شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ
وڏو نالو آهي، پر شاعريءَ کان سواءِ هن نثري
کيتر ۾ به پاڻ ملھايو آهي.
هن پنھنجي ادبي سفر ۾ ڪجهه ڪھاڻيون به لکيون
آهن. جنھن مان ڪجهه ڪھاڻيون ڪتاب ”پنھل کانپوءِ جڳ مڙيوئي سپنو“
۾ ڏنل آهن. ان کان علاوه
”تخيل“ جي شماري نمبر سترهين ۾ پنج
اڻلڀ ڪھاڻيون يڪجاءِ ڪري ڏنيون ويون آهن. مختصر
جائزو پيش ڪجي ٿو:
نوران: اسان جي سنڌي سماج ۾ اوڻايون
۽ اڻ برابريون چپي
چپي
تي ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.
خاص طور تي اُتر سنڌ جي ٻھراڙي
جي ماحول ۾ ته گهر ڪري ويل آهن. جتي
عورتن کي پيرن جي مَرُ سمجهيو ويندو آهي. اڃان
تائين عورتن جو مردن کان اڳ ۾ کاڌي کائڻ کي
عيب سمجهيو ويندو آهي. رهي ڳالھه شاديءَ جي
معاملي جي ته ان معاملي ۾ عاقل بالغ هجڻ کان
پوءِ به رڍ ٻڪري وانگر پوڙهي کڳ سان ڪڍ لائڻ
يعني ”اٺ پٺيان ڳنڍڻي ٻڌڻ“ جو رواج عام جام
آهي. اهڙي ئي طرح سماج جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻي
”نوران“ به آهي.
هيءَ ڪھاڻي ٽن مک ڪردارن جي چو طرف ڦري ٿي
جيڪي نوران، عزيز ۽ رضيه آهن نوران رضيه جي
ماءُ آهي، جيڪا اڃان گل جيان ٽڙي ئي مس هُئي
ته ڪومائجي وئي يعني پندرهن
سورنھن سالن جي ڪچڙي ۽ ننڍي عمر ۾
پنجھٺ
سالن جي ڪراڙي سان ”شينھن ڪلهي چڙهي ٿي“رضيه
اڃان هڪ ڌيءَ مس ڄڻي ٿي ته اهو ڪراڙو به
گذاري ويو.
ائين هوءَ منھن اگهاڙي ٿئي ٿي بيواهي جو تاج
پائي ٿي. ننڍڙي ئي عمر ۾ شادي ۽ مٿان وري
بيواهه ٿيڻ، ڄڻ زندگي جي ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهڻ
برابر آهي.
زندگيءَ
مان وري ڪھڙو سک ورتائين ٻارهوئي مارَ موچڙي
جو زيپٽ. مطلب ته ڇٻيءَ تي رکي ماني به نه کاڌائين. معنى اها ڇڊي
ڇانو به مٿي تان وئي هلي.
هوڏانھن عزيز،
رضيه سان پيار ڪندو هو پر نوران وچ ۾ مُني ٿي
بيھي رهي ٿي. ائين عزيز ڪٿي ٻي وار شادي ڪري
ڇڏي ٿو ۽ رضيه آسري ۾ رهجي وڃي ٿي، اهڙيءَ طرح
اها ڳالھه رهجي وڃي ٿي.
کلڻي: اياز جون ڪھاڻيون به عجيب آهن ڪن ۾ کلڻ ڪن
۾ روئڻ، ڪن ۾ الفت ڪن ۾ نفرت، ڪن ۾ هار، ته ڪن
۾ جيت مطلب هر گل جي خوشبوءَ جو واس آهي.
مون راقم کي هيءَ
ڪھاڻي تمام گهڻو پسند آهي، سچ پچ ته کلڻي جو
ڪردار پڙهڻ مھل منھنجي چو طرف ڦيريون پائيندي
نظر ايندو آهي.کلڻيءَ جا خدوخال منھنجي اڳيان
نچڻ ۽ ڪڏڻ لڳا آهن.
اياز جي
”کلڻي“
هڪ شاهڪار ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ محبت سان گڏ
کل
مک جا گڏيل سڏيل رنگ چٽيل آهن. سنڌي ادبين هن ڪھاڻين جي تعريف ۽ ساراهه
۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو آهي. منگهارام هن
ڪھاڻي لاءِ لکي ٿو، ته ”1947ع سندس اياز، شايع
ڪيل ٻئي رسالي
”اڳتي قدم“ سندس بھترين ڪھاڻي ”کلڻي“ ڇپيل هئي
جنھن ۾ هڪ دلڪش چلولي ڇوڪريءَ جو دردناڪ چتر
چٽيل هو،
جنھن کي پنھنجي محبت جو اظهار ڪرڻ ۾ زبان تي
مهر لڳل آهي. تنھنڪري غلط فھميءَ سبب سندس
پريتم ٻيءَ
عورت سان شادي ڪري ٿو ڇڏي.
