سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:13 

اسٽيفن لي ڪاڪ         (عالمي ادب)

سنڌيڪار: مبين چنا

 

 

 

مڪان مالڪ جو قتل

 

سٽيفن ليڪاڪ (Stephen Leacock) 30 ڊسمبر 1869ع تي انگلينڊ جي ڳوٺ سوانمور ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان 1876ع ۾ ڪينيڊا لڏي آيو ۽ اونٽاريو جي سٽن علائقي ۾ هڪ فارمز تي آباد ٿيو. ليڪاڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ علمِ معيشت   ۾ اعليٰ قابليت حاصل ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين ميگ گل يونيورسٽي ۾ سياسي معيشت جو پروفيسر رهيو. هن پنھنجي علمي ڪيريئر سان گڏوگڏ لکڻ کي به جاري رکيو.

ادب ۾ ليڪاڪ خاص طور تي مزاحيه نثر نگاريءَ سبب مشھور ٿيو. کيس اڪثر ڪري ڪينيڊا  جو مارڪ ٽوئين سڏيو ويندو آهي. سندس شھرت 1890ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ پوءِ هو لڳاتار ادبي ۽ علمي ڪتاب شايع هيون، جن جي هن ايترا سال حفاظت ڪئي هئي، ۽ ھاڻي لڙھي ويون! کيس خبر نه هئي ڇو، پر ڪنھن نه ڪنھن طرح هن کي ٿورو سڪون محسوس ٿيو. پاڻ کي پاڻيءَ جي حوالي ڪرڻ وارا سندس سڀ خيال ختم ٿي ويا. هن واپس پنھنجو ڪوٽ پائڻ شروع ڪيو، ۽ وات ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ شروع ڪيائين. ”ھوءَ ڀلا منھنجو انتظار ڇو ڪري ها؟ ڀلا انھن سڀني تبديلين کي منھنجي واپسيءَ جو انتظار ڇو ڪرڻ گهرجي ها؟

 ڪندو رهيو. سندس ادبي ڪم ۾ 40 کان وڌيڪ ڪتاب شامل آهن، جن ۾ مزاحيه تحريرون، سماجي طنز ۽ علمي مقالا موجود آهن. سندس نمايان ڪتابن ۾ Sunshine Sketches of a Little Town (1912) ۽ Arcadian Adventures with the Idle Rich (1914) شامل آهن. انھن ۾ ننڍن شھرن جي زندگي، سماجي رويا ۽ انساني ڪمزورين کي مزاح ۽ نفاست سان پيش ڪيو ويو آهي. ليڪاڪ جي تحريرن ۾ مزاح سان گڏ انساني فطرت تي گهري نظر ملي ٿي. هو هڪ استاد، محقق، ۽ مقرر طور به عزت ماڻيائين. 1944ع ۾ سندس وفات ٿي، پر اڄ به ڪينيڊين ادب ۾ سندس نالو هميشه ياد رکيو ويندو آهي.

هيءُ قصو هاڻ عام ٿي چڪو آهي ته مون پنھنجي مالڪ مڪان جو قتل ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ڪجهه ضروري وضاحتون قارئِين جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. مون کي ھر پاسي کان اھا پڪ ڏياري وئي ھئي ته ان سلسلي ۾ مون کي ڪنھن وضاحت جي ڪا ضرورت ناھي. پر منھنجي احساسن ۾ ھڪ عجيب تبديلي پيدا ٿي، جنھن مون کي پوليس اسٽيشن وڃي پاڻ کي ٿاڻيدار آڏو پيش ڪرڻ ۽ جيڪو ڪجهه مون ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ”ڪنهن به وضاحت جي قطعي طور ڪا ضرورت ناهي. تون پنھنجي مالڪ مڪان جو قتل ڪيو، سٺو ڪيو.“

ٿاڻيدار چيو، ”توھان هاڻ ڀلي وڃو.“

مون ٿاڻيدار کان پڇيو.

”ڇا اها قانون جو تقاضا ناھي ته مون کان وضاحت ورتي وڃي؟“

هن زور سان ڪنڌ لوڏيو ۽ الٽو مون کان جواب طلب ڪرڻ لڳو:

”ان جي ضرورت ئي ڪھڙي آهي؟“

مون ٿاڻيدار کي ٻڌايو:

”مون کان جيڪا حرڪت سرزد ٿي آھي، ان باري ۾ ڪيترائي ماڻھو مون بابت غلط رايا قائم ڪري رهيا آهن. عزيز، مٽ مائٽ ۽ دوست ته ھڪ طرف رھيا پر اجنبي ماڻھو به مون کي هن ڪم تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن. انھيءَ ڳالھه منھنجي دل ۾ کٽڪو پيدