيئي آهي. جنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ نه اچي سو مورک ۽ سياست کان نا آشنا آهي. زندگيءَ جا قدر ۽ قيمتون قطعي ڦري وييون آهن. اڄ لينن ۽ اسٽالن جا شيدائي انهن جا سالگره ملهائين، پر اسلام جي سچي اشتراڪي، جنهن پنهنجو قول ۽ فعل قرآن پاڪ جي اڻ ٽر نسخن تي مبني ڪيو، تنهن جو اڄ نالو به ياد نه آهي. اِلله العالمين! اهڙو ڪو فضل جو ڦيرو ڪر، جو ڪوڙ جو طلسم ٽٽي پوي، ۽ سچ سير، ڪاري ٻڪريءَ جو کير ٿئي. عالم ۾ سچي مساوات جاري ۽ ساري ٿئي، ۽ غريب غربي ۽ شاهوڪار، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ امتياز نه رهي! اسلام پاڪ ته اهڙيءَ انڌيرننگريءَ لاءِ دنيا ۾ نه آيو آهي، ليڪن داغدار ماڻهن ان جي صاف چهري تي سامراجيءَ ۽ ذخيره اندوزيءَ جو بدنام داغ لڳايو.

اي گل تو دوش جامِ صبوحي کشيده اي

ما  آن شقائقيم کہ با داغ زاده ايم.

هوس پرست انسانن ئي دنيا جي موهه ۾ انهي صاف پاڪ سرچشمي کي پليد ڪيو آهي.

صحيح حديث آهي ته پاڻ ڪريم جن سڀاڻي لاءِ ثمر نه رکندا هئا. حضرت ابوبڪر صديق جي مرڻ وقت بيت المال جي ڳوڻين مان فقط هڪ دينار نڪتو. حضرت عمر جي پهراڻ ۾ ارڙهن چتيون هيون. ڏڪار جي سمي ماکي مکڻ به ڇڏي ڏنائين ۽ سندس گندم گون  چهرو ڪاراٽجي ويو. بيت المال جو سڀ پئسو عربستان جي مسلمانن لاءِ هو، جن جو واحد شغل هو اسلام جي نشر ۽ تبليغ لاءِ لڙايون ڪرڻ. ”اَن يکون الدين ڪّلہ الله، امّت جو هر هڪ فرد سپاهي هو، جنهن کي گهر ويٺي مقرر وِرءُ ۽ حصو ملندو هو. ذخيره اندوزيءَ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. حڪومت ئي خزاني ۾ پئسو ڪٺو ڪري، اسلام ۾ رتبي پٽاندر اهو پئسو ماڻهن ۾ ورهائيندي هئي. ڪنهن شخص حضرت عمر کي اشاري طور چيو ته: ڇو نه آئي ويل خاطر خزاني ۾ ڪجهه پئسو جمع ڪري رکو! ڪاوڙجي چيائين ته: اها ڳالهه شيطان تنهنجي دل ۾ وڌي آهي اسان لاءِ الله ۽ ان جي رسول اطاعت جو ذخيرو ڪافي آهي، جنهن اسان کي ايڏيءَ پدويءَ تي رسايو آهي. خدا شل اسان کي دولت جي شر کان بچائي!

قادسيہ جي لڙائيءَ بعد جڏهن بيشمار لٽ جو مال، غلام ٻانهيون، هيرا جواهر مديني ۾ آيا، تڏهن خوش ٿيڻ جي بدران اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. چيائونس ته: يا اميرالمومنين! هيءَ خوشيءَ جي مهل آهي، اوهين گِريو ڇو ٿا ڪريو؟ وراڻي ڏنائين ته: انهيءَ ڌن ۽ دولت ۾ مان مسلمانن جو زوال ٿو ڏسان. عمر سڳوري جي دوربين اک سڀڪجهه ڏٺو جو ٿيڻو هو. حضرت عثمان جي ڏينهن ۾ مال ميڙيءَ ۽ شاهوڪاريءَ، اسلامي امت جو اساس اکيڙي، ان جي مساواتي انتظام ۽ برتاو کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. اها زراندوزي ۽ زر پرستي هئي، جنهن جي برخلاف حضرت ابوذر رضه ڪات ڪهاڙا کنيا؛ ليڪن ان زماني جي مفاد پرستن سندس چوڻ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو ڇا ٿيو؟ حضرت عثمان جو ناحق قتل، خانه جنگي، حضرت علي جي شهادت، اُموي ملوڪيت، ڪربلا جو واقعو وغيره وغيره؛ جن اسلامي وحدت ۽ مساوات کي پاش پاش ڪري ڇڏيو، ۽ اڄ تائين شيعن ۽ سنين جي اختلافن ۽ جهڳڙن ۽ ٻين نا گفته بہ حالتن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جيڪي اسلام پاڪ جي نالي تي اڻ سونهائيندڙ ڪلنڪ آهي.

حضرت عمر رضه جي وفات کان پوءِ حضرت ابوذر وڃي دمشق ۾ رهيو، جتي امير معاويہ، قيصر ۽ ڪسريٰ جي تقليد ڪندي ڏاڍي شان شوڪت سان رهڻ ۽ ماڙيون محل اڏائڻ لڳو. سندس عصبيت جا ماڻهو سڀ شاهوڪار بنجي پيا، ۽ غريب وڌيڪ مفسلي ۾ پيڙجڻ لڳا. اها حالت ڏسي ابوذر مساوات ۽ اخوّت جو غلغلو مچايو. ابن الاثير پنهنجي تاريخ ۾ ماحول جو صحيح نموني ۾ هن طرح مختصر نقشو چٽيو آهي: ابوذر جو رايو هو ته ڪنهن به مسلمان وٽ ڏينهن رات جي قوت کان سواءِ زياده نه هئڻ گهرجي يا ايترو هجي جو الله جي واٽ ۾ دان ڪري. هو قرآن ڪريم جي ظاهر تي هلندو هو. ”وَالّتينَ يکنزون الذّهب وَلفضّة وَلا يَنفقونها في سبِيل الله فَبشّرهُم بعذابِ اَلِيم (چي! اهي جي سون چاندي ميڙي ڍڳ ڪن ٿا ۽ الله جي واٽ ۾ نٿا خرچين، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري ڏي) ۽ شام جي گهٽين ۾ بيهي وڏي واڪي چوندو هو ”يا معشرا لاغَنياء وَالفقراء! بشرّالذين يکنزون الذهب وَالفضّہ ولا ينفقونها في سبيل الله بمکاو من نار تکوي بها جباههم وَ جنوبهم وظهور هُم.“ يعني: اي شاهوڪارن ۽ غريبن جي جماعت! انهن ماڻهن کي جي سون ۽ چاندي ميڙي ڍڳ ڪن ٿا ۽ خدا جي واٽ ۾ نٿا خرچين، تن کي خبر ٻڌايو انهن باه جي سيخن جي، جن سان سندن پيشانيون ۽ پاسا ۽ پٺيون ڏنڀيون وينديون (۽ اهڙي طرح ٻيون قرآني آيتون، جن ۾ مال ميڙيندڙن لاءِ سخت ڀلڪار آهي.) سندس انهيءَ وعظ تي ڪيترا غريب ۽ مفلس سندس پوئلڳ ٿي پيا، جن شاهوڪارن کي تپائي کنيو، ۽ سندن آرام ڦٽائي ڏنائون. مالدارن امير معاويہ وٽ شڪايت ڪئي، جنهن ابوذر جي امتحان وٺڻ لاءِ ڏانهنس آڌي رات جو هڪ هزار دينار خرچ لاءِ ڏياري موڪليا. صبح جو نماز بعد امير معاويہ انهيءَ ماڻهو کي گهرايو، جنهن جي هٿان ابوذر ڏي پئسا ڏياري موڪليا هئائين. چي: ابوذر وٽ وري وڃ، چئينس ته مون کي پئسا موٽائي ڏي، ڇاڪاڻ جو مون اهي توکي ڀل ۾ ٻئي جي بدران ڏنا هئا، نه ته معاويہ منهنجو ڇوڙو  به لاهي ڇڏيندو. اهو ماڻهو ابوذر وٽ لنگهي ويو، جنهن تي ابوذر ٻڌايس ته ”پٽڙا!  وڃي چئينس ته اسان وٽ تنهنجي دينارن مان پائي به ڪانه بچي آهي. اسان کي ٽي ڏينهن مهلت ڏي ته چندو ڪري ڏيونءَ،“

جڏهن معاويہ ڏٺو ته ابوذر پنهنجي قول ۽ فعل ۾ سچو آهي، تڏهن حضرت عثمان کي لکي موڪليائين ته ”ابوذر مون کي تمام تنگ ڪيو آهي، منهنجي ان مان جند ڇڏاءِ.“ حضرت عثمان رضه لکي موڪليس ته ”فتني پنهنجو نڪ ۽ اکيون ٻاهر ڪڍيون آهن، ۽ قريب آهي ته ڇال ماري. تنهن ڪري وڌيڪ ڦٽن تي لوڻ نه وجهه ۽ ابوذر کي هڪ بورائي سان گڏ مون ڏي اُماڻ، ۽ پاڻ کي توڙي ماڻهن کي وسعت آهر قبضي ۾ رک.“ جڏهن ابوذر مديني پهتو تڏهن ڇا ڏسي ته ماڻهن جا انبوه جبل جي پاڙ ۾ سندس مرحبائي لاءِ ويٺا آهن، جنهن تي چيائين ته ”مديني جي ماڻهن کي پکڙندڙ ڪاه ۽ اڻ وسرندڙ جنگ جي خوشخبري ڏي.“ جڏهن حضرت عثمان وٽ لنگهي آيو، تڏهن چيائينس ته ”اي ابوذر! شام جي ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو تنهنجي تيز زبانيءَ جي شڪايت ڪن ٿا؟“ سارو قصو ڪري ٻڌايائينس. تنهن تي حضرت عثمان چيس ته ”اي ابوذر! مون تي فرض آهي ته جيڪي مون تي لازم آهي سو ادا ڪريان ۽ رعيت کي اجتهاد ۽ اقتصاد ڏي سڏيان، ۽ مون تي اهو فرض ناهي جو کين زهد تي مجبور ڪريان.“

انهيءَ حجّت بازيءَ جو نتيجو آخر اُهو نڪتو، جو ابوذر کي مديني مان شهر نيڪالي ملي ۽ عمر جا پويان ڏينهن مديني کان ٽي ميل پري ”رَبذه“ جي ويراني ۾ بسر ڪيائين. پڇاڙيءَ جو مرڻ وقت سندس گهر ۾ ايترو ڪپڙو ٽڪر نه هو جو سندس ڪفن ٿئي. آخر سندس اڳڪٿيءَ موجب هڪڙي اُٺ سوار اتان اچي لنگهيا، جن سندس ڪفن ۽ دفن جو بندوبست ڪيو. هڪ جوان انصاري کيس غسل ڏنو ۽ پنهنجي هٿ سان ڪتيل کٿي ۾ کيس ڪفنيائين. حضرت عبدالله بن مسعود، جو اتفاق سان ڪوفي کان حج جي ايرادي سان هت اچي پهتو هو، تنهن مٿس جنازي نماز پڙهائي ۽ اکين جي بارش سان سندس قبر کي آلو ڪيو.

ستا سي سونهن، جي هئا ڪو ڏيا ڪاڪ جا

لڊوڻيان، لطيف چئي، لڏيو لوڌيئڙن

سي موٽي مسّ اچن، جي آتڻ آرامي ٿيا.

(هي مختصر احوال موقعي آهر لکيو اٿم. اميد ته ٻئي سال جي حياتيءَ بقا ڪئي ته سڀئي تاريخ ۽ حديث جا ڪتاب سوجهي. حضرت ابوذر جي پُرواقعات زندگيءَ تي سڀني ناحيتّن کان روشني وڌي ويندي، والله علي ما نقول وڪيل.)

__________


 

شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء سنڌي برهانپوري [2]

 

”باز خوان اين قصہءِ پارينہ را“

 

ڪنهن سمي سونهاري سنڌڙي علم ۽ عمل جو گهر هئي. سندس سلڇڻا سپوت اسلامي دنيا جي هر گوشي ۾ ڪلام الله ۽ ڪلام  الرسول جو درس پڙهائيندا هئا، انهن مان ڪيترائي محبوب ربانيءَ جي ملڪ ۾ آرامي آهن. ڪن وري هندستان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي واسو ڪيو ۽ روحانيت جي تعليم ڏني. انهن مان اڪثر ڪڇ ڀڄ، احمدآباد ۽ دکن ۾ دفنيل آهن. انهن سڀني جو جيڪڏهن وستار ڪجي ته هڪ وڏو دفتر ٿي پوي. رڳو ”عيسيٰ“ جي نالي ئي ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي سڳنڌ پر انهن ديسن کي واسي رهي آهي. عيسيٰ جندالله سنڌيءَ جو ڪنهن نالو نه ٻڌو هوندو؟ هتي اسين ”شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء“ جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا.