هيءَ هڪ نهايت نفيس سيرت نگاريءَ جي آکاڻي
هُئي ۽ سنڌ ۾ نڪتل اصلوڪين مان آخري شاهڪار
هئي.“
(1)
کلڻيءَ تي اهو نالو ڇو ۽ ڪيئن پيو؟
ڪھاڻيءَ جي
منڍ واري ٽڪري جون
سٽون حاضر آهن. ”هن جي سادگي ۽ چالاڪي
هئي،
چالاڪيءَ ۾ سادگي ڪڏهن ٻار
جيان
نچندي ٽپندي ايندي ۽ پٺيان اچي اکيون ٻوٽيندي
ڪڏهن اوچتو منھنجا وار ڊاهي چوندي ڏس ته ڪيئن
ٿي پيو آهين؟ ۽ پوءِ آرسي کڻي هٿ ۾ ڏيندي،
ڪڏهن پينسل رکي پاڻي پيئڻ اٿندس ته گورو ڀڃي
ڇڏيندي. اڃان کڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته کل ۾ ويڙهجي
ويندي. ڪڏهن پوتي پڳ ڪري ٻڌي ايندي ۽ ڪتاب
منھنجي هٿ مان کسي چوندي چئو
هاڻي ڇا ٿو چئين؟ ڪڏهن ٽاچڻي کڻي منھنجي
ڪنڌ ۾ چڀائيندي، ڪڏهن شربت ۾ لوڻ وجهي کڻي
ايندي، ڪڏهن ڏينڀو ڦاسائي پر کان وٺي منھنجي
اڳيان آڻي ڊيڄاريندي. هڪ ڏينهن وڇون تريءَ تي
کڻي آئي. الائجي ڪيئن ڏنگ ڪڍيو هئائين.“
(2)
کلڻيءَ جي نالي مان پڌرو آهي ته هوءَ ٽھڪن
سان ٽٻٽار هڪ ڇوڪري آهي، جنھن جي من ۽ مزاج ۾
کل خوشي ۽ خوش طبعي ڪُٽي ڪُٽي ڀريل آهي، ڄڻ ٽھڪ هن جي خوراڪ جا لازمي جزا آهن جن جي سھاري تي ئي
هوءَ جيئي ٿي. کلڻي پنھنجي ماسات مٺڙي ذات سان
عجيب قسم جون حرڪتون ۽ کيچلون ڪري ٿي. ننڍي
هوندي چوندا هئاسون ته ”ماسات مٺڙي ذات،
ڪُڪُڙَ ڪُهه ته رهون رات“ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته
سوٽن جي گهٽ ماساتن جي پاڻ ۾ وڌ پوندي آهي.هتي
به کلڻي پنھنجي ماسات تان اول گهول ٿيندي نظر
اچي ٿي. کلڻيءَ جو ماسات پنھنجي گهر کي ڇڏي
کلڻي جي گهر پڙهڻ
لاءِ ايندو هو ڇو ته اُتي ٻارن جي ڪنڊ ڪنڊ هئڻ
ڪري گهر ۾ ”مانڌاڻ متل“ هوندو هو .
اهڙي ٻائتال ۽ لُڙبگادي واري ماحول مان
نڪري سڪون جي تلاش ۾ هتڙي ايندو هو.
هتي به کلڻي وري حرڪتون ڪري هن جي پڙهائيءَ کي
”ڊانوان ڊول“ ڪري ڇڏيندي آهي. اهي حرڪتون حقيقت ۾ پيار جا پاڇولا
هئا. کلڻي
کلم کلا
اهڙو اظهار نه پئي ڪري سگهي. هوڏانھن پڙهيل
ڳڙهيل ماسات به کلڻي جي دل ڦرهي ۽ تختي کي
پڙهي نه سگهيو. نه
سمجهيائين ته هوءَ مون تي ڇو ٺرندي آهي ۽ ڇو ٻُلهار ٿيندي آهي؟ هوڏانھن کلڻي به دل ۾ ته کڻي جذبن ۽ احساسن کي پالي تاتي
ٿي، پر پوءِ به اهوئي ”چپ جو روزو“ اهڙيءَ طرح
ماسات جو ٻئي هنڌ
وِهانءُ
ٿي وڃي
ٿو،
۽ ان کي هڪڙو ڪڪو به پيدا ٿئي ٿو. مطلب ته دل جون ڳالھايون دل ۾ ئي رهجي
ٿيون وڃن.
ڪڏهن جو کلڻي شربت ۾ مٺاڻ بدران لوڻ وجهي
ٿي اهو ڪھاڻي جو هاڻي جو رنگ مٺاڻ بدران ڪوڙاڻ ۾ بدلجي وڃي ٿو. ڏوهه ڏجي ته ڪنهن کي؟ کلڻيءَ کي،
جيڪا گونگي گاءِ هُئي يا فلسفي ماسات کي جيڪو
ڪتابن جون الجهيل حقيقتون جهٽ پٽ سمجهي پيو
باقي ماسات کلڻيءَ جي کيچل کي پڙهڻ کان
وانجهيل آهي . ماسات جي شاديءَ کان پوءِ اها
کلڻي روئڻي جو
روپ
ڌاري ٿي. هاڻ ڄڻ هن جي کلڻ تي ڪرفيو لڳل هجي.
جيئن ڪھاڻيءَ جون آخري سٽون آهن ته ”اڄ شايد پھريون ڀيرو هو جو ٽھڪ
۽ لڙڪ دوستي ڇني جدا ٿيا هئا. زندگي کل جو
سھارو نه وٺي سگهي هُئي ۽ ڳوڙها قابو پائي ويا
هيا، خوشي غم کي چميون ڏئي الوداع ڪئي هئي.“(3)
ائين کلڻي جي اکين جا بند ڀڄي پيا هئا
ائين مرڪ بدران لڙڪ، خوشيءَ بدران غمي هن جي جيون جا سھارا بڻجي
وڃن ٿا. بھرحال اياز جي ”کلڻي“ ڪھاڻي سنڌي ادب
۾ زبردست قسم جي جذبات جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻي آهي،
جنھن
جو سنڌي ادب جي سٺن ۽ شاهڪار ڪھاڻين ۾
نانءُ ڳڻائي سگهجي ٿو.
ڪارو رنگ: نالي مان ئي اها ڳالھه کُکي وڃي ٿي ته
هيءَ ڪھاڻي ڪھڙي قسم جي آهي. اسان جي سماج ۾
ڪاري رنگ کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
سياڻن سچ چيو آهي ته ”اندر ڪاري کان ٻاهر جو
ڪارو چڱو“ پر اسان ماڻھون لڇڻن، افعالن توڙي
ارڪانن کي نه ڏسندا آهيون. ظاهر جي صورت ۽ ڏيک
ويک جا شيدائي آهيون. يعني ته اسين ڳورا پرست
آهيون. اياز هن ڪھاڻيءَ جي مهڙ ۾ لکي ٿو، ته
هوءَ ڪاري رنگ جي هئي ڄڻ تئي جي پٺ ڏٺئي جڏهن
وهنجي سهنجي منھن کي ڪريم لائي نڪرندي هُئي ۽
اها اس ۾ رجي ويندي هُئي تڏهن هن جو منھن
ٻھڪندو نظر ايندو هو. هن جو ڪارو رنگ خوبصورت
ٽڙي پوندو هو (پنھل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو،
نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع،
ص،20).
