سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :20

 

 رسالي جا قديم قلمي نسخا[1]

 

حضرت شاه عبداللطيف عليہ الرحمت جي ڪلام جا قلمي نسخا، جا بجا سنڌ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. پر ڏيڻ جا ڏاتار اڄ کُٽي ويا آهن؛ ۽ باوجود استدعائن جي ڪوبه اعتبار جوڳوقديم نسخو هٿ ڪونه آيو آهي، سواءِ ٻن ٽن بياضن يا انتخابن جي، جن جو ذڪر ٻين مشهور نسخن جي ذيل ۾ ڏنو ويندو.

عام روايت آهي ته شاه صاحب عليہ الرحمة پنهنجي گڏ ٿيل ڪلام جا چند نسخا، پنهنجي وفات کان ٿورو اڳڀرو ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيا، پر پوءِ فقيرن جُهد پِٽي، پنهنجي بزرگوار مرشد جو ڪلام گڏ ڪري ورتو جنهن کي گنج چوندا آهن. چون ٿا گنج جواصلوڪو نسخو تمر فقير جي حفاظت هيٺ هو، جو سيّد جمال جي رنجش ڪري پاڻ سان ڪڇ ڀڄ ڏي کڻي ويو، يا اڏيري لعل جي ساداتن وٽ امانت طور رکي ويو. بهرحال انهيءَ نسخي جو اڃا تائين پتو ڪونه پيو آهي شايد زماني جي خورد برد ڪري وچانئي معدوم ٿي ويو هجي؛ پر انهيءَ حالت ۾ ان جا اُتارا، تمر فقير جي ٻالڪن وٽ ضرور رهجي ويا هوندا. چنانچه اهڃاڻن مان پڌرو آهي، ان جي تلاش جاري آهي. ۽ جيڪڏهن ربّ تعاليٰ جي فضل سان ان جو ڪو نقل هٿ چڙهي ويو ته وڏو وثيقو ٿي پوندو، ۽ حضرت شاه صاحب جي ڪلام کي ڪامل بنائڻ ۾ وڏي مدد ملندي، وليس علي الله بعزيز.

اصلوڪي گنج جي عدم موجودگيءَ ۾ ائين چئبو ته ڀٽ شريف تي جيڪو ”گنج“ رکيل آهي. سوئي موجود قلمي نسخن ۾ زياده قديم ۽ معتبر آهي، ۽ ان ۾ شاه صاحب جو سارو ڪلام سمايل آهي. نه فقط ايترو پر ان ۾ ٻين همعصر شاعرن جا بيت به شامل ڪيا ويا آهن، جي شايد شاه جا فقير جدا جدا موقعن تي ڳائيندا هئا. انهيءَ خلط ملط ۾ ڪن شيعا صاحبن جا بيت به اچي ويا آهن، جهڙوڪ ”عطا“ جا، جن جي آڌار تي حضرت شاه سائين کي هروڀرو شيعو سمجهيو ويندو آهي.

موجوده ”گنج شريف“ تمر فقير جي خليفي ميان اسماعيل جي ارشاد موجب، فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاه ابن سيد محمد علي شاه ابن سيّد ميان ڪلان، تاريخ 7 ماه جمادالثاني سنه 1207 (؟) هو اڱاري ڏينهن لکي پورو ڪيو يعني حضرت شاه صاحب عليہ الرحمة جي وفات کان 42 ورهيه پوءِ. ان جي ترتيب به علحدي آهي، شروعات سسئي جي سر سان ٿئي ٿي، جنهن عنوان هيٺ سسئي جا پنجئي سرود اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ، رامڪلي ۽ پورپ به گڏ لکيا ويا آهن. اگرچه داستان جدا جدا نه ڏنا ويا آهن، پر هرهڪ بيتن جي جهڳٽي کان پوءِ وائي جو اچڻ، هرهڪ داستان کي نروار ڪري ٿو. بيتن جي ٿهوڙ مضمونجي لحاظ کان پونين نسخن ۽ ڇاپي رسالن کان گهڻو عمدي ۽ ڍنگائتي آهي. سسئي جو پهريون بيت آهي:

 

وڍي ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري

هن پڻ پانهجا ساريا، هيءَ هنجون هڏن لئي هاري.

ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

 

اُٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار

حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار

طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون.

عام قلمي ۽ ڇاپي نسخن جو آغاز ”اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي“ واري بيت سان ڪيل آهي، سو ”گنج“ ۾ هن سر جو چوويهون بيت آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته شاه جي فقيرن کي ڪڏهن به اهڙو خيال دل ۾ نه آيو ته سندس مبارڪ ڪلام ڪو الله جي نالي سان شروع ڪجي. نڪي ڪي اهو بيت اهڙو آهي، جو شاه صاحب اوائل ۾ چيو هجي. منهنجي نظر ۾ ته اهو بيت شاه صاحب جو چيل ئي ناهي. شايد رسالي جي ڪن متاخر جمع ڪندڙن جي دل ۾ اهو انديشو اُڀريو هجي ته شاه جو ڪلام ضرور الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪجي. ۽ انهن اهو بيت پنهنجي طرفان ٺاهي ڪلام ۾ داخل ڪيو هجي. انهيءَ ڳالهه جي تائيد هن حقيقت مان ملي ٿي ته برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيسن وارن بياضن ۾، جي گنج کان به ڪن آڳاٽن نسخن جو اختصار آهن، تن ۾ اهو بيت اصلي ڪونهي. اهڙي طرح منهنجو قوي گمان آهي ته بمبئي ڇاپي ۾ ”اول الله عليم“ واري بيت کان پوءِ جيڪي ٽي بيت رسول الله صلي الله عليہ وسلم ۽ اصحابن ڪرامن جي ساراه ۾ آيل آهن، سي به ڪنهن سگهڙ جي دماغ جو دم پختو آهن. ڇاڪاڻ ته ان جي دل ۾ ضرور اهو خيال ٿيو هوندو ته الله  جي تعريف کان پوءِ رسول الله صعلم ۽ سندن يارن سڳورن جي ثنا به لازم آهي.

”گنج“ شريف کان پوءِ دلدار فقير وارو قلمي نسخو آهي، جو هن ڪنهن سنڌي مرشد لاءِ لکيو آهي. اهو نسخو 1279 هجري کان اڳ جو لڪيل ٿو ڏسجي ۽ مون کي عزيزم محمد حنيف صديقي هٿان مليو آهي. قرائن مان معلوم ٿو ٿئي ته فقير ڪڇ ڀڄ جو ويٺل هو ۽ سندس هٿ اکر نسخو شايد تمر فقير واري گنج جو اتارو آهي منجهس ڪيترائي بيت آهن جي ڀٽ واري گنج ۾ موجود ڪينهن. انهيءَ نسخي کان پوءِ ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارا نسخا آهن، جي مسٽر عثمان علي انصاري وٽ موجود آهن؛ ۽ پڻ ميان احمد ڀٽائي، حافظ عمر کاڻوٺي، سيد دوست علي متعلوي ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ وارا نسخا آهن جي لڳ ڀڳ چوڏهين صديءَ جي اوائل ڌاري لکيا ويا آهن. اهي پويان مذڪوره نسخا بنده وٽ حاضر آهن، جن جي مدد سان نئون مڪمل نسخو تيار ڪيو پيو وڃي، و الله ولي التوفيق.

برٽش ميوزيم، انڊيا آفيس، سيد ابراهيم شاه ۽ ماستر محمد قاسم خان وارا بياض پنهنجي اهميت رکن ٿا. برٽش ميوزيم وارو نسخو ڪنهن فاضل ۽ عالم جو انتخاب ٿيل آهي. اکر تمام سهڻا اٿس، ۽ جسته جسته پراڻن سنڌي لفظن جي معنيٰ فارسي ۾ ڏني وئي آهي. هي ڪنهن آڳاٽي معتبر نسخي جو اختصار آهي. بيتن ۽ داستانن جي ترتيب نهايت سنجيدي ۽ مسلسل آهي منجهس ڪيترائي بيت آهن، جي گنج ۾ به ڪين آهن. انڊيا آفيسن وارو بياض هوُبهو برٽش ميوزيم واري بياض جو نقل آهي، اگرچه ڪٿي ڪٿي ڳچ بيت حذف ڪيا ويا آهن. ٻنهي جي شروعات سر سسئيءَ واري هن بيت سان ٿئي ٿي:

”پرتوو پنهون جو، جهُڙُ جيئن جهالا ڏي.“

سيد ابراهيم شاه واري بياض جي ترتيب وري بالڪل نرالي آهي، اگرچه شروعات سسئيءَ سان ٿئيس ٿي ۽ بيتن جي اختصار جو سلسلو به ”گنج“ تي ٻڌل آهي. ان ۾ به ڪيترائي نوان بيت آهن. مسٽر محمد قاسم خان وارو بياض به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اختصار جي ڪيترائي سهڻا نوان بيت ايزاد ڪري ٿو مطلب ته بياض وارن پنهنجو پنهنجو طريقو ۽ ڍنگ اختيار ڪيو آهي.  

نهايت تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته شاه صاحب جهڙي باڪمال شاعر جو ڪلام سوا صدي کن ڇاپي هيٺ نه آيو. ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽئرمپ پهريون ئي شخص هو، جنهن جو توجهه اهڙي الهامي ڪلام ڏي ٿيو ۽ هن سرڪاري خرچ سان رسالي جي طباعت جو مهم شروع ڪيو. کيس هڪڙا به عمدا قلمي نسخا هٿ چڙهيا، جن کي هڪ ڏيهي فاضل کان ڀيٽارائي، حتي المقدور صحيح مسّودو تيار ڪرائي، ليپسگ جي شهر ۾ 1866ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيائين. جنهن صورت ۾ مليل خرچ اڻ ڪافي هو، تنهن صورت ۾ مارئي جو سر ۽ ٻيا پويان ننڍا سر ترڪ ڪرڻا پيس. اگرچه ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي اوڻايون آهن. تَهجِي بلڪل هندي ”الفباء“ تي ٻڌل آهي. ٻنهين قلمي نسخن جون مختلف پڙهڻيون درج نه ڪيون ويون آهن ۽ اوٽ تي جيڪي صحيح ڏسڻ ۾ آيون اٿس، سي متن ۾ اختيار ڪيون وييون آهن؛ ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري ممتاز آهي. ٽائيپ نهايت نفيس ۽ عربي رسم الخط تي آهي ۽ وس آهر ڪلام کي درست نموني ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين هجي، جو سرجوشي ڏيکاري ههڙو امل ماڻڪ نروار ڪري ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين.

تقريباً هڪ سال بعد يعني اپريل 1867ع مطابق 1283هه ۾ مولوي عبدالصمد نورنگزادي جي تحرڪ سان، جنهن جا سنڌي ادب تي گهڻا ئي ٿورا آهن، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پُلبندري، شاه جو رسالو سنگي حروفن ۾ شايع ڪيو. انهيءَ نسخي جو ڪاتب سنڌ جو مشهور عالم حاجي محمد سمون هو. ان جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه قديم قلمي نسخا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي حاشيي تي جدا جدا قرا تون به ڏنيون اٿس. گنج وارن بيتن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي بيت منجهس درج آهن، قاضي ابراهيم صاحب مرحوم جي پونيرن کان انهن نسخن جي پڇا ڪئي اٿم، پر انهن کي خبر ناهي ته اُهي نسخا ڪيڏانهن ويا. اهي نسخا يا ته مولوي عبدالصمد مهيا ڪري ڏنا هوندا، يا قاضي صاحب کي ڪڇ ۽ گجرات مان پڙ پيا هوندا بحر حال ائين گمان ڪڍڻ ته فالتو بيت حاجي محمد سمي جا ٺاهيل هوندا، امڪان کان ٻاهر آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ وضاحت جي توقع رکي نٿي سگهجي، والله اعلم باالصواب.

