|
ڪهاڻيون

(جنم: 1936ع)
چنڊ وسامي ويو:
۽ پوءِ جڏهن گهنگهور گهٽائون هوائن جي هجوم سان
هليون ويون ۽ آڪاش ستارن سان سينگارجي ويو.
تڏهن پريان،
انب جي وڻ جي وٿين مان چنڊ ليئو پاتو، سندس عڪس
سنڌوءَ ۾ جهمر پائڻ لڳو. ۽ هوءَ ڳائڻ لڳي:
منھنجو ساجن آيو اڄ رات
منھنجو ساجن آيو اڄ رات
ڳايو،
ڳايو ترانه من جي خوشين جا
منھنجو ساجن آيو اڄ رات.
سندس حسين مکڙي تان وارن جون
بدليون هٽائيندي پڇيومانس:
”وساري ته نه ڇڏيندين، اندرا؟“
نرمل نگاهون مٿي ڪندي، چيائين،
”نه پريتم.“
سندس سادي جواب ۾ ڪھڪشان جي رنگن جا موتي پرويل
هئا.
”منھنجي زندگيءَ جي مرڪ تنھنجي پيار جي سھاري امر
ٿي ويندي.“ مون چيو،
هن وراڻيو،
”چنڊ جھڙو چنچل آهين.“
”مان؟“
”ها، پريتم تون.“ هن مڌر آواز ۾ ڳالھايو،
”چنڊ ته اُداس آهي، اندرا“. مون آهستي چيو،
”اُداس وري ڪيئن؟“ هن منھنجي ڪلھي تي ڪنڌ رکي چيو،
”هيڏانھن ڏسينس، ڪيئن نه جهمر پيو پائي.“ هن
چندرما جي عڪس ڏانھن اشارو ڪيو، جيڪو سنڌوءَ جي
لھرن ۾ نچي رهيو هو.
”پنھنجو درد ڇپائي پيو جهمر هڻي.“ مون وار سندس
ڳلن تان دور ڪندي چيو،
”درد وري ڇا جو اٿس.“ مون سندس چرنن ۾ ويھندي چيو.
”پر تون ته منھنجي سنسار جو بيداغ چنڊ آهين، سدا
سندر ۽ من موهيندڙ.“
هن سنڌوءَ مان پاڻيءَ جي لپ ڀري منھنجن هٿن ۾
هاري.
پڇيومانس، ”هي ڇا اندرا؟“
شرمائيندي چيائين، ”منھنجو پيار!“
ايترو پيار ته نه ڏي اندرا، جو جدائي جو هڪ لمحو
به توکانسواءِ گهاري نه سگها.“ مون پنھنجا آلا هٿ
سندس آلن هٿن ۾ ڏيندي چيو.
پيار جي اٿاهه لھر اُڀري، چيائين، ”تن من ته
تنھنجي پريت ۾ هاري ويٺي آهيان، پر جدائي جا ڪنڊا
پلڪن سان چونڊينديس.“
هن گلاب جھڙو سندر مکڙو منھنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو.
سندس ساهه منھنجي دل جي ڌڙڪڻ سان ملي، محبت جو
گيت، گيت ٿي پيو:
منھنجو ساجن آيو اڄ رات
ڳايو،
ڳايو ترانو من جي خوشين جا
منھنجو ساجن آيو اڄ رات.
ان وقت هوا جي لوڏن سان لمندي، نازبوءَ جي خوشبوءِ
به هوريان هوريان هلي آئي. مورک ٿي مون کان
پڇيائين، ”ڏاڍو ٿو چاهينس؟“
ٻڌايومانس، ”منھنجي آتما جو آهي!“
”توکي چنڊ ٿي چوي نه؟“
”پاڻ چانڊوڪي آهي نه، تڏهن.“ مون وراڻيو، ”نه ته
مان ڪارو ڪوجهو، منھنجو ڪھڙو مانُ.“
”متان ڇڏي نه وڃي توکي، بانورا، تنھن جي چانڊوڪي!“
مھڪ مرڪ سان چيو.
”ته پوءِ منھنجو داغ ڪوبه ڏسي نه سگهندو.“
پنھنجي چانڊوڪيءَ کانسواءِ مان ڪيئن چمڪندس!
”مان ڪارو ڪوجهو منھنجو ڪھڙو مانُ.“ مون نادان
نازبوءَ جي هٻڪار کي سمجهايو. هوءَ هوا جي پرن تي
ويھي دور ديس ڏانھن هلي وئي.
اندرا منھنجي سيني مان منھن ڪڍي، مون ڏانھن ڏٺو،
”ڪنھن سان پيو ڳالھائين، پريتم؟“
”تنھنجي چاهت ۾ اندرا، هن سنسار جو ذرو ذرو مونسان
رهاڻيون ٿو ڪري.“
”تنھنجي ان پيار کان ته ڏڪان ٿي، پريتم!“ هن آهستي
چيو،
۽ پوءِ اوچتو طوفان اٿلي آيا.
سنڌوءَ جي ڇولين ۾ جهمر پائيندڙ چنڊ ويو وسامندو،
ويو وسامندو ۽ جهڪو ٿيندو، آنڌيون آيون،
وِڄ چمڪي.
ڪڪر آيا ڪارا ڪارا.
لڪندو ڇپندو چنڊ،
ويو وسامندو، ويو وسامندو،
چنڊ سڙي ويو، ڪارو ڪوجهو.
۽ سڙيل کاميل چند کي گهنگهور گهٽائن لڪائي ڇڏيو.
آسمان مان آب وسيو-
پر اندر جي آگ جلندي رهي، جلندي رهي.
مون اندرا کي سنسار جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڳولھيو،
پر وڇڙيل ساٿي ويو هليو.
مان بانورو.
کيس پڪاريندو رهيس، پڪاريندو رهيس.
۽ پوءِ منھنجي آتما اشانت ٿي اندرا جي انتظار ۾
سنڌوءَ جي ڪناري تي ليٽي پئي. (1962ع)
(ڪتاب ”چنڊ وسامي ويو“،ڪاڇو پبليڪيشن، 2009ع، ص
77 کان 80 تان ورتل)
شبنم گل

ڌنــــڌ
صبح جي روشني دريءَ مان ڇڻي ڪمري ۾ اچي رهي هئي،
تازگي جي باوجود ڪمري ۾ اداسي ڇانيل ھئي. زائره
پلنگ تي ويھي ڀت ڏانھن نھارڻ لڳي. جتي ڪجهه
پراڻيون تصويرون لڳل هيون. هڪ تصوير ۾ هوءَ ۽ سندس
مڙس خالد ڪنھن پارڪ ۾ مرڪندي بيٺا هئا. ٻي تصوير
۾ ٽئي ٻار، ماءُ سان گڏ هئا. تصويرون ڄڻ وقت جي
فريم ۾ قيد ٿي ويون هجن، ۽ ڀت تي هاڻ رڳو
يادگيرين جو عڪس بچيو آھي.
کيس ياد نه آيو ته آخري ڀيرو ڪڏهن دل سان کلي هئي.
جڏهن کان خالد ويو هو، ته مايوسين اچي سندس من ۾
واھيرو ڪيو ھو . خالد ڪاوڙ جو تکو ھو ھو. خوش
هوندو ته سندس خيال رکندو پر جيڪڏھن آفيس جو ڪو
مسئلو ھوندو ھيس تہ گهر ۾ گھپي ڪندو ھو. پر پوء به
ھوءَ ان زندگيء مان خوش ھئي. ھو کيس ڪمن ۾ مصروف
رکندو ھو. روز پيا مھمان ايندا ھئا. ڊرائينگ روم
خالد ۽ دوستن جي آوازن سان گونجندو ھو.
ٽھڪ به توانائيءَ جو وسيلو ٿين ٿا...
ھاڻ گهر ۾ نه ڪاوڙ ھئي نه مرڪون رھيون ۽ نه ئي
ٽھڪ گونجندا آھن. اھڙا گهر زيور بنان سھاڳڻ وانگر
ٻسا لڳندا آھن .خوشي ، مرڪون ۽ ٽھڪ گهرن جا زيور
آھن.
اداس مڪينن جيان گهر به سندن مزاج جھڙا ٿي پوندا
آھن.
ٻار وڏا ٿي ويا هئا. فرزين ۽ سلمان آمريڪا ۾
پنھنجي زندگين ۾ مگن آھن. ننڍو پٽ نويد ھن سان گڏ
رھي ٿو، جيڪو پڙھائي مڪمل ڪرڻ بعد نوڪريءَ جا
اشتھار ڏسندي ۽ مختلف جاين تي درخواست ڏيندو ٿو
رھي. صبح جو نڪري ويندو، شام جو موٽي ايندو، ماءُ
جو رت چيڪ ڪندو، دوا ڏيندو، ۽ خاموشي سان ڪمري ۾
پڙهڻ ويهي رهندو. هو ماءُ سان پيار ڪندو هو، پر
سندس اکين ۾ به ساڳي بي وسي هئي
.
”نويد...“
هوءَ اڪثر سڏيندي، بس ائين ئي.
”جي
امان؟“
”ڪجهه
ڪونھي...“ ۽ هوءَ خاموش ٿي ويندي.
سڀ ڏينھن، صبح ۽ شام، هڪجهڙا لڳڻ لڳا هئا. ڄڻ وقت
ڪنھن اڻ ڏٺل سرنگ ۾ گم ٿي ويو هجي. ڀتين سان
ڳالھيون ڪندي، خاموشيءَ سان تصويرون ڏسندي، ۽
سوچيندي ڇا اها ئي زندگي آهي؟ ڇا اهو ئي سڀ ڪجهه
هو؟
ڪڏهن هوءَ پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندي، ته حيرت ٿيندس.
ڇا اها مان آهيان؟ اهي گهُنجن ڀريون اکيون، اهي
جهيڻا ساھه، اهي ڪمزور هٿ؟ ڪاڏي وئي اها زائره،
جيڪا ڪڏھن زندگيءَ سان ڀرپور هئي، کلندي هئي،
خواب ڏسندي هئي؟ سندس اندر ڄڻ ڌُند ۾ ويڙھيل منظر
وانگر ٿي پيو هو، ڪا به صورت صاف نه هئي.
ڪم واري مائي شھناز کي بخار ھو . ڪم ڪندي ڪِنجهي
رھي ھئي. پر هوءَ به ھو ڪم تي ڪر ڪر ڪندي ھن لاءِ
وڌيڪ ڪم ڪڍي رھي ھئي.
”بيگم
صاحبه سڀاڻي اڱڻ ڌوئي ڇڏيندس، اڄ ڏاڍي تيز اس
آھي.“ سندس آواز جهيڻو ھو.
”تنھنجا
نخرا روز وڌندا پيا وڃن . ڪم نه ڪرڻو اٿئي ته وڃي
ڪو ٻيو گهر ڏس.“ ڪاوڙ ۾ ڀُڻڪندي اندر ھلي وئي.
اڳي
ڪجهه ٿيندو ھو ته سور جي گوري ڏيندي ھئي ۽ جلد
موڪل به ڏئي ڇڏيندي ھئي، پر ھاڻ بيگم صاحبه کي
الائي ڇا ٿيو آھي؟ بالٽي ڀرجي وھڻ لڳي ته شھناز
ڇرڪ ڀريو ۽ ڪِنجهندي فرش ڌوئڻ لڳي.
شام جو زائره اڱڻ ۾ اچي ويٺي آسمان ۾ ھڪ اونهو
خال ھو. خدا خاموش ڇو آهين؟ سڀ ڪجهه ھوندي به اھا
خوشي محسوس نه ٿي ٿئي جيڪا ٿيڻ گهرجي؟
خزان وڻن مان پن ڇاڻي ڇڏيا ۽ خالي شاخون اداسيءَ
کي وڌائي رھيون ھيون. سڄو ڏينھن تيز ھوائون
ھلنديون رھيون. صفائيءَ باوجود به گھر جي فرنيچر
تي ٻيھر دز ظاھر ٿيڻ لڳي. ھوا جي آڌار تي دروازا
وڄندي ، اندر ۾ خوف محسوس ڪري ٿي.
”نويد،
هڪ ڳالھه پڇان؟“
”جي
امان؟“
”تون
به ٻاھر وڃڻ لاءِ سوچي رھيو ھوندين؟“
ماءُ جي اکين ۾ بي يقيني ڏسي ھو خاموش ٿي ويو.
ماءُ جون سواليه اکيون ھن ڏانھن ڏسي رھيون.
”جي
امان سوچيان ٿو پر شايد نه وڃي سگهان!“
”شايد
ڇو پٽ!“
”توھان
کي اڪيلو ڇڏڻ نه ٿو چاھيان.“
ائين چئي ھو بينڪ ھليو ويو. بينڪ ۾ نوڪري ڪجهه
ڏينھن اڳي ملي ھيس. اھا نوڪري پسند نه ھيس پر ماءُ
چيس جيستائين ڪا ٻي ملي پٽ ھيءَ نوڪري به غنيمت
سمجهه. نويد جي وڃڻ کان پوءِ پشيماني ٿيڻ لڳس. پاڻ
کي اڻ وڻندڙ بار سمجهڻ لڳي. مان نويد جي خوابن جي
راھه ۾ رڪاوٽ آھيان. مون کي جيئڻ جو ڪو حق
ڪونہي.ڇا ھن جي ڪري ھو سڄي ڄمار اھا نوڪري ڪندو،
جيڪا کيس پسند نه آھي!
منھنجي زندگيءَ جو ڪھڙو مقصد آھي ھاڻ؟ زندگيءَ جو
ڪو مطلب آهي ڇا؟
مڙس جي تصوير کان پڇي ٿي.
تصوير ۾ قيد ڄڻ خالد ڇرڪ ڀريو، زال جي اکين ۾
نھاريو . جتي رڳو سچ هو. اهڙو سچ، جيڪو زندگيءَ
کان سوال ڪري ٿو، ۽ جواب ۾ رڳو خاموشي ملي ٿي.
خالد به زندگيءَ جي معني ڳوليندي دنيا ڇڏي ويو.
بيماريءَ کان پوءِ جيئڻ چاھيندو ھو. آخر بيماريءَ
کانپوءِ زندگيءَ جي اھميت ڇو سمجهه ۾ اچي ٿي؟ اھو
سوچي بيمار ٿيڻ کان خوف ٿو ٿئيس.
”زندگيءَ
کي معني اسان پاڻ ڏيندا آھيون.“ خالد چيو. زائره
مرڪي پئي. هڪ ٿڪل، ڪمزور مرڪ، جيڪا بي معنيٰ هئي.
ڪجهه ڏينھن کان هوءَ هڪ خواب ڏسي رهي هئي. خواب ۾
هوءَ هڪ خالي ڪمري ۾ ويٺل ڏسي ٿي، جتي ڀتيون سفيد
۽ ٻسيون ھيون، پر هر ڀت مان سندس ماضيءَ جا آواز
ٿي آيا، ٻارن جي کل، مڙس جو آواز، ماءُ جو کيس
سڏڻ. اهي آواز ڪڏهن ويجهو، ڪڏهن پري ٿيندا ويندا ۽
زائره ڀتين کي ڇُھڻ لڳي، ڄڻ انهن ۾ وري زندگي
جاڳي پوندي!
هڪ ڏينھن هن ڀت تي هٿ رکي چيو: ”اهو سڀ ڪجهه جيڪو
مليو هو، پر هاڻ ڪجهه به نه رهيوآھي.“پوئتي رڳو
ڀتين تي گهر ڇڏي ويندڙن جون اکيون ۽ ڇھاءُ رھجي
ويو آھي.
ھن پراڻا البم کوليا. پيءُ ماءُ سان تصويرون ھئس،
جن جا چھرا مھربان ھئا. ھوءَ ٻين ڀيڻ ۽ ڀائرن سان
گڏ بيٺي ھئي. ننڍڙي ھئي ته ڪيترو کيڏندي ھئي!
پوپٽن پٺيان ڊوڙڻ ياد آيس. راند ۽ خوش ٿيڻ جي
زندگي ڪيتري نه مختصر ھئي! ھن ٿڌو ساھه ڀريو.
زندگي ڄڻ هڪ ڊگهي شام بڻجي وئي هئي. ٻاهر وڻن مان
تيز ھوائن جي زور تي پن پئي ڪريا. زائره در کولي
ٻاهر نڪتي، آسمان ڏٺائين، جتي بادل اڏري رھيا ھئا
۽ آسمان تي آزاديءَ جو احساس وکريل ھو. نويد ڏٺو
ته ڊوڙي آيو، ”امان، طوفان آهي، هلو اندر هلون.“
ھن محسوس ڪيو عمر ھن کان آزادي کسي ورتي آھي. نويد
سوچيندو ھوندو امان بيمار ٿيندي ته سندس آزادي
کسجي ويندي!
”نه،
ٿورو بيھڻ ڏي . مان آسمان ڏسڻ چاهيان ٿي.“
نويد خاموش ٿي ويو. ماءُ جي اکين ۾ ڄڻ ڪا ڳولا
هئي، شايد ماضي جي ڪنھن وڃايل لمحي جي يا شايد
رڳو سڪون جي.
ٻارن جا ڪم ڪندي وقت گذريو. خالد ڪاوڙ جو تيز ھو،
صبر ڪندي ٿڪجي پوندي ھئي، ته ساڻس وڙھي پوندي ھئي.
ھاڻ ڪنھن سان وڙھان؟ ان وقت ڪاوڙ لڳندي ھئس. پر
ھاڻ احساس ٿو ٿئيس ته اھو وڙھڻ به زندگي بخش ھو.
ھي خاموشي ته نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي آھي. هڪ ڏينھن
هوءَ تمام خاموش هئي. گهڻي دير تائين ڪجهه به نه
ڪڇي. شام جو نويد پڇيو:
”امان،
سڀ ٺيڪ آهي؟“
”ها،
پٽ.“
چوڻ چاهيائين پر چئي نه سگهي، ته اسين زنده ڇو
آهيون؟
ھڪ ڏينھن منظر ڌندلا ٿي ويا. هوءَ صوفي تي ويھي
رهي، اکيون بند ڪري، ۽ ماضيءَ جي دروازي تي کڙڪو
ٿيو. خالد جو آواز ٻڌائين:
”زائره،
چانهه ڏي.“
گهر جي گهنٽي وڳي، سڀ ڪجهه ڄڻ واپس اچي ويو. اھي
رونقون ۽ آواز پر جڏهن اکيون کليون، ته رڳو خاموشي
هئي.
”اي
خدا... ڇا تون به ڀت جي ٻئي پاسي آهين؟“ ھن رڙ
ڪئي. شھناز ڪم ڇڏي ڊوڙندي آئي.
”بيگم
صاحبه ٺيڪ ته آھيو نه؟“
”ھ
..ھا... مان ٺ..ٺيڪ آھيان ، تون وڃين پنھنجو ڪم
ڪر.“ ھوءَ سھڪي رھي ھئي.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ زائره پراڻيون شيون ڏسڻ لڳي.
ٻارن جي اسڪول جا بيگ، ڪاپيون، ڪتاب ۽ سرٽيفڪيٽ
پيا ھئا. ڪڏھن سوچيندي ھئي ته ٻار ڪڏھن وڏا ٿيندا!
وڏا ٿيا ته پکين جيان اڏامي ويا. شھناز کي ڏئي
ڇڏيندس. ھاڻ ھنن شين جي ھئڻ مان ڇا ملندو؟
پر شھناز چيو ھو ته مھانگائپ ايتري وڌي آھي جو ھن
ٻار اسڪول مان ڪڍرائي ڦٽي ڪيا آھن. پوءِ ڀلا ڪنھن
اسڪول ۾ ڏيئي ايندس.
ھن جون سھيليون مختلف ھيون. اھي جم وينديون، واڪنگ
ٽريڪس تي پنڌ ڪنديون. ملي ڊنر ڪنديون. انڪار تي
چونديون،" زائره! تو پنھنجي اندر جي ٻارڙي ماري
ڇڏي! افسوس!“
اڳي کيس سڏينديون ھيون پر ھاڻ ڪونه چونس.
