|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

شاهه جو رسالو- ڪڇ وارو
هڪ اهم دريافت
ڪڇ تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان سنڌ جو حصو رهيو آهي،
جنھن جو ثبوت اتي وسندڙ سنڌي ذاتيون ۽ قبيلا آهن ۽
ان ڪري اتان جي ٻولي ڪڇيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
اهم لهجو تسليم ڪيو ويو آهي. گريئرسن ’هندستاني
ٻولين جو عام جائزو‘ ۾ ڪڇيءَ کي سنڌيءَ جو لھجو
قرار ڏنو آهي ۽ شاهديءَ طور عملي مثال پيش ڪيا
آهن. ڪڇ هينئر گجرات رياست جو هڪ ضلعو آهي، جنھن
جو مرڪزي شھر ڀُڄ آهي. ورهاڱي کان اڳ ٺٽي ۽ بدين
مان ڪڇ طرف عام جام اچ وڃ هوندي هئي. ان ڪري ڪيترا
ڪڇي ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ آباد ٿيل آهن ۽
ڪيترا سنڌي اتي وڃي مستقل طور رهيا آهن. ڪڇ جو سنڌ
جي لوڪ ادب ۾ به چڱو حصو آهي، جن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ
جهڙا ڪردار شامل آهن، جنھن کي شاهه لطيف به ڳايو
آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ۾ اهو
ذڪر ملي ٿو ته هو ڪڇ کان به اڳتي گجرات جي اهم شھر
احمد آباد تائين ويو، جو اتي هڪ سماع جي محفل ۾
شريڪ ٿيو هو.
شاهه لطيف جي لاءِ سڀني عالمن اهو تسليم ڪيو آهي
ته هن جو ڪڇ ڀڄ سان گهڻو ۽ گهاٽو واسطو هو. شايد
اهو ئي سبب آهي جو سارنگ جي هڪ بيت ۾ جتي دنيا جي
وڏن شھرن استنبول ۽ دهليءَ جو نالو وٺي ٿو، اتي ڀڄ
کي نه ٿو وساري.
ڪنين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنين ڍٽ مٿاهين ڍار
ڀيرو مل جي لکڻ موجب، ”مغلڀين (ٺٽي) طرف جا ناکئا
اڄ تائين ملبار ۽ ٻين ڏورانھن پاسي ويندا آهن. هو
وڌيڪ چوي ٿو ته هيءُ (شاهه لطيف) سنڌ جو وڏو
سئلاني اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا وڻجارا جڏهن
وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا، تڏهن دنگين
(Dinghy)
۾ پاڻ سان هوشيار ’معلم‘ کڻندا هئا. سنڌ ۾ اسين
عام طرح جنھن کي ’سُکاني‘ سڏيون ٿا، تنھن کي لکپت
۽ ڪڇ پاسي ’معلم‘ ڪوٺيندا آهن.“ (لطيفي سئر-ص47)
شاهه لطيف سُر سامونڊيءَ ۾ ’دنگي‘ ۽ ’معلمن‘ جو
بار بار ذڪر ڪيو آهي.
دنگي منجهه درياھ، ڪي ٻڏي ڪي اُپڙي
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا
شاهه لطيف جي سير سفر بابت به گهڻو ڪجهه لکيو ويو
آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو:
”سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾، شاھه صاحب خاص طور ڪڇ ۾
پنھنجن پيارن جتن فقيرن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾ شاھه
صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وَنھيين فقير
سالاراڻي جت ۽ تماچي فقير نھڙيي وڌو. غالباً هن
دور جي پھرين سفر ۾ شاھه صاحب انھن ٻنھي فقيرن تي
ڪا اهڙي فيض واري نظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي
فقير کي شاھه صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو
اتي ئي رهيو، تان جو وفات کان ڪجهه وقت اڳ شاھه
صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. ونھيين کي شاھه صاحب
پاڻ وٽ ڀٽ تي رهايو ۽ سندس خلوص جي مد نظر کيس
پنھنجو خاص خليفو ڪيائين ۽ سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ
طرف گهڻا جت شاهه صاحب جا معتقد ٿيا. ڪڇ طرف جتن ۾
شاهه صاحب جي سفر جا منزل به منزل سلسلا ونهيين
فقير جي اتي وڌايل ارادتمندن سببان شروع ٿيا، ۽
شاهه صاحب جتي جتي ڀيرا ڪيا انھن ماڳن مڪانن جو
مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ اهي
’شاهه جي راڳ‘ جا مرڪز بڻيا.“
(شاهه جو رسالو-جلد پھريون-ص-50)
هن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب هيٺيان ماڳ مڪان ڄاڻايا
آهن، جتي شاهه لطيف پاڻ ويو هو.
ڌر مڪان، لکپت شھر جي ويجهو، ڀُٽائو مڪان بپر شھر
سان لاڳو، تعلقو لکپت، جتي سانولي فقير جت جي مزار
هئي. ڪنڍو تعلقو کاهڙ جيڪو ونھيين فقير جو اصل ڳوٺ
هو. اورئيڙو تعلقو نکٽراڻو جيڪو تماچي نھڙيي جو
ڳوٺ هو. جڙهوٽ جتي شاهه صاحب جو خليفو ڇتو فقير
لاکاڻي رهندو هو. بگهاڙيو نزد ٻني جتي ميين شاهه
ڪريم جا خاص مريد جيئنداڻي جت رهندا هئا. ارل
تعلقو نکٽراڻو جتي خليفو دين محمد فقير هو.
انھيءَ پسمنظر ۾ عامي روايت ته شاهه صاحب نارائڻ
سر مان ٽٻي هنئي ۽ اچي ڪوٽيسر جي مندر مان نڪتو،
واري ڏند ڪٿا کي حقيقي انداز ۾ سمجهي سگهجي ٿو.
انھيءَ روايت جو اهو مطلب آهي ته شاهه لطيف ڪڇ جي
ايراضيءَ ۾ گهڻو سير سفر ڪيو هو ۽ گهڻو ڪجهه ڏٺو
هئائين. ڪڇ ۾ ئي ڪنڦاڙ جوڳين سان سندس ملاقاتون
ٿيون هيون. ڪوٽيسر جي سفر ۾ به ويو ته ان مندر لڳ
مسجد ۾ پڻ ٽِڪيو، جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃان
تائين ٽنگيل آهي. ان ڪري هڪ راءِ اها آهي ته
رامڪلي ان دور جي مسافرين ۽ مشاهدن جو يادگار آهي.
شاهه عبداللطيف جي ڪڇ سان ايڏن گهرن ۽ گهاٽن
لاڳاپن سبب اهو عام رايو آهي، ته سندس ڪلام اتان
جي معتقدن ۽ مريدن لکت ۾ جمع ڪيو هو. هن سلسلي ۾
اها ڳالھه خاص وزن رکي ٿي ته ڪڇ جي جتن ۾ شاهه جي
ڪلام جا پوئين زماني تائين ڪيترا ياد حافظ ٿي
گذريا آهن. هتي اهو واقعو به قابل ذڪر آهي ته تمر
فقير جيڪو شاهه صاحب جو خاص معتقد ۽ خليفو هو،
شاهه صاحب جي وفات بعد گادي نشين جمال شاهه جي
رنجش سبب پنھنجي
ڪجهه ساٿين
سان گڏ جي ڪڇ ڀڄ ڏانھن هليو ويو هو. ڊاڪٽر
دائودپوٽو لکي ٿو.
’چون ٿا ته گنج جو اصلوڪو نسخو تمر فقير جي حفاظت
هيٺ هو جو سيد جمال جي رنجش ڪري پاڻ سان ڪڇ ڀڄ ڏي
کڻي ويو يا اڏيري لعل جي ساداتن وٽ امانت طور رکي
ويو.‘ بھرحال اڃا تائين انھي نسخي جو پتو ڪونه
پيو آهي.‘
(ڊاڪٽر دائودپوٽو، مضمون ۽ مقالا-ص-190)
اهو ئي سبب هو جو ڊاڪٽر دائودپوٽي پوءِ ڪيتري عرصي
تائين ڪڇ واري رسالي کي هٿ ڪرڻ جا جتن جاري رکيا.
هڪ مرحلي تي جڏهن سندس ڪوششن کي گهربل ڪاميابي
نصيب نه ٿي ته پنھنجي خاص محسن جناب جي.ايم.سيد کي
هڪ خط ۾ شڪايت ڪندي مدد لاءِ اپيل ڪيائين. 2- مارچ
1956ع جي ان خط ۾ لکيائين.
”جتن مون سان جاڙون ڪيون آهن. مولوي احمد جت کي
پئسا ڀري، ڪشالا ڪڍي، ڪڇ موڪليو هوم پر پاڻ سان
ٻُھر کڻي آيو، هاڻ وري هيڏانھن اسرڻ کان اڳ
لکيائين ته مون کي رسالي جو نسخو لکيل 1255ھ هٿ
آيو آهي. پنج مھينا لولھٽيون ڪندي ۽ ڀاڙا آڇيندي
ٿيا آهن، پر اڃا تائين ليت و لعل پيو ڪري. ڪنھن نه
ڪنھن بھاني سان رسالي موڪلڻ کان پيو نٽائي. آخر
تازو قاضي اشرف ٽنڊي جان محمد واري کي لکي موڪليم
ته جت کي هڪ سئو رپيا منھنجي پاران ڏيئي، کانئس
رسالو وٺي، مون ڏي موڪلي پر اڃا ان وٽان به ڪو
احوال ڪونه آيو آهي. هوڏانھن مولوي احمد جت جي پُٽ
لکي موڪليو ته بابو رسالو کڻي ايڏانھن آيو آهي. پر
ان جو اڃا ڪو پتو ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ ڳالھه
کي به ٻه هفتا کن ٿي ويا آهن. مان ڀانيان ٿو ته
اهو به ڏٽو آهي. اهي جت ٽنڊي جان محمد جي آس پاس
رهن ٿا.“
(اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ص-209).
احمد جت وارو اهو نسخو آخر تائين ڊاڪٽر دائودپوٽي
کي هٿ نه اچي سگهيو. ليڪن ان کان اڳ وٽس ٻه اهڙا
قلمي نسخا موجود هئا، جيڪي سندس خيال موجب ڪڇ سان
واسطو رکندڙ هئا. انھن مان هڪڙو هو پير غوث محمد
شاهه وارو قلمي نسخو ۽ ٻيو دلدار فقير وارو قلمي
نسخو.
پھرين نسخي لاءِ پاڻ لکي ٿو:
”اين رساله تصنيف شاهه صاحب مخدوم شاهه لطيف رحمة
الله
وڌيڪ لکيو اٿس،
هڪ صفحي تي غوث محمد قريشي از درگاه ناله په کچھ
بهوج جي هٿ اکرن ۾ تاريخ
12- رجب المرجب 1316ھ لکيل آهي.
هي رسالو حقيقت ۾ هڪ بياض يا منتخب آهي، جنھن ۾
جدا جدا سٽن مان ڪي چونڊ بيت درج ڪيا ويا آهن.
مثلاً مارئي جي سُر مان منجهس فقط ڇھه داستان آهن.
گرچه ڇاپي نسخن ۾ ٽيھه اکري سميت 11 داستان آهن.
مارئي جي سُر
مان چونڊيل بيت اڪثر شاهه لطيف جا آهن ۽ آخوند
محمد شفيع ۽ دلدار فقير وارن رسالن ۾ درج آهن“
(مضمون ۽ مقالا-ص-210)
دلدار فقير واري رسالي بابت وضاحت ڪندي ڊاڪٽر
دائود پوٽي هيئن لکيو هو.
”گنج شريف کان پوءِ دلدار فقير وارو قلمي نسخو
آهي، جو هن ڪنھن سنڌي مرشد لاءِ لکيو آهي. ا هو
نسخو 1279 هجريءَ کان اڳ جو لکيل ٿو ڏسجي ۽ مون کي
عزيزم محمد حنيف صديقيءَ هٿان مليو آهي. قرائن مان
ائين معلوم ٿئي ٿو ته فقير ڪڇ ڀڄ جو ويٺل هو ۽
سندس هٿ اکر نسخو شايد تمر فقير واري گنج جو ئي
اتارو آهي. منجهس ڪيترائي بيت آهن، جي ڀٽ واري گنج
۾ موجود ڪونھن.“ (مضمون ۽ مقالا ص-192)
ڊاڪٽر دائودپوٽي کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ، شاهه جي ڪلام
تي هڪ صدي کان هلندڙ تحقيق جو ڪم مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر
صاحب پڻ ڪڇ واري روايت جي رسالي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي پر کيس هڪ اهڙو نامڪمل بياض دستياب ٿيو، جنھن
لاءِ لکي ٿو.
”ڪڇ وارو (مختصر) قلمي بياض سنه 1279ھه ۾ لکيل. هي
بياض ٻئي هڪ قلمي مجموعي جي شروع ۾ قلمبند ٿيل
آهي، جنھن کان پوءِ ڪڇ جي شاعر فاضل شاهه جو جوڙيل
منظوم قصو ليلى مجنون جو، غوث محمد شاهه جا بيت ۽
ڪن ٻين شاعرن جا چيل نظم آندا آهن. هن مجموعي جي
بيتن جي ترتيب برٽش ميوزم واري نسخي سان گهڻي ملي
ٿي. متن جي پھرئين صفحي کان اڳ واري صفحي تي ڪاتب
رسالي لکڻ جي شروعات واري تاريخ هن طرح ڏني آهي.“
شروع ماه جماد الثاني بتاريخ 20- بروز جمع 1279ھ.
هن نسخي ۾ فقط 17 سر، 851 بيت ۽ 60 وايون شامل
آهن. (شاھه جو رسالو، جلد پھريون - ص - 95)
آخر ۾ هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته شاهه جي رسالي
جي ٻوليءَ جي باري ۾ عالمن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پر
ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪوتامل نه هجڻ کپي، ته
رسالي جي ٻوليءَ تي ڪڇي محاوري جو گهڻو ۽ گهاٽو
اثر آهي. ان کان سواءِ ڪي نامانوس الفاظ جيڪي ڪڇ
جي سڃاڻپ آهن، اهي رسالي ۾ نظر اچن ٿا. هڪ لحاظ
کان شاهه جي ڪلام جي ڪڇ ۾ مقبوليت جو هڪ اهو به
وڏو سبب آهي. هينئر اسان جي سامھون شاهه لطيف جي
رسالي جو هڪ اهڙو قلمي نسخو موجود آهي جنھن بابت
گهڻي يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اهو ڪڇ وارن رسالن
مان هڪ اهم دريافت آهي. وڏي ڳالھه ته اهو نسخو
تقريباً مڪمل آهي سواءِ هڪ سُر گهاتو جي، جيڪو
شايد آخر ۾ هئڻ ڪري غائب آهي. باقي نه ته سمورو
رسالو مڪمل آهي ۽ نھايت خوشخط لکيل آهي. هيٺ اسان
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ان کي ’ڪڇ
وارو رسالو‘ ڇو ٿو چئي سگهجي. هتي پھرين اهو
واضح ڪجي ته ڊاڪٽر بلوچ ڏهن جلدن ۾ شاهه جي رسالي
تي تحقيق کي 1998ع ۾ مڪمل ڪيو هو، جنھن جي پھرين
جلد ۾ هن واضح ڪيو هو، ته هن اهو ڪم 45 قلمي نسخن
۽ 16 ڇاپي نسخن کي ڀيٽڻ سان پورو ڪيو هو. انھن ڏهن
جلدن جي پھرين ستن جلدن ۾ معياري متن ۽ آخري ڏهن
جلدن ۾ رسالي جو ڪلام، يعني جيڪو شاهه جي ڪلام جي
معيار تي نه پيو اچي اهو شامل آهي. پر سڀني جلدن ۾
انھن سڀني قلمي رسالن جي مختلف پڙهڻين
(Variants)
کي شامل ڪيو ويو آهي ته ڪھڙي رسالي ۾ ڪھڙي سٽ ڪيئن
لکيل آهي، جنھن سان اها خبر پئجي سگهي ٿي ته انھن
۾ جيڪڏهن مختلف الفاظ استعمال ٿيا آهن ته اهي ڪھڙا
آهن. اسان ان لحاظ کان موجوده رسالي کي چڪاسڻ جي
ڪوشش ڪنداسين، ته اهو هن مھل تائين موجود اڳين
قلمي نسخن کان ڪيئن مختلف آهي ۽ ان کي
’ڪڇ وارو رسالو‘ ڪيئن ۽ ڇو ٿو چئي
سگهجي.
سڀ کان پھرين اسان کي جيڪو رسالو دستياب ٿيو آهي،
ان جي سادي جلد مٿان هي الفاظ لکيل آهن.
شاهه جو رسالو - قلمي - حاجي آدم ولد حاجي
اسحاق
شاهه عبدالـلطيف روڊ، ڪلري، ڪراچي - 53
ڪڇ کان مليل گنج رسالو (ڏسو عڪس)
ڪلريءَ جو علائقو
موجوده لياريءَ ۾ آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ بلڪل سمنڊ
ڪناري هو، جتي ڪڇي ماڻهن جي اچ وڃ هئي ۽ جتي اڄ
به گهڻي تعداد ۾ ڪڇي سنڌي رهندڙ آهن. انھن ۾ ڪڇي
جت ۽ سومرا وغيره شامل آهن. اسان جو گمان آهي ته
موجوده رسالو اهي ڪڇي ماڻهو ئي اتان پاڻ سان گڏ
کڻي آيا هوندا، جيڪو اسان تائين ان صورت ۾ پھتو
آهي. هاڻي اسان هر سُر جو مختصر جائزو پيش ڪريون
ٿا، پر ان کان اڳ هتي انھن رسالن جي سڃاڻپ بابت
مقرر نشانين ڏانھن ڌيان ڇڪائجي ٿو، ڇو ته انھن جا
نالا حوالي طور بار بار ايندا.
رسالن جي سڃاڻپ لاءِ حرف-وار نشانيون:
(1)
ش
مان مراد آخوند محمد شفيع وارو نسخو 1273ھه آهي.
(2)
نپ
مان مراد فقير عبدالرحمان نورنگ پوٽي وارو نسخو
1275ھه آهي.
(3)
لد
مان مراد دلدار فقير جو نسخو 1279ھه کان اڳ وارو
آهي.
(4)
ڪ
مان مراد ڪڇ وارو (مختصر) قلمي بياض آهي.
(5)
گ
مان مراد گنج 1207ھه آهي.
(6)
ق ص
مان مراد مليل قلمي نسخي (ڪڇ وارو رسالو) جو صفحو
آهي.
سر ڪلياڻ:
هن سُر جي پوري ٿيڻ تي ڪاتب پاڻ هيءَ عبارت لکي
آهي. ”ڪلياڻ جي سُر ۾ هيڪڙو سئو ۽ چوڏهن بيت ۽ ست
وايون آهن موجودا.“ ليڪن ان کان پوءِ ٻئي ڪنھن به
سُر ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد ڪونه ٿو ٻڌائي.
موجوده رسالي ۾ سُر ڪلياڻ جي شروعات عام طور ملندڙ
پھرين بيت سان ٿئي ٿي.
اول الله عليم، الله عالم جو ڌڻي
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آه قديم
والي واحد، وحده، رازق رب رحيم
سو ساراھه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جيون (ق.ص-1)
هن رسالي ۾ ’اعلى عالم جو ڌڻي‘ بجاءِ ’الله عالم
جو ڌڻي‘ ملي ٿو.
اهڙي پڙهڻي اڃان تائين ٻئي ڪنھن رسالي ۾ نظر نه
آئي آهي. ان لحاظ سان هي رسالو پنھنجي انفراديت
رکي ٿو.
ٻيو بيت هن ريت آهي:
وحده لا شريڪ لھ، جان ٿو چئي ايئنءَ
تان مڃ محمد ڪارڻي، نر تو منجهان نيھ
ان حرف ڪارڻ هيڪڙي، روئين نه راتو ڏينھ
تان تو وڃيو ڪيئن، نائين سُر ٻين کي. (ق.ص-1)
هن بيت ۾ جيڪا ٽين سٽ آهي اها هڪٻئي رسالي ش
۾ ملي ٿي ۽ ٻئي ڪنھن به رسالي ۾ نه ٿي ملي. هي بيت
دراصل هن رسالي وانگر ’ش‘ ۾ ٻيو بيت آهي.
(1) ان لحاظ کان ش
(آخوند محمد شفيع وارو دستخط نسخو 1273) اسان لاءِ
خاص اهميت وارو آهي جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو.
سر جمن:
هن سُر ۾ 166 بيت ۽ 5 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي.
قرب ڪبرياءَ ماءِ ملاقي نه ٿئي.
پورو ايءَ پرياءَ، صوفيءَ جي صلح ۾.
هيءَ بيت شاهه ڪريم جو آهي جيڪو ان صورت ۾ ش کان
سواءِ ڪجهه اوائلي رسالن ۾ به ملي ٿو. اهڙيءَ طرح
اهو بيت وچين دور کان اڳ وارن ۽ اوائلي دور کان
بعد وارن رسالن منجهان نورنگ پوٽي وارو قلمي نسخو
1275 نپ ۾ موجود آهي.
عام طور هي مشھور بيت هن ريت ملي ٿو.
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق
آهي مستغرق، عالم انھيءَ ڳالھه ۾(2)
ليڪن هن سُر ۾ اهو بيت هن ريت آهي.
الف ۽ ميم کي، وچان ناھه فرق
ٿئا مستغرق، عالم انھيءَ ڳالھه ۾. (ق.ص-10)
بيت جي هيءَ مڪمل پڙهڻي صرف ’ش‘ رسالي ۾
آهي. (3)
هن سُر ۾ هيٺيان انوکا بيت نظر اچن ٿا، جيڪي في
الحال ٻئي ڪنھن نسخي ۾ نه مليا آهن.
هٿا هُن نه اُڪلي، چيو ڪري نه چت
نئون ڪاٻاڙو نت، ڪير ڪريندو ان سين (ق.ص-10)
هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي:
ڪاتب ٿا لکن، تون مڇڻ ولھو ويڻ ورائين
جھڙي تھڙي ڳالڙي، تھجي جوڙئو جمع ڪن.
حرف جي حساب جا، چورئو چت رکن
سڄي کٻي سِرَ کي، لکئو ڪتابن
ڪراماً ڪاتبين يعملون، اي نالا نورينّ
تون پاڙو ساڻ تن، جنين ويڻ نه وسري. (ق ص-10-11)
هتان اهو واضح ٿيو ته هي رسالو هڪ لحاظ سان ٻين
کان مختلف ۽ جدا پڻ آهي.
سر سريراڳ:
هن سُر ۾ 131 بيت ۽ 10 وايون آهن. هن سُر جو
پھريون بيت هن ريت آهي، جيڪو لد رسالي ۾ پڻ
هن سُر جو پھريون بيت آهي.
خالق نور خلقي، بيان ڪيو بيان
چئي ڪن فيڪون جوڙيائين جهان
سج چنڊ تارا ڪتيون ارض آسمان
ساراهي سبحان پوءِ مڙني محمدؐ مڃئو. (ق ص-18)
هي بيت ش ۽ لد رسالن ۾ آهي.
هتي لد جيڪو ’دلدار فقير وارو رسالو‘ آهي
ان جي باري ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ کي سامھون
رکڻ مناسب ٿيندو، ته هن نسخي جو ڪاتب ڪڇ ڀُڄ جو
ويٺل هو ۽ سندس هٿ اکر نسخو شايد تمر فقير واري
گنج جو ئي اُتارو آهي، منجهس ڪيترائي بيت آهن جي
ڀٽ واري گنج ۾ موجود ڪينهن.(4)
هتان واضح اشارو ملي ٿو ته موجوده رسالو به ان
سلسلي جي ڪڙي آهي. البت نپ رسالي جي باري ۾
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي جيئن اڳتي اسان هڪ الڳ
جدول
(Table)
۾ ڏيکاريو آهي، ته ان رسالي ۽ هن رسالي ۾ سُرن جي
ترتيب تقريباً ساڳي آهي يا ائين چئجي ته اهڙي
ملندڙ جلندڙ ترتيب ٻئي ڪنھن رسالي جي ڪونھي. اتان
وري اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته نپ وارو
رسالو پڻ ڪڇ واري روايت جو تسلسل آهي، جيئن اڳتي
وڌيڪ سُرن جي جائزي مان معلوم ٿيندو. هتي نورنگ
پوٽن جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو معلوم ٿئي ته
اهي اصل ۾ سومرا آهن. سندن آبائي علائقو ڪڇ آهي،
جتان پوءِ گذر سفر سانگي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا.
(5)
سر سريراڳ جي آخر ۾ هڪ وائي جا ٻول هن ريت آهن:
اتي باوي بيبي فاطمه جي بار سڀ بخشايو
توکي ڪير چوندو ته ڪو آهي اسانهجو
توکي ڪونه چوندو، ته ڪو آهي اسانهجو (ق.ص-29)
هيءَ وائي اصل ۾ وچين دور جي ٻن رسالن نپ ۽
لد جي آهي، جيڪا پوئين دور جي رسالن ۾ نقل
ٿي. هن
رسالي جي ڪاتب هتي ’باوي‘ لفظ لکي ان گمان جي وڌيڪ
تصديق ڪئي آهي ته اهو رسالو ڪڇ
واري
روايت جي نمائندگي ڪري ٿو.
سر سامونڊي:
هن سُر ۾ 55 بيت ۽ 6 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد ۾ پڻ پھريون بيت آهي.(6)
آئي اتر مند، ڊولئو هلڻ جي ڪري
وٽين لاڄو بند، ٻيھر مکين ٻيڙيون (ق.ص-29)
پھرين سٽ گهڻن رسالن ۾ هن طرح آهي.
آئي اتر مند، هنيين اُڊ ڪونه لهي. (7)
پر هتي ڏنل پھرين سٽ فقط نپ ۾ ان طرح آهي،
جيئن هتي ڏني وئي آهي، (8) ان
جو مطلب ته هي رسالو نپ سان ميل کائي ٿو.
هاڻي هي بيت ڏسو،
ونءَ وڃي وانءِ، هينئڙا ماڳ پرين جا
چميو چُم چانئٺ، هوءَ جا سندي سڄڻين (ق.ص-30)
هي بيت ش ۾ ڪونھي پر نپ ۽ لد
۾ آهي (9)
مطلب نپ ۽ لد ۾ هڪجهڙائي واضح آهي.
سر سوهڻي يعني توڏي:
هن سُر ۾ ڪل 173 بيت ۽ 18 وايون آهن. سُر جو
پھريون بيت هي آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون
بيت آهي. (10)
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ
ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق ڏي (ق.ص-33)
هن بيت جي اها پڙهڻي نپ، ش ۽ ٻين
ڪيترن رسالن مطابق آهي. البت لد ۾ آخري سٽ
۾ ’عميق ڏي‘ بجاءِ ’عميق جي‘ آهي
هڪ عام مشھور بيت هن طرح آهي:
توڏيءَ کي تعظيم، ٻئن سرنئا اڳري
اوڏي ٿي الف کي، من گڏيائين ميم
جيلانھ ذات حليم، تيلاه ملي مھار کي (ق.ص-39)
هي بيت ڪيترن اوائلي رسالن کان علاوه ش،
نپ ۽ لد ۾ بلڪل ان ريت موجود آهي.
(11)
هن سُر ۾ ’ٻارهن تڙ، ٻٽيھه ڪن‘ سان شروع ٿيندڙ چار
بيت ملن ٿا، اهي ساڳيا چارئي بيت بلڪل ساڳي ريت
نپ ۽ لد ۾ ملن ٿا. (12)
سُر سھڻيءَ ۾ جهجهي تعداد ۾ اهڙا بيت ملن ٿا، جيڪي
ٻئي ڪنھن رسالي ۾ نظر نه ٿا اچن. خاص طور اُهي بيت
جيڪي سھڻيءَ کي نصيحت طور چيا ويا آهن يا وري هن
جي طرفان انھن جو جواب ڏنو ويو آهي.
سھڻيءَ جي آخر ۾ هي وائي خاص طور قابل توجهه آهي.
لڙڪي لئه نه سڃاتو
راند ڀائين راز کي
انڌو الوهيت کان، آهي ائين اُماٿو
صباح سو نه شمار ۾ جو ليکيا اڄ لاٿو
لڙڪي لئهُ نه سڃاتو، راند ڀانئين راز کي (ق.ص-47)
وائي جي اها پڙهڻي نپ، لد ۽ ڪ مطابق
آهي، جيتوڻيڪ ڪن ٻين رسالن ۾ هڪ سٽ وڌيڪ آهي،
جنھن جا الفاظ به هڪ ٻئي کان مختلف آهن.
(13)
هتان هڪ دفعو وري ثابت ٿيو ته هي نسخو ان عام
روايت سان ملي ٿو، جيڪا ڪڇ واري آهي.
کنڀات:
هن سُر ۾ 53 بيت ۽ 3 وايون آهن. پھريون بيت هن ريت
آهي، جيڪو لد ۾ پڻ پھريون بيت آهي.(14)
ناسيندي نرت، پھرين ڪج پريتڻي
قمر چئج قريب کي، ساري ساڻ سُرت
ٻئو ڀروسو نه ڀت، اکيون تهجي آسري. (ق.ص-48)
هي بيت اوائلي رسالن کان سواءِ نپ، لد
۽ ش وغيره ۾ آهي. هن سلسلي جا ڪل ٽي
بيت آهن، جنھن جي پھرين سٽ جو پويون اڌ ’پھرين ڪج
پرينءَ ڏي‘ ملي ٿو. ليڪن هتي ٽنھي بيتن ۾ ڪاتب
’پريتڻي‘ لکيو آهي، جنھن سان رسالي جي انفراديت
ظاهر ٿئي ٿي. ٻيو غالباً مقامي ڪڇي لھجي ۾ جيئن ته
لفظن کي مختصر ڪرڻ جو گهڻو رجحان آهي، هيءَ پڙهڻي
گويا ان جي هڪ نشاني آهي.
هن سُر جو هڪ مشھور بيت هن ريت ملي ٿو،
سوين سج نه اڀرئو، توڙي چوراسيون چنڊن
آءٌ پڻ ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀائيان (ق.ص-49)
هن بيت جي پھرين سٽ لد مطابق آهي ۽ ٻي سٽ
ش ۽ لد مطابق آهي (15)
اهڙِيءَ طرح هن رسالي جي گهڻن هنڌن تي ش ۽
لد سان غير معمولي مطابقت معلوم ٿئي ٿي.
سر ملار:
هن سُر کي ملار جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو عام طور
ٻين سڀني رسالن ۾ سارنگ جي نالي سان ملي ٿو. هن ۾
ڪل 56 بيت ۽ 3 وايون آهن.
هن سُر جو
پھريون بيت هي آهي جيڪو لد ۾ به هن سُر جو
پھريون بيت آهي.(16)
آگميو آهي، لڳھ پس لطيف چئي
وسئو ميھ وڏڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي
سنڌ ڇڏي پٽ پؤ، سمر سنباهي
وهو م لاهي، آسرو مَ الله مان. (ق ص-52)
هن بيت جي پھرين ۽ ٻي سٽ جي پڙهڻي نپ ۽
ڪجهه ٻين رسالن مطابق آهي. ٽين ۽ آخري سٽ نپ
۽ لد مطابق آهي، جنھن ۾ سنڌ جو لفظ سٽ
جي منڍ ۾ اچي ٿو، عام طور رسالن ۾ سنڌ جي جاءِ تي
’ڇن‘ لفظ آيل آهي. هتي سنڌ لفظ جي استعمال مان به
اهو گمان پختو ٿئي ٿو ته هي رسالو توڻي نپ
۽ لد ڪڇ جي طرف لکيا ويا آهن يا ان روايت
جا حامل آهن.