جنهن صورت ۾ مٿين ٻنهين ڇاپن جي ڪتابت جهونيءَ سنڌي مطابق آهي، تنهن صورت ۾ سنڌ جي هڪ اڳوڻي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جائيلس تجويز ڪئي ته نئون رسالو تيار ڪرائجي. کانئس پوءِ مسٽر فلٽن سندس جاءِ نشين ٿيو، جنهن ڀٽ شريف جي ڪنهن قلمي نسخي تان هڪ نقل ڪرائي ورتو. پر اُهو به هلندڙ صورتخطيءَ ۾ نه هو، تنهن ڪري اهو دستخط رسالو موجود صورتخطيءَ ۾ آندو ويو، ۽ ڇاپخاني ۾ موڪلڻ کان اڳ سنڌ جي ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر (مسٽر تاراچند شوقيرام) ڏانهن موڪليو ويو، جنهن انهيءَ کي ٽرمپ صاحب واري رسالي، ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي، ۽ ٻئي هڪ دستخط نسخي سان ڀيٽي ۽ سڌاري، ڊسمبر 1900ع ۾ شايع ڪيو، مگر ان ۾ به ڪي چوڪون رهجي ويون. انهيءَ ڳالهه جو احساس رکندي مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب سنه 1913ع ۾ پنهنجو رسالو ڇپايو، جنهن ۾ سواءِ ڪنهن تحقيق ۽ تدقيق جي، سرڪاري ڇاپي جا بيت قائم رکي، بعضي جاين تي بمبئي ڇاپي واري رسالي جا زائد بيت ۽ وايون داخل ڪيائين، جن مان ڪيترا ته وري وري دهرايل آهن. ڪمال فقط ذات خداوندي کي آهي؛ مرحوم ميرزا صاحب جي رسالي ۾ اڪيچار غلطيون رهجي ويون.

1923ع ۾ وري آنجهاني پروفيسر گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي جي تصحيح ۽ تشريح جو ڪم پاڻ تي کنيو، ۽ هن بنده جي حمايت سان سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪن وجوهات ڪري رسالي جو چوٿون جلد تيار ڪري ڇپائي نه سگهيو. پروفيسر ماسوف عليہ وٽ پهرئين جلد ڀيري فقط بلڙيءَ ۽ ڀٽ وارا دستخط نسخا ۽ ٽرمپ ۽ بمبئي وارا ڇاپي رمالا هئا. ٻئي جلد تيار ڪندي مير عبدالحسين وارو دستخط نسخو ملي ويس، ۽ ٽئي جي تياري وقت مون انگلنڊ  مان برٽش ميوزيم جي بياض جون مختلف پڙهڻيون ۽ ڏنل معنائون ڏانهس ڏياري موڪليون. ٽنهين جلدن ۾ اڳيون لاڙي تلفظ قائم رکيو ويو، جنهن جي فقط خصوصيت هيءَ آهي ته ”نون غنو“ ۽ ”هاءِ هوز“ مخذوف ٿيل آهن، ۽ ڪا ٻي منجهس خوبي ناهي. ازانسواءِ گنج شريف ۽ ٻين نسخن مان ڀيٽا جو موقعو نه مليو، جنهن ڪري چئبو ته ماسوف عليہ جو تيار ٿيل رسالو به گهڻي قدر ناقص آهي.

استاد گربخشاڻي کان پوءِ مرحوم غلام محمد شهواڻي پنهنجو رسالو شايع ڪيو، جو صوري ۽ معنوي لحاظ کان بلڪل معيوب ۽ نادرست ثابت ٿيو، باوجوديڪ مرحوم محنت ۽ جفاڪشيءَ کان ڪونه گهٽايو هو. مرحوم شهواڻي کان پوءِ ڪيترن ئي صاحبن تجارت ۽ جوفي خاطر رسالي جا رطب ۽ يابس نسخا ڇپايا آهن، جي اڄوڪيءَ اڻهوند ۾ ماڻهن وٽ گشت ڪري رهيا آهن. ربّ تعاليٰ توفيق بخشي ته رسالي جا هر ممڪن سڀئي نسخا ميڙي، هڪ مستند نسخو تيار ڪيو ويندو. سنڌي ادب جي سڀني سڄڻن کي استدعا آهي ته ناياب قديم نسخن جو پتو هن ضعيف ڏي ڏياري موڪلين. والثواب عندالله.   