ھڪ ڏينھن نويد ھن کي ڊاڪٽرياڻيءَ ڏانھن وٺي ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ ٻاھر نڪتي ته ھو اندر ويو.
”تنزيله
تون!“
ھوحيران ٿي کيس ڏسڻ لڳو.
اھائي تنزيله جيڪا انٽر تائين گڏ پڙھي ھئي. ٻئي
ھڪٻئي کي چاھيندا ھئا. چار سال اڳي ھن ماءُ کي
سندس گهر رشتي جي لاءِ موڪليو پر مائٽ ضد ڪري بيھي
رھيا، ته اسان خاندان کان ٻاھر ڌيئون نه ڏيندا
آھيون.
ڳالهين دوران خبر پيس ته تنزيله جو گهر وارو سال
اڳي ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.
”افسوس
ٿيو اھو ٻڌي. ٻار آھن ؟“
”نه“
تنزيله اداسيءَ مان چيو.
”امان
خاموش رھڻ لڳي آھي طبيعت ۾ مايوسي ۽ بيزاري وڌي
اٿس.“
”آنٽي
البرٽ ڪاميو جي ناولن جي ڪردارن جھڙيون ڳالھيون ٿي
ڪري.“ تنزيله مرڪي چيو.
”ڇا
مطلب؟“
"زندگيءَ
۾ ڪا معني نظر نه ٿي اچيس.“
”اڇا!“
”آنٽي جو مطالعو سٺو آھي.“
”پر ھاڻ ناول ڪونه پڙھي ٿي.“
”ھن
سان ويھي سندس ڳالھه ٻڌو اھو ضروري آھي.“
”امان
ماضيءَ جون ڳالھيون ڪندي آھي ۽ مان اٿي ويندو
آھيان.“
”اھوئي
ته الميو آھي ته پٽ ، مائرن سان گهڻي دير نه ويھي
سگهندا آھن. مائرون رڳو کاڌي پيتي يا ٻين ضرورتن
جي پورائيءَ جو ذريعو نه آھن پر اھي اسان جون
ھڏڏوکي ۽ دوست به آھن، کين اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.“
تنزيله کيس تاڪيد ڪئي.
”مان
ڪوشش ڪندس.“ نويد چيو.
”ھن
عمر ۾ عورتون اڪثر ذھني طور تي ويڳاڻيون ٿي
پونديون آھن. سندس علاج ھارمونونل ريپليسمينٽ
ٿراپي آھي. ھي ڪورس مڪمل ٿيڻ بعد مزاج ۾ بھتري
ايندس. ھونئن شگر جون دوائون به احساس کي سن
ڪنديون آھن.“
گهر موٽيا ته نويد جي زندگيءَ ۾ اميد جاڳي پئي.
تنزيله ۽ ھو ٻيھر فون تي ڳالهائڻ لڳا. تنزيله جي
رضامندي معلوم ڪري ھن ماءُ کي چيو:
”امان
مان تنزيله سان شادي ڪرڻ ٿو چاھيان.“
زائره اھو ٻڌي خاموش ٿي وئي، پر نويد کيس سڄي
حقيقت کان آگاھه ڪندي زور ڀريو ته ھوءَ جلد تنزيله
جي گھر ويندي. ٻي صورت ۾ ھو ڪڏھن به شادي نه ڪندو.
پٽن سان ضد ڪرڻ اجايو آھي. پٽ جوان ٿيندي ئي مائرن
جي اثر کان ٻاھر نڪري ويندا آھن.“ سو نه چاھيندي
به مرڪي پئي.
نويد ڊگهي عرصي کان پوءِ ماءُ کي مرڪندي ڏٺو ھو.
”مان
جلد تنزيله جي گهر ويندس، تون فڪر نه ڪر پٽ، جيئن
چوندي تيئن ڪنديس.“ ھڪ ڊگهو ساھه اندران نڪتو ۽ بي
وسيءَ جي فضائن ۾ وڃائجي ويو.
جلد ئي لاڏي ڪوڏي ننھن وٺي آئي پر زندگي ساڳي رھي
ھن لاءِ. فرزين ۽ سلمان ٻاھران آيا.مٽ مائٽ گڏ
ٿيا. گهر ۾ رونقون ٻيھر جاڳي پيون. ھڪ ڏينھن ٻار
واپس ھليا ويا ۽ گهر ۾ ساڳي اڪيلائي موٽي آئي.
ساڳي اڪيلائي جنھن جي ميخ من ۾ کتل ھئي ۽ اندران
زخمي ڪندي رھندي ھئي.
نويد ۽ تنزيله ھني مون لاءِ نڪري ويا. واپس آيا ته
ڪنوار اسپتال مان ايندي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ ھلي ويندي
ھئي. شام جو نويد سان ڪڏھن مائٽن ۾ ته ڪڏھن ڊنر
ڪرڻ لاءِ نڪري ويندي ھئي. موڪل وارن ڏينھن ۾ گڏبا
ھئا. البت ھن جو ڪم وڌيو ۽ مصروف رھڻ لڳي. گهر مان
ظاھري طور تي تنھائيءَ جو راڪاس رخصت ٿي ويو. ڪڏھن
ٽھڪ گونجندا ھئا ته ھن جي خاموشين جو اثر وکري
ويندو ھو. ڪنوار جي فرمائش تي باورچي رکيائون.جھڙي
زندگي اڳي ھئي سا ھاڻي به ساڳي آھي.
ان وقت زائره خوف ۾ ويڙهجي وئي، جڏھن خبر پيس ته
سندس سوٽ اڪيلائي ۾ گذاري ويو. پاڙي وارن کي ٽن
ڏينھن کانپوءِ خبر پئي!
ھاڻ ننڊ مان اڪثر ڇرڪ ڀري جاڳي پوي ٿي. ننڊ جاڳ جي
ڪيفيتن ۾ رات گذري ويندي آھي، يا پاسا ورائيندي
رھندي آھي.
”يا
رب پنھنجن جي ھٿن ۾ سرھو ڪجانءِ ائين اڪيلاين ۾ نه
مارجانءِ.“ سڀني کان پري ٿي وئي آھي. ڀينرون، ڀائر
پنھنجي دنيائن ۾ مگن آھن. مڙس جي تصوير جي آڏو اچي
بيٺي.
”مان
نه ٿي چاھيان ته ڪمزور ۽ ڊنل نظر اچان. مان ٻارن
جي طاقت بڻجڻ گهران ٿي پر الائي ڇو ڪوشش جي باوجود
به خوف جي حدن کان ٻاھر نڪري نه ٿي سگهان. ڊاڪٽر
چون ٿا ته مون کي ڪا بيماري نه آھي، پر ان عمر ۾
عورتون ذھني ويڳاڻائپ جو شڪار ٿي وينديون آھن، ان
وقت گهر جو ڪو به ڀاتي سندن ڪيفيت نه سمجهندو آھي.
ھو کين بوجهه سمجهندي مٿن کلندا آھن. انھن مٿان
وھمي، شڪي ۽ ذھني طور بيمار ھئڻ جو ٺپو لڳايو
ويندو آھي. خالد! اڄ مان پاڻ کي ان ڌرتيءَ وانگر
محسوس ڪيان پئي، جنھن جو فصل لڻي باھه لڳائي ڇڏبي
آھي. پراھا زمين ٻيھر سائي ٿي سگهندي آھي، پر مون
کان ساوڪ رسي وئي آھي. فريم ۾ بند مرڪندڙ تصوير
مان آٿت مليس.
ان عمر ۾ موت، بيماري ۽ محتاجيءَ جو خوف ٿو اچي
ورائي. دوائن مان ڪو خاص فائدو نه ٿيس. ھي ڇو ٿا
چاھين ته مان مرڪان، کلان يا خوش ٿيان. منھنجي
خاموشي ۽ اداسين کي ڇو قبول نه پيا ڪن؟ اڳي مون وٽ
وقت نه ھو. گهر۽ ٻارن ۾ مصروف ھيس. مٽن مائٽن جون
خدمتون ڪندي ھيس. سس ۽ سھري کي سنڀاليم. خوش رھڻ
چاھيم پئي پر وقت نه ھو پاڻ لاءِ پر ھاڻ جڏھن مان
پنھنجي ذات ۾ واپس موٽي آھيان . پر ان ساڳي روپ ۾
نه جيڪا ھيس. وقت مون کان ذات جا خالص رنگ کسي
ڇڏيا آھن.
ھاڻ ھي ڇو ٿا چاھين ته مان اھا ساڳي زائره ٿي
وڃان!
ڇا ويل وقت واپس وري سگهي ٿو؟
خبر پيس ته ادا وڏو بيمار آھي ته ھن وٽ ھلي
آئي.صبح جو اک کلندي ئي بيزاري ۽ بي مقصد ھئڻ جو
احساس ٿيس. جهرڪين جون ٻوليون به ھن جي بي ستي
وجود ۾ احساس جون لھرون پيدا نه ڪري سگهيون.سج جا
روشن ڪرڻا دريءَ جي ريشمي پردي مان ڇڻي ديوار تي
روشن دائرن ۾ رقص ڪرڻ لڳا. اڳي ديوار تي سج جي
ڪرڻن جو رقص يا وڻن جا پاڇا وڻندا ھئس، پر ھاڻ
سمورا منظر ساڳيا لڳنس ٿا.
ٻاھر نڪتي ته نويد دروازي جي اندر داخل ٿيو. ھو
تنزيله کي اسپتال ڇڌي واپس موٽيو ھو.
”امي،
ماما وڏي جي طبيعت خراب آھي ڏسي اچوس.“
”ٺيڪ
آھي.“
ڀاءُ جو گهر ويجهو ئي ھو. وڏو شاندار گهر اڪيلو
لڳس.درين تي مخمل جا پردا، مھانگو فرنيچر، ديوارن
تي لڳل قيمتي تصويرون. ھلڪي ناسي رنگ ۾ ويڙھيل
ڪمرو ليمپ جي روشنيءَ ۾ ڪنھن شاندار محل جو حصو
لڳي رھيو ھو. ڪا ڪمي ھئي ته انساني آوازن، مرڪن،
ٽھڪن ۽ پنھنجائپ جي. پر ھتي فقط نوڪر گهمي رھيا
ھيا. سڀ ٻار ٻاھر ملڪن ۾ ھئا. ڀاڄائي به سال کن
اڳي گذاري وئي. ھاڻ ادا شفيق اڪيلو ٿي پيو آھي.
اڪيلائي ماڻھوءَ کي بيمار ڪريو ڇڏي.
مان ان ڪري بيمار نه ٿي آھيان، جو نويد مون سان گڏ
آھي. نويد کانپوءِ منھنجو به اھو حال ٿيندو. ادا
ننڊ مان جاڳي ويو ھو ۽ ھوريان ھوريان لٺ ٽيڪيندو
ڊرائينگ روم ۾ آيو. ھوءَ اٿي بيٺي
.
”ڪيئن
آھين زائره؟“
”ٺيڪ
آھيان ادا.“ ڪوڙ ڳالھائيندي لھجو ڏڪيس.
ڀاءُ مٿي تي ھٿ رکيو، پر الائي ڇو ھن جي دل ۾ پيار
۽ پنھجائپ جو ڪو احساس نه جاڳيو.
ڪلھه اسپتال کان موٽيو آھيان. ٿوري دير لاءِ بيھوش
ٿي ويو ھئس. فضل ڊرائيور اسپتال کڻي ويو. پر شڪر
آھي جو رپورٽون ٺيڪ آيون آھن. پوءِ الائي ڇا ٿيو
اوچتو.“
ائين چئي خاموش ٿي ويو. ڀاءُ کي اَٺ ٻار ھئا اڄ
گهر ۾ ڪو آواز يا چرپر ڪونھي. انسان سڄي جدوجھد
اڪيلي رھڻ ۽ مرڻ لاءِ ڪري ٿو. ڪاش ھوءَ دل جون
ڳالھيون ادا سان ڪري سگهي ھا!
پر ھو بيمار ۽ اڪيلو ھو اڃان وڌيڪ ڪھڙو دل تي بار
وجهانس...!
ٻه ڌيئون اسلام آباد پرڻجي ويون . چار پٽ ۽ ٻه
ڌيئر ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ ھيس. ڪيڏو شاندار گهر آھي.
سڄي زندگي ڪيڏي جدوجھد ڪيائين. قيمتي گهر
ٺھرايائين پر ڪڏھن به زال ۽ ٻارن کي وقت نه
ڏنائين. والدين جو ڏنل وقت ٻار، ڌيان جي صورت
موٽائي ڏيندا آھن. پر بي توجھي ۽ آسائشن جا ھيراڪ
فقط مادي شين لاءِ سوچيندا آھن.
ڪو ھڪ پٽ ته پاڻ سان گڏ رھائي ھا!
اڪيلائي وڏي بيماري آھي پر چئي نه سگهي.
خاموشيءَ سان سوچيندي رھي. لفظ ذھن جي اونداھين ۾
کڙ کٻيتن جيان ٻرندا ۽ اجهامندا رھيا.
”الله
اوھان کي وڏي ڄمار ڏيندو.“ بس ايتروئي چيائين.
”بس
ڀيڻ اھا دعا ڪر ته رب ھلنديءَ ھلائي.“ ھو به
بيماريءَ جي خوف ۾ مبتلا ھو.چھري تي اڻ تڻ ھيس،
جيڪا اڪثر عمر جي ان حصي ۾ ساھن ۾ ھرڻ لڳي ٿي.
پوءِ ٻارن جون ڳالهيون ڪندو رھيو. روز وڊيو ڪال
ڪندا آھن. نوڪرن کي فون ڪري ھدايتون ڏيندا آھن.