هن سلسلي ۾ وڏو مثال سُر سارنگ جي مشھور وائي جو
آهي جيڪا هن رسالي ۾ هيٺينءَ ريت ملي ٿي،
اکيون ميگهه ملار
سيد صورت تھجي ملڪ په موهيا
اڳيان، سجدو فيل في الحال ڪئو پسي مطلب نور نراڙ
جاپڻ وقت ڄام جي، ڀڳا ڪُنگرا ڪوٽ ڪفار
آگم ڪري آئيون سھسين ٿئا سينگار
اٺو نور نبيءَ تي کڙئا کٽهار
اکڙين ۾ آريج ٿئو، سرها ٿئا سنگهار
موڪل ٿي مينھن کي دوست هتان دلدار.
اکيون ميگهه ملار، سيد صورت تھجي ملڪ په موهيا. (ق
ص-52)
هتي پھرين سٽ جي پڙهڻي نپ ۽ لد
مطابق آهي. ٻي ۽ ٽين سٽ
نپ
مطابق
آهي. ٽين، چوٿين ۽ پنجين سٽون به صرف نپ ۽
لد ۾ آهن. (17)
ڪجهه ٻين رسالن ۾ هڪ سٽ هيءَ به ملي ٿي،
آگي آسمانن جو توکي ڪارئو سير ستار
جيڪا نپ ۽ لد ۾ ڪونھي ته هتي به
ڪونه ٿي ملي.
ساڳيءَ ريت هيءَ سٽ،
اُڪنڊئا جي ابر کي سرها ٿيا سنگهار
اها سٽ به نپ ۽ لد ۾ ڪونھي جيئن هن
رسالي ۾ ڪونھي.
اهڙيءَ طرح باقي ٻيون ٻه سٽون جيڪي هن ريت آهن،
ولسوف يعطيڪ ربک فترضى توسين قادر ڪئا قرار
آهن ڪرم ڪريم جا احمد ساڻ اپار.
اهي ٻه سٽون گنج ۾ ملن ٿيون جيڪي هن رسالي ۾
ڪونھن.
هن وائيءَ جي شروع ۾ اکيان جي بجاءِ اکيون ۽ پڻ جي
بجاءِ تي ’په‘ ڪڇي محاوري جي ترجيح تي شاهد آهن.
آبڙي:
هن سُر ۾ 87 بيت ۽ 4 وايون آهن. پھريون بيت هن طرح
آهي، جيڪو لد جو به پھريون بيت آهي.
(18)
پنھون ڇڏئو پوءِ، ٿي جانب جبل ڳوليين
تيلاهين تنگون ڪريين، جيلاهين تون جوءِ
ساجن سڃ نھاريين، جئن ڏکي ڏوه ڪئوءِ
هاڙهي هوت نه هوهءِ، وري پڇن ويٺين کي. (ق ص-56)
هي بيت اوائلي رسالن جو بيت آهي جيڪو پوءِ نپ،
ش ۽ لد ۾ ملي ٿو. پھرين سٽ جي پڙهڻي
نپ ۽ لد مطابق آهي. اهڙيءَ طرح ٽين
سٽ به بلڪل نپ ۽ لد واري آهي.
هڪ ٻيو بيت هي آهي،
ڪاڪل ڪُٺي جا، ڪفن تنھن ڪين ٿئو
سا درست ٿي دفن ريءَ تنھن تي ٻي نه ڪا
منجهه شھادت سا، مر لُڏي ۽ لاڏ ڪري. (ق ص-60)
عام طور هي بيت ٻن سٽن جو آهي ۽ وچين سٽ ڪونھي.
اها وچين سٽ نپ، لد، ش، گ ۽
ڪجهه ٻين رسالن ۾ آهي.(19) هن
ٿورن مثالن مان به واضح ٿيو، ته هي رسالو انھن ٽن
سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿو.
سر معذور:
هن سُر ۾ 124 بيت ۽ 7 وايون آهن. پھريون بيت هن
طرح آهي، جيڪو لد ۾ پڻ پھريون بيت آهي.
(20)
ڏکي ڏمر ناه، بکي کل نه اُجهي
اُگهاڙيءَ ويانھ وئو ويچاريءَ وسري (ق.ص-62)
اوائلي ۽ ٻين گهڻن رسالن ۾ اهو بيت ائين آهي. بلڪل
ساڳيءَ طرح اهو بيت نپ، ش ۽ لد
۾ موجود آهي البت هتي
وهانءَ کي ’ويانھ‘ لکيو ويو آهي جيڪو تلفظ ڪڇي
لهجي موجب آهي، ڇو ته جيئن انھيءَ لھجي جي ماهرن
ٻڌايو آهي ته ڪڇي ماڻھو اڪثر ’ھه‘ جي اُچار کي
ڪيرائي ڇڏيندا آهن. مثلاً اوهان کي اوان يا صرف آن
چوندا آهن يا گهر کي ’گر‘ وغيره. اهڙيءَ طرح زور
کي ’جور‘ چون جئن معذور جي هن بيت ۾ آهي:
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، آيو عزرائيل
جوراڻي سين جيڏيون، نڪو قال نه قيل
آيو موت دليل، ماري وئي مراد سان (ق.ص-64)
اهو ’جوراڻي‘ ۾ ’ج‘ جو اچار سڀني رسالن ۾ اچي ٿو.
(21) اتي ان جو هڪ سبب تجنيس کي قائم
رکڻ آهي ۽ ٻيو شاهه جي رسالي ۾ ڪڇي لھجي جي
مقبوليت کي واضح ڪري ٿو، جيئن اڳتي هلي ڪجهه ٻين
مثالن مان به اها خبر پوي ٿي.
ڊاڪٽر بلوچ هن سُر هيٺ ڪڇ جي خليفي صابر جو پنجن
سٽن وارو بيت ڏنو آهي، جنھن ۾ هيءَ سٽ آيل آهي.
آءٌ سنڌي نه سمجهان هو پارسيون پڇن (22)
اهڙيءَ طرح ٽيون بيت پڻ نپ ۽ لد ۽
ٻين رسالن ۾ ملي ٿو. ليڪن چوٿين سٽ ۾ ’جتن‘ جي
ٻوليءَ ڏانھن اشارو ان ڪري معنى خيز آهي، ته ڪڇ ۾
شاهه ڪريم کان وٺي شاهه لطيف تائين سندس مريدن جي
اڪثريت ۾ جت شامل هئا.
سرود ديسي:
هن سُر ۾ ڪل 206 بيت ۽ 7 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پھريون بيت آهي.
(1/22)
مون ڀانيان مزمان جيڪس پھر پنھونءَ جي
ڪُهي ڪميڻيءَ هلئا، ڪھل ڪئائون ڪان
ڏتي وئا ڏاھِه کي، سورن جا سامان
زورو رات جوان، جيڏو جت ڪري وئا. (ق.ص-7)
هن بيت جي پھرين سٽ ش، نپ ۽ لد
مطابق آهي، جيڪا ٻين رسالن ۾ ٻيءَ طرح آهي. ٻي
سٽ سڀني رسالن ۾ ساڳي آهي. البت ٽين سٽ لد
۾ هن طرح آهي.
ڏيئي وئا ڏيل کي، سورن جا سامان
آخري سٽ به ش، نپ ۽ لد ۾
ڪجهه ٻين رسالن مطابق آهي، تاهم ٻين ڪن رسالن ۾
’زورو‘ جي بجاءِ ’جورو‘ آهي.
سرود ڪوهياري:
هن سُر ۾ 118 بيت ۽ 6 وايون آهن. پھريون بيت هن
طرح آهي، جيڪو لد جو به پھريون بيت آهي.
ڪھ پر روئان پرينءَ کي، پار نه ڄاڻان پنڌ
ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، نيو ٿي نعرو هڻان. (ق.ص-86)
هن بيت جي پھرين سٽ سڀني رسالن ۾
ساڳي ملي ٿي. البت ٻي سٽ ان صورت ۾ فقط ش ۽
نپ ۽ پوئين دور جي هڪ رسالي ۾ ملي ٿي.
(23)
رسالي جو مشھور هڪ بيت آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پن پنھنجا سارئا، هوءَ هنجون هوتن لئه هاري(24)
ان بيت جي پڙهڻي هن رسالي ۾ هن ريت ملي ٿي.
وڍئل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري
هن پانھنجا ساريا، هي هنجون هاري
پريتڻون پاري، پھتي منڌ پھاڙ کي. (ق.ص87)
هي اوائلي رسالن جو بيت آهي، بلڪ گنج (گ)
شروع ئي هن بيت سان ٿئي ٿو. جنھن ۾ فقط ٻه سٽون
آهن، جيڪي مٿي ڏنل آهن. هن رسالي جي پڙهڻيءَ ۾
ٽين سٽ اهڙي آهي، جيڪا فقط نپ ۾ آهي ۽ اهو
بيت نپ ۾ سُر ڪوهياريءَ هيٺ ئي رکيل آهي.
ٻين عام رسالن ۾ اهو بيت معذور ۾ ملي ٿو.
هتان هن رسالي جي نپ سان غير معمولي
هڪجهڙائي ثابت ٿئي ٿي.
سر حسيني:
هن سُر ۾ 108 بيت ۽ 15 وايون آهن. پھريون بيت هن
طرح آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
(1/24)
حسينيءَ لاءِ حُسين، اصل بيبي چائي پاڻ
تهان پوءِ ٿئي، خبر ٻي خلق کي (ق.ص-95)
هي بيت گنج کان سواءِ نپ ۽ ڪ ۽ پوءِ ٻين
رسالن ۾ ملي ٿو، هتي خاص ڳالھه اها آهي ته اهو بيت
ڪ معنى ڪڇ واري بياض ۾ موجود آهي، جيڪو نامڪمل
صورت ۾ دستياب ٿيو هو (25)
هن سُر ۾ هيءَ هندي گاڏڙ وائي ملي ٿي.
هم سون ساٿ ڪيا هي، هم سون سيل ڪيا هي
هم سون يار ڪيا هي، جو ڪُجه ڪرنا سو ڪر رها هي وو
مرد زن مات ڪيا، لگنا لوڪ ليا هي وو
ڪھي ڪھيو قافلو، زن ڪون زود بياهي.
هيءَ وائي اوائلي دور جي رسالن ۾ سُر آبري هيٺ ڏنل
آهي، پر نپ ۽ ڪ ۾ هيءَ وائي حسيني ۾
ملي ٿي(1/25). اتان پڻ نپ
۽ ڪ سان هن رسالي جي وڌيڪ مشابھت جو
ثبوت ملي ٿو.
