|
مختيار احمد ملاح
(حصو ٻيو)

برطانوي حڪومت ۾ بندش هيٺ آيل سنڌي ڪتاب
برطانوي دور ۾ ڪيترن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تي
بندش وڌي وئي، ان جي ڪابه پوري معلومات ترتيب هيٺ
نه آئي آهي. انھن مان صرف ڪجهه ڪتابن جي مختصر
معلومات ملي ٿي، جيڪي لنڊن جي انڊين آفيس
لائبريريءَ ۾ موجود آهن. ان دور ۾ هڪ طرف آزاديءَ
جي تحريڪ عروج تي پھتل هئي، مغربي ۽ مشرقي لاڙن ۽
تحريڪن جو اثر موجود هو. سنڌ سميت پوري هندستان ۾
سياسي، سماجي، مذهبي ۽ تعليمي اختلاف موجود هئا،
جيڪي عوام جذبن جي حوالي سان اهميت رکندڙ هئا، ان
ڪري ان دور ۾ جيڪو به ادب لکيو ويو، ۽ تضاد جو سبب
بڻيو. انھيءَ ڪري ڪتابن تي اختلاف ۽ بندشون پيون.
انگريز سرڪار پاڻ به اهڙو پريشر کڻڻ لاءِ تيار نه
هئي، جنھن سان امن امان جا معاملا اڀري سگهيا ٿي،
ان ڪري ڪتابن تي بندشون پيون. بھرحال اسان وٽ، ان
قسم جي ڪا به مڪمل لسٽ موجود نه آهي، جنھن مان
ڪتابن جو ڪو مجموعي جائزو وٺي سگهجي.
بندش هيٺ آيل موجود ڪتابن جي لسٽ تي نظر وجهڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته اهو گهڻو ڪري وطن جي محبت، حب
الوطني، آزاديءَ لاءِ پيار ۽ وطن لاءِ قربانيءَ جي
تمنا تي مبني آهن. بندش هيٺ آيل سنڌي ڪتابن تي
هيري ٺڪر لکيو آهي ته ”سموري ضبط ٿيل ۽ هاڻي حاصل
ڪيل سنڌي ساهتيه تي باريڪيءَ سان نظر وجهڻ سان
جيڪي ڳالھيون ڌيان تي اچن ٿيون، سي ڪجهه هن طرح
آهن.
1.
سنڌي ليکڪن، شاعرن ۽ پترڪار، انگريزي حڪومت، سندن
پاليسين ۽ انگريزن جي حمايت ڪندڙ هندستانين جو
زوردار وروڌ ڪيو وڃي.
2.
هونئن ته ضبط ٿيل ساهتيه ۾ ڪويتائن، ڪھاڻين،
اپنياسن، اخبارن ۽ رسالن سميت هر طرح جون اشاعتون
آهن، پر گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڪويتائن جا آهن.
3.
ڪويتائن ۽ ڪھاڻين جي ڀاشا جذبات جاڳائيندڙ، سھج،
سرل ۽ اتساهه ڦوڪيندڙ آهي. ڪويتائون اهڙيون آهن،
جيڪي سولائيءَ سان ياد پون ۽ ڳائي سگهجن.
4.
پراچين ڀارتيه سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ ڏانھن عوام کي
سجاڳ ڪندي، انھن ۾ گئورو جي ڀاونا ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي آهي.
5.
ڪانگريس، ڪميونسٽ پارٽي هندو مھاسڀائي، آريه سماج،
مطلب ته هر قسم جي ويچار ڌارا وارن جو ساهتيه ضبط
ڪيو ويو هو.
6.
هندو توڙين مسلمان ۽ پڻ هر فرقي جي ليکڪن اهڙيون
رچنائون رچيون، جن کي انگريز سرڪار اعتراض جوڳو
ليکي، انھن تي پابنديون لڳايون ۽ ضبط ڪيو“.(1)
ان کان علاوه، برطانوي دور ۾ هندو ۽
مسلمانن جو هڪ ٻئي خلاف نفاقي ادب به بندش هيٺ
آيو. ان کان علاوه، هڪ ٻئي جي مذهبي عقيدن تي به
حملا ڪيا ويا، جنھن ڪري سرڪار مذهبي جهڳڙن کي روڪڻ
لاءِ ڪتابن تي بندش وڌي. ٻئي طرف سياسي نفرت به
عروج تي پھتل هئي ۽ هڪٻئي خلاف پمفليٽ، اخباري
آرٽيڪل پنھنجي عروج تي پھتل هئا، ان قسم جو ادب به
پابندي هيٺ آيو. بندش هيٺ آيل ادب ۾ ناول به آهن
ته ڪھاڻيون به آهن. شاعري به آهي ته مضمون ۽
اخباري ڪالم به آهن. هتي اسان ڪجهه ادبي ڪتابن جي
حوالي سان ڏيون ٿا:
دوارڪا پرساد شرما
(1898-1966ع)
جا آيل ڪتاب:
مشھور اديب ۽ صحافي دوارڪا
پرساد روچيرام شرما دادوءَ جو رهاڪو هو. هو نالي
وارو مورخ، اديب ۽ صحافي هو. هن دادو کان
1933ع ۾
پرتاب‘
نالي هڪ سنڌي اخبار
جاري ڪئي،
جيڪا ڪيترو وقت هلندي رهي.
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ جيل به ويو. هن
سنڌ جي تاريخ، تھذيب
۽ سياست تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ’سنڌ جو
پراچين اتھاس‘
(1932ع)، پراچين سنڌ جا کنڊهر،
”پراچين
سن جو سڀيتا جو اتھاس“،
۽ ’گيتا رهسيه‘ (1932ع)،
”ھندو
قوم جي ڪماليت“
(ڀاڱو پھريون ۽ ٻيو
1936ع)،
”سنڌ
جو اگني ڪنڊ“
(1946ع)،
”ڇتر سال،
وير
اڀمينو“
(1947ع)،
”گيتا
جي ڪنجي“،
”والميڪ
رامائڻ“،
”ويچار
چندر وديه“،
”وير
ساورڪر“،
”راچپوتي
تلوار“ (ناول، 1926ع)،
”وير
ڪماري“
(ناول 1932ع)،
”سنڌي
تلوار“ (ناول 1942ع)،
”وير
اڀيمنيو“
(ناٽڪ 1947ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن“.(2)
دوارڪا
پرساد جي ٽن ڪتابن کي انگريز سرڪار ضبط ڪيو، جن ۾
”انقلاب
زنده آباد“،
”هندستان
آزاد“
۽ ”نوڪر
شاهي برباد“
جھڙا
انقلابي ڪتاب شامل آهن.
انقلاب زندهه باد:
سندس ڪتاب ”انقلاب
زندهه باد“ 1932ع ۾ ضبطيءَ هيٺ آندو ويو.
ان ۾ ڏهن سالن جي عمر واري گنگا نالي هڪ ڇوڪريءَ
جي دل پگهرائيندڙ ڪھاڻي ڏنل آهي، جنھن جو پيءُ ته
انگريز سرڪار سان وفادار هڪ پوليس عملدار آهي، پر
اها ڇوڪري، وطن جي آزاديءَ لاءِ پيئي تڙپندي هئي.
گنگا جي ماءُ حيات نه هئي. گنگا پنھنجي آس پاس
ٿيندڙ ڳالھيون ڏسي، هتان هتان انقلابين جي ڪارنامن
جون ڪھاڻيون معلوم ڪري، انقلاب زنده آباد جا نعرا
ٻڌندي، آزاديءَ جي تحريڪ طرف متوجهه ٿئي ٿي. هوءَ
گهر ۾ اڪيلي رهندڙ آهي. گهر ۾ هڪ طوطو پاليل هئس،
جيڪو پڃري ۾ رهي ٿو، گنگا اڪيلائيءَ ۾ ويھي طوطي
کي ”انقلاب زنده آباد“ جو پاٺ پڙهائي ٿي. گنگا
طوطي کي اهو به پاٺ پڙهائي ٿي ته جڏهن هوءَ پاڻ
چوي ”ڀارت ماتا“ ته طوطو وراڻي ڏئي ”آزاد“. اچانڪ
گنگا جي گهر ۾ الھه آباد مان سندس هڪ نوجوان
رشتيدار گوبند اچي ٿو، جيڪو آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾
بھرو وٺندڙ آهي. گوبند گنگا کي انقلابين جون
ڪھاڻيون ٻڌائي هن کي آزاديءَ جي هلچل ۾ بھرو وٺڻ
لاءِ تيار ڪري ٿو. هڪ ڏينھن جڏهن آزادي آندولن جي
سلسلي ۾ جلوس نڪري ٿو، ته ان ۾ گوبند سان گڏ گنگا
به شامل ٿئي ٿي. گنگا جي پوليس عملدار پتا جي
اڳواڻيءَ ۾ پوليس جو جٿو ان جلوس تي آنسو گئس،
لٺين ۽ بندوقن سان ڪاهي پوي ٿو. پوليس ڪاررواين
دوران گنگا لٺين لڳڻ سبب گهايل ٿي ڪري پوي ٿي.
گوبند به پوليس جي حملي جو شڪار ٿي گنگا جي پاسي ۾
ڪري پوي ٿو. گنگا جو مٿو لٺين جي چوٽ لڳڻ سبب ڦاٽي
پيو آهي. گنگا جي ڪري پوڻ ۽ چيخڻ چلائڻ تي سندس
پيءُ پوليس عملدار جو ڌيان هن طرف وڃي ٿو. پنھنجي
ڌيءُ کي مرڻينگ حالت ۾ ڏسي، هو اوايو رهجي وڃي ٿو.
مرندي مرندي به گنگا جي وات مان هڪ ئي آواز نڪري
ٿو ”انقلاب زنده آباد“.(3)
ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ڏيکاريل آهي ته ڌيءُ
جي اهڙي دردناڪ موت تي دکي ٿي ان ڪٺور دل پوليس
عملدار جي من ۾ به ڦيرو اچي وڃي ٿو. هو واپس گهر
اچڻ تي ڏسي ٿو ته پڃري ۾ بند طوطو چوي پيو ”انقلاب
زنده آباد“. پر جيئن ته طوطو ڏسي ٿو ته سندس ساٿڻ
گنگا نظر ئي نه ٿي اچي، کيس ڪا وراڻي ئي نه ٿي
ڏئي، تڏهن هو ڦٿڪڻ ۽ هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ لڳي
ٿو. ان وقت ان نردئي پوليس عملدار جي وات مان به
ازخود نڪري وڃي ٿو چئه پٽ ”انقلاب زنده آباد“ پر
پوليس عملدار ڏسي ٿو ته طوطو گنگارام پنھنجي ساٿڻ
گنگا جي وڇوڙي ۾ پراڻ تياڳي اڳيئي وڃي هن سان مليو
هو. تڏهن اهو عملدار طوطي کي پڃري مان ڪڍي آزاد
ڪري ٿو“.(4)
ڪميونسٽ پڌرناما- 1 ۽ 2
برصغير جي سياسي پارٽين جڏهن ڏٺو ته دنيا ۾ پھريون
دفعو پورهيتن جي مدد سان نئون مارڪسوادي نظريو
عملي صورت اختيار ڪري چڪو آهي،
ته انھن به پورهيتن جي قوت جو اعتراف ڪندي، سندن
مسئلن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. برصغير جي پورهيت
طبقي هن روسي انقلاب جو وڏو اثر قبول ڪيو. هن
زماني ۾ ڪيترن ئي پورهيت جماعتن ۾ مارڪسوادي نظريو
پکڙجڻ لڳو، تن ڏينھن ۾ برصغير جي ٽريڊ يونين
ڪانگريس”آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي“ کي هڪ اپيل ڪئي،
انھي اپيل جي متن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پورهيت
۽ مزدور طبقو پاڻ سڃاڻڻ واري منزل طرف تيزيءَ سان
وڌي رهيو آهي. 1922 ع تائين برصغير ۾ مارڪسوادي
نظريو ۽ فڪر عروج تائين پھچي چڪو هو. هن سال بمبئي
مان
”دي
سوشلسٽ“
نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي. نيٺ اڳتي هلي
ڊسمبر
1925ع ۾ گڏيل هندستان ۾ پھرين ڪميونسٽ پارٽي قائم
ٿي“.(5)هن ئي زماني ۾ سنڌ ۾
”ڪميونسٽ
پارٽي“
قائم ٿي. مگر جيئن ته اها گڏيل هندستان جي ڪميونسٽ
پارٽي جي هڪ شاخ هئي ان ڪري سندس ڪارڪردگي چٽي طرح
ظاهر نه ٿي ٿئي. هن جماعت
”لوئر
ڪلاس“
کي بيدار ڪرڻ ۾ اهم
ڪردار
ادا ڪيو.
ساڳي ئي دور ۾ سنڌ ۾ پروفيسر ڪارواڻي جي سيڪريٽري
شپ ۾
”فرينڊس
آف سوويٽ يونين“
نالي هڪ جماعت قائم ٿي، جنھن جون سنڌ جي وڏن شھرن
۾ شاخون به کليون“.(6)هن
پارٽيءَ سنڌ جي نئين نسل ۽ شاگرد طبقي کي
مارڪسوادي فڪر طرف راغب ڪيو. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب
برصغير ۾
”ڪميونسٽ
پارٽي“
جي قيام ، بين الاقوامي حالتن ۽ سنڌ جي
”لوئر
ڪلاس“
جي مسئلن جو تڪڙو اثر قبول ڪيو. ڄيٺمل پرسرام
پھريون سنڌي اديب هو جنھن 1926 ع ۾
”ساميه
داد“
نالي ڪتاب لکيو. ان کان هڪ سال پوءِ وشنو شرما
”بي
انصافي ڪيئن دور ڪجي“
ڪتاب لکيو. انھي ٻنھي ڪتابن ۾ سوشلزم تي تفصيل سان
روشني وڌي وئي هئي. ٻنھي ليکڪن جو تعلق مارڪسوادي
۽ سماجوادي مڪتب فڪر سان نه هو، مگر انھن سنڌي
ٻولي ۾ نج سماجوادي ادب جي ابتدا ضرور ڪئي“.(7)
”ڪميونسٽ، اين.پي“ سنڌ ڪميونسٽ آف هندستان، ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ماهوار رسالو،
شمارو پھريون- نمبر 2 ۽ 3، 5- مئي، 5- جون 1940ع
تي سنڌ ڪاميٽي، انڊين ڪميونسٽ پارٽي (شاخ
انٽرنيشنل) پاران شايع ٿيا. هن ڪتاب ۾ هندستان
اندر ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انقلابي سرگرمين جون
خبرون ڏنل آهن، جڏهن ته مذڪوره ڪتاب کي انھيءَ ڪري
ضبط ڪيو ويو، جو ان ۾ شامل مواد ذريعي ماڻھن کي
برٽش حڪومت خلاف هٿيار بند جدوجھد ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي هئي.
سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ٻه اعلان ناما (پمفليٽ) به
شامل آهن. اهي اعلان ناما سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
سکر واري شاخ جا ڇپايل آهن. انھن مان هڪ جو عنوان
آهي:
”سلطنت شاهيءَ تي آخري حملي جي تياري ڪريو.“
ان گهوشڻا پتر ۾ هندستان مان انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ
لاءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪاريه ڪرم ڏنل آهي، جنھن
جا ڪجهه اهم نقطا هن ريت آهن:
(1)
سلطنت شاهيءَ کي ناخود ڪرڻ جي ضرورت.
(2)
محدود طرح سول نافرماني حڪمت عمليءَ تي عمل.
(3)
موجوده وقت جون ضرورتون.
(الف) وڏي تعداد ۾ والنٽيئر ڀرتي ڪري انھن کي
تربيت ڏني وڃي.
(ب) ٻين مھاڀاري جنگ ڏانھن ڪانگريس جي رويي کان
ماڻھن کي پوري طرح واقف ڪيو وڃي.
(ٻ)هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽنگ ضرور ڪئي وڃي.
(پ)قومي ساهتيه جي ڇپائي ۽ ورهاست تي زور ڏنو وڃي.
(ڀ)پورهيتن ۽ سرڪاري ملازمن ۾ مھانگائيءَ خلاف
پرچار ڪيو وڃي“.(8)
هنن پڌرنامن کي انڊين پريس (ايمرجنسي
پاور) ايڪٽ 1931ع جي شِڪ 40 ۽ ڊفينس آف انڊيا
رولز، 1939ع تحت
نوٽيفڪيشن نمبر ،
P.A.-671،
27 مئي 1940ع تي بندش وڌي وئي.
ڌاراسنا جي ڪھاڻي:
تيرٿداس ليکراج جي لکيل ۽ ڇپايل
”ڌاراسنا جي ڪھاڻي“ (1930ع) ۽ ”ڌاراسنا تي ڪاهه“
(1930ع) ٻئي ڪتاب سرڪار ضبط ڪيا. گجرات ۾ ڌارسيا
واري جڳهه تي لوڻ جو ڊپو جو، جتي ستياگرهين جا جٿا
گرفتار ٿيا هئا. 12 مارچ 1930ع تي سابرتيءَ مان
مھاتما گانڌيءَ پنھنجن پوئلڳن سان اهو وچن ڪري
نڪتو ته هيءَ منھنجي آخري لڙائي آهي، يا هندستان
کي آزاد ڪري موٽبو يا آسرم ۾ پير نه پائبو هنن جو
خيال هو ته اتي پھچي لوڻ جو قاعدو ٽوڙبو. 12 مئي
تي گانديءَ جا ڇونڊ 39 ستياگرهي، جنھن ۾ هڪ سنڌي
آنند هنڱوراڻي به شامل، سي اڃا سينا ڏي سنڀري نڪرڻ
تي هئا ته سرڪار کين گرفتار ڪري جيل اماڻيو“.(9)
ڌاراسنا تي ڪھاڻي ”نمڪ ستياگرهه“ (پر امن مزاحمت)
جي سلسلي ۾ سورت ضلعي ۾ بلسار ويجهو، ڌاراسن نالي
سامونڊي قصبي ڏانھن ڪيل مارچ (ڪوچ) جون اکين ڏٺيون
رپورٽون آهن.
ڌاراسنا تي ڪاهه:
ٻئي ڪتاب ”ڌاراسن تي ڪاهه“
نارائڻ داس ڪوڏومل ليکراج جو لکيل هي ڪتاب 36 صفحن
تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ”ستيه گرهه“ تحريڪ دوران
پوليس جي ظلمن جو اپٽار ڪيل آهي.
مدد علي سنڌي برٽش لائبريريءَ ۾ رکيل اهڙن ڪتابن
جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته
”ڌاراسڻ ڪھاڻي“ (مضمون)، نارائڻ داس ليکراج جو
لکيل هي ڪتاب 36 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب
۾ ”ستيه گرهه“ تحريڪ دوران پوليس جي ظلمن جو اپٽار
ڪيال آهي. هيءُ ڪتاب 1930ع ۾ ضبط ڪيو ويو.“
(ڪئٽلاگ نمبر: سنڌي پي پي).(10)
هنن ٻنھي ڪتابن ۾ لوڻ واري ستياگرهه جي
ضرورت تي روشني وجهندي، عام ماڻھن کي ان ستياگرهه
۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ته ڪيو ويو آهي، پر سموري
دانڊا مارچ جنھن جي آخر ۾ ڌاراسن، جتي ٻاپوجيءَ
سمنڊ جي ڪناري وٽان لوڻ جي چپٽي کڻي، انگريزن جي
لاڳو ڪيل لوڻ واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جنھن
دوران انگريز سپاهين ستياگرهي ماڻھن سان وحشياڻو
ونهوار ڪيو هو، تنهن سڄي ڪارروائي جو اکين ڏٺو
احوال درج ڪيو ويو آهي“.(11)
هن ستياگرهه ۾ 25 سنڌي جوان به ايڇ.ڊي. ماڙيوالا
جي اڳواڻيءَ هيٺ، جن ۾ شيوڪ ڀوڄراجي به شامل، 4
مئي 1930ع تي ڪراچيءَ مان روانا ٿيا. گانڌيءَ جو
ٽولو پھچي نه سگهيو، پر ٻين شھرن جا ٽولا اُتي
پھتا، انھن اتي ڪاهه ڪئي، پر انگريز سرڪار انتھائي
سختي سان سندن ڪاهه کي ختم ڪيو ۽ مٿن ظلم ڪيا.
سنڌ جي مسلمانن
ڏانھن پيغام:
1939ع ۾ انجمن خالده جي جنرل سيڪريٽري
پاران
”سنڌ
جي مسلمان ڏانھن پيغام“
ڪتابڙو حجازي پريس لاهور مان شايع ڪرايو، جنھن ۾
سنڌ جي مسلمان لاءِ مذهبي بنيادن تي پيغام ڏنل هو.
هن ڪتاب کي انڊين پريس (ايمرجنسي پاور) ايڪٽ 1931ع
تحت 5 ڊسمبر 1939ع تي ضبط ڪيو ويو“.(12)
سلطان شاهي جنگ:
هن ڪتاب جو پبلشر خوشدل خان هوت بلوچ هو، جنھن ان کي بلوچ لٿو
پريس، لارينس روڊ ڪراچي تان 1939ع ۾ شايع ڪرايو
هو. ڪتاب عالمي جنگين جي حقيقتن تي لکيل هو. سرڪار
ڪتاب کي 3 مئي 1940ع تي سرڪاري پڌرنامي ذريعي
سيڪشن رول 40 (1)، ڊفينس انڊيا رول تحت ضبط ڪري
ڇڏيو“.(13)
ستيارٿ پرڪاش
:
هيءُ آريه سماجين جو مشھور (اعتراضي)
هندي ٻوليءَ ۾1882ع
۾ لکيل
ڪتاب آهي، جنھن ۾ ويدن جي علم
کي پکيڙڻ ۽ ڀڳوان جي صفتن کي بيان ڪيو ويو. ڪتاب جو ليکڪ آريا سماج
جو پايو وجھندڙ مھرشي سوامي ديانند سرسوتي
مهراج هو. هي ڪتاب
20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جن ۾ ننڍي
کنڊ جي ٻولين کان سواءِ انگريزي، فرينچ، جرمن،
عربي ۽ چيني وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، پنڊت جيوڻ لعل
آريه اپديشڪ، پروفيسر تاراچند ڏيئومل گاجرا،
گڻپتراءُ باپو راءِ گوري آريا گڏجي 1912ع ۾ ڪيو.
ان وقت جي سنڌ سرڪار 1913ع ۾ ڪتاب تي بندش وڌي“.(14)
ريجهومل ڀوانداس اگناڻيءَ جا ڪتاب:
ريجهومل ڀوانداس اگناڻي ”غيب“، ان دور ۾
مشھور صحافي، ڪالم نگار ۽ فريڊم فائيٽر هو ۽
ڪيترائي دفعا جيل ياترا به ڪيائين. هو ”سنسار
سماچار“ ۽ ”هندو سنسار“ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو.