بار بار پڇندا آھن ته بابا کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت
ته نه آھي؟ ڪو ٻاھران اچي وڃي ته قيمتي شيون پيا
موڪليندا آھن. وڊيو ڪال تي لڳندو آھي ته پري نه
آھيون. ڄڻ ھڪ ئي ڪمري ۾ ويٺا آھيون.
ڪيڏو خيال رکن ٿا منھنجو
!
ڀاءُ جي چھري تي سرھائي وکريل ھئي. زائره ڪجهه به
نه چيو ته ادا اسان کي ڇو نه ٻڌايو بيماري جو!
نويد اچي ھا اسپتال، مان اچان ھا! اسان ويجهو ئي
رھون ٿا. پر خاموشي ڇانيل رھي.
شايد لفظن کي به فالج ٿي ويو آھي احساس وانگر!
نئون ڪتاب
سليم چنا

درياهه وهندو هو
پاڻي آيو، اوچتو اوچتو ائين ڄڻ ڪنھن پاڻ ٻڏڻ کان
بچڻ لاءِ پنھنجي ٻڌل بند کي ڪٽ هنيو هجي.
”اڇا! اِهو وري ڪيئن؟“ ننڍي اڇي ٻگهه حيران ٿي،
وڏي ٻگهه کان پڇيو.
وڏي ٻگهه چيو، ”پٽ ڇڏ اِن ڳالھه کي تون وڃي ٻگهن
سان گڏ لھرن سان راند کيڏ ۽ ننڍيون مڇيون کائي ڍؤ
ڪر. هي پاڻي لھي ويو ته وري واري ئي واري هوندي.“
تيسين وڏين مڇين ڇپڪا ڏئي رخ پي مٽايا ۽ پاڻ ۾
چيائون، هو ڏسو! ٻيڙين وارا مھاڻا ڄار اُڇلائيندا
اسان ڏي پيا اچن.
ٻي مڇيءَ چيو، ”اِها ته مھاڻن جي صدين کان اَباڻي
ڪِرت آهي.“
”پر ٻڌو ته“، هڪ ٽين مڇيءَ چيو، ”ڪجهه ڏينھن
درياهه جي لھرن سان رانديون کيڏيون، ڇولين سان گڏ
ڇُلون، ڪي آنا لاهيون، ٻچا ڏسون، ڪو پنھنجو نسل
ڇڏيون.“
چوٿين وڏي مڇيءَ چيو، ”درياهه ويچارو مسافر آهي،
ڪھڙي هاڻي ميار ڏيون، ڄڻ ته تِکي تيز ريل گاڏي آئي
گهڙي کن پليٽ فارم تي بيٺي، ڪو تڪڙو چڙهيو ته
واهه، نه ته سيٽي وڳي ۽ ريل ڇُٽي. ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ...
وئي اکين کان دور ٿي.“
”يعني درياهه به هاڻي ائين ئي آهي، منھنجون دريائي
راڻيون.“ هڪ پوڙهي ڪُمي ڪنڌ ڪڍي چوڻ لڳي، ”مٿي
ويٺل ماڻھو پاڻ ٻڏندا آهن ته پاڻيءَ کي کاٽ هڻندا
آهن، گهارا هڻندا آهن، ڪينالن ۽ بيراجن جا دَرَ
کوليندا آهن، هنن کي پڇڙيءَ وارا، لاهائيندي وارا
ماڻھن به دريائي مخلوق لڳندا آهن، جن جي اُڃ ۽
جيوت کي هو اهم نه سمجهندا آهن، جيئن گذريل ڏيڍ
صدي کان، بئراج، ڪينال ۽ ڊيم ٺاهيا اٿن، ۽ اڃا به
پيا ٺاهين. ٻلھڻن، لُڌڙن، پَلن، مڇين جا نسل مسلسل
تباهه پيا ڪن.“
”جَر جو پاڻي کُٽندو وڃي“، هڪ وڏي مڇي، ڪُميءَ سان
مخاطب ٿيندي چيو. ”تون سچ ٿي چوين، پر هو ڏسو
مھاڻن ٻيڙيون ٻئي پاسي ڪري ورتيون آهن. او اڳيان
گهري پاڻي ڏانھن.
”پر تمر جا وڻ سُڪندا پيا وڃن.“ پري بيٺل هڪ ٻگهه
وڏي واڪي چيو.
ٻئي ٻگهه وراڻيو، ”پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ته
سمنڊ مٿي چڙهندو ايندو پوءِ آهستي آهستي ڳوٺ گم ٿي
ويندا. رڳو کارو، ٻاڙو پاڻي هوندو ۽ اڳتي هلي
درياهي جيوت جا پنڊپھڻ ٿيل هڏا ملندا. درياهه سڪو
پيو هوندو، واريءَ جا واءَ پيا لڳندا، هتي جا
مھاڻا ۽ ماڻھو ڪٿي هوندا. ٻاهرين ملڪن جا درياهي
ماهر ايندا ۽ لکندا، افسوس هِتي به ڪو ڇوليون
ڇلندڙ درياهه گجگوڙون ڪندو وهندو هو.“
عزيز ڪنگراڻي

ٻُڪ مان ڪِريل دعا
وئي هئي. سندس ڇُھاءُ ياد پيا ته دل ۾ سندس ياد
گھنگھرو ٻڌي نچڻ لڳي ۽ دل رت سان رڱجي وئي هئي.
ذهن جي صحرا ۾ زخمي احساس تڙپڻ لڳا. منھنجي روح ۾
اداسيءَ جي رات ڇانئجي وئي. رڳن ۾ رت سان گڏ سور
جي دکندڙ باھ ڊوڙي وگهري وجود
۾ پکڙجي وئي. منھنجو وجود ان باھه ۾ پڄرڻ لڳو هو.
سندس گهر ڳوٺ جي ٻي گهٽيءَ ۾ هو. هوءَ به ڳوٺ جي
ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. عمر ۾ شايد
ٽيھن ورهين جو فرق هجي، پر نه دل ۽ نه ئي محبت عمر
جو حساب رکندي آهي.
هوءَ جڏهن به مون سان ملي هئي ته منھنجي دل جي باغ
۾ بھار اچي ويندو هو. هُوءَ منھنجا ۽ مان هُن جا
احساس پڙهي وٺندو هئس. رٽائرمينٽ کانپوءِ مون ڪڏهن
به ساڻس ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. دل چاهيندي هئي،
پر دل تي پٿر رکي ڇڏيندو هئس. مون نه پنھنجي ۽ نه
هن جي بدنامي چاهي پئي. گهٽين مان ويجهي گذرندي
هئي، ڄڻ مان گلابن جي باغ مان لنگهي رهيو هجان.