____________


 

شاه جي رسالي جا ٽي آڳاٽا قلمي نسخا[2]

 

گذريل پنجن سالن ۾ تقريباً ٽيهه قلمي نسخا شاه جي رسالي جا ڀيٽيا اٿم، جن مان ڪن تي ڪتابت جي تاريخ ڏنل آهي، ته ڪن تي نه ڏنل آهي. انهن مان ٽي دستي نسخا سنہ 1270 هجري جا لکيل آهن، يعني شاه صاحب جي وفات بعد 105 قمري ورهيه پوءِ جا لکيل آهن. افسوس جو ڪوبه نسخو لڳ ڀڳ شاه جي زماني جو هٿ نه آيو آهي، اگرچه هڪ نسخو 1225 هجري جو مولوي احمد جت وٽ آهي، جو اڃا تائين ڏيڻ کان پيو ڪيٻائي، جيڪڏهن سچ پچ 1225هه وارو نسخو مولوي احمد جت وٽ آهي ته اهو نهايت ڪمائتو ثابت ٿيندو، ۽ ان کي ئي نئين نسخي جو اساس يا بنياد ٺهرايو ويندو. سنہ 1270 هجري جا رسالا هي آهن:

گنج، جو لطيفي درگاه تي تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل آهي. ان جو مفصل بيان اڳيئي ڏنو ويو آهي. اهو رسالو تاريخ 7 ماه جمادي الثاني اڱاري سنہ 1679ھ مطابق تاريخ 7 مارچ ڌينهن اڱارو سنه 1854ع) ڌاري خليفي اسماعيل جي حڪم موجب اڏيري لعل جي سيّد عبدالعظيم عرف وڏل شاه لکي پورو ڪيو. منجهس شاه صاحب جي ڪلام کان سواءِ ٻيو به گهڻو اوڦٽو شعر آهي.

لتڻي وارو نسخو، جو مير امام بخش خان ٽالپر (وفات 1914ع) جي فرمايش موجب ميان محمد حافظ نالي ڪاتب 29 شعبان 1270هه (مطابق 26 مئي 1854ع) ڌاري لکيو، يعني گنج جي ڪتابت کان اٽڪل اڍائي مهينا پوءِ. ليڪن هي رسالو ڪنهن به صورت ۾ گنج تان نقل نه ڪيو ويو آهي. بلڪ معمولي نسخن وانگر آهي، ۽ سرن جي ترتيب به ساڳي رکي ويئي آهي، جهڙي ڀٽ واري نسخي يا آخوند احمدي ۽ مير عبدالحسين وارن نسخن ۾ آهي. منجهس ڪن جزوي ڌارين بيتن کان سواءِ ٻيو ڪو گند گاهڻ ڪونهي. هي رسالو مذڪور مير صاحب مرحوم جي پڙپوٽي ۽ هم اسم مير امام بخش خان مون کي ٿورن ڏينهن  لاءِ مقابلي خاطر ڏنو هو. اُهو ڪنهن آڳاٽي قلمي نسخي جو اتارو ٿو ڏسجي.

مرحوم مير نور محمد جي ڪتبخاني وارو نسخو، جو مون کي جوان بخت مير نور محمد خان ثاني، عزيزم الهبچائي آخوند جو توسط سان ڏنو آهي. هي رسالو هڪ مائي صاحبہ مُلَي نعمت نالي جو هٿ اکر لکيل آهي. نهايت خوشخط، صاف ۽ صحيح ۽ سونهري جدولن سان آهي. مائي صاحبہ ڪمال ڪيو آهي، ۽ سندس هي ڪارنامو ابدالاآباد قائم رهندو. اهڙيون پاڪباز ۽ نيڪ عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن نورناما ۽ ٻيا ڪتاب تبرڪ طور لکيا هوندا، پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن. نهايت فخر جي ڳالهه آهي، جو هن مائي صاحبہ جهد ڪري اهو رسالي جو نسخو تيار ڪيو آهي. ملياڻي صاحبہ بابت وڌيڪ احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي. شايد منهنجو دوست ميرزا گل حسن ”احسن“ انهيءَ ڳالهه تي روشني وجهي. شل خدا جي رحمت مٿس هجي!