چوڪيدار چواڻي ته اها ”ڪاري “رات جو
ڪوٺو ٽپي هڪ ايس.ڊي.او
سان
ملڻ ويندي
هئي. ماڻس کي جو کڙڪ پئجي وئي ته هڙ
تڪڙ ۾ هن جو مڱڻو ڪرائي ڇڏي ٿي. شايد ماڻس اهو
سوچي ”جهٽ مڱڻو پَٽ شادي“ ڪرائي ٿي، ته ڪٿي ڪريم نه ڦاٽي پوي پوءِ خواريءَ جو
کارو
گلا جو گهانگهو نه ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي. ائين
”ڪاري“ جي شادي ٿي وڃي ٿي پر ستت ئي هن کي
ڪوڙهه بيماري وٺ ڪري وڃي ٿي ۽ هوءَ ننهن کان
چوٽيءَ تائين اڇي ٿي پئي ٿي. مطلب هوءَ ڪاري
رنگ کي ميٽڻ ۽ ميسڻ لاءِ ڪريمون ۽ پائوڊر جي
”مک چک“ ڪندي هئي ۽ پاڻ کي ڀورو بڻائڻ لاءِ وڏا
وس ڪندي هئي هاڻي ته هوءَ پاڻ هرتو سڄي بَگڙي
ٿي پئي هئي. ڀلي کڻي ڪوڙهه جي ڪري ئي ٿي هئي
مطلب ته هن جي آس
پُڄي ٿي.
اياز هن ڪھاڻيءَ ۾ اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، ته رات به ڪاري رم آهي. اها به ڪارو ويس
ڪري ايندي آهي. ان کي ته ڪنهن ”ڪاري“ نه سڏيو
آهي. اها ڪاري رات ئي آهي جيڪا اسان جي عيبن
ثوابن تي ڪک رکندي آهي ۽ هن ڪاري رات ۾ ئي
اسان گُهڙُ مُٽ ٿي سمجهندا آهيون. هر غم ڏک
کان آزاد ٿي سڪون ۽ سانت جي ماحول ۾. ڳالھه
اها ته ڪارو رنگ به خدا جي تخليق آهي. ڪاري
رنگ کان نفرت ڪري پوءِ خدا کي ڇا ٿا چوڻ
چاهيون. بھرحال اياز جي ”ڪارو رنگ“ ڪھاڻي سنڌي
ڪھاڻيءَ جي چهري تي هڪ ڪاري تر وانگر سونهن جي
نشاني جيان عيان ۽ نمايا بيٺي آهي.
سفيد وحشي:
”سفيد وحشي“ شيخ اياز جي ڪھاڻين جو پھريون
مجموعو آهي. هن کان اڳ اياز جون مختلف ڪھاڻيون
ان وقت مشھور ادبي رسالن جي زينت بڻجنديون
هيون، پر گڏيل ڪھاڻين جو هيءُ ”سفيد وحشي“
پھريون ڳٽڪو هو. ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙو هن
ڪتاب لاءِ لکي ٿو، ته اهو زمانو آهي اپريل
1947ع ۾ شيخ اياز جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو
”سفيد وحشي“ جي نالي سان باغي منڊل فريئر روڊ
ڪراچي جي اداري پاران موهن پنجابيءَ ڇپائي
پڌرو ڪيو هو. ڪرائون سائيز ۾ 65 صفحن تي مشتمل
اهو ڪتاب ”۾“ جي نالي سان (شايد منو) منسوب
ڪيل آهي“.(4) انھيءَ ۾ اياز جي ڪھاڻين جي
پھرين مجموعي ۾ ٽائيٽل ڪھاڻي ”سفيد وحشيءَ“
سان ٻيون به ڪھاڻيون شامل آهن.
هن ڪھاڻين ۾ ”سفيد وحشي“ انگريزن ۽ گورن کي
سڏيو آهي، جيڪي ان وقت سڄي هندستان جا اڇي
ڪاري جا مالڪ هئا. هن فرنگين هتان جي ماڻھن جو
جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن لاءِ ڌرتي ٽامو
ڪري ڇڏي هئي، هن ڪھاڻيءَ ۾ انگريزن کان نفرت ۽
حقارت ڏيکاريل آهي. ان سان گڏ بغاوت ۽ آزادي
جي عَلم کي بلند ڪرڻ جا منظر به قلمبند ٿيل
آهن. هن ڪھاڻيءَ جا مک ڪردار صديق ۽ گلان آهن،
جيڪي مهاڻا آهن ۽ مڇي ماري گذر سفر ڪندا آهن.
هيءَ ڪھاڻي ڪراچيءَ جي مهاڻن جي زندگيءَ جي هڪ
جهلڪ آهي. گلان ۽ صديق هم ذات آهن. ان سان گڏ
صديق گلان تي اڪن ڇڪن آهي. گلان جو پيءُ هڏ
حرام ۽ ڪم ٽوٽي آهي ان کان علاوه ديوث قسم جو
ماڻھو آهي، جيڪو پنھنجي ڌيءُ انگريز کي ٽڪي
پيسي تي ڏيندو آهي.
جڏهن صديق، گلان جي گهر مڇي ڏيڻ لاءِ آيو ته
ان جا ”طاق لڳي ويا“ هن ڏٺو ته ”سفيد وحشي“
انگريز اسان يعني گلان سان چراند ڪري رهيو
آهي، جنھن تي صديق کي غيرت آئي ۽ ڪاوڙ مان در
کي لتون هڻين اندر داخل ٿيو ۽ وڃڻ سٽ ئي
انگريز کي چاڪن جا وار ڪري پورو ڪري ڇڏيائين.
صديق کي انگريز جي قتل جي جرم ۾ سزا ملي ٿي،
جنھن ۾ هن کي ”ڪاري پاڻي“ جي سزا ٻڌائي وڃي
ٿي. ائين هن کي ديس کان دور اها سزا هٿڪڙيون
هڻي کڻي وڃن ٿا. هاڻ صديق غيرت مند هئڻ سان گڏ
آزادي جي تحريڪ جو ڄڻ هڪ ڪارڪن به هو، ڄڻ چئي
رهيو هجي ”دنگن ۽ ننگن تان سر به قربان“ يا
”جيل به جوانن لاءِ ٺهيا آهن“ باقي ”ڀاڙين
مٿان ڀت ڪانون وڌي ڪيري“.
مسافر مڪراني: اهو ڏٺو ويو آهي ته هر ملڪ ۽
ديس جي دنيا ۾ نا انصافيون ۽ اڻ برابريون،
سماجي طبقات ۾ ورهايل ننڍيري وڏيري جو خال
خليج عام جام ملي ٿو. اسان جي سنڌي سماج ۾
وڏيرو، رئيس، ڀوتار، زميندار، مير خانصاحب،
آفيسر، سرمائيدار، ڪارخانيدار، غريب غربي ۽
پورهيت طبقي جو رت چوسيو آهي. عالمي قانون به
آهي ته مزدورن جا حق به آهن، پر سرمائيدار ۽
ڪارخانيدار انھن کي کنگهن ئي ڪو نه ٿا.
اياز جي هيءَ ڪھاڻي ”مسافر مڪراني“ اهڙي
پيڙهيل طبقي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنھن ۾
مزدورن جو ڪيئن استحصال ٿئي ٿو؟ انھن جي
مجبوري ۽ لاچاريءَ جو ڪيئن غلط فائدو وٺن ٿا.
ڪھاڻي جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هيءَ ڪھاڻي
مڪرانن جي ماحول ۽ زندگيءَ جي چوڦير ڦري ٿي.
مڪرانن جون عورتون ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪن
ٿيون. چيو وڃي ٿو ته مڪرانن جا ابا ڏاڏا حبشي
نسل جا آهن، ان ڪري انھن جا منھن مهانڊا ڊوش ۽
ڊول انھن سان ملندڙ جلندڙ آهن. اياز هنن جي قد
بت ۽ هاٺيءَ بابت لکي ٿو، مزدور مڪراني عورتون
سڻڀيون ۽ سوٽ! وٽيل سٽيل ويڻيون، ڏٽا مٽا
منھن! پڪي چمڙي، ڪڪا وار، ڄڻ ٽامي جون مشينون
ٿي لڳيون. (پنھل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو،
نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص 50) انھن عورتن
سان گڏ، انھن جا ٻار به گڏ ايندا آهن، جيڪي
ڪارخاني ۾ راند روند ڪندي نظر ايندا آهن جن
مان هڪڙو مسافر مڪراني به آهي، جيڪو جهمر هڻي
ٻولي رهيو هو. ان سان هڪ آفيسر جي آهستي آهستي
دوستي ٿي وڃي ٿي. اڪثر ڪري مسافر هي ڳائيندي
نظر اچي ٿو:
رئو وڏو امان جو
طرو وڏو ابا جو
تئو وڏو امان جو
ڇرو وڏو ابا جو
پيٽ وڏو سيٺ جو
گڏوگڏ ٻيا ٻار به سُرَ ۾ سُرُ ملائيندا ويندا
آهن.
ڪھاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته اهي مزدور
پورهيت اُڀري لٿي ڪم ڪري پنھنجو پگهر وهائن
ٿا. ڪپهه پوڻن ٿا، انھيءَ ڪپڙي مان رنگ برنگي
ڪپڙا ٺاهين ٿا، پر انھن مڪرانن پورهيتن جا انگ
اگهاڙا تن تي ليڙون ليڙون ڪپڙا آهن. مطلب ته
پيٽ ڀريل نه وري بدن ڍڪيل اڃان به پير ڦٽل ۽
سُڳل الڳ آهن. اهڙن پورهيتن لاءِ استاد بخاري
چوي ٿو ته:
پنھنجي تن تي پائين، خوشحالن کي پٽ پھر ائين،
پاڻ اڌورو کاڌو کائين، دنيا وارا ڍَوَ تي
ڍائين،.
ڪم ڪندي ڪندي هنن جي هٿ ۾ لڦون پئجي وڃن. بک ۽
ڏک ۾ وڪڙ ۽ وڍ پون اوجاڳا ڪندي اکيون ڏرا ڏئي
وڃن. پوءِ به هنن جا هٿ خالي ۽ پيٽُ پُٺيءَ
سان لڳل پوءِ اهي پورهيت بغاوت ڪن ٿا ۽ ”جيڪو
کيڙي سو کائي“ جي پرچار ڪن ٿا. يعني کيڙيون به
اسان ته کائون به اسان، ٺاهيون به اسان ته،
پايون به اسان.
هن ڪھاڻيءَ ۾ بغاوت جا منظر ڏيکاريل آهن،
جنھن جو هڪڙو آخري منظر آهي ته:
”منھنجي دل بغاوت سان ڀرجي ويندي هئي. هي ٻار
جنھن جي ماءُ صبح کان سانجهيءَ تائين ڪپهه پڃي
رهي آهي، تنھن جي انگ تي لٽو نه آهي! دل ۾
ايندو هو ته پوڻي پوڻي اڏايان ڳوڻ ڳوڻ جلايان،
گدام ڦهلندو نظر ايندو هو. هي ساري دنيا هڪ
گدام آهي، جنھن تي ڪپهه جون پوڻيون پکڙيل آهن،
بس هڪڙي چڻنگ، هڪڙي تيليءَ جي ضرورت آهي. پوءِ
ڄڀيون ڄرڪنديون نظر اينديون. دنيا جرڪندي نظر
ايندي انسانيت مرڪندي نظر ايندي، هڪڙي چڻنگ،
فقط هڪڙي تيلي! اي انگ اگهاڙو! اٿو هي دنيا،
هي ڪپهه جو گدام توهان جو آهي! اي پيٽ بکيو!
اٿو هيءَ دنيا هي ڪڻڪ جو گدام توهان جو آهي!
ان تي صرف ان جو حق آهي کو جو پچي ٿو جو پوکي
ٿو، جو پورهيو ڪري ٿو“ (پنھل کان پوءِ جڳ
مڙيوئي سپنو، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص
25).
اياز هن ڪھاڻيءَ ۾ بغاوت جا جهنڊا بلند ڪري
ڏيکاري ٿو، ان سان گڏ غريب پورهيت کي
سرمائيداري نظام کي تيلي ڏيندي ڏيکاري ٿو.
هي شاعر:
عام طرح لکارين جا ٻه قسم ٿين ٿا، هڪڙا نثر
نگار جيڪي پنھنجو نور نچوئي ڪاغذ جي پڌر تي رت
۽ ست ڏئي دنيا داريءَ کان آجا پاجا ٿي، پنھنجي
قلم جي جوت جلائين ٿا ۽ ٻيا شاعر آهن، جيڪي
وري پنھنجي قلم جي ڪلڪ سان مرده لفظن ۾ ساهه
وجهن ٿا ۽ اهي لفظن کي پوئڻ جي ڪرت ڪن ٿا.
جڏهن لفظ وري سرساز ۽ آواز جي ادائن جي سنگم
سان گڏجن ٿا ته ماڻھن جو ذهن جهنجهوڙي ڇڏين
ٿا. بي جان لفظن ۾ روح ڦوڪڻ شاعر جي ڪماليت جي
علامت آهي. لفظن جي بت ۾ جان وجهڻ هڪ شاعر کان
سواءِ ڪير ٿو ڪري سگهي، پر اهو ڪم به ڪا ”لئي
مان لٺ ڀڃڻ“ نه آهي. شاعر انھن لفظن ۾ اوجاڳا
ڪاٽي ٿو. ماڻھن جي ليکي شاعري ٽلومل جي دڪان
جو سودو آهي، جو جڏهن وڃ ۽ وٺي اچ . پر اهو به
شاعر جي پگهر ۽ پورهئي جو ثمر آهي. جيڪو هو ان
وقت ڪري ٿو جڏهن سڄي دنيا سانت ۽ بانت ۾ هوندي
آهي. تڏهن ته استاد بخاري شاعر لاءِ چوي ٿو
ته:
چيائون او شاعر، اوهان ان ڌر تتي جو مٿي تي
تغاريون کڻي ڪونه سگهندو،
مڃيوسين او ساٿي مگر رات آڌيءَ جو اوهان تڙپي
تڙپي لکي ڪونه سگهندو،
ايترين لُنڊين لتارڻ، جبل جهاڳڻ، ڇا ديد
ورهائڻ کان پوءِ شاعر جي پلئه ڇا ٿو پوي؟ بک،
ڏک، غربت، مفلسي، مسڪيني، تنگ دستي، فقر ۽
فاقو هن جي گهر ۾ ٻارهوئي کپ کوڙيون ويٺو آهي،
گهر جي حالت به رحم جوڳي ته پنھنجي حالت به
جُهٻي لائق، وري گهر جي ڀاتين کي ”چڱو چوکو“
کائڻ ميسر نه ٿئي. جڏهن وري الله کي پيارو ٿئي
ته، ڦاٽل ساٽل جوڙي ۾ ڇڳل ڇنل کٽولي تي، ”ڀڳل
ٽٽل“ گهر جي در مان لوڙهه ۽ لاش لگهندو آهي
ته، اتر ۾ خلق به کلندي آهي سڄي عمر شاعري ڪري
ڪھڙا ڪڪڙ سونا ڪيائين؟
”هن سڪل ڊبل روٽي ڏانھن گهوري نهاريو، سنئين
سخت ميز تي سڪي ٺوٺ روٽي گويا کيس چيڙائي رهي
هئي ته بکيا شاعر! ڏسين ڇا ٿو؟ ختم ڪر هي رهيل
کهيل سلائسون رُکيون سُڪيون ئي ڳڙڪائي وڃ!
نڙيءَ مان نه لنگهن ته پاڻي ڍڪ سان کاءُ!
چانهه جي ڪوپ لاءِ توکي ڇهه پئسا ته آهن ڪونه
اهو روٽيءَ کي چِتائي ڏسي رهيو هو، گويا کيس
اکين سان ئي کائي ويندو! (پنھل کان پوءِ جڳ
مڙيوئي سپنو، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص.
54)
هن ڪھاڻيءَ ۾ شاعر جنھن خاطر شاعريءَ جا ڪتاب
جوڙي ٿو، جڏهن شاديءَ جو وقت اچي ٿو ته بُکيي
سُڃي شاعر کي ڇڏي ڪنهن سائي ۽ سکيي سان لائون
لهي ٿي. شاعر ڪتاب جو ”انتساب“ هن جي نالي
ڪيو، پر هن پوءِ به شاعر کي کنگهيو ئي ڪونه.
ائين شاعر بک کان پوءِ سماجي ڏک ڏسي ٿو ۽ چپ
چٽيندو رهجي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف انتساب
وارو پنو ڦاڙي ٿو ته ٻئي پاسي سڪل ڊبل روٽي کي
بک جا چڪ هڻي ٿو. ان ريت هڪ چڪ جي بدلي هڪ پنو
پنھنجي شاعري جي ڪتاب جو ڦاڙي ٿو. ائين سڄي
ڪتاب جو ختمو پڙهي ڇڏي ٿو. جنھن مان اياز اهو
ثابت ڪيو آهي ته شاعري پيٽ جي باهه نه
اجهائيندي آهي. شاعري سان ماڻھوءَ جي بک ختم
نه ٿيندي آهي. جڏهن پيٽ ڀربو آهي ته ڊبل
روٽيءَ سان، ان ڪڻن سان، ماني سان، يا چٺي
ڦڪي ڪرڻ سان جنھن کي چئبو آهي ته ”اَن ته
ايمان.“
پاڙيسري: هن ڪھاڻيءَ جا مک ڪردار خانو حجم
(مسلمان) ان جي زال زيبل، سيٺ شامنداس ۽ پيسو
ماءُ آهن. هيءَ ڪھاڻي ان وقت جي آهي جڏهن
هندستان ۾ ”ٻني پوڻ“ جو وقت قريب هو، سنڌ جي
هندن کي ڦڦڙي ۽ ڦرڪڻي ورتو ته اجهو ملڪ ٺهيو.