ساهن ۾ خوشبوءِ پکڙجي ويندي هئي. اندر جي ڪائنات
مهڪي پوندي هئي. ڪيترن ڏينھن تائين اها خوشبوءِ
حواسن تي ڇانيل رهندي هئي. هاڻ ساڻس ملڻ جو تصور
به نه ڪري سگهندو هئس. ملڻ ڏکيو به هو. نه ڄاڻ
ڪيئن ۽ ڇو دل ۾ ويھي رهي؟ سندس چهرو هميشه ذهن جي
اسڪرين تان گذرندو هو ته لُڇي پوندو هئس. هاڻ نقاب
۾ ڪيئن ڏسي سگهجي؟ ٿي سگهي ٿو ته کيس ڄاڻ ئي نه
هجي، ته ڪو کيس شدت سان چاهي ٿو، ۽ ويجهو هجڻ جي
باوجود ڄڻ ڪوهين ڏُور آهي.
سج لھڻ وارو هو. مان نااميديءَ جي گهري سمنڊ ۾ ٻڏي
اتي بيٺو هئس. ساڻس ملڻ جي خواهش لاءِ منھنجا هٿ
دعا لاءِ مٿي کڄي ويا هئا ته بس هڪ ڀيرو هوءَ نقاب
لاهي گليءَ مان گذري ۽ مان ڀرپور طريقي سان اک ڀري
کيس ڏسان، پر اهو نه ٿيو ۽ نه ٿي سگهي پيو. ان
ڏينھن به ائين لڳو، ڄڻ منھنجي ٻُڪ مان دعا ڪِرِي
پئي هجي ۽ ٻُڪ مان ڪِريل دعا جي الميي تي سوچيندي
اکين ۾ لُڙڪن جي ٻوڏ اچي وئي هئي ۽ پوءِ مان آلين
اکين سان پير گهِليندو گهر طرف هلڻ لڳو هئس.
گُل ڪونڌر

اَڇو اُجرو پَنو
ادب سان دلچسپي ۽ هڪ لِکاري هئڻ ڪري، هُنَ وٽ
ڪتابن جِي وڏي اهميت هُئِي، لفظن کي پڙهڻ ۽ نئين
ترتيب ۾ جوڙڻ وارِي راند، حفيظ جِي اهم وِندُرَ
هُئي. ڪتابَ، اخبارون ۽ ڊائريءَ ۾ قيد ڪيل يادون،
هُن جي زندگيءَ جو وڏو اثاثو هُيون، انھن تي سندس
حياتيءَ جو وِچُور پکڙيل هو، ڪا به شيءِ هُنَ کان
لڪل نه هئي.
پر هاڻي محسوس ڪرڻ لڳو ته سندس نظر گھٽجي رَهِي
آهي، لَفظَ، جيڪي ڪڏهن ساڻس ڳالهيون ڪندا هئا، گھٽ
روشنيءَ ۾ به ڌُنڌلا نه ٿيندا هئا، اڄ کيس روشنيءَ
۾ به چِٽا نظر نه ٿَي آيا. حفيظ کي ننڍن اکرن
وارِي اخبار پڙهڻ ۾ ته، ڪجهه وقت اڳ کان ئي
ڏُکيائِي محسوس ٿيندي هُئِي، پر اڄ تيرهن پوائنٽ
سائيز جَي اکرن وارَي ڪتاب کي پڙهندي به، کيس
اَکِيُن تي زور ڏيڻو پئجي رهيو هو. ان صورتحال ۾
به هُنَ، ڪجهه ورق ته پڙهيا، پر اکين تي بارُ ۽
مَٿي کي ڳرو محسوس ڪَندَي، ڪتاب کي بند ڪيائين،
ٿوري دير لاءِ چپ ڪري ويھي رهيو، کيس خيالن
گَھيرَي ورتو ته اکين تي هٿ ڦيريندي، پاڻ کان
پڇيائين؛ ”ڇا واقعي... مان نظر وڃائي رهيو آهيان؟“
ڪجهه ڏينھن هُو سوچُن ۾ هو؛ ”نظر گھٽجي رَهِي آهي
يا گھڻي ڪم ڪار ۽ وڌيڪ پڙهڻ ڪري دماغ ٿَڪجِي پيو
آهي.“ ائين هُو پاڻ کي سمجهائڻ جِي ڪوشش ڪندو
رهيو، پر جڏهن نَظرَ گھٽجڻ جِي پَڪ ٿيس، ته پوءِ
دوستن ۽ خاص ڪري گھرواريءَ جَي اسرار تي ڊاڪٽر
ڏانھن ويو.
ڊاڪٽر کائنس پڇيو؛ ”اوهان جِي عمر ڇا آهي.“
حفيظ وراڻيس؛ ”ڊاڪٽر صاحب، ٻائيتاليھه سال.“
”چاليھن سالن کان پوءِ اڌ نمبر جِي عينڪ ته لڳڻي
آهي.“
”ڊاڪٽر صاحب ڇا اهو سڀن لاءِ لازم آهي؟“
”حفيظ صاحب اهو لازمي ته ناهي، پر نَوي سيڪڙو
ماڻھن سان ائين ٿئي ٿو.“
حفيظ جَي دل ۽ دماغ تي اها ڳالھه هَٿوڙَي جيان
لَڳِي، ڇو ته هُو عينڪ کي پسند نه ڪندو هو ۽ کيس
چشمو لڳائيندڙ ماڻھو سٺا نه لڳندا هئا، ان ڪري
ڊاڪٽر صاحب کان تجسس مان پڇيائين؛ ”ان جو مطلب ته
مون لاءِ عينڪ ضروري آهي؟“
”بلڪل ضروري ته ناهي، پر ان سان اوهان کي پڙهڻ ۾
آساني ٿيندي.“
”ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ، چشمو لڳائڻ
کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگھجي، اوهان ڀلي نمبر
تجويز ڪريو، ته آئون ان مطابق عينڪ ٺھرايان.“
ڊاڪٽر صاحب جَي تجويز ڪيل نمبر مطابق، حفيظ آپٽيڪل
اسٽور تان، هلڪي وزن وارَي فريم سان، باءِ فوڪل
گلاسز وارو چشمو تيار ڪرايو. عينڪ ملڻ سان آپٽيڪل
اسٽور تي ئي، ٽيسٽنگ پيپر کي پڙهڻ سان بيحد آساني
محسوس ڪيائين، ائين چشمو ساڻ ڪري گھر ڏانھن ويو ۽
زندگيءَ جي معمول وارن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. عينڪ
لڳائڻ جَي نتيجي ۾ هُن کي ڪتاب، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل
جي اسڪرينز تي، هر شيءِ اَڳُ جيان ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي،
پر پوءِ به سندس دل ۽ دماغ کي، چشمي جِي قبوليت ۾
ڪجهه ڏينھن ضرور لڳي ويا، پر هاڻ هُنَ جا ليکڪ هجڻ
وارا احساسَ، نوان نِڪورَ ٿِي پيا ۽ سندس ڪتابن
سان ڪمزور ٿِيَل تعلق، ٻيھر مظبوط ٿِي ويو.
