سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :18

ليڪن انهيءَ تنوار سڻڻ لاءِ ڪي ڪن گهرجن، فقط اهل دل انهيءَ معنيٰ کي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيئن رومي فرمايو آهي:

جملہ ذرات عالم در نهان

با تو ميگويند روزان و شبان

ماسميعيم و بصيريم و خوشيم

با شما نا محر مان ماخا ميم

نطق آب و نطق خاک و نطق گل

هست محسوس حواس اهل، دل.

سنڌ ۾ تصّوف پنهنجي ڪامل صورت ۽ پوري جلوي ۾ پديدار ٿيو. سنڌ جي پاڪ زمين اهڙن خيالن لاءِ منڍ کان صالح هئي. سنڌ جي سڀني صوفين سڳورن ۽ روحاني شاعرن وحدت الوجود جو نغمو ڳايو، ۽ ان جي آسمان ۾ غلغلو مچايو. سنڌ جا حاڪم به ديني مصلحت ۽ رواداريءَ جا حامي هئا ۽ ڪنهن به حق جي عاشق کي ناحق نه ستايو. اسان جو پهريون عارف ۽ شاعر قاضي قاضن (وفات 958هه) وجودي هو، ۽ شاه ڪريم (وفات 1032هه) وجودي به هو ته شهودي به هو. قاضي قاضن چيو آهي ته:

لا لاهيندي ڪن کي ”لا“ مورانهين ناه

بالله ري پريان، ڪٿ نه ڏسجي ڪين ٻيو

 شاه ڪريم ان جي جواب ۾ چيو آهي:

”لا“ مَ لوڌي ڪڍ، ”الا“ م لاه لک سينءَ

جو مظهر سندو ماڙوئين، تي ڪيئن ڪرين وڍ.

قاضي قاضن بيخوديءَ جي حالت ۾ فرمائي ٿو:

سائر ڏيئي لت، اُوچي نيچي ٻوڙئي

هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت.

وحدت جي درياه پلوٽ ڪئي، سڀ دڙيون دڪيون ٻوڙي يڪسان ڪري ڇڏيائين، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جو وجود باقي نه رهيو ۽ سڀ طرف ميٽجي ويا. شاه ڪريم ان جي مقابلي ۾ هڪ باريڪ نڪتو اٿاري ٿو، چي:

سائر ڏي نه لت، اوچي نيچي سڀڪهين

نابودي نه ٿيئي، اي ناديدي جهت.

انهيءَ جو مثال ساوڪ وانگر آهي، جا زمين تي اڀري ٿي، اوچتو درياه زمين تي غلبو ڪري، ساوڪ ٻوڙي ناپيد ڪيو ڇڏي. اهڙي طرح جو ڏسندڙ جي نظر ۾ نه اچي. حقيقت ۾ ان کي نابود نه چئبو، ان کي هستي آهي. پر درياه جي غلبي ڪري گم ٿي ويئي آهي.

ساڳي طرح روميءَ وري باهه ۽ لوهه جو مثال ڏنو آهي، قاضي قاضن وانگي مغالطي ۾ پيو آهي. چوي ٿو ته: سرخ ٿي باهه سان هم رنگ ٿيو پوي. پوءِ جيڪڏهن نس پس باهه نٿو ٿئي، ته به باهه جون سڀيئي خاصيتون ان ۾ لڀن ٿيون. ايترو جو ماڻهو چون ته باه ٿي ويو. ”فنا في الله“ جي مقام ۾ پڻ انسان جي اها حالت بنجي ٿي:

رنگ آهن محورنگ آتش است

ز آتشي ميلا فدو خامش وش است

چون بہ سرخي گشت همچو ز رڪان

بس ”اناالنار“ است لافش بي زبان

شد ز رنگ طبع آتش محتشم

گويد او ”من آتشم من آتشم“

آتشم من، گر ترا شک است و ظن

آزمون کن دست را بر من بزن

آدمي چون نور گيرد از خدا

هست مسجود ملائک ز اجتبا.