اهڙيءَ طرح هيٺيون بيت ڏسو،
توکي پڇئم تي، من ڪو اوٺين جو اُهڃ ڏين
لوري لئه ڀري، پاڻان هنيو ومَ جو (ق.ص-101)
هي بيت نپ، لد ۽ ڪ مطابق
آهي. جنھن سان هنن ٽن رسالن جي اندروني مطابقت جي
گهڻي خبر پوي ٿي. (26)
سر حسينيءَ جي آخر ۾ شاهه لطيف جي خاص خليفي تمر
فقير جا ڪجهه بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي. ان کان اڳ ۾
هڪ ٻي وائي پڻ موجود آهي. جيئن شروع ۾ عرض ڪيو ويو
ته تمر فقير، ڀٽائي جي رحلت کانپوءِ ڀٽ شاهه ڇڏي
ڪڇ هليو ويو هو ۽ زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ واپس
آيو هو. بلڪه گهڻي مشھور روايت موجب هن ئي
پھريائين شاهه جو ڪلام گڏ ڪرايو هو جنھن کي ’گنج‘
جو نالو ڏنو ويو هو. پر پوءِ اهو اصلي گنج گم ٿي
ويو ۽ ٻيو جيڪو هينئر موجود آهي، اهو تمر فقير جي
پوين لکرايو. اهو ئي سبب آهي جو اهو گنج اڄ ڏينهن
تائين تمراڻي فقيرن وٽ موجود رهندو آيو آهي. انھي
خاص نسبت جي ڪري تمر جو ڪلام شاهه جي ڪلام سان گڏ
هلندو آيو آهي. ايتريقدر جو سڀ کان اوائلي نسخي
برطانوي متحّف ۾ تمر جو ڪلام الڳ درج ٿيل آهي جنھن
۾ 42 بيت ملن ٿا. (27) هتي جيڪي
بيت ۽ وايون ڏنل آهن اهي انھن کان الڳ آهن جن ۾
تمر جو نالو به اچي ٿو. جئين هي بيت ڏسو.
تھين وير تمر چئي، گهائي چڙهئا گهوٽ
ٻانڀڻ ٻروچن جي، ڪئو ڦوڙائي ڦٽ
مادر هيئن نه مٽ، آڌيءَ تي اٿي وئا (ق.ص-104)
هي بيت ش ۾ ڪوهياريءَ هيٺ آهي پر نپ،
لد ۽ ڪ ۾ سُر حسينيءَ هيٺ ملي ٿو.
هتان ان ڳالھه جو يقين ڪري سگهجي ٿو، ته هي رسالو
اڳين ڪڇ واري رسالي ’ڪ‘ جو تسلسل آهي جيڪو
اڻپورو ئي دستياب ٿيو هو.
سر بروو:
هن سُر ۾ ڪل 22 بيت ۽ 4 وايون آهن . پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد ۾ پڻ پھريون بيت آهي.
اڄ پڻ اکڙين، سڻ پانهجا سڄڻ سارئا
ڳوڙها تن ڳلن تان، بوندون بس نه ڪن
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺيئي نه لھي (ق.ص-104)
هن بيت جي ٻي سٽ بلڪل ساڳي نپ ۽ ڪ
واري آهي ۽ پھرين سٽ به ڪ واري آهي. ٽين سٽ
وري نپ مطابق آهي. (28)
مطلب هن سُر منجهان موجوده رسالي جي ڪ ۽
نپ سان وڌ ۾ وڌ هڪجهڙائي معلوم ٿئي ٿي.
سر سورٺ:
هن سُر ۾ 75 بيت ۽ 2 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
الله جي آس ڪري، هلئو هئائين
چارڻ ٻڌا چنگ کي، جهوڙا ۽ جهائين
ڏؤلي راءِ ڏياچ جي ڏوران ڏٺائين
وينتي واحد سين، تھين وير ڪيائين
مڻيان جن مٿن ۾، سي نانگ به نايائين
سٻاجها سائين، راءُ ريجهائين راڳ سين (ق.ص-107)
هي بيت اوائلي رسالن توڻي وچين دور وارن رسالن ۾
ملي ٿو. جن ۾ ش، نپ، ڪ ۽ لد
وغيره شامل آهن. عام طور هي بيت پنجن سٽن وارو
آهي. هتي جيڪا پنجين مصرع آهي اها گنج ۾ ڪونھي(29)
بلڪه ان کان اوائلي رسالي متحف ۾ به ڪونھي.
(30)
هن سُر ۾ هڪ بيت هي آهي،
محلين آيو مڱڻو، ساج کڻي سُرَندو
نپ
۽ ڪ رسالن ۾ ’ساز‘ بدران ’ساج‘ آهي. ٽين سٽ
وري نپ ۽ لد مطابق آهي.
(31)
سرود کاهوڙي:
هن سُر ۾ 56 بيت ۽ 6 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
(32)
کاهوڙين خفيءَ کان، سوجهي لڌو سبحان
عاشق اهڙي اکرين لڙئا لامڪان
هو ۾ گڏجي هو ٿئا، بابوئي بريان
سڀوئي سبحان، آيو نظر ان جي (ق.ص-114)
هي وچين دور جي رسالن نپ ۽ لد جو
بيت آهي، جن ۾ پھرين سٽ ائين آهي ته ٻي به بلڪل
ساڳي آهي. ليڪن آخري سٽ هتي نپ واري آهي.
ڇو ته لد ۾ اها ٻيءَ طرح آهي، ان
جو مطلب ته هي رسالو گهڻن هنڌن نپ سان ٻٽ
ٿو هلي.
هڪ بيت هن طرح آهي.
مون کاهوڙي لکئا، سُمھڻ ڪين پئي
سمر ڪئائون سڃ جو، ڏوري ڏٿ لھي
وئڙا ات وهي، جت نھايت ناه ڪا (ق.ص-116)
هي بيت فقط ’ڪ‘ رسالي ۾ آهي (33)
هتان واضح ٿيو ته هي رسالو ڪ ۽ نپ
تي دارومدار رکي ٿو. ان ريت هي بيت ڏسو.
مون کاهوڙي لکئا، هؤا منجهه حمام
ڪئائون مدام، جو ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿئا (ق.ص-116)
هي بيت فقط ’لد‘ رسالي ۾ آهي (34)
هتي اسان جي ان گمان جي تصديق ٿئي ٿي ته هي رسالو
نپ، لد ۽ ڪ سان گهڻي ۾ گهڻو ملي ٿو.
سرود رپ:
هن سُر ۾ 30 بيت ۽ 4 وايون آهن. پھريون بيت هن طرح
آهي جيڪو لد جو به پھريون بيت آهي.
(35)
گوندر هٿ نه پير، وره منجهيئي وهڻون
ڪُڙ ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير
مون جيئن گهاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين (ق.ص-17)
هي بيت اوائلي توڻي وچين دور جي رسالن نپ،
لد، ڪ ۽ ش وغيره ۾ ملي ٿو.
هن بيت جي ٻي سٽ نپ ۽ ڪ مطابق آهي.
ٻين رسالن ۾ ش ۽ لد ۾ هن طرح آهي.
ڪڙھه قطارون ڪري، سورن لايو سير.
سرود
ليلا چنيسر:
هن سُر ۾ 78 بيت ۽ 2 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد رسالي جو به پھريون بيت آهي.
(36)
ڍڪڻ مٿي ڍول جا، جڏهن پوچا ڏٺم پير
مون ڀانيو تنھن وير، ته ڪوجهي ڪندو پريتڻي (ق.ص-118)
هي بيت اوائلي دور جي رسالن کان سواءِ وچين دور
نپ، ڪ ۽ لد ۾ ملي ٿو. ان
کانسواءِ هن سُر جا اڪثر بيت نپ، ڪ
۽ لد جي روايت وارا آهن.
هن سُر ۾ هي بيت ڏسو،
مڻيون کڻي هار هڻي، پلنگ سر پٿون ڪريان
ويندڙيارو ولھو، وئو چت کڻي (ق.ص-120)
هي بيت فقط ڪ رسالي ۾ آهي جنھن ۾ وري ٽي
سٽون آهن. (37) هن سُر هيٺ هي
خاص مشھور بيت ڏسو.
عاشق عزازيل، ٻئا مڙئي سڌڙيا
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿئو. (ق.ص-121)
هي بيت اوائلي رسالن کان پوءِ نپ، لد
۽ ڪ ۾ سُر ليلا چنيسر هيٺ ملي ٿو، پر
گنج ۽ ڪن ٻين رسالن ۾ ڪلياڻ ۽ جمن ۾ ملي ٿو.
(38)
مجموعي طور هن سُر مان به اهو نتيجو نڪري ٿو، ته
موجوده رسالو نپ، ڪ ۽ لد
واري سلسلي جو آهي.
سُر
رامڪلي:
هي سُر 135 بيتن ۽ 6 واين تي مشتمل آهي. پھريون
بيت هن طرح آهي، جيڪو لد رسالي ۾ هن سُر جو
پھريون بيت آهي. (39)
ڪُھندي سھندي سامھون، پرت تنين سين پار
نينھن جنھن جو نبھي، تنھن سين تون م توار
هڏ م وات وسار، ٿي نرالو سنري (ق.ص-121)
هي بيت اوائلي رسالن کان پوءِ نپ ۽ لد
۽ ٻين رسالن ۾ ملي ٿو. ٽئي سٽون بلڪل ان مطابق
آهن.
هن سُر هيٺ ٻارهن ڏينھن وارا ٻارهن بيت موجود آهن.
پھريون بيت هن طرح آهي.
جان ڪيم ڪاپڙين جي، پھرين ڏينھن پروڙ. (ق ص-127
کان 130)
اهي ٻارهن ئي بيت نپ، لد ۽ ش
۾ ملن ٿا. ليڪن گنج ۾ ٽيھن ڏينھن جا بيت موجود
آهن. جيتوڻيڪ گنج هنن رسالن کان اوائلي آهي. ثابت
ٿيو ته هنن رسالن جي پنھنجي روايت آهي.
(40)
اهڙيءَ طرح ٽيھه اکري به مشھور آهي، جنھن جا صرف
ص تائين بيت هن رسالي ۾ موجود آهن (ق ص-131
کان 132) جيڪي ساڳيا ش، نپ ۽ لد
۾ آهن، ليڪن گنج ۽ ٻين رسالن ۾ باقي سمورا
بيت ملن ٿا (41)
هن سُر هيٺ تمر فقير جي نالي وارا بيت به ملن ٿا.
حالانڪ هن کان اڳ حسينيءَ ۾ به تمر فقير جا بيت
موجود آهن. ليڪن هي بيت انھن کان جدا آهن ۽ جيئن
ذڪر ٿي چڪو ته اهي اوائلي رسالن ۾ رامڪلي ۽ پورب
جي گڏيل سُر پويان ڏنل آهن (42)
هن سُر ۾ هي بيت ڏسو،
جوڳي ڀوڳي ڪاپڙي، جن کي ڇتن ۾ ڇائي
مٽائي وائي، سامي صبر سکئا. (ق.ص-123)
هي بيت فقط لد رسالي ۾ آهي.(43)
ياد رکڻ گهرجي ته ’لد‘ (دلدار فقير وارو
رسالو) آهي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي لکيو هو،
ته ان جي ڪاتب جو تعلق ڪڇ ڀُڄ سان معلوم ٿئي ٿو.