اسان کي هتان ٽپڙ گول ڪرڻا پوندا. انھيءَ وايو
منڊل ملڪ ۾ ڌمچر ۽ ٻائتال وجهي ڇڏيو . سنڌ ۾
هندو ڌڙا ڌڙ هندستان وڃڻ لاءِ هڪٻئي کان گوءِ
کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. انھيءَ وقت ڪجهه
باشعور سنڌي اديبن اهڙي صورتحال کي ٻنجو ڏيڻ
لاءِ مختلف نالن سان ”تِريءَ تي بهشت ڪري
ڪھاڻيون لکيون“ ۽ ”هئي تي تئي ڪندي“ اهي شايع
به ڪيون ويون، جيئن رام پنجواڻي هن ڪھاڻيءَ جي
پس منظر لاءِ لکي ٿو ته:
اپريل 1947ع جو زمانو هو. پوني کان ايل.ايل.بي
پڙهائي پوري ڪري جيڪب آباد واپس وريو هيس. هڪ
ڏينهن موهن پنجابي ۽ اياز شڪارپور کان سڌو
جيڪب آباد آيا، گرمي شروع ٿي وئي هئي. ڪي سنڌي
(هندو) گهراڻا سنڌ ڇڏڻ جي تيارين ۾ هئا. سوال
ٿيو ته اسين سنڌي پنھنجي سنڌ کي ڪيئن
ڇڏينداسون، اديب جي حيثيت ۾ اسين ڇا ٿا ڪري
سگهون؟ فيصلو ٿيو ته هڪ ڪتاب شايع ڪجي، ان جو
سرو هجي. ”اسان جي سنڌ“ ان ۾ ترقي پسند ليکڪن
جون ڪھاڻيون هجن ۽ موهن پنجابي اهو ڪتاب
ڇپائيندو. اياز ۽ مون اتي جيڪب آباد ۾ ويهي
چئن ڪلاڪن جي اندر هڪ هڪ ڪھاڻي لکي، موهن
پنجابي کي ڏنيسون.(5)
حقيقت ۾ شيخ اياز ۽ ٻين فرض سمجهي اهي ڪھاڻيون
سنڌيت جي جذبي سان لکيو هيون. انھن اديبن جو
جيڪڏهن ڪن سڏ نه ورنايو ته اها انھن جي ذاتي
مرضي ۽ پسند هئي، ڇو ته ”زور جي ميندي ته ناهي
لڳندي“ باقي ادبين چيو ته ”واڪا ڪرڻ مون وس،
ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“.
شيخ اياز جي ”پاڙيسري“ جي مک ڪردار خانو حجم
جو ڪردار خاص ڪينواس تي چٽيل آهي. اها شڪارپور
جي ماحول ۽ وايو منڊل ۾ اوتيل پوتيل ڪھاڻي آهي
جنھن ۾ احساس، جذبن، فڪرن ۽ خيالن جي هڪ لڙهي
پوئيل آهي. خانو حجم سئلون ۾ وار ڪٽي رهيو
هيو، ته سامهون نئشنل گارڊ پريڊ ڪندا لنگهيا.
چپ راست، چپ راست چپ راست... خاڪي وردين ۾
سگهڙ نوجوان پگهر ۾ شل بي پرواهه، خنڪيءَ ڀريا
مضبوط!..... سيٺ فساد ڇو ڪندا؟ هي ته صرف ورزش
ڪري رهيا آهن. پر ٻيلي ورجش (ورزش) ته راما
مورتي يا واحد بخش جي آکاڙي ۾ ڪن نه؟ مان ته
سڀاڻ جوڌپور وڃي رهيو آهيان، ٻار ٻچا ۽ جال
(زال) ٻال وٺي ٿو وڃان (پنھل کان پوءِ جڳ
مريوئي سپنو، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، 57).
بهار ۾ ڪاتيون تکيون ڪرڻ لڳا، بهار جي ماڻھن
جي ادلي جو بدلو وٺڻ لاءِ پاڙيسري شامنداس تي
نظر رکيون ويٺو هو. مطلب ”گهر جو پير چلهه جو
مارنگ“ جيڪي ماڻھو سنڌ کي ڇڏي هند ۾ ويندا
پنھنجي ماتر ڀومي ڇڏيندا ته اتي وري ڪھڙا پٽڪا
ٻڌندا ۽ کٽيو کائيندا؟ اهو نه ديس پنھنجو، نه
ٻولي پنھنجي، نه پنھنجو شاعر شاهه لطيف
ڪيسيتائين اهي سنڌيت جو وجود قائم رکي سگهندا؟
مطلب ته درياهه جي ڪنڌي تي ڇوڪر ڪڏي اڄ نه ته
سڀاڻي ٻڏي. ان سان گڏ اتي به ”روهين رلا مٿي
کلا“ خانو روزاني روز هندن جا ڊنب ڏسي ٿو،
جيڪي تڏا ويڙهه ڪري وڃي رهيا هئا.
هڪ ڏينهن خانو جي گهر جي در وٽ مڇيءَ وارو آيو
ته، خانوءَ جي زال زيبل مڇيءَ جو اڌ ورتو، ته
شامنداس جي زال (پيسو ماءُ) باقي بچيل اڌ
مڇيءَ جو وٺندي پيسو ماءُ کي چئي ٿي ته ”جيبل
(زيبل) چون ٿا ته جد (ضد) وڌي ويا آهن ۽ فشاد،
مدا مان توهان وٽ اچي رهنديس. (پنھل کان پوءِ
جڳ مڙيوئي سپنو، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص
67“
چرچي طور خانو چويس ٿو ته مان پڪو مسلم ليگي
توکي ته مون مان ئي ڀوءُ ڪرڻ کپي وڏي اعتماد
سان چوي ٿي ته ڀلي تون مسلم ليگي هج، پر هڪ
پاڙيسري، ٻيو ڀاءُ ماڻھو، ”کوڙو ئي نه ٿو
لڳي“ ته مون کي ماريندي؟ وڏي ننڍي ڏڻ تي هڪٻئي
کي ڏيندا وٺندا به آهيون چوڻ گهري پئي ته
هڪٻئي جو نيمڪ کاڌو آهي. ڪيئن منھنجي هٿ ڌوئي
ڪڍ لڳندي، پر جي مُيس ته ”گهوري جان جتن تان“
اهڙي قسم جا پنھنجائپ وارا لفظ خانوءَ جي دل ۾
پيهي وڃن ٿا. هڪدم هو فيصلو بدلائي ٿو ته بهار
۾ ماڻھو مئا، ته پيسو ماءُ جي ان ۾ ڪھڙي اربع
خطا؟ ڪھڙيون هن جون ان ۾ اڱريون ٻڏل آهن؟ هر
ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگجي“ مارا ماريءَ جي
اهڙي آڙ پاڙ کان خانو هٿ کڻي ٿو ڇڏي، ڇو ته
پاڙو نبين کي پيارو آهي. ”شامنداس هندو آهي ته
ڇا ٿيو“ آهي ته پاڙيسري، آهي ته انسان ،آهي ته
سنڌي.