گذريل فبروري جي آخر ۽ مارچ 1954ع جي اوائل ۾ پشاور وڃڻ ٿيو، جتي ”ڪل پاڪستان تاريخي“ اجتماع ۾ شموليت جو شرف حاصل ڪندي اسلاميه ڪاليج جي ڪتبخاني ۾ ڪن قديم قلمي نسخن ڏسڻ جو موقعو مليو. انهيءَ ڪتبخاني ۾ هونءَ ته گهڻا ئي نادر ۽ نفيس علمي ذخيرا آهن، پر منهنجي نظر شيخ عيسيٰ مسيح الاولياء سنڌيءَ جي فارسي ملفوظات تي وڃي پئي. پوءِ ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي پڇاڙي وارو ڏينهن انهيءَ جي پڙهڻ ۾ صرف ڪيم، ۽ ان مان ضروري فقرا چونڊيم، جي ”حضرت مسيح الاولياء“ جي سر گذشت بابت آهن. سندس صوفياڻن نڪتن ۽ روحاني رمزن کي ڇڏي ڏنم، جو انهن جي اُتاري لاءِ وقت نه هو مگر سڄو ڪتاب شايع ڪرڻ جي لائق آهي.

ڪتاب نهايت خوشخط آهي. ڪاتب جو نالو نعمت الله آهي، جنهن ان کي 1103 هجري ۾ اصل تان نقل ڪيو. ملفوظات جو جامع هڪ سنڌي بزرگ ابوالفرح سراج الدين اسماعيل بن محمد سنڌي القادري الشطاري آهي، جو حضرت مسيح الاولياء جو خاص مريد هو، هن اهو ڪتاب 1020 هجري ۾ شروع ڪيو ۽ 41 سالن جي دير مدار بعد 1061 هجري ۾ تمام ڪيائين، ۽ سندس نالو ”ڪشف الحقائق“ ڌريائين. ڪتاب جي ديباچي ۾ هن طرح رقم طراز آهي: ”جيئن ته اڪثر اوقات حضرت مسيح الاولياء جي زبان مبارڪ مان درس جي مسند تي ۽ ٻين موقعن جي اثناء  ۾ سير ۽ سلوڪ جي باري ۾ عجيب نڪتا ۽ غريب اشارا نڪرندا هئا. منهنجي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته ڇو نه ڪو سندن فاضل مريدن مان انهن صاف گوهرن ۽ بي بها موتين کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي ته طريقت جا ارباب ۽ حقيقت جا اصحاب انهي مان بهرور ٿين. گهڻو زمانو گذري ويو پر ڪنهن کي به همت نه ٿي ته انهيءَ سڳوري ڪم ۾ هٿ وجهي. تنهنڪري جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو تيئن تيئن سندن باريڪ نڪتا ۽ اعمال ماڻهن جي دلين تان ميساريا پئي ويا، تنهنڪري هن حقير باوجود ڪم بضاعتيءَ جي اهو ڪم 1020 هجري ۾ پاڻ تي کنيو ۽ انهيءَ ملفوظات جو نالو ”ڪشف الحقائق“ ڌريو ۽ ان کي پنجن بابن ۾ مرتب ڪيو:

باب پهريون، سندن اباڻو وطن ۽ سندن اُتان لاڏاڻو، ولادت ۽ تحصيل.

باب ٻيو، حق جي طلب ۽ مرشد جي تلاش.

باب ٽيون، اشارا ۽ نڪتا، جي سندن معجز بيان زبان مان وقت بوقت صدورو ۾ ٿي آيا.

باب چوٿون، معاملات، مڪاشفات ۽ تصرفات.

باب پنجون، حضرت مسيح الاولياء کي 11 صديءَ جو مجدد ثابت ڪرڻ.

 

شيخ عيسيٰ جو حسب ۽ نسب. شيخ عيسيٰ بن حضرت شيخ قاسم بن حضرت شيخ يوسف بن حضرت ملا رڪن الدين بن حضرت شيخ معروف بن حضرت شهاب الدين سنڌي مد ظلہ.