رامڪلي جي هن سرسري جائزي مان معلوم ٿيو ته هي
رسالو نپ، لد ۽ ش واري روايت
سان سلھاڙيل آهي. اهو گنج کان الڳ ۽ ڌار روايت جو
حامل آهي.
سرود پورب:
هن سُر ۾ ڪل 47 بيت ۽ 3 وايون آهن. پھريون بيت هن
ريت آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
پورب پورب تب ڪرون، جب هينئڙي آون پور
نھاريندي ڏونھ سڄڻين، نڪون واهيون نور
سامين سڱ ڪلھي تي، سڱ مڙئي سور
مڙهيءَ جو مذڪور، ڪال ڪندا وئا ڪاپڙي. (ق.ص-132)
هي بيت ٻي سٽ کان سواءِ نپ ۽ ڪ ۾
ملي ٿو(44). ٻي سٽ دراصل لد
جي آهي جيڪا هن رسالي جي ڪاتب حاشيي ۾ لکي آهي
(45). ان کانپوءِ ان جي هيٺان
ٻي اڌ سٽ ’ماريس انھي سور جنھن.......‘ اها پڻ
لد جي آهي. ان جو مطلب ته ڪاتب وٽ اهو ٻيو
رسالو موجود هو جو اها پڙهڻي اهم سمجهي لکيائين.
ليڪن هتان واضح ٿيو ته موجوده رسالي جو دارومدار
نپ، ڪ ۽ لد تي آهي، جن جي
پڙهڻين کي هو نظر انداز نه ٿو ڪري.
سرود راڻو ۽ مونمل:
هن سُر ۾ 139 بيت ۽ 11 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي.
ڪاڪ وڻن ساڻ، اوٺين گهڻو اورگهي
جي هُئن گڻ گهڻا، راڻا توءِ رُئندا ويا. (ق.ص-135)
هي بيت شاهه ڪريم جو آهي، جيڪو سندس ملفوظات بيان
العارفين ۾ موجود آهي (46).
اوائلي رسالن بعد اهو گنج ۽ نپ ۽ ٻين رسالن
۾ ملي ٿو، ليڪن لد ۾ ڪونھي. (47)
هن سُر جو هي بيت ڏسو،
ويٺي ٻوهيم ٻانگ سينءَ ڪوڙين اڄ قنديل
هي هي هنجون هاريان منجهان سڪ سبيل
متان مون کي ڇڏيين، جاني لڳ جليل
آهر تو اصيل، ويٺي ڪانگ اڏايان ڪاڪ جا (ق.ص-136)
هي بيت گ، ش، نپ ۽ لد
۾ ملي ٿو. گ ۽ ش ۾ ٻاريم لفظ آهي پر
نپ ۽ لد ۾ ٻوهيم آهي (48).
ان جو مطلب ته هي رسالو نپ ۽ لد
سان اڪثر موافق آهي.
سرود ڏاهر:
هن سُر ۾ 69 بيت ۽ 3 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پھريون بيت آهي.
(49)
جيئن الله جو نالو، تئن مون وڏو آسرو
صاحب تنھنجي سگهه جو، پرو پاند نه ڪوءِ
جان مون ٻئا در گهڻا ڌوئيا ته تو در جهو نه ڪوءِ
نالو رب سندوءِ، رهيو آهي روح ۾. (ق.ص-144)
هي بيت بلڪل ساڳيءَ ريت نپ ۾ آهي. البت ڪن
پوين رسالن ۾ لفظ ’دوئيا‘ پڻ ملي ٿو.
هن سُر هيٺ هڪ عام مشھور بيت هن طرح آهي.
ستر ڪر ستار، مَڇڻ عيب اپٽئين
ڍڪج ڍڪڻھار، ڏيئي پاند پناھ جو (ق.ص-146)
بيت جي هيءَ پڙهڻي نپ ۽ لد مطابق
آهي. (50)
سر ڪاپائتي:
هن سُر ۾ 34 بيت ۽ 1 وائي آهي. پھريون بيت هي آهي،
جيڪو لد مطابق آهي. (51)
توڙي تون ڪاتار، جم هيڪلي تييرئين
ڏٺي ڪا ڏئار، صراف انھيءَ سُٽر ۾ (ق.ص-147)
هن بيت جي اها پڙهڻي نپ ۽ لد مطابق
آهي.
هن سُر جي آخر ۾ لاکي ۽ اوڏڻ بابت ٻه بيت آيل آهن
۽ ان کانپوءِ وائي ڏنل آهي جيڪا هن طرح آهي.
اوڏي اوڏڻ آءٌ، توکي لاکي ڪوٺئو
سندو مٽيءَ مامرو، لٿو تو مٿاءُ
ٻيون راڻيون گهڻيون راڄ ۾، توتي ريڌو راءُ. (ق.ص-149)
هيءَ وائي گنج ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۾ بيت طور شامل
آهي. (52)
پر لد ۽ ڪ ۾ هيءَ وائي ڄاڻايل آهي.
هتان پڻ اها شاهدي وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي، ته موجوده
رسالو جنھن ۾ اها وائي ڄاڻايل آهي لد ۽
ڪ سان وڌ ۾ وڌ هڪجهڙائي رکي ٿو.
سرود ڌناسري:
هن سُر ۾ 22 بيت۽ 3 وايون آهن. پھريون بيت هن ريت
آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
(53)
سيد پير سمونڊ، ٻئو انت نه ڄاڻي ڪو
ڦر ڦر سيوا جو ڪري، ماڻڪ پاوي سو. (ق.ص-149)
هي بيت اوائلي رسالن ۾ به آهي ته وچين دور جي
رسالن يعني نپ، ڪ ۽ لد ۾ به
آهي.
هن سُر ۾ نپ، ڪ ۽ لد جي
روايت جا ڪيترائي بيت ملن ٿا.
هن سُر جي آخري وائي هيءَ آهي.
جو نوازي ڏڏ، آسرو لاھه مَ ان جو
داتا سندي در تي، لنگها لاهج لڏ
اوڏئان اوڏڙو، پري ڪر مَ سڏ
اگلن کي اوڏو ٿئي، گندا ڪري گڏ. (ق.ص-150)
هيءَ بيت فقط ڪ رسالي ۾ آهي. گويا هي رسالو
۽ ڪ پاڻ ۾ گهڻي هڪجهڙائي رکن ٿا.
سرود پرڀاتي المشھور بجاجڪاڻي:
هن سُر ۾ 12 بيت ۽ 1 وائي آ هي. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پھريون بيت آهي.
(54)
موڙهو ڀُڻين مڱڻا، ڪيڏانھن هئين ڪالهه
لنگها ڇڏ لطيف چئي، اُجهڻ جا افعال
سپڙ در سوال، ڪر ته قيمت آڻيين. (ق.ص-150)
هيءُ بيت نپ جي پڙهڻيءَ مطابق آهي.
هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي.
منجهي ويھه مَ مڱڻا، ڪُنجي لاهي ڪَسُ
ٻيلي ۾ ٻاجهه ٿي، رڙهي رونجهاڻي رَسُ
پاٺ پھريائين پَسُ، ڏڏن ڏاتيون لڌيون. (ق.ص-152)
هي بيت فقط نپ، لد ۽ ڪ ۾ آهي.
(55)
هي هڪ لحاظ سان وڌيڪ پڪو ثبوت آهي، ته هي رسالو
نپ، لد ۽ ڪ جي روايت سان
سلھاڙيل آهي.
سرود آسا:
هن سُر ۾ 116 بيت ۽ 7 وايون آهن . پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
(56)
سڄڻ سنيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون
سندي سپرين، پر پروڙڻ ڏاکڙو. (ق.ص-152)
اوائلي دور جي رسالن کانپوءِ هي بيت
نپ،
لد ۽
ٻين رسالن ۾ ملي ٿو.
هن سُر جو هيٺيون بيت ڏسو.
عالم جي الله جا، سي پڙهي پروڙن
هميشه هؤن، انھيءَ وادي وچ ۾. (ق.ص-155)
هن بيت جي پھرين سٽ جي پڙهڻي نپ ۽ لد
مطابق آهي. (57)
ٻيو بيت ڏسو.
آزر ٿيءَ ته ابھين، ڪٽا جيئن ڪافر
سندي ڏينھن محشر، ويجهو ٿئين وصال کي. (ق.ص-153)
هيءَ بيت وچين دور جي رسالن ش، نپ ۽
لد ۾ آهي. (58)
ٽيون بيت ڏسو
ڪن گهرجي ڪلمو، لغو لهو لاءِ
فڪر سين م ڦراءِ، ته همھ کي هيڪ چؤين.
نپ
۾ هن بيت جي اها پڙهڻي آهي. پر لد ۾ وري
آخر سٽ هينئن آهي. (59)
فڪر سين ڦيراءِ، ته همھ کي حق چئين.
هتان لد ۽ موجوده رسالي ۾
وڌيڪ هڪجهڙائي معلوم ٿئي ٿي.
سرود مارئي:
هن سُر ۾ 230 بيت ۽ 6 وايون آهن. پھريون بيت هي
آهي، جيڪو لد جو پڻ پھريون بيت آهي.
(60)
ڪرئو مهاڙ ملير ڏي، روئي اڀي چوءِ
سھج سوري ڀانئيان، سومرا سندوءِ
مِلڪ مارؤ جي آهيان، جور نه ٿيا جوءِ
سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتي جن هٿ ڪئو. (ق.ص-158)
هي بيت اوائلي رسالن ۾ آهي ۽ ان جي پڙهڻي نپ،
ڪ ۽ لد مطابق آهي. نپ ۽ ڪ
۾ مارئي جو يڪو سُر آهي.
هن سُر جو هي بيت ڏسو.
ناه رضا ناه قضا، تان ڪي تون پروڙ
مٽيءَ سندي ماڙي، ڌٻي ٿيندءِ ڌوڙ
سچ ترندي ساهمي، تڏهن ڪيڏانھن ويندو ڪوڙ
ڪھڙو پييئي ضرور، جئن شرا نه پڇين سومرا. (ق.ص-168)
هيءَ بيت نپ، لد ۽ ش ۾ ملي
ٿو. (61)
وري هي بيت ڏسو.
بي گناھه غريب سين، جاڙون ڪندا جي
ڪاڻيارا ڪريم جا، سڀان ٿيندا سي
ڪونھي تنھين کي، مھدا ماڳ ملير ۾. (ق.ص-168)
هي بيت به نپ ۽ ش ۾ آهي.
(62)
هن سُر ۾ هي بيت ڏسو:
اڌ لوئي جو انگ تي، اڌ ۾ سڄو عيال
هھڙو جن جو حال، تن جي سام پرتئي سومرا.
(ق ص-173)
هي بيت فقط
نپ
رسالي ۾ آهي. (63)
اهڙيءَ طرح هيءَ وائي ڏسو،
لوئي ۾ لائون مون مارؤ سين لڌيون
اوائلي رسالن بعد نپ ۽ لد ۾ موجود
آهي. (64) ان ريت هن رسالي جي
نپ
۽ لد
سان غير معمولي مناسبت معلوم ٿئي ٿي.