چار ايڪڙ ٻني: سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”زن،
زمين، زر جهيڙي جو گهر“ مطلب ته عورت ٻني ۽
ملڪيت ئي جهيڙي جهٽي جي پاڙ آهن. عام انسان کي
ڇڏيو ، پر هڪڙي ئي ماءُ پيءُ اولاد ۽ آنڊو به
انھن ٽنهي شين تي هڪٻئي جا کنڌا کڻندا آهن.
هڪٻئي جون سريون لڻندا آهن، هڪٻئي کي ڪھاڙين
مان ڪڍندا آهن.
اياز جي ڪھاڻي ”چار ايڪڙ ٻني“ به اهڙي قسم جي
ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ شڪارپور جي اوسي پاسي جي
ٻھراڙيءَ جو ماحول ڏيکاريل آهي. جنھن ۾ سارين
جي فصل جي پوکائي جي مند ۽ عمل ڏيکاريل آهي.
جهيڙي جو مک سبب آواندو ڀڃڻ آهي، ڇو ته هن سال
بيگاري واهه ۾ پاڻيءَ جي سٽ به ڪانھي چار ايڪڙ
ٻني ۾ هنيل رونبي مان جيڪڏهن ڪنهن اواندو ڀڃي
پاڻي وهائي ڇڏيو، ته اهي بيٺل ساوا سَلا ۽
مراهيون سڪي سڙي وينديون. جيڪڏهن ساريون نه
ٿيون ته پوءِ پيٽ ڪٿان پلندو؟ ڌيءُ جي دوا
ڪٿان ايندي؟ اهڙي طرح ٻھ پڳ مٽ جگري يار به
”پاڻيءَ تي پاڻي ڪندي“ هڪ ڌر ٻي ڌر کي ڪھاڙين
جا وار ڪري ٻيرا ٻيرا ڪري ٿي، جنھن ۾ اهو
ڏيکاريل آهي ته طبيب ڊاڪٽر مسيحا نه پر ڪاسائي
۽ قاتل آهي. انسانيت کان وڌيڪ ”پئسي جو پٽ“
آهي. دوا جا پئسا نه آهن ته ڀلي ماڻھو مري ته
مرڻ ڏي. جيئن ڪھاڻيءَ جو ٽڪرو آهي ته ”ڪيئي
طبيب ڪيئي دوائون، پر هن وٽ پئسو ڪو نه هو، جو
اهي خريد ڪري شايد انسان جي زندگيءَ کان پئسو
وڌيڪ قيمتي آهي، شايد طبيب ڇڏائڻ لاءِ نه
ڪمائڻ لاءِ آهن. شايد دوا شفا لاءِ نه! پر بها
لاءِ آهن. نه هئڻ سبب موت سندس جهوليءَ مان
نياڻي کيسي رهيو هو“ (پنھل کان پوءِ جڳ مڙيوئي
سپنو، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص 76)
رمون ۽ جڙيو جگري دوست هئا، پر جڏهن پاڻي گهٽ
ٿيو ته مهانگو ۽ ماڻھوءَ جو رت سستو ۽ سھانگو
ٿيو. جو هڪٻئي جي دوستيءَ جو به خيال نه
ڪيائون. يعني هر ڪو چئي رهيو هو ته ”پير
منھنجي پڄاءِ ٻئي کي هڻ کڏ ۾“ ڌرتيءَ جي ٽڪر
کي هر ڪو پنھنجو سمجهي وڙهي رهيا هئا، پر زمين
اهو چئي رهي هئي ته توهان پنھنجا آهيو مان
توهان جي ناهيان؟ جيئن ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته؛
”پرهه ريکون ڪڍيون، اوچتو ڪوڏر جو کڙڪو ٿيو،
جانب ٽپ ڏيئي اٿيو“ نه ويندو رمون هڪل ڪئي ۽
ٽيئي ڪھاڙيون ۽ لوڙهيون کڻي ڊوڙيا ”ماريو نه
ڇڏيو“ جون رڙيون سناٽو چيريندو ويو. ڏسندي
ڏسندي ماس جا ڳپل اڏامڻ لڳا رت جون سيرون وهي
ڇڙيون ۽ ٻھ جوان ڌرتيءَ تي ڪري پيا. هو پاڻيءَ
تي وڙهي رهيا هئا. هر ڪو چوي ته، منھنجي چار
ايڪڙ ٻني آباد ٿئي. هي چار ايڪڙ زمين مون لاءِ
آهي، هي منھنجي زمين... زمين چئي رهي هئي ته
مان ڪنهن جي به نه آهيان، توهان سڀ منھنجا
آهيو. پوءِ توهان سڀني جا لاش منھنجي آغوش ۾
دفنائبا. (پنھل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو،
نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1990ع، ص 76).
نورافروز خواجه هن ڪھاڻي لاءِ لکي ٿي ته: شيخ
اياز هن افساني ۾ جتي زميندار ۽ وڏيرن جي
ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي، ته وري غريب ۽ مفلس،
بيوس لاچار هاريءَ جي مجبوري پڻ بيان ڪئي
آهي.(6)
ڳجهه: شيخ اياز جون جيڪي پنج ڪھاڻيون تخيل جي
سترهين شماري ۾ ڏنيون ويون آهن، انھن ۾ هڪ
ڪھاڻي ”ڳجهه“ به آهي. ڳجهه جو ڪم ڍونڍ کي ڳولي
ڦولهي ان جو ماس پٽي کائڻ آهي. جڏهن به جٿي به
ڍونڍ هوندو آهي، ڦٽاڦٽ ان کي خبر پئجي ويندي
آهي. ڀلي سوين ڪلو ميٽر پري هجي اک ڇنڀ ۾ ڳجهن
جا ولر اچي ويندا. پر الائي ڇو اڄڪهه ان جو
نانءُ نشان به نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟ شيخ اياز جي
هن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ته ڳجهه کي ڪو وقت
ٿيو هو، جو ڍونڍ نه کاڌو هئائين. اها ڍونڍ جي
وٽ ڪرڻ کان به سڪي وئي هئي. هن جي منشا هئي ته
انسان جو ماس پٽي کاوان ڇو ته اهو لذيذ
چسڪيدار هوندو آهي. ڳجهه جي زباني آهي ته:
”ڪيئي ڏينهن ٿيا آهن، جو ماڻھوءَ جو ماس نه
کاڌو آهي خود غرض ماڻھو جو لذيذ گوشت! آدمي
جيترو ڪريل، ڪُپتيو ڪڌو، ڪاريءَ دل وارو اوترو
سندس گوشت وڌيڪ لذيذ .سچ چيو آهي درويش ته تن
۽ من ۾ گهڻو تفاوت آهي. جيترو من غليظ اوترو
تن لذيذ .(7)
اها ڳجهه پري پشاور ۽ راولپنڊي جي جبلن ٽڪرن ۾
ڦٽڪندي رهي ٿي ته ماڻھو جو ڍونڍ ملي ته واهه
جو مزو ٿي وڃي. ڪھاڻي لکندي اياز جو شاعراڻو
حس جاڳي ٿو پوي . ان لاءِ هن ڪھاڻيءَ ۾ شعر به
سرجيل آهن. جئين ڳجهه شعر جهونگاريندي ٿي ته؛
ڪھڙي تنھنجي ڳچيءَ جي ڳالھه ڪريان
ڊگهي ڊيل هي ٻه ٽي ميل هئي.