انهيءَ جي معنيٰ اِها ناهي ته لوهه جو وجود باه ۾ گم ٿي ويو. لوه جو وجود باقي آهي، رڳو باه جون ڪي خاصيتون  پيدا ٿين ٿيون. اهڙي طرح فنا في الله ٿيڻ ڪري ڪو آدمي بالڪل خدا ڪونه ٿو ٿئي. جيئن فريدالدين عطار چيو آهي:

تو از دريا جدائي و عجب بين

ز تو يک لحظہ اين دريا جدا نيست

خيال کج مکن اينجا و بشناس

کہ هر کو در خدا گم شد خدا نيست.

پر رڳو سڪر ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ سندس هڪڙي صف سان منصف ٿو ٿئي، تنهن ڪري اهڙن شطحيات جي ڪلمن کان پاڻ کي سنڀالجي.

حقيقت ڪري اولياء الله ڪڏهن به اهڙي سڪرات جي حالت ۾ نه هوندا هئا، جو خدا جا فرض کانئن ڇڏائجي وڃن. اهي خدا تعاليٰ جي عصمت هيٺ هوندا هئا، ۽ جڏهن انهن تي استغراقي حالت طاري ٿيندي هئي، تڏهن نماز جي وقت هو از غيبي بيدار ٿي پوندا هئا، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين شريعت جي احڪامن تي پابند رهيا. جي جو ڪي نابڪار صوفي چوندا آهن ته فنافي الله جي حيثيت ۾ انهن تان سڀ ديني فرائض ۽ تڪليفون لهيو وڃن سو اسلامي تصوف جي اصولن جي برخلاف آهي خود حلاج ويندي پڇاڙي تائين نماز مشغول رهيو. هو ته پاڻ چوندا آهن ته ”حضور قلب حاصل ڪري پاڻ وڃائي، پوءِ تڪبير چئو“:

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناه نماز

سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئو.

(شاه)

باوجود قاضي قاضن سان ٽڪري کائڻ جي، شاه ڪريم صريح وجودي هو، جيئن سندس ڪيترن ئي بيتن مان پڌرو آهي:

مروئان موران، پکڻان، وائي ٻي م ڀل

هو هلاچو هل، باالله سندو سڄڻين.

_________

سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي

تيهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.

__________

پاڻئي سلطان، پاڻئي ڏي سنيهڙا

پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.

_________

اسين سڪئون جن کي، تان سي اسين پاڻ

هاڻي وڃ گمان، مڃاتا سپرين.

لطف الله قادري، جو شاه ڪريم سان لڳ ڀڳ ۽ شاه لطيف کان گهڻو اڳڀرو زنده رهيو آهي، سو ”اسم ذاتي“ جي وصف ۾ هيئن ٿو چوي:

چيائون الله، هادي جو حق

او پاڻان ويا پيڙا، ٿين ذات مطلق

فلاهم الا انا: ات نڪو شبہ نه شڪ

حاصل جنين حق، سي واصل ٿيا وصال ۾.

ميون عيسو، جو شاه لطيف کان عمر ۾ وڏو پر سندس همعصر هو، هڪ متشرع عالم ۽ عامل ٿي گذريو آهي، سو وحدت الوجود کي هن طرح ٿو نباهي:

جي پاڻ نه پسين پرينءَ کي، ته تون پسي صحيح سڄڻ

ان الله بصير بالعباد، اي حرف هنئين سين هڻ

پرور کي پسڻ، آهي سڀڪنهن شيءِ جو.

________

پسين جي پر ڪنهين، ته سڄڻ توهين ساڻ

و هو معڪم اين ما ڪنتم، اي عيسيٰ سڻ اهڃاڻ

نوڙت ۽ نياز سين، جي صحي سڃاڻين پاڻ

ته معرفت مهراڻ، منجهان تو موج هڻي.