سرود ڪيڏارو مرسيو:
هن سُر ۾ 44 بيت ۽ 1 وائي آهي، پھريون بيت هي آهي:
خط يھودين لکئو، مڪي مدينئا
ته اسين تائب تنھنجا، تون اسانھجو شاه
هيڪر هلي آءُ، هي تخت تابيني تنھنجي.
(ق.ص-174)
سر ڪيڏارو سان مرثيو لفظ اوائلي رسالي متحف ۾ لکيل
ملي ٿو.(65)
هتي لفظ مرثيو ’س‘ سان لکيو ويو آهي، هي
بيت متحّف ۾ ڪونھي، ليڪن ان کانپوءِ گنج ۾ ملي ٿو
۽ اهو بيت هن ريت آهي: (66)
ڪوفين خط لکئو، وچ وجهي الله
اسين تائب تنھنجا، تون اسانهجو شاه
هيڪر هيڏي آءُ، ته تخت تابيني تنھنجي.
هن سُر جو هڪ ٻيو بيت هن طرح آهي:
مير مدينئا هلئا، ڀري مبارڪ پير
جتي پين راتڙي، سي سونھڻ لڳا سير
ٻي قضا پاڙي ڪير، حسن مير حسن ريءَ.
(ق ص- 174)
هي بيت
نپ
جي يڪي سُر هيٺ ۽
لد
۾ ڇھون آهي جيڪو هتي به ساڳيو ڇھون
آهي. (67)
هتان هن رسالي جي
نپ
۽ لد
سان واضح هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.
سرود شينھ ڪيڏارو:
هن سُر ۾ ڪل 18 بيت آهن، پھريون بيت هي آهي، جيڪو
لد
جو پڻ پھريون بيت آهي.
مٿي جنھن مدار، کاند تنھنجو تڪيو
پاڻ اوچو عادت نيچو، ايءَ شينھان پروار
ڪر ڪيسر جُهار، ڏٺي جنھن ڏارٽ لهي.
(ق.ص-176)
هيءُ بيت اوائلي رسالن توڻي
نپ
۽ لد
۾ ملي ٿو.(68)
هي بيت ڏسو:
مورا ماٺو نه ٿئي، تازي جو توڙا
هاٿي جي هيڻو وهي، ته گهڻڻو ملھو گهوڙا.
(ق ص- 176)
هي بيت به
نپ
۽ لد
۾ آهي ۽
لد
۾ هن سُر وانگر ان جو ٻيو بيت آهي. (69)
هن کان پوءِ 3 بيت کان وٺي 18 بيت تائين بلڪل ساڳي
ترتيب سان اهي بيت
لد
رسالي ۾ ائين موجود آهن.(70)
مطلب سمورو شينھ ڪيڏارو
لد
جو هوبھو نقل آهي.
سرود بلاول المشھور بصبحي:
هن سُر ۾ 48 بيت ۽ 3 وايون آهن، پھريون بيت هي
آهي، جيڪو
لد
جو پھريون بيت آهي. (71)
تون اوڍر تون اوڍڪو، تون اجهو تون آڳ
هت پڻ تنھنجو تڪيو، مھد پڻ تون هي ماڳ
سي لوڙيون ڏين نه لاڳ، جي اجهي آيون ابڙي.
(ق ص-179)
هي بيت
نپ،
ش ۽ لد
وغيره ۾ ملي ٿو.
هتي هي ڳالھه قابلِ ذڪر آهي ته هن سُر جا پھريان
اَٺ ئي بيت انھيءَ ترتيب سان
لد
۾ ساڳيءَ ترتيب سان موجود آهن. (72)
هن سُر ۾ اها مشھور وائي موجود آهي جنھن جا ٻول
آهن:
ڍڪ ڍڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيع شافع سپرين.
هن وائي ۾ ٻارهن مصراعون آهن، جيڪي
نپ
۽ لد
مطابق آهن.
بلڪ آخري سٽ
لد
جي مقابلي ۾ هتي وڌيڪ درست حالت ۾ آهي جو چوي ٿو:
اتي عبداللطيف کي، هادي هٿ جهليندو. (73)
سرود ڪارايل:
هن سُر ۾ 35 بيت ۽ 2 وايون آهن، پھريون بيت هي
آهي، جيڪو
لد
جو پڻ پھريون بيت آهي. (74)
وجده وائي، چڙهندي چيائون
سولُڙ لنگهيائين، جتي پارک نه پکيان.
(ق ص-184)
هي بيت اوائلي رسالن ۾
نپ،
ش ۽ لد
۾ ملي ٿو.
هن سُر جي وائي جنھن جا ٻول هن ريت آهن:
هنجن ڌاران هيج، ڪير ڪريندي ڪنگ سين.(ق ص- 185)
هيءَ وائي
نپ
۽ لد
مطابق آهي.
لد
جي مقابلي ۾
نپ
۾ هيءَ سٽ وڌيڪ آهي، جيڪا هتي موجود آهي.
(75)
هتان
نپ
۽ لد
جي هن رسالي سان غير معمولي هڪجھڙائي معلوم ٿئي
ٿي.
سرود ڪاموڏ:
هي سُر نامڪمل آهي جنھن جو صرف هڪ صفحو موجود آهي
۽ ان ۾ 11 بيت موجود آهن، پھريون بيت هن طرح آهي،
جيڪو
لد
جو پڻ پھريون بيت آهي. (76)
تون سمون آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ
پسي راڻين روءِ، متان مانگر مٽيين.(ق.ص-186)
هڪ ٻيو بيت ڏسو:
کاج جنين جو ککيون، مال جنين جا مڏ
سمي سيئي سيڻ ڪئا، هيڻان جنين هڏ
ڄام پرتئي لڏ، سانگين جي سيد چئي.
(ق.ص-186)
هي بيت اوائلي رسالن توڻي
نپ،
ڪ ۽ لد
۾ آهي.
نپ
۾ لفظ ’سانگين‘ آهي، پر ٻين ۾ لفظ ساٽين آهي.(77)
هن کان پوءِ ايندڙ ٻه بيت پڻ
نپ،
ڪ ۽ لد
۾ آهن.(78)
آخر ۾ اسان رسالي نپ ۽ موجوده رسالي ۾ سُرن
جي ڀيٽ ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا، جنھن مان معلوم ٿئي
ٿو ته ٻنھي رسالن ۾ سُر ڪھڙي ترتيب سان رکيل آهن.
|
نپ |
هي رسالو |
|
نپ |
هي رسالو |
|
1. |
ڪلياڻ و جمن |
ڪلياڻ |
17. |
گهاتو |
ليلان چنيسر |
|
2. |
کنڀات |
جمن |
18. |
رامڪلي |
رامڪلي |
|
3. |
سر راڳ |
سر راڳ |
19. |
ڌناسري |
پورب |
|
4. |
سامونڊي |
سامونڊي |
20. |
پرڀاتي |
راڻو ۽ مومل |
|
5. |
سونھڻي |
سونهڻي |
21. |
آسا |
ڏاهر |
|
6. |
ملار |
کنڀات |
22. |
پورب |
ڪاپائتي |
|
7. |
آبري |
ملار |
23. |
مارئي |
ڌناسري |
|
8. |
معذور |
آبري |
24. |
ڪيڏارو |
پرڀاتي مشھور جاجڪاڻي |
|
9. |
ديسي |
معذور |
25. |
شينھ ڪيڏارو |
آسا |
|
10. |
ڪوهياري |
ديسي |
26. |
بلاول |
مارئي |
|
11. |
حسيني |
ڪوهياري |
27. |
ڪارايل |
ڪيڏارو |
|
12. |
بروو |
حسيني |
28. |
ڪاموڏ |
شينھ ڪيڏارو |
|
13. |
سورٺ |
برئو |
29. |
راڻو |
بلاول |
|
14. |
کاهوڙي |
سورٺ |
30. |
ڏاهر |
ڪارايل |
|
15. |
رپ |
رپ |
31. |
ڪاپاتي |
ڪاموڏ |
|
16. |
ليلان |
کاهوڙي |
|
|
|
مٿئين ڀيٽ مان واضح ٿئي ٿو ته ٻنھي رسالن ۾ سُرن
جو تعداد ساڳيو 31 آهي. (79)
البت موجوده رسالي ۾ سُر گهاتو ڪونه مليو آهي ۽
جيڪڏهن اهو شامل ڪبو ته تعداد 32 ٿيندو. پر ڪلياڻ
۽ جمن کي هڪ شمار ڪرڻ سان جيئن نپ ۾ آهي،
ته پوءِ ٻنھي ۾ تعداد ساڳيو بيھندو. هڪ لحاظ سان
ڏسڻ ۾ ايندو ته ٻنھي ۾ سُرن جي ترتيب ۾ گهڻو فرق
ڪونھي. نپ بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته اهو
رسالو فقير عبدالرحمان بن حافظ محمود پوٽي 27-
ذوالقعد 1275 تي لکي پورو ڪيو ۽ اصل متن موجب آخري
سُر ڪاموڏ ڏنو. (80) اسان وٽ هن
رسالي ۾ به آخري سُر اهو ئي مليو آهي. نپ ۾
رسالي جا سُر داستانن يا فصلن ۾ ورهايل ناهن پر
بيتن جي هڪ سلسلي بعد وائي ڏيئي پوءِ ٻئي سلسلي
وارا بيت ڏنا ويا آهن. موجوده رسالي جا سُر به
داستانن ۽ فصلن ۾ ورهايل ناهن. سُرن جي اندر بيتن
۽ واين جو سٽاءَ اندازو آهي ته نپ وانگر
آهي، ڇو ته هڪ موضوع سان لاڳاپيل بيتن بعد هڪ يا
ٻه وايون اچن ٿيون يا اڪثر سُر جو خاتمو هڪ وائي
يا گهڻن واين سان ٿئي ٿو.
رسالي نپ ۾ بيتن جو تعداد 2741 ۽ واين جو
تعداد 177 آهي.(81) موجوده
رسالي ۾ بيتن جو تعداد 2612 ۽ واين جو تعداد 156
آهي.