ائين ٻائيتاليھه سالن جِي عمر ۾ اڌ نمبر يعني
(پوائنٽ فائيو) جَي چشمي سان شروعات ٿِي ۽ پوءِ هر
چوٿين پنجين سالِ، عينڪ جَي نظر وارو نمبر اڌ کان
پوءِ هِڪُ، هِڪَ کان پوءِ ڏَيڍُ ۽ پوءِ ويھن سالن
تائين وَڌَندَي ٻن تائين پھچي ويو. انھن ويھن
وَرهَينِ جَي دوران هُو، ادب جِي دنيا ۾ وڌيڪ
متحرڪ ٿِي ويو. مَقالا، نَظمَ، ڪھاڻيون ۽ سندس
ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت، حفيظ جِي زندگيءَ ۾ خُوب کان
خُوب تر رَنگ ڀَريندي رَهِي.
حفيظ جِي حياتيءَ جو سفر جڏهن ايڪھٺ سالن وارَي
ڏاڪَي تي پھتو، ته محسوس ڪيائين، کيس پَرَي جا
منظر ڌُنڌلا نظر اچڻ لڳا آهن، روڊ تي هلندڙ گاڏين
جَي نمبر پليٽن جا اَنگَ، ٽي.ويءَ تي ايندڙ شڪليون
۽ اُتي لکجي ايندڙ اکرَ، پڙهڻ ۾ تڪليف ڏيئي رهيا
آهن. سمجھي ورتائين ته سندس پري وارِي نظر ڪمزور
ٿِي رَهِي آهي، هاڻي هُن لاءِ اکين جِي نظر وارو
معاملو، ڪو نئون مسئلو هجڻ وارِي ڳالهه نه هُئي،
هُو وَيجِھي نظر وارَي چشمي لڳڻ کان پوءِ وارن
ويهن سالن ۾، ڪيترا ئي دفعا اکين واري ڊاڪٽر ڏانھن
وَڃِي، چيڪ اپ ڪرائي چُڪو هو، ان ڪري پَرَي وارِي
نظر جو مسئلو محسوس ڪرڻ سان ئِي هُو، بنا ڪنھن
وڌيڪ پريشانيءَ جَي ڊاڪٽر وٽ ويو، اُنَ سان نظر
بابت حال احوال ڪيائين.
”ڊاڪٽر صاحب آءٌ سمجھان ٿو ته منھنجِي، پَرَي
وارِي نظر ڪافي گھٽ ٿِي وئِي آهي، ڪجهه وقت اڳ
تائين ڀائيندو هُئسِ، ته شايد وڌيڪ وقت ٽيليويزن،
ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جي اسڪرين کي ڏسڻَ ڪري، لفظ ۽
مَنظرَ ڌُنڌلا محسوس ٿِي رهيا آهن، پر هاڻي پَڪَ
ٿِي وئِي اَٿَم، ته نظر گھٽ هئڻ سبب ائين لڳي رهيو
آهي.“
”حفيظ صاحب ان جو مطلب ته اوهان جو اسڪرين ٽائيم
وڌيڪ آهي، جيڪڏهن ائين آهي يعني ته، اوهان پنجن
ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت، هن عمر ۾ به فيس بوڪ، ڊرامن،
انسٽاگرام ۽ وي لاگس وغيره کي ڏيو ٿا، ته آءٌ
توهان کي اهو ضرور چوندس، ته اسڪرين ٽائيم کي گھٽ
ڪريو. باقي نظر جو مسئلو ته ويجھي وارِي دِيدَ
جِيان، پري واريءَ سان به ساڳيو عمر جو ئي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب، حفيظ سان ڳالھائيندو به رهيو ۽ ان جو
مختلف اوزارن، خاص ٽارچ ۽ نظر جِي چَڪاسَ لاءِ
استعمال ٿيندڙَ، خالي فريم ۾ مختلف نمبرن جا شيشا
وِجهندَي، سندس نظر کي چيڪ ڪندو رهيو. حفيظ سامهون
لڳل سِنَيلِيَنِ چارٽَ تي، انگريزي ليٽرس کي ڊاڪٽر
جي هدايتن مطابق پڙهندو رهيو. هُنَ جَي اکرن کي
پڙهڻ جو نتيجو 18/6 وارَي ويزن کان به گھٽ آيو، ته
ڊاڪٽر صاحب حفيظ کي ٻڌايو؛ ”اوهان جي اکين ۾ ويھه
سيڪڙو سفيد موتيو آهي، هن حالت ۾ توهان پري واري
عينڪ جو استعمال ڪري سگھو ٿا، پر جيئن ته موتيو
عمر سان گڏ وڌندو آهي ۽ نظر گھٽبي آهي، ان ڪري
اوهان پري واري نظر لاءِ چشمو استعمال ڪرڻ بجاءِ،
باءِ فوڪل مصنوعي لينس لڳرايو، ان سان پري وارِي
نظر ته درست ٿي ويندي، پر توهان کي ويجھي وارِي
نظر لاءِ به عينڪ لڳائڻي نه پوندي.“
ڊاڪٽر صاحب تي اعتماد هئڻ ڪري، حفيظ جلد ئي سندس
ڏنل تجويز کي قبول ڪري ورتو، هُن ڊاڪٽر کان اِنَ
سڄي پروسيس تي ايندڙ خرچ، وقت ۽ سڄي ترتيب تي
ڳالھايو ۽ مختلف رپورٽون ڪرائڻ کان پوءِ، پھريان
ساڄِي اک ۽ ڪجهه هفتن کان پوءِ کاٻيءَ اک ۾،
آپريشن ذريعي مصنوعي باءِ فوڪل لينس وجھرائي ڇڏيو.
ان کان پوءِ هُنَ کي سڄي دنيا بدليل لڳڻ لَڳِي،
کيس وَڻَ ٽَڻَ چھچ ساوا، گُلَ ڦُلَ رنگين، گھرن،
ڪمرن جا رنگ چِٽا ۽ آسمانُ ننڍائيءَ جِيان نِيرَو
ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. هُن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ
ته سندس اکين اڳيان آيل، ڪنهن پردي کي هٽايو ويو
هُجي. نظر درست ٿيڻ کان پوءِ پنھنجو ڪھاڻي ڪتاب
کوليائين، ته اَڳُ مَيرَو نظر ايندڙ پَنو، هاڻ کيس
اُجرو ۽ موتيءَ جيان چمڪندڙ لَڳو ۽ پوءِ... پَنَنِ
تي هٿ ڦيريندي چيائين؛ ”ها..، پَنو هاڻ ٿي پيو
آهي... اَڇَو، اُجرَو ۽ صاف شَفاف.“ |