هي نسخو ملّي نعمت تاريخ 28 ماه جمادي الثاني سنہ 1270هه (مطابق 28 مارچ 1854ع) ڌاري ڪنهن قديم نسخي تان اتاري پورو ڪيو، ۽ نهايت صحيح ۽ پونين اضافن کان خالي آهي. لڳ ڀڳ ٽرمپ واري رسالي ۾ ٻن استعمال ٿيل نسخن جي مشابهه آهي. اصل نسخي پوري ٿيڻ بعد ڪنهن اوپري ماڻهوءَ هيٺان ڪلام ضميمي طور ڳنڍي ڇڏيا آهن.

(1) مخدوم محمد هاشم جو ڪلام:

يا حبيب الا لہ خذبيدي مالعجزي سواڪ مستندي

اي خاصا دوست خدا جا، هادي هٿ وٺيج

توريءَ طاقت ناهڪا، يا رسول رسيج

هاشم چوي هاشمي، پريندهم پهچيج.

(2) سر رامڪليءَ واري ٽيهه اکري، جنهن جي ڳچ بندن ۾ شاه جو نالو اچي ٿو.

(3) ڪاپائتيءَ واري مدح يعني چرخو چوري ڪت ڪاتار، جا حافظ پِنئيءَ جي ٺهيل آهي.

(4) عربي ۽ سنڌيءَ ۾ نڪاح جو خطبو.

(5) فارسي زبان ۾ فالنامو،وغيره وغيره.

مائي صاحبہ پنهنجي نسخي جو خاتمو هن طرح ڪري ٿي،جنهن مان خبر پوي ٿي ته پاڻ هڪ پراڻي وضع جي شاعره به هئي. سندس پراڻي سنڌي وارو نمونو عڪس ۾ جدا ڏنو ويو آهي.

اَلحمدُلِلہ رسالو شاهَ عَبداللّطيف جو لکي ڪيم تماما

موجب حڪم ديري سرڪارِ ڪلان عاليمدار جي مُن مُلِّي نعمتا

عوض لکاڻيءَ جي مُنکي وڏا خرچَ ۽ جهجها ڏنا امدادا

ديرو مٿيون قائم هُوئي ڇالَ مِڙني وارثن ۽ عزيزن سان

اجر ثواب هن جا مولوي ڏي ان کي منجهه دنيا ۽ آخرتا!

سدائين خوش حال هُونِ، برڪت حضرت رسولا

چڱايون نصيب ٿين، خوبيون پسن خيرسين، هميشہ مداما!

مقصد سندن پورا ٿين ۽ مطلب مڙئي مدعا نصيبا!

آءُ دعاگي نه هيڪڙي، ٻيا پڻ سهسين آهين سَوَ هزارا

بتاريخ اٺاويهين ماه جمادي الثاني جي سن ٻارهن سو ستر صحيحا!

سڄو جڙي تيار ٿيو، ڪنان لکڻ ۽ جدول ۽ جلدا.

خبر ناهي ته ڪهڙي مير صاحب جي ديري ڏي اشارو آهي.

مير نورمحمد خان ته تاريخ 10 شوال سنہ 1255 هجري (17 ڊسمبر 1839ع) ڌاري وفات ڪئي (1). مياڻي ۽ دٻي جي لڙاين بعد انگريزن سندس وڏي فرزند مير حسين علي خان کي ٻين ميرن سان گڏ ڪلڪتي موڪلي ڏنو، جو وري شعبان 1275هه (مارچ 1859ع) ڌاري حيدرآباد موٽي آيو (2). ملّي نعمت هي نسخو ان کان پورا 5،4 سال اڳ ۾ لکيو، ڇا ان مان گمان ڪڍجي ته مير نورمحمد خان جا ديرا ان وقت  حيدرآباد ۾ ساڪن هئا؟ بهرحال هيءَ ڳالهه تحقيق طلب آهي، وفوق ڪّل ذي علم عليم.

--------------

(1)ڏسو انگريزي تاريخ سنڌ،تاليف مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب“ڀاڱو 2،ص 226

(2)ايضا،ص238


ماهنامي ”نئين زندگي“، نومبر 1953ع تان ورتل.

[2]  ماهنامي ”نئين زندگي“، سپٽمبر 1957ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org