شيخ عيسيٰ جو پايو ايتري قدر بلند هو. جو کيس هيٺين لقبن سان سڏبو اٿس: غوث العارفين قطب الموحدين، قدوة المتخلقين، زبدة المدققين، سيد المفسرين سند المحدثين، زينت العلماء، مربي الفقراء مسيع الاولياء،ابوالبرڪت،عين العرفان ۽ شيخ المشائخ.ايڏي، رتبي ڪري کيس 11 صدي هجري جو مجّدد ڪري سڏيو اٿن. جيئن حضرت ابو هريره رضه  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريمن صلعم فرمايو آهي ته: هر صدي جي منڍ ۾ الله تعاليٰ هن امت لاءِ (پنهنجي ڪامل ولين مان) هڪ اهڙو شخص پيدا ڪندو جو سندس دين متين جي تجديد ۽ اصلاح ڪري.

 

شيخ عيسيٰ جو اصلي وطن. شيخ عيسيٰ جو اباڻو ڏاڏڻو وطن سنڌ جو مشهور ڳوٺ ”پاٽ“ آهي، جو پڻ سندس وڏن جو ٻڌايل آهي.

 

پاٽ مان لڏڻ جو سبب. جڏهن همايون بادشاه جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري 947، 950هه) چوڌاري تفرقو پئجي ويو، ۽ بد اَمني وڌي ويئي، تڏهن عيسيٰ جو والد ماجد ۽ والده مڪرمہ ۽ چاچو شيخ طاهر، جو وقت جو وڏو محدث ۽ عالم هو ۽ ٻيا ڪيترا عزيز ۽ خويش، پنهنجو پيارو وطن ڇڏي احمد آباد ڏي راهي ٿيا.

 

احمدآباد ۾ رهائش. انهن ڏينهن ۾ اُتي حضرت غوث العالم شيخ محمد غوث قدس سره جو انهيءَ شهر ۾ وڏو ڌاڪو هو. شيخ طاهر به زيارت جي خيال کان حضرت غوث العالم جي خدمت ۾ ويو. جڏهن حضرت غوث جي شيخ طاهر تي نظر پئي، تڏهن فرمايائون ته سندس شيشو نهايت صاف آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ان ۾ شراب پئي. شيخ طاهر کي اهي لفظ نه آئڙيا. پاڻ صاحب تقويٰ جو هو، ۽ دل ۾ چيائين ته اهڙي بزرگ کي ڀريءَ مجلس ۾ ”ام الخبائث“ جو نالو وٺڻ نه جڳائيندو هو. تنهن ڪري وري حضرت غوث العالم جي ملاقات لاءِ نه ويو، ۽ ستتئي ساري قبيلي سميت دکن ڏي رخ رکيائون. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيائون ته واٽ تي هڪڙو واه اڳيان آين، جو مينهن جي غلبي ڪري سخت طغيانيءَ ۾ هو. ڀرسان هڪڙو ڳوٺڙو هو، جتي هفتو کن رهجي پيا، پر واه جو جوش ڍرو ئي نه ٿئي. ماڻهن کان معلوم ٿين ته اڳي اهو ڪڏهن اهڙو ڇڙهه نه وهيو آهي. نيٺ لاچار ٿي وري احمدآباد ڏي وريا، جتي ٻيهر شيخ طاهر جو حضرت غوث العالم جي خدمت ۾ وڃڻ ٿيو. جڏهن حضرت غوث العالم جي اک شيخ طاهر تي پيئي، تڏهن فرمايائون ته ”تون ته وئين ٿي پر اسان توکي نه ڇڏيو“. انهن لفظن مان معلوم ڪيائين ته واه جو غير معمولي ڇڙهه حضرت غوث العالم جي تصرف ڪري هو. پوءِ ته شيخ طاهر حضرت غوث العالم جي صحبت ۾ رهي پيو، ۽ طريقت جا سڀيئي مقامات سندن خدمت ۾ طيء ڪيائين، ۽ چوڏهين پيڙهين جي خلافت جو درجو حاصل ٿيس.

 

دکن ڏي روانگي ۽ برهانپور ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ.

انهيءَ بعد حضرت غوث العالم کان موڪلائي دکن ڏي روانا ٿيا ۽ برار علائقي جي شهر ايرجپور ۾ لڏو لاٿائون. اُتان جو حاڪم ۽ ٻيا رهواسي حضرت شيخ قاسم ۽ شيخ طاهر  جي صحبت بابرڪت مان گهڻو فيضياب ٿيا.


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، ماه آگسٽ 1957ع تان ورتل.

[2] ماهنامي ”نئين زندگي“ ماه آگسٽ 1954ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org