نپ
کانپوءِ جنھن ٻئي رسالي سان هي رسالو برميچي ٿئي
ٿو، اهو لد يعني دلدار فقير وارو رسالو
آهي، جيڪو ڊاڪٽر دائود پوٽي جي لکڻ موجب 1279 کان
اڳ جو لکيل آهي، جنھن جي ڪاتب جو تعلق ڪڇ سان هو.(82)
لد جي خصوصيت اها آهي ته انھيءَ جا سُر
داستانن ۾ ورهايل آهن. ليڪن لد ۽ موجوده
رسالي ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي هڪجھڙائي نظر اچي ٿي اها
هيءَ آهي، ته 31 منجهان 28 سُرن جي شروعات جو
پھريون بيت ٻنھي ۾ ساڳيو آهي، جيئن هتي سُر وار
تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. هتي اهو سوال پيدا ٿئي
ٿو ته پوءِ انھن ٻنھي مان وڌيڪ اوائلي ڪھڙو ٿي
سگهي ٿو. اسان جي خيال ۾ جيئن ته موجوده رسالي ۾
يڪا سُر آهن، جيڪي داستانن ۾ ورهايل ناهن ۽ سُرن
کي داستانن ۾ ورهائڻ جو رواج عام طور پوءِ وجود ۾
آيو، تنھن ڪري اهو سمجهڻ وڌيڪ عقل موجب ٿيندو، ته
موجوده رسالو لد کان اڳ وارو شمار ٿيڻ
گهرجي.
هتي وري اسان ڏٺو ته نپ، لد ۽
موجوده رسالي جي وڏي مشترڪ خصوصيت اها به آهي ته
انھن ۾ اهي سُر جيڪي عام طور سڀني عالمن ڌاريو
ڪلام تسليم ڪيا آهن، جن ۾ هير رانجهو يا مانجهه،
بيراڳ هندي، ڍول مارو ۽ بسنت شامل آهن، اهي داخل
نه ڪيا ويا آهن. دراصل هڪ تحقيقي راءِ اها آهي ته
اهي پھريائين گنج ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ ٻين رسالن ۾
داخل ٿيا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي رسالو گنج کان
قطعي مختلف آهي ۽ اهو هڪ الڳ روايت جو حامل آهي.
هن رسالي جي ڪڇ مان هجڻ جو هڪڙو ثبوت اهو به آهي
ته جنھن مالڪ وٽ اهو نسخو هو، هن انھيءَ جي حاشين
تي ڪچي پڪي صورتخطيءَ ۾ هڪ هنڌ وائي لکي آهي، جنھن
۾ پنھنجو نالو ’احمد عاجز‘ ڄاڻائي ٿو. اها وائي
پوري پڙهڻ ۾ نٿي اچي ليڪن جيتري سمجهه ۾ آئي آهي،
اسان ان کي حاشيي ۾ نقل ڪيو آهي. ان کانسواءِ ٻن
ٽن هنڌن تي ڪجهه اهڙي قسم جو ٻيو مواد به ملي ٿو
جيڪو پڻ اسان نقل ڪيو آهي. اهو سمورو مواد ڪڇي
محاوري جي صورت ۾ آهي. (83)
آخر ۾ اهو ورجائڻ ضروري ٿو لڳي ته لد رسالي
جي باري ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي نھايت اهم راءِ ڏيندي
چيو هو، ته ان جي ڪاتب جو تعلق ڪڇ ڀُڄ سان هو.
هتي اسان جي راءِ آهي ته نپ جي ڪاتب فقير
عبدالرحمان نورنگ پوٽي جو تعلق پڻ ڪڇ ڀڄ سان معلوم
ٿئي ٿو. هتي وري اسان ڏٺو ته لد ۽ موجوده
رسالي ۾ 31 منجهان 28 سُرن جي شروعات ساڳئي پھرين
بيت سان ٿئي ٿي ۽ ٻيو ته ٻنھي جي پڙهڻين ۾ تمام
گهڻي هڪجهڙائي ملي ٿي. انھيءَ ڪري اسان انھيءَ
نتيجي تي پھچون ٿا، ته هي رسالو به ڪڇ واري روايت
جو پڪو پختو ثبوت آهي. بلڪه ان کي ’ڪڇ وارو
رسالو‘ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو.
10
آگسٽ 2025ع تي حاجي آدم ولد اسحاق جي ٻن ڀائرن
احمد ۽ محمد سان دائود ڪڇيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪلري
لياريءَ ۾ ملاقات ٿي. هنن ٻڌايو ته هنن جو والد
اسحاق 1922ع ۾ ڪڇ ۾ ڇتي ڏڪار جي حالتن سبب ننڍي
قافلي جي صورت ۾ رڻ ڪڇ جي رستي بدين ۾ داخل ٿيا،
پر سندن آخري منزل ڪراچي هئي. هنن جو ڏاڏو عبدالله
’ڪاتب‘ جي لقب سان مشھور
هو ۽ سندن وڏا ’ميان‘ جي لقب سان مشھور هئا، جيئن
سنڌ ۾ مُلان نماز، نڪاح ۽ جنازي نماز وغيره پڙهائن
ٿا تيئن سندن وڏا به پڙهيل هئا.
هو اصل ۾ ڪڇ جي هڪ ڳوٺ دُفيءَ جا رهندڙ هئا، جتان
جا ٻيا به ڪيترا خاندان لڏي اچي لياريءَ ۾ رهائش
پذير ٿيا. حاجي آدم لاءِ ٻڌايائون ته هن چڱي خاصي
تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ کيس مختلف مذهبن جي مطالعي
جو شوق هو. پاڻ 2005ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس گهاٽن
دوستن ۾ هڪ هندو ارجن داس شامل هو، جنھن سان سندس
هي فوٽو نڪتل آهي
مرحوم حاجي آدم ۽ سندس دوست ارجن داس
کتاب "یادوں
کا سفر"
مصنف : حاجی حسین میانجی
حوالا:
83)
هن نسخي جي ڪجهه صفحن تي حاشين ۾ لکيل هي مواد
مليو آهي، جيڪو پوري ريت پڙهڻ ۾ نه اچي سگهيو آهي،
تاهم ان کي جيئن جو تيئن نقل ڪجي ٿو.
قھري هڻي سو ڪان مون کي جاني ماريوءِ
هنيوءِ پـــــاڻ هٿـــــن سين
پورو نيئي مھجو ســـــاه سمورو
بڇي برھه جو بان اهو سنج ساريوءِ
هڻندي ڪھل نه ڪيوئي ڪائي طرح طرح ڪيوءِ توائي
مون کي ڪري ويران ڪھڙو ڌنُ ڌاريوءِ
ڪـــــيئـــــي ســــــور سجـــــايـــــوءِ.
ته سوهڻي ڪري حيران ٻئو مچ ٻاريوءِ
احـــــمـــــد عـــــاجـــــز ڏک ڏنــــــــــوءِ.(ق.ص-53)
ڏاڍا دستور ڌيان ڌري ٿو
ناز نمانن ساڻ ڪري ٿو.
درد کي دربان پوءِ تا وير وار پوءِ
ماري صفت منجهايو مَنُ سو منجهم سور
سجايو تن سوهڻي ڪري حيران
............. احمد عاجز ڏک ڏکويو سهڻا (ق.ص-53)
گويا ’احمد عاجز‘ پنھنجو نالو ٻه دفعا لکيو آهي.
جيتوڻيڪ ڪڇ ۾ احمد گهڻو عام نالو آهي. پر هتي ذهن
احمد جت جي نالي ڏانھن به وڃي سگهي ٿو، جنھن جو
واسطو ڪڇ سان هو جنھن وٽ شاھه جو رسالو هو، جنھن
کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي گهڻي ڪوشش ورتي،
پر آخر تائين ڪامياب نه ٿيو، جيئن مقدمي ۾ ان جو
ذڪر ٿي چڪو.
توسا سور صدا ديا تو سارئـــــو سپرين
سڏڪا سُڏ سگهـــــان پرين
عـــــاشـــــق نـــــو وســـــا آهـــــيـــــو
پرين
يوصف سچ ..... پرين هير هاءِ هنجون گڏ هاريا
هوئي عفي نالائقن ٻئي پاهجا قرب ڪج ميان جيئن
هارائي باھ پس(ق.ص-90)
آڻيندو الله سا، ميڙيندوءِ الله وڻ ٽڻ واٽ نھاريان
ياد ڪئو
مالم توکي هالڙو دلبر پرين تون داناءَ پرين
.................... جــــــــــو
ٻـــــالـــــڙو
يـــــوســـــف ســـــگ درگــــــــــاھه
جنھن جـــــو پـــــالـــــڙو.(ق.ص-90)
دل داريون ڀي ڏجن ميان دلبر دائون دودن
قـــــول ســـــچـــــا ..... هـــــوئـــــي
..................
نالاءِ قن سپرين پاهجا ڪرب (قرب) ڪجن،
مان جي هر هال سي سپرين(ق.ص-91)
دست مھر درجي ميان ياد يوصف توهجو
زاريون عرض قبول ڪجن ميان(ق.ص-91)
-----
ڪتابيات
|
1)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو
رسالو ۽ رسالي جو ڪلام، (ڏهه جلد)،
ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ علامه قاضي تحقيقي
رٿا، 1989-1998ع، حيدرآباد |
|
2)
|
ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي، لطيفي سئر،
ڀٽ شاهه حيدرآباد، 1989ع |
|
3)
|
محمد سومار شيخ، ڪڇين جا قول، سنڌي
ادبي بورڊ، 2006ع |
|
4)
|
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، لاڙ ۽ ڪڇي،
2008ع |
|
5)
|
نافع الناس (قلمي) مرتب: عبداللطيف. |
|
6)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، رسالو پير غوث محمد
شاهه ڪڇ واري جو، ثقافت کاتو، ڪراچي
2013ع |
|
7)
|
جي.ايم.سيد، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
حيدرآباد، 2012ع |
|
8)
|
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مضمون ۽
مقالا، حيدرآباد 1978ع |
|
9)
|
گنج جو عڪس، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ڪراچي
1995ع |
|
10)
|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، بيان
العارفين، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،
2000ع |
|
11)
|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، هداية
المريدين، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي،
ڊاڪٽر اين.اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ ڄام
شورو، سال 2021ع |
|
12)
|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، شاهه جو
رسالو، سمجهاڻي ۽ مفھوم سميت، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، 2016ع |
|
13)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي
رسالي جا سرچشما، ڀٽ شاهه 1972ع |
|
14)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رسالي جي
ترتيب، ڀٽ شاهه 1974ع |
|
15)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو
رسالو، بياض سنڌي، برطانوي متحف، ڀٽ
شاهه، 1969ع |
|
16)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو
رسالو، بمبئي ڇاپو عڪس، اوقاف کاتو،
حيدرآباد 1995ع |
|
17)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو
رسالو، ٽن آڳاٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي
تيار ڪيل، ڀٽ شاهه 1974ع |
|
18)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو
رسالو، سُر سھڻي سان شروع ٿيندڙ ڏهن
قلمي نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيل، ڀٽ شاهه
1977ع |
|
19)
|
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي
مشاهير علماءَ جا خط، ڊاڪٽر اين.اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ، حيدرآباد، 2015ع |
|
20)
|
مولانا حافظ محمد رمضان مھيري، تاريخ
گولاڙچي، سال 2004 |
|
|
(21)
Sorley, H.T, Shah Abdul Latif of
Bhitt. OUP London 1940. |
|