_________

اڌمي اندر کان، جو موج هنئي مهراڻ

ته علائقا هن عالم جا، ويندءِ پاڻئون آڻ

بلڪ پيهي ويندين پاڻ، پريندهم ان پاتار ۾.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1075هه) اگرچه هڪ فقيہ هو، ۽ ظاهر شريعت جو پابند هو، ۽ شايد ان ڪري ئي خواجہ محمد زمان ۽ شاه لطيف ۽ مخدوم محمد معين سان نه پوندي هيس. سو به هڪ وڏو صوفي ۽ روحاني بزرگ هو، جيئن سندس تصنيف قوت العاشقين مان ظاهر آهي ليڪن هو شهودي هو ۽ متين تي راسخ. جنهن ڪري دل نه چاهيندي هيس ته ماڻهو ڄاڻي واڻي وحدت الوجود جي ڪُن ۾ وڃي اَجهڪن، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جي رهبري لاءِ شريعت بالڪل ڪافي ۽ شافي آهي، انهن کي ماوراء لحيات جي مسئلن ۾ نه منجهائڻ گهرجي:

حوصلو حيرت ۾، ڪري ڪونه درڪ

جو حسن سندو حق، سو ڪور پروڙي ڪينڪي.

ليڪن اندر جي اڇائي ۽ اخلاص، تڪبّر ۽ پاڻپڻي کان آجائي سڀني لاءِ ضروري آهي. ڇاڪاڻ اهو پنهنجو پاڻ آهي، جو پرينءَ کي پراهون ڪري ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو:

”پاڻ“ پردو پاڻ کي، سُڻي ڪر سنڀال

وچان جو وصال، سو تان هئڻ ”هن“ جو.

حافظ فرمائي ٿو:

ميان عاشق و معشوق، هيچ حائل نيست

تو خود حجاب خودي، حافظ از ميان برخيز.

نه فقط هيترو، پر جيڪو به خيال ڀائين ته حجاب (پردي) کي پري ڪندو، سو خود حجاب آهي. ان کي اڇلائي ڇڏ. خود عشق جو خيال ڪرڻ پڻ عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ حجاب آهي: ”العاشق والمعشوق“.

رومي فرمائي ٿو:

 تو هر خيال کہ کشف حجاب پنداري

بينگنش کہ ترا خود همان حجاب شود.

شاه لطيف وري هيئن ٿو چوي:

عين شرڪ ايءُ، جيئن بي شرڪ ڀائين پاڻ کي

وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ

هيڏانهن ڪونهي ”هيءُ“، ”هو“ پڻ ڪونهي ”هن“ ري.

شاه لطيف محض ”وجودي“ هو. پر سندس ”وحدت الوجود“ جو متو اهڙي سهڻي نموني ۾ سنواريل آهي، جو ڪوبه اهل ظاهر مٿس اعتراض ڪري نه سگهندو. اهو زمانو ئي هو وحدت الوجودي خيالن جو. شاه ولي الله دهلوي، جو پڻ ان وقت ڌاري ٿي گذريو آهي (1114، 1176هه)، سو به وحدت الوجود جو قائل هو، ۽ ڪوشش ڪري ڏيکاريواٿس ته امام رباني واري وحدت الشهود ۽ وحدت الوجود وچ ۾ ڪو معقول فرق ناهي، رڳو لفظي ردوبدل آهي. ساڳيو ئي خيال شيخ عبدالرحيم گرهوڙي صاحب خواجہ محمد زمان جي هيٺئين بيت جي تشريح ڪندي ظاهر ڪيو آهي:

صورت معنيٰ وچ ۾، ڪونهي وچ وچان

هُو نه سڃاپي هن ري، هِي مور نه موجودا

ڪٿي جوهر ڪوٺجي، ڪٿي عرض آ

حقيقت هيڪاه، پر نالن مٿو ناه ڪو.

ظاهر توڙي باطن وارا مڃين ٿا ته مظهر خود ظاهر آهي، ۽ ڪي جهڙوڪ امام رباني صاحب، چون ٿا ته مظهر خود ظاهر (خدا) ناهي. حقيقت توڙي شريعت جي لحاظ کان ٻئي قول برابر آهن، پر جيئن ته امام رباني صاحب شريعت جو صاحب هو، تنهن ڪري شريعت جي پاسي کي وڌيڪ ترجيع ڏني اٿس، نه ته حقيقت ۾ ڪثرت آهي ئي ڪانه.