وڏي مسافري بعد ڳجهه بک ۾ بي حال ٿي وئي، پر
هن کي ڪٿي به ڍونڍ نه مليو. اوچتو هڪڙو هندو
مسلم فساد جو ماريل ماڻھو مئو پئو هو، ته ڳجهه
ڏٺو ته هن جو وات، پاڻي پاڻي ٿي ويو. ويجهو
اچي چوڻ لڳي ماڻھوءَ جا ڦر! سچ ٻڌاءِ تون مئو
به آهين يا نه، ضرور مئو هوندين هندو مسلم
فسادن ۾ تو جهڙا ڪيئي مئا هوندا“(8)
هن ڪھاڻي جون آخري سٽون آهن ”مسين مسين تون
قدر سان هڪ ٿيو آهين پر ڏاڍي دير سان سمجهه
آئي اٿئي. هن لاش جي ماڻڪي ۾ ٺونگو هنيو“ (9)
هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريو ويو اهي ته انسان اشرف
المخلوقات آهي پر جڏهن هڪ ٻئي جا کنڌا کڻن ٿا
ته، بدتر مخلوقات جوئي کاڄ بڻجن ٿا. ان وقت
بھتر بدتر ٿي وڃي ۽ بدتر بھتر ٿي وڃي ٿو.
نتيجو: شيخ اياز ابتدا ۾ شاعريءَ سان گڏ
ڪھاڻين جي کيتر ۾ به طبع آزمائي ڪئي ۽ سنڌي
ٻوليءَ ۾ اعليٰ قسم جون برجستيون ڪھاڻيون
لکيون. جن جي سنڌي ادب ۾ گهڻي اهميت آهي. اياز
جون ڪھاڻيون هر قسم جي موضوع تي، جن ۾ سماجي
برائين، اجائي ريتن رسمن، سماجي اڻ برابريءَ،
جهالت، انڌيرنگري، انا پرستي، بي وفائي،
ويساهه گهاتي، بيحسي ۽ ٻين اڻ ڇهيل موضوعن کي
ڪھاڻين ۾ آندو آهي. اياز زندگيءَ جو حصو
شڪارپور، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ گذاريو آهي. ان ڪري
هن جي ڪھاڻيءَ ۾، بيگاري، شاهي باغ، سنڌو
دريا، ساڌ ٻيلو، ڪلفٽن، هاڪس بي جا ماڳ مڪان
ڏيکاريل آهن. اياز جون ڪجهه ڪھاڻيون عام
پڙهندڙ کان اوجهل هيون. جن کي ”تخيل ۾“ گڏي
پيش ڪري قارئين جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. اياز
ڪھاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خوبين اصلاحن، پهاڪن،
چوڻين توڙي محاورن جو استعمال مھل ۽ موقعي جي
نسبت سان ڪيو آهي. ان کان سواءِ متروڪ لفظن يا
ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال ڪيو آهي. ڪجهه
ڪھاڻين ۾ شعر و شاعري جي صنف کي به استعمال
ڪيو آهي. جيئن ”مسافر مڪراني“، ۽ ”ڳجهه“ وغيره
۾ انھيءَ صنف کي ڪتب آندو آهي. بھرحال اياز
جون ڪھاڻيون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ نيڪ فال
ثابت ٿيون، جو انھن جي ادبي دنيا ۾ هاڪ ڌاڪ اڄ
به مٿانھين درجي واري آهي ۽ جڏهن به ڪھاڻين جو
ذڪر نڪرندو ته اياز جي ڪھاڻين جي يادگيري ضرور
تازه ٿيندي .
(2 مارچ 2022ع جشن اياز جي موقعي تي پڙهيل
پيپر)
حوالا
(1) ملڪاڻي منگهارام- سنڌي نثر جي تاريخ-
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو- 1993ع، ص 37
(2) شيخ اياز- پنھل کان پوءِ جڳ مڙيوئي سپنو،
نيوفيلڊس
پبليڪيشن، 1990ع، ص 20
(3) ساڳيو، ص 25
(4) هڪڙو انور فگار ڊاڪٽر- ”جنم جنم جي جيت“
(مقالو)- ٽماهي مھراڻ (شيخ اياز نمبر) سنڌي
ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع، ص 121
(5) پنجواڻي رام لعل- ”شيخ اياز هنڌ ۽ سنڌ جي
وچ ۾ هڪ پُل (مضمون ) مھوار ڪراچي- شمارو 2.1
1998 ع
(6) خواجه نور افروز- ”شيخ اياز جي افسانن ۾
سنڌي سماج جي عڪاسي (مقالو) ٽماهي مھراڻ، سنڌي
ادبي بوڊ ڄام شورو، آڪٽوبر- ڊسمبر 2008ع، ص 78
(7) هيسباڻي بشير احمد (ايڊيٽر) ٽه ماهي تخيل
شمارو 17، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد، جنوري مارچ
2022ع، ص 169
(8) ساڳيو، ص 171
(9) ساڳيو، ص 1.17.