”سنسار سماچار“ اخبار جو مالڪ ٺاڪرداس اگناڻي هو،
جنھن جي نالي سان ”خوني سماج“ ناول به شايع ٿيل
آهي. ريجهومل ڀوانداس اگناڻي جا ترجمو ٿيل ڪتاب
”بندي جيون“ بندش هيٺ آيا ۽ سندس اخبارون
پڻ عتاب هيٺ رهيون. ريجهومل ڀوانداس اگناڻيءَ جي
پنھنجي پرنٽنگ پريس به هئي، جنھن جي پليٽ فارم تان
به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيائين. نامياري ليکڪ
ايم. آر مائيداساڻيءَ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي لکيل
هڪ خط ۾ انڪشاف ڪيو هو ته
مشھور ڪتاب
”بندي
جيون“
جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ
”سنسار
سماچار“
هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنھنجي سوٽ ريجهومل
اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين“.(15)
بهرحال، رڪارڊ مطابق
ريجهومل ڀوانداس اگناڻي ٻن ڀاڱن ۾ لکيل شچيندرناٿ
ستيال (1890-1942ع)
جو لکيل ۽ ريجهومل ڀوانداس اگناڻيءَ جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو. شچيندرناٿ هندستاني انقلابي ۽ هندستان
ريپبليڪن ايسوسيئشن جو باني هو، جنھن انگريزن جي
خلاف هٿياربند مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي هئي. هو
چندر شيڪر آزاد، جيندر ناٿ داس ۽ ڀڳت سنگ جو
سرپرست هو. هو گانڌيءَ جي خيالن جو مخالف هو ۽
سندس اهڙا خيال، پمفليٽن جي صورت ۾ شايع ٿيا“.(16)
سندس ترجمو ڪيل
ڪتابن کي 1930ع ۾ ضبط ڪيو ويو.
بندي جيون (ڀاڱو پھريون) :
شچيندرناٿ ستيال
”بندي جيون“- ٻن ڀاڱن ۾ 1915ع ۾ هلايل ستيه ڳرهه
تحريڪ بابت جيل ۾ جنم ٽيپ ڪاٽيندي لکيو هو،
انھيءَ پارٽي راس بهاري بوس جي رهبريءَ هيٺ سن
1915ع ۾ فو ج اندر بغاوت مچائڻ جي سازش سٽي، جڏهن
ته پنجاب ۽ بنگال جا باغي فوجي به شامل هئا.
آمريڪا کان موٽي آيل ڪيترا سک به بلوي ۾ شريڪ ٿيا.
البته انگريز سرڪار جي هڪ جاسوس ڪرپالسنگهه بلوي
جي تاريخ کان اڳ ئي ڦاٽ ڦاڙي ڇڏيو. 21 فيبروري
1915ع تي لوي ٿيڻ جي پڪ هئي. پوءِ اها 19 فيبروري
۾ بدلي وئي. ليڪن انگريز جاسوس کاتو سجاڳ هو،
سچيندر ناٿ سميت سڀ باغي پڪڙيا ويا“.(17)
مترجم ڪتاب جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته
”سچ
پچ هن ڪتاب لکندي منهنجو هٿ ڏڪي رهيو هو، اهڙي
مشھور تاريخي ڪتاب کي الٿي ڪرڻ جي، سو به پھريون
ئي دفعو پاڻ ۾ طاقت ئي ڪا نه ٿي سمجهيم. ڪيترائي
دفعا لکندي لکندي قلم کڻي اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويندو
هو، قلم پاسي ڪري ان وقت ٻه منٽ ڪتاب جي گهرائيءَ
۾ ٽٻيون هڻي ويچار ڪندو هوس ته هي ملڪي مهمو ڪيئن
نه سڄي حياتي موت سان راند کيلي رهيا آهن. ڄڻ
پرتما هنن کي ملڪ جي مٿان پاڻ فدا ڪرڻ لاءِ ئي
پيدا ڪيو آهي. سک! ان پرتما جي مهربانيءَ ۽ دوستن
جي حوصلي افزائي وڌائڻ سان جيئن تئين ڪري هن ڪتاب
کي الٿو ڪري پورو ڪيم. هو وڌيڪ لکي ٿو ته
”هن
ڪتاب ۾ هڪ ڳالھه عجيب ۽ قدرتي پئي ڏسڻ ۾ اچي. سن
1915ع ۾ مکيه ٻه قومون سک ۽ بنگالي هئا، جن ملي
ڪري اتر هندستان ۾ بلوي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ
ٻڌائي ٿي ته اهي سک ئي هئا، جن سن 1857ع واري بلوي
۾ انگريزن کي مدد ڏني، گهڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن
سک ان وقت ۾ انگريزن کي مدد نه ڏين ها ته هن ٻئي
بلوي جي تيارين ڪرڻ جي هنن کي تڪليف نه ڪرڻي پوي
ها ۽ ساڳئي طرح بنگالي به ان وقت ۾ انگريزن تي
ساهه ڏيندا هئا، ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ انگريزي سڀيتا
جي جادوءَ هنن تي پھريائين اثر ڪيو“.(18)
بندي جيون (ڀاڱو ٻيو) :
شچيندرناٿ ستيال جي لکيل “بندي جيون” جي
ٻئي ڀاڱي جو ترجمو به ريجهومل ڀوانداس اگناڻيءَ جو
1930ع ۾
ڪيو، جنھن کي اگناڻي پرنٽنگ پريس ورڪس واٽر ڪورس
روڊ ڪراچي شايع ڪيو. ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾
ڀارت جي انقلابي اڳواڻن کي ڀيٽا ڪيل آهي. هي ڪتاب
1930ع ۾ پابنديءَ هيٺ آيو“.(19)
ڪتاب جي ليکڪ پاران ڄاڻايل آهي ته “بندي
جيون جي حياتي لکندي سوچيو هوم ته مان ڇاجي ڪري
قيد ٿيس، اهو به ناظرين کي ٻڌائيندس، مگر اها ئي
ڳالھه وڌندي وڌندي ڪتاب گهڻو ٿلهو ٿيڻ لڳو ۽ هيئنر
هن کي بندي جيون سڏي “باغي قيديءَ جي حياتيءَ جو
يادگار” يا “زماني انقلاب جو يادگار” چوڻ وڌيڪ چڱو
ٿئي، وري به هيئنر نالي بدلائڻ ۾ ڌڻي ڄاڻي ڇاجي
ڪري دل کٽي ٿي هن کان سواءِ هن انقلابي زماني جي
شروعات جي ڪھاڻي لکڻ کان سواءِ ڪتاب جو نالو
بدلائڻ ڪجهه ٺيڪ نه ٿو لڳي. انھيءَ ڪري آئينده مان
سڄي ڪھاڻي لکي سگهندس ته نئون نالو ڏئي هن نالي جي
غلطيءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندس“.(20)
لڙائي
جو لڙاٽ ۽
ڪانئرن جو ڪُوڪاٽ:
شاهنواز مولائي پيرزادو(1889ع-1974ع)
پنھنجي دور ۾ هڪ اديب، صحافي
۽ وڪيل هو. سندس جنم ڪنڊياري ۾ ٿيو. هو ان دور ۾
انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪيل هو. هو بنيادي طور تي هڪ
تعليمي آفيسر هو، پر مسٽر فاروقيءَ
سان
وڙهڻ سبب نوڪري ڇڏي 1935ع ۾ حيدرآباد مان ’سياست‘
نالي اخبار جاري
ڪيائين ۽ ان سان گڏ وڪالت به ڪيائين. پنھنجي
نوڪريءَ واري مسئلي تي انتھائي
سليس سنڌي ۾
”فاروقي
جو فرياد“
لکيائين. افلاطون کان تمام گهڻو متاثر هو. سندس
ڇپيل ڪتابن ۾: لنڊن کان ڪراچي، مصر جي راڻي،
عربستان جو پيغمبر، عربن جو عروج، فرعون جي ڌيءَ،
انگلينڊ جي تاريخ،
پاگيزگي (افلاطون)، موڪلاڻي (افلاطون جي
Phedo
جو ترجمو 1931ع)، سچ جو صدقو (افاطون)،
روح سدا حيات (افلاطون)، انصاف لاءِ عرض، فاروقيءَ
جو فرياد يا ڪورٽ جي فتويٰ، بي آراميءَ جو بابو،
پنجهتر ورهين جو پوڙهو، ميان سومري جي صاحبي،
سورهيه صوبيدار، سڳوري سعديءَ جا سخن، ديوانو ديو،
ادي ايوب جي آزمائش، انصاف، اتحاد، الاهي آواز جو
آلاپِ، آزادي جو
ابو، مجاهدات، لڙائيءَ جي لڙاٽ، سچ جو صدقو،سکياڻي
سنڌ، اسان جو اٻوجهه اقبال،
ڪيڏاري جا ڪامل، مصر جي تاريخ،
، چينائي سالڪن جا سخن، ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن“.(21)
سندس ڪتاب ”بي
آراميءَ جو بابو“
ماستر الاهي بخش سنگهڙ سان گڏ لکيل آهي ۽ 1939ع ۾
سنڌ مسلم پرنٽنگ پريس نوابشاهه مان شايع ٿيل آهي.
ڪتاب جي ارپنا خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي ڪيل
آهي. هن ڪتاب جو موضوع مشھور سياسي اڳواڻ لوڪمانيه
جو بال گنگا ڌر تلڪ مهراج (1856-
1920ع)
آهي، جنھن ۾ سندس حياتي ۽ سياسي جدوجهد جي تاريخ
بيان ٿيل آهي. هن کي جديد هندستان جو جوڙيندڙ ۽ بي
چين روح جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن سياست،
مذهب ۽ سماجي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽
ڪيترائي دفعا جيل به ويو. شاهنواز مولائي پيرزادي
۽ ماستر الاهي بخش سنگهڙ، هن ڪتاب ۾ سندس جدوجهد
کي شاندار نموني پيش ڪيو آهي ۽ سندس ننڍپڻ
کان
ويندي، تعليم ۽ مڙني خدمتن کي ان نيت سان پيش ڪيو
آهي ته ائين نه سمجهيو وڃي ته سنڌي مسلمان ليکڪ،
هندو نالي وارين شخصيتن کي نظر انداز ڪندا آهن ۽
انھن تي نه لکندا آهن. هن ڪتاب ۾ ان دور جي سياست
جي بهترين معلومات به ملي ٿي.
سندس ڪتاب ”لڙائي
جو لڙاٽ ۽
ڪانئرن جو ڪُوڪاٽ“
1940ع ۾ شايع ٿيو ۽ ساڳئي سال ڪتاب
تي بندش پئي.
هن ڪتاب کي انھيءَ ڪري ضبط ڪيو ويو، جو ڪتاب ۾
ليکڪ اهو ڄاڻايو هو،
ته پھرئين مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريز جاري هئا. هي
ڪتاب ليکڪ هاسارام پمناڻيءَ ڀيٽا ڪيو ۽ مهڙ ۾ هن
جو فوٽو به ڏنو آهي:
“هزار افسوس پيارو پمناڻي پرلوڪ پڌاريو، سو پبلڪ
جو سچو پورهيت، ڪنهن ماريو هو سنڌ جو ڏيئو روشن
هاسارام، سو ٿيو ڏينھن ڏٺي جي هاءِ قتلام....
هن ڪتاب
جي
ڀڳت ڪنوارام ۽ هاسارام پمناڻيءَ جي خونين کي جهلڻ
۾ لاغرضائي
ڏيکاري آهي. انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ به
هنن ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جو موزون موقعو ڄاڻايو
آهي. هن ڪتاب ۾ آيل هي نڪتو قابل ذڪر آهي:
”آزادي به ڪا اهڙي شيءِ آهي ڇا جو هڪڙو ٻئي کي ڏئي
سگهندو؟ ڪا تحفو ته ڪين آهي، جو انگلينڊ کڻي
هندستان کي عطا ڪري؟ آزادي ته هڪ طاقت آهي، جا
پنھنجي اندر مان اڀرندي آهي ۽ اها تڏهن اڀرندي،
جڏهن آزار رهڻ جو ارادو مضبوط ٿي ويندو. آزادي جي
معنيٰ آهي طبعيت جي مضبوطي. طنعيت جي تيار ڪرڻ جو
ڪم ته سڀ ڪنهن کي پنھنجي سرِ پاڻ ڪرڻو
آهي ۽ هن ۾ ڏي وٺ جي ڳالھه آهي ئي ڪا نه. جڏهن
هندستان جا ماڻھو طبعيت جا مضبوط ٿي ويندا ۽ دليري
منهجن ديرو ڪري ويندي، تڏهن پاڻهي آزاد ٿي پوندا ۽
ڪو به سندن اوج جي آڏو اچي ڪين سگهندو“.(22)
هوندراج دکايل جي شعري مجموعن تي پابندي:
جديد سنڌي شاعريءَ جي بانين ۾ هوندراج
’دکايل‘ ‘ماڻڪ’ (1910ع-2003ع)
جو نالو اهم آهي. هن لاڙڪاڻي شھر ۾، ليلارام ماڻڪ
کتري جي گھر ۾ جنم ورتو.
هن کي شاعري ۽
سنگيت سان ننڍپڻ کان وٺي گھرو لڳاءُ هو. سندس پھري
ون شعر ’ستيه
پرڪاش‘ مخزن لاڙڪاڻي ۾ ڇپيو. هوندراج دکايل 1930ع
کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ آزاديءَ جا گيت کنجريءَ تي
ڳائيندو رهندو هو.
1930ع ۾ هفتيوار
”هنومان“
اخبار جي ايڊيٽري ڪيائين، جنھن ۾ قومي هلچل بابت
ليک لکيل هوندا هئا. انگريز سرڪاري انھيءَ اخبار
تي بندش وڌي ۽
کيس
ڪيترا
ڏينھن
جيل وڃڻو
پيو. جڏهن گانڌي ’هندستان خالي ڪريو
‘ (Quit India)
جو نعرو هنيو ۽
ستيا گراهه
جو اعلان ڪيو ته هوندراج ’دکايل‘ گانڌيءَ جو سنيهو
کڻي، ڊفلي وڄائيندو، سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾
گهمندو رهيو. هي گانڌي وادي ويچارن جو حامي ۽
پرچارڪ هو. ’سوديشي‘ ۽ ’کاڌي تحريڪ‘ جو به خوب
پرچار ڪيائين. قيام پاڪستان جي
اوائلي ڏينھن ۾
به جيل ويو.
آزاد ٿيڻ تي ڀارت ۾ وڃي گانڌي ڌام ۾ مقيم ٿيو.
هوندراج دکايل جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’سنگيت
ڦول‘ 1946ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ قومي گيتن سان گڏ
ڪيترا ٻاراڻا
گيت به
شامل آهن.
سندس شاعري ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
برطانوي دور ۾ سندس ٻن شعري مجموعن:
”ڦاسي گيت مالھا“ ۽ ”آلاپ آزادي“ تي سرڪار پاران
پابندي پئي“.(23)
ڦاسي گيت مالها:
”ڦاسي گيت مالھا“ 1931ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾
فقط ٻاويهه صفحا آهن. ڪتاب جو مھاڳ لاڙڪاڻي جي ان
وقت جي نامياري وڪيل ۽ آزاديءَ جي لڙائيءَ جي
سپاهي، ديوان نھچلداس لکيو هو. ڪتاب جي ٽائيٽل تي
اڳيان ڀڳت سنگهه جو ڦوٽو ۽ پٺيان گانڌيءَ جي تصوير
ڏنل هئي. ڪتاب جي سلسلي ۾ هيرو ٺڪر لکي ٿو ته
”ڦاسي گيت مالھا“ ۽ ”آلاپ آزادي“ ۾ نه فقط انگريز
سرڪار جي وروڌ ۾ ساهتيه جي رچنا ڪئي، پر گانڌيءَ
جي پڪي پوئلڳ طور ستنترتا سنگرام ۾ بھرو وٺي ڪري
من وچن ڪرم ذريعي ڀارت جي هر طرح سيوا ڪئي. هن
آزاديءَ جي لڙائيءَ ۾ پنھنجي ان انوکي يوگدان سبب،
هن سنڌي جنتا جي دلين ۾ اهڙي ته جاءِ حاصل ڪري
ورتي هئي جو کيس سنڌين جو راشتر ڪوي ڪري مڃيو
ويندو هو. آزاديءَ جي اڌ صديءَ بعد به سندس جيئري،
هو جڏهن به ڪنھن سنڌي ميڙ ۾ اسٽيج تي ايندو هو ته
ميڙ مان ڪئين آواز اٿندا هئا ته ”وڻ ڪھاڙو“ ڪويتا
يا ”ائٽ جو آواز“ ڪويتا ٻڌايو. هن جي راشٽر گيتن ۾
ڀريل ڀاونوائون ايتريون، ته سهج ۽ پرڀاوشالي آهن ۽
سندس ڀاشا اهڙي ته سرل، سھج ۽ شڪتيءَ ڀري آهي، جو
لڳندو هو، ته سڄيءَ سنڌ جي ديش ڀڳتن جو آواز سندس
واڻيءَ ذريعي اظھار پائي رهيو آهي“.(24)
انگريزن طرفان ضبط ڪيل هوندراج ”دکايل“
جي ڪتاب ”ڦاسي گيت مالھا“ جي شروعات ڀڳت سنگهه کي
ڦاسي ملڻ تي ”دکايل“ طرفان ان واقعي تي لکيل ڪويتا
سان ٿئي ٿي، جنھن جو نالو ئي آهي ”سردار ڀڳت
سنگهه“ اها ڪويتا هڪ سھڻو غزل آهي، جو هن طرح آهي:
سوريءَ جي چڙهيو سيج تي سالار ڀڳت سنگهه
سردار ڀڳت سنگهه
ڀارت جو بڻيو لاڏلو، دلدار ڀڳت سنگهه
سردار ڀڳت سنگهه
اها ڪويتا، پنھنجي ڀاوَ، ڀاشا، ڪاويه جي
گڻن النڪارن ۽ خاص طور پنھنجي اثردار قافيي ۽ رديف
سبب، ايتري ته لوڪپريه ٿي جو اسان جھڙا ماڻھو، جن
اها پنجاهه پنجونجاهه سال اڳ پڙهي ۽ ٻڌي هئي، تن
جي ذهن ۾ اها اڄ به گهمي رهي آهي. آزاديءَ کان
پوءِ ته ڀارت ۾ سنڌي درسي ڪتابن ۾ پڻ ڪئين سالن
تائين پاڙهي ويندي هئي“.(25)
”ڦاسي گيت مالھا“ سنگرهه ۾ ٻين به ڪيترن
آزاديءَ جي سورمن جي جيون ۽ ڪاريه بابت ڪويتائون
به شامل آهن، جن ۾ لوڪمانيه تلڪ بابت ڪويتا خاص
طرح ذڪر لائق آهي، جنھن ۾ ڪوي لوڪمانيه بال گنگاڌر
تلڪ جي سڌانتن ۽ سيوا ورتيءَ جي واکاڻ ڪرڻ بعد چوي
ٿو:
خدمتِ ملڪ ۾ هردم ٿو تون مخمور رهين
پنھنجي هر مرد ارادي تي ٿو محڪوم رهين
هوندراج دکايل جي هن ننڍڙي ڪويتا سنگرهه
۾ وشين جي خيال کان ڏسجي، ته ڪورانتيڪار نيتائن جي
ڪارنامن ۽ ٻليدانن،
سوديشي آندولن، نشابندي، اڪيتا ۽ اتحاد بابت مڌر ۽
اثردار گيت شامل آهن. انھن ۾ گهڻا گيت اهڙا آهن،
جيڪي سرگسن ۽ پرڀات ڦيرين وقت ڳايا ويندا هئا.
آلاپ آزادي:
هوندراج ”دکايل“ جو ضبط ڪيل ٻيو ڪاويه سنگرهه
”آلاپ آزادي“ پڻ راسترڀڳتيءَ جي رچنائن جو مجموعو
آهي. هي مجموعو 1931ع ۾ شايع ٿيو ۽ ساڳئي سال بندش
هيٺ آيو. هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي جواهر لعل نهروءَ
کي گهوڙي تي سوار ڏيکاريو ويو آهي. ان ۾ انگريزن
طرفان ڪيل ڀارتي استحصال (شوشڻ)، ڀارت جي غريبي،
بدحالي، ڀارتي ماڻھن جي آزاديءَ جي اٻلاکا،
انقلابي ڪاررواين ۽ شهيدن جي ٻليدانن جو ذڪر آهي.
ڪن ڪويتائن ۾ نوجوانن ۽ مهلائن کي مخاطب ڪندي کين
انگريز حڪومت خلاف اٿي کڙي ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي.
آلاپ آزاديءَ جي هڪ ڪويتا، جيڪا تمام گهڻو مشھور
ٿي هئي، سا هيئن آهي:
اڃا ڀي تون اچڻ کان جي ڪنديئن انڪار آزادي
ته ڏسندينءَ نوجوانن جا سسيون ڌڙ ڌار آزادي
’پرڀات
ڦيرين ۾ دکايل جي گيتن ئي سنڌي نوجوانن
اندر انگريز سرڪار خلاف جيل ڀرڻ جو جوش امنگ
جاڳايو هوندو. سندس گيتن اندر ڀريل بغاوت جا سُر ۽
انگريزن جي تڙي ڪڍڻ لاءِ للڪار:
ملڪ سڄي جو رايو
هيءَ ڌاري حڪومت ڊاهيو
بھشڪار
جا گولا ڇوڙي
ڇڏيو ظلم جو راڄ اکوڙي
ظلم جي سامهون سينو ساهي بيھڻ
جي همٿ ڏيکاريندي چوي ٿو ته :
جليانا والا باغ اندر
ماريا سو هزار
ظالم نه گهرجي
نه گهرجي، نه گهرجي سرڪار“.(26)
چونڊن جو آلاپ:
هوندراج دکايل جو ٽيون اهم ۽ انقلابي
ڪتاب
”چونڊن جو آلاپ“ هو، جيڪو بندش هيٺ ته نه آيو، پر
سياسي ميدان ۾ بحث ۾ تمام گهڻو رهيو. هن ڪتاب جو
ٽائيٽل ئي ڪانگريس جي اليڪشن مهم جي سري سان هو،
جنھن ۾ ڄاڻايل هو ”ووٽ جو حقدار ڪانگريس جو
اميدوار“. هي ڪتاب بي.آر بجلاڻي مدرلينڊ پريس
ڪيمبال روڊ ڪراچيءَ پاران شايع ڪرايو هو. هن ڪتاب
۾ سڀئي نظم ۽ بيت ڪانگريس جي حمايت ۾ چيل آهن.
مثال طور :
جڏهن ملڪ ۾ آهه زاري وڌي،
دکي هند جي بيقراري وڌي
مفلسي، غريبي، غداري وڌي
مدد لاءِ مصيبت ۾ پياري وڌي
ڪانگريس، ڪانگريس، ڪانگريس، ڪانگريس
تلڪ جي يادگيري :
”تلڪ جي ياد ۾“،
ڪوٽڙيءَ مان نڪتل
مھاراج ڪرپالداس شرما
جي شاعريءَ جو ڪتابڙو 8 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو
1924ع ۾ شايع ٿيو ۽ سرڪار ان ڪتاب کي 1926ع ۾ ضبط
ڪيو. هن ڪتاب ۾ هندستان جي فريڊم فائيٽر بال
گنگاڌر تلڪ (1856ع-1920ع)
جي شان ۾ شاعري ڪيل هئي.
گنگاڌر تلڪ، ان دور ۾ تمام وڏي حيثيت رکندو هو، ان
ڪري سندس باري ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
آزاد ڀڄناولي:
”ٻائي نارائڻداس آزاد جي قومي گيتن جو
ڪتاب
”آزاد
ڀڄناولي“
جيڪو 1931ع ڌاري ضبط ٿيو، اهو ڪتاب ميرپورخاص جي
رهواسي آزاد نارائڻ داس جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ڪتاب جا صفحا 31 آهن، جڏهن ته اهو ڪتاب حيدرآباد
جي هڪ ڇاپخاني ”حيدرآباد ڀارت پريس“ مان ڇپرايو
ويو هو. هن ۾ آيل شعر انگريز سرڪار خلاف جھڙوڪ
بغاوتي شعر هئا“.(27)
من موهن ڀڄناولي (چيتن
ديو ورما):
چيتن ديو ورما
”يمراج“
جو ”من موهن ڀڃڻ واري“ ۾
ديش ڀڳتي گيت هئا.
چيتن ديوڪي، ورما ’يمراج‘ سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو
ليکڪ، شاعر
۽ هدايتڪار 1929ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. هو آريه
سماج منڊل حيدرآباد سان وابسته هو ۽ سندس اڪثر
ڪتاب ان منڊل پاران شايع ٿيا. ڪيترائي مضمون ۽
ناٽڪ لکيا اٿس. سو کان مٿي ڪتاب شايع ڪيل اٿس.
ڪتابن ۾: ڀڳتي پرڪاش (1936ع)،
”صاحبن
جي سکيا“
(1937ع)،
”پشپ
مالا“ (1943ع)،
”رشين
جي راهه“
(1938ع)،
”ڀڳتي
پرڪاشن“،
(1936ع)، ’ٻليدان مندر‘، ’راجپـوتي اتـھاس‘،
’ويدڪ ڌرم‘، ’رشي ديانند‘، ’مھاراج نٿورام شرما‘
مشھور اٿس. ”سندس ڪتاب ”من
موهن ڀڄناولي“
30 صفحن تي مبني هو. هن ڪتاب ۾ اعتراض جوڳي
انقلابي شاعريءَ ڪارڻ ڄاڻائي 1931ع ۾ ضبط ڪيو ويو“.(28)
سُوراج ڪاليداس:
شاعريءَ جو هي ڪتابڙو گاندي مالا حيدرآباد سنڌ
طرفان 10 صفحن تي مشتمل هو. هيءَ چوپڙي 1930ع ۾
ضبط ڪئي ويئي.
هن
چوپڙيءَ ۾ هڪ گيت هن ريت هو:
کپي کپي سوراج کپي
سال اندر سوراج کپي
سوراج جو سنيهو:
سوراج، انھيءَ سياسي پارٽي يا فرد کي
چيو ويندو هو جيڪو آزادي جي جستجو ۾ هجي يا
آزاديءَ جي تحريڪ وغيره جو حصو هجي. انگريزن خلاف
، سوراج نالي سياسي پارٽي هئي، جنھن جا حامي
شاعريءَ وسيلي ڪارڪنن جا جذبا اڀاريندا هئا.
سوراج جو سنيهو، جيرام مولچنداڻيءَ جي گيتن جو
مجموعو هو، جيڪو 1930ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ روسي
انقلاب کان متاثر ٿي چيل هي شعر:
دل ڇڪيندڙ آ نظارو، بولشيوڪ راڄ ۾
ڪو نه ٿيندو ڪو ڪڏهن، وڌ ڪين ٿيندو ڏکيو
هي سڄو ترقيءَ جو رستو، بولشيوڪ راڄ ۾!“.(29)
گانڌي ساهت
گانڌي پھريون دفعو سنڌ ۾ 1916ع ۾ آيو، ان کان اڳ
ئي وشنو شرما سندس حياتي ۽ ڪمن جي باري
۾
هڪ ڪتاب سنڌي ۾ لکي شايع ڪرائي چڪو هو. ان بعد
ايسرداس واڌومل جو ڪتاب 1918ع شايع ٿيو. سکر واري
هري سنگ ۽ شڪارپور واري پوڪرداس پڻ گانڌي
بابت ڪيتريون چوپڙيون شايع ڪيون. ٻين به ڪيترن ئي
گانڌي
بابت سنڌي ۾ ڪتاب لکيا، پر 1925ع ڌاري حيدرآباد ۾
گانڌي
مالھا
نالي هڪ ادارو قائم ٿيو، جيڪو قومي، انقلابي ۽ گانڌي
بابت شعري ۽ نثر ڪتابڙا شايع ڪندو هو. هن اداري جا
ڪي ڪتاب بندش هيٺ ۽ ڪي سختين هيٺ آيا، انھن مان ڪي
هي آهن:
گانڌي گيت:
”گانڌي گيت“،
چتر ڀڄ لڇيرام
جو لکيل، حيدرآباد جي قومي ساهتيه ڀون پاران
ڇپرايل ڪتابڙو 1930ع ۾ ضبط ٿيو. ضبطيءَ جو ڪارڻ
ڪتابڙي ۾ شامل گيت آهن، جيڪي مھاتما گانڌي ۽
سوديشي هلچل نالي ارپن ڪيل آهن. هن مجموعي ۾ ملڪي
هو جمالو به ڏنل هو“.(30)
گانڌي گلشن:
شاعريءَ جو ڪتابڙو
”گانڌي گلشن“ حيدرآباد جي موهن داس اُڌارام جي
ڇپرايل
8
صفحن تي مبني هو، جيڪو 1930ع ۾ اعتراض جوڳي
شاعريءَ سبب ضبطيءَ هيٺ
آيو.
ڪتابڙي ۾ شامل گيت گانڌي ۽ سوديشي هلچل نالي ارپن
ڪيل آهي“.(31)
گاندي مالا :
ڪاليداس جي
10 صفحن جي چوپڙي
”گانڌي
مالا“
حيدرآباد سنڌ مان 1930ع ۾ شايع ٿي ۽ ساڳئي سال ضبط
ڪئي ويئي“.(32) هن
چوپڙيءَ ۾ هڪ گيت هن ريت هو:
آيو فرمان گانديءَ جو
منائي جنھن جو جيءُ چاهي
ديش مالا (گرمکيءَ ۾):
انگريزن طرفان ضبط ڪيل سنڌي اشاعتن ۾ به اشاعتون
سنڌي ٻوليءَ ۾ پر گرمکي لپيءَ ۾ آهن. انھن ۾
آزاديءَ جي ڀاونائن واريون ڪويتائون آهن. اهي
گرمکي لپيءَ ۾ شايد ان ڪري آهن، جو ان وقت اسان
جون مائر ڀينر گرمکي لپيءَ ۾ به سنڌي ساهتيه
پڙهنديون هيون. انگريزن اتي به جوکو کڻڻ نه چاهيو
هو ۽ اهڙن ڪتابن کي به ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
حاصل ڪيل سامگريءَ ۾، سنڌي ڀاشا ۾ ٻه پوسٽر به
آهن، جيڪي تمام مختصر آهن ۽ انھن جو سنديش اهو
آهي، ته انگريزن کي ملڪ مان ڀڄائي ديش کي آزاد ڪيو
وڃي“.(33)
اڄڪالهه جو سڌارو:
ناول ”اڄڪالھه جو سڌارو“ ٺڪر نارايڻ
وشنجي (1884ع-1938ع)
جي لکيل گجراتي ناول جو سنڌي ترجمو هو. ٺڪر نارايڻ
ڪيترائي ناول لکيا هئا، هن خاص طور تي بنگالي
ناولن جا گجراتي ۾ ترجما ڪيا. ناول ”اڄڪالھه جو
سڌارو“
سناتن ڌرم پرچار پارٽ 14 آهي، جنھن کي هرومل
پريمچند شرما ڪراچيءَ ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
هرومل پريمچند شرما گهڻو ڪري پاڻ ئي ليکڪ، پاڻ ئي مترجم، پاڻ
ئي ناول نگار ۽ شاعر هوندو هو، ڇو جو اڪثر ليک هن
جا پنھنجا شامل هوندا هئا. هن 1916ع ۾
”سنسار
چڪر“ جي نالي سان جاسوسي ناولن جي سيريز پڻ
شروع ڪئي هئي. سندس ترجمو ٿيل
ناول ”اڄڪالھه جو سڌارو“
198 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1915ع ۾ ضبط ڪيو ويو“.(34)
هن ناول ۾ انگريزن جي طور طريقن ۽ انھن جي طرز
زندگيءَ تي نقتچيني ڪندي، انگريزن جو نقل ڪندڙ،
انگريزن جي خوشامد ڪندڙ هندستانين تي طنز ۽ ٽوڪ
زني ڪئي ويئي آهي ۽ ڀارتي سڀتيا ۽ سنسڪرتي ۽ ڀارتي
جيون شئليءَ کي ساراهيندي، ڀارت واسين کي آزاديءَ
جي راهه ڏانھن آماده ڪيو ويو آهي“.(35)
حيدربخش جتوئيءَ جا ڪتاب:
باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي (1901ع-
1970ع) جو جنم ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پاڻ هڪ
انقلابي هاري اڳواڻ جي نالي سان مشھور آهي.
1934ع ۾ هو ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي
ڪاليج جي سڀني تدريسي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو
وٺندو هو.
سندس سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پھريون ڪتاب
تحفه سنڌ شايع ٿيو. جنھن ۾ شڪوه جو انساني انداز
پنھنجي مالڪ سان پيش ڪيو. هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ
وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي
وارن ماڻھن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ
ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد
ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس
ڪتاب ضبط
ڪيا ويا.
شاعري ۾ خاص طرح
”تحفه
سنڌ“
۽
”آزادي
قوم“
ضبط ڪيا ويا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾
طويل نظم جي تاريخ جو پھريون ۽ انوکو تجربو مڃيا
وڃن ٿا.
تحفهءِ سنڌ:
هيءُ حيدربخش جتوئيءَ جي شاعريءَ جو
ڪتاب آهي، ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب ۾ 66 صفحا آهن.
هادي بخش واحد بخش جتوئيءَ، ايجوڪيشنل پرنٽنگ
پريس، حيدرآباد مان،
1931ع
۾ ڇپايو.
ڪتاب اچڻ سان مذهبي حلقن ۾ وڏي هلچل مچي وئي پر
ڪامريڊ جتوئيءَ جي دليلن اڳيان ڳالھائڻ آسان نه هو.
آزادئ
قوم:
حيدربخش
جتوئيءَ جي
قومي خــيالن تــي مشتمل شعــرن جـو مجـموعو آهي،
جنھن ۾ سڀئي شعر مخمس
۾ آيل آهن.
ڪتاب جو پھريون ڇاپو، سنڌ پراونشل هاري آفيس پاران
هاشمي پريس، حيدرآباد مان
1947ع ۾ ڇپيو ۽ سرڪار پاران بندش هيٺ آيو.
هن مجموعي ۾ سڀئي بيت سنڌ جي سونهن، اڪير ۽ محبت ۾
لکيل آهن.
سنڌي فطري جي منظرن سان مخاطب ٿي سنڌو درياه کي
چوي ٿو ته:
ڀلا اوج تنھنجو، ڀلا موج تنھنجي
عجب تنھنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون
ڀلي آئين جي آئين درياءَ شاهه
ڏاهري رنگ محل
(محمد عثمان ڏيپلائي):
ميلارام منگترام واسواڻي جو ناول ”مغل
رنگ محل“ 1942ع ۾ جيڪو پرنٽنگ ورڪ، ڪيمبل روڊ
ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿي
و هو. هي ناول مغل شهنشاهن جي اتھاسڪ
قصن تي مشتمل هو، ۽ ان ۾ مغل شھنشاهن
جي خانگي حالتن کي نھايت
تلخ انداز سان پيش ڪيو
ويو هو. نامور
ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ان جي
جواب ۾
”ڏاهري رنگ
محل“
ناول لکيو. سندس اهو ناول محمد عثمان ڏيپلائي
طرفان شروع ڪيل عبرت ڪتابي سلسلي جي جلد 2-
سيپٽمبر،
آڪٽوبر
۽ نومبر 1942ع- 6-7-8 جي پرچي ۾ ڇپيو هو. هيءُ
پرچو (ناول) آفتاب پرنٽنگ پريس، صدر بازار،
حيدرآباد سنڌ مان اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد ڇپائي پڌرو
ڪيو ۽ ڪرائون سائيز جي 210 صفحن تي مشتمل آهي.
اهو ڪتاب آريه سماج طرفان
مسلمان بادشاهن خلاف ڇپرايل ڪتابن جو جواب آهي،
جنھن ۾ سندن خانگي حالتن کي نھايت
تلخ ۽ سخت انداز سان پيش ڪيو
ويو هو. خاص ڪري
’رنگ محل‘
۾ مغل شھنشاهن
جي اخلاقي ڪردار تي نھايت
خراب انداز ۾ لکيل هو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ ناول
۾ مسلمان بادشاهن جي بھادري
۽ سندن حالات زندگيءَ کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو
آهي. محمد علي ڏيپلائيءَ مطابق
”ڏيپلائي
صاحب جي دل انھيءَ غيرت جي ٽھڪي
کان بلڪل غير بنجي وئي. مسلمانن بادشاهن جي توهين
جي تلافيءَ لاءِ ڏيپلائي صاحب وري هندو راجائن جا
پول پڌرا ڪيا.
”مغل
رنگ محل“
جي مقابلي ۾
”ڏاهري رنگ محل“
ان وقت هڪ وڏي هلچل مچائي ڏني. نتيجي طور هندو
مسلم فساد جي امڪان کي روڪڻ کي روڪڻ لاءِ آخر ڪار
اهو ڪتاب ضبط ڪيو. هندن جي مقابلي ۾ ڏيپلائيءَ جي
ديني خدمت کي مسلمانن ۾ گهڻي قدر ساراهيو ويو ۽ ڦھلايو
ويو“.(36)
بندش هيٺ ٻين ڪتاب ۾ سوراج مھاتم
(موٽڻداس صوڀراج)، انگريزن خلاف هڪ ننڍو پوسٽر،
سنڌيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻه پوسٽر به آهن، جيڪي
تمام مختصر آهن ۽ انھن جو سنديش اهو آهي ته
انگريزن کي ملڪ مان ڀڄائي ديش کي آزاد ڪيو وڃي.
حوالا:
|