”ولي اللهي فلسفي“ جو اثر سنڌي شاعرن، جهڙوڪ شاه لطيف تي (جو شاه ولي الله کان 12 ورهيه اڳي ڄائو هو (11 ورهيه اڳي وفات ڪيائين) ڪيتري قدر پيو. سو اڃا تحقيق طلب آهي. مخدوم محمد معين يا ٻين تي پيو هجي ته ان ۾ شڪ ناهي، باقي شاه لطيف وحدت الوجود واري مسئلي ۾ پنهنجي وڏي ڏاڏي شاه ڪريم جي پيروي ڪئي آهي. سندس اڳ ۾ انشاد ٿيلن ٻن بيتن کي وڌائي هيئن چيو اٿس:

پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب

پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ طالب تن جو.

__________

پاڻ ئي جل جلالہ، پاڻ ئي جان جمال

پاڻ ئي صورت پِر جي، پاڻ حسن ڪمال

__________

پاڻ ئي پير مريد ٿئي، پاڻ ئي پاڻ خيال

سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

__________

 وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل

حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل

هي هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.

هاڻي سوال آهي ته وحدت مان ڪثرت ڪيئن پيدا ٿي، ۽ ڪثرت ڪيئن وحدت آهي؟ جامي يوسف زليخا ۾ فرمايو آهي ته اوائل ۾ جڏهن وقت جي ابتدا نه ٿي هئي، خداوند تعاليٰ جي مطلق هستي، جا سڀني صفاتن ۽ قيدن کان پاڪ هئي، تنهن پنهنجي مطلق جمال جو تجلو پاڻ تي پاڻهي پيش ڪيو، پر جيئن ته ڪو سهڻو چؤديواري اندر لڪي نه سگهندو آهي ۽ دروازا بند ڪندي ڳڙکيءَ کان سسي ٻاهر ڪڍندو آهي، تيئن ان مطلق جمال ۾ به جنبش جاڳي ته پاڻ کي پڌرو ڪريان. انهيءَ لاءِ ڪائنات جو سارو پسارو وجود ۾ آندائين ۽ آخر ۾ انسان پيدا ڪيائين، جنهن ۾ شناسيءَ جي طاقت رکيل هئي. الله تعاليٰ حضرت دائود جي جواب ۾ هيئن فرمايو ته: ”کنت کنزاً مخفيا فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق لکي اعرف“. يعني: ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، سڪ ٿيم ته سڃاڻجان، تنهن ڪري خلقيم خلق کي ته سڃاڻايان پاڻ.“ شاه صاحب اهو خيال هنن ٿورن لفظن ۾ ڄاڻايو آهي:

پيس اي پرياڻ، ته ڪريان پاڻ پڌرو

نڪو ڳولي تڪيو، نڪو ڳولي پاڻ.

__________

خالق خلقي خلق کي، باريءَ ڪيو بيان

چئي ڪن فيڪون کي جوڙيائين جهان

سج چنڊ تارا ڪتيون، ارض آسمان

ساراهي سبحان، پوءِ مڙني محمد مڃيو.

عام اعتقاد موجب الله تعاليٰ پهريائين حضرت محمد جو نور خلقيو، جنهن مان پوءِ ٻي ڪائنات پيدا ٿي. هي وڏو وستار آهي، هتي هي اشارو ڪافي آهي. هي بيان ”همہ اوست“ جي متي مطابق آهي. پر انهيءَ مان به ٻه مرادون نڪري سگهن ٿيون: (1) جيڪي آهي سو سندس طرفان آهي، وٽانئس آهي، ۽ منجهائنس صدور پاتو اٿس. انهيءَ مان صوفين تعينات ۽ تنزلات جو نظريو قائم ڪيو آهي، جو اصل ۾ جديد فلاطوني فلسفي جو مکيه جزو آهي، ۽ صريح اسلامي نقطہء نظر جي ابتڙ آهي. (2) جيڪي آهي سو کانئس آهي ۽ مٿس ئي مدار رکي ٿو. عارضي ۽ فاني آهي. فقط ذات پاڪ کي بقا آهي. اها مراد قرآني آيت ”ڪل من عندالله“ جي مطابق آهي.

ڪن صوفي بزرگن ۽ شاعرن هڪڙي ڳالهه تي زور ڏنو آهي، ته ڪن ٻيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي آهي. انهيءَ ڏس ۾ فريدالدين عطار تمام پري وڃي پيو آهي، ۽ سندس ڪلام جي جهلڪ سچل فقير ۽ سندس سالڪن، بيدل ۽ بيڪس جي شعرن ۾ ملي ٿي. چي: ”خدا خود آدم جي صورت اختيار ڪري، جدا جدا رنگن ۽ روپن ۾، انسان ذات جي هدايت لاءِ اوتان ٿي آيو آهي.“ اهو نظريو اسلامي تعليم جي خلاف آهي. عطار جي هيٺئين قطعي تي غور ڪريو:

اي روي در کشيده ببازار آمده

خلقي بدان طلسم گرفتار آمده

غير تو هر چہ هست سراب و نمائش

کانجا نہ اندک است ولہ بسيار آمده

آبجا حلول کفر بود اتحاد هم

اين وحدت است ليک بتکرار آمده

يک عين متفق کہ جزاو ذره اي نبود

چون گشت ظاهر اين همہ انوار آمده

گوهر دو کون موج بر آرند صد هزار

جملہ يکي است ليک بصد بار آمده

ڪثرت حقيقت ۾ وحدت آهي، جنهن وري وري پاڻ کي پئي دُهرايو آهي. سمنڊ مان لکين لهرون اڀرن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي سڀئي هڪڙي لهر آهي، جا بار بار پئي اچي وڃي. سؤ صوف ۽ آبيون ڏسڻ ۾ جدا جدا آهن، پر جيڪڏهن سڀني کي نپوڙي گڏ ڪندين ته رس هڪڙي ئي ٿي پوندي، جيئن رومي چيوآهي:

گر تو صد سيب و صد آبي بشمري

 جملہ يک گردد چہ آنرا بفشري

در معاني قسمت و اعداد نيست

 در معاني تجزيہءَ افراد نيست.

يا جيئن شاه لطيف چيو آهي:

سو پڙاڏو، سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين

هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا.

ڪثرت آهيئي ڪانه وحدت اندر، وحدت است. عارف ۽ معروف، عاشق ۽ معشوق ٻئي هڪ آهن، بلڪ:

جملہ معشوقست و عاشق پرده اي

زنده معشوقست و عاشق مرده اي.

جيئن ابن العربيءَ فرمايو آهي

تو همت قدما قبل ان يڪشف الغطا

اخالي ڪاني ذاکر لڪ شاکر

فلما تجلي الصبح اصبحت عارفا

بانڪ مذڪور و ذڪر و ذاڪر.

(يعني: پردي کڄڻ کان اڳ ائين ڀائيندو هوس ته مان تنهنجو ذڪر ۽ شڪر ڪندڙ آهيان. پر جڏهن روز روشن ٿيو ته خبر پيم ته تون ئي ذاڪر، مذڪور ۽ ذڪر آهين.)

سرو، ساغر ۽ ساقي ٽيئي هڪ آهن. ساهڙ، سهڻي ۽ سائر ٽيئي هڪ ٻئي کان جدا نه آهن:

سو ساهڙ، سا سهڻي، سائر پڻ سوئي

آهي نجوئي، ڳجهه اندر ڳالهڙي.

سڀ پنهون آهي، سسئي ۽ سور عارضي ۽ لابقا آهن:

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

جي پاڻ ۾ پٽيندا ويا. اهو پنهنجو پاڻ آهي، جو عجيبن جي آڏو ڦري ٿو:

سو پکي، سو پڃرو، سو سر، سوئي هنجهه

پيهي جان پروڙيو، مون پنهنجو منجهه

ته ڏيل جنهن جو ڏنجهه، سو ماري پيو منجهه ڦري.

حاصل ڪلام ته وحدت الوجود ۽ وحدت الشهور جو بحث تمام وڏو آهي. دفتر گهرجن ته به ان جو بيان پورو ٿيڻو نه آهي. الفناء في الله، انسان جي روحاني ترقي جو فقط پهريون ڏاڪو ۽ البقاء بالله جو پيش خيمو آهي جيئن الله تعاليٰ جي ذات بي ابتدا ۽ بي انتها آهي، تيئن انساني روح جي ترقي به لاانتها آهي. وڌيڪ چپن تي مهر آهي:

نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها

جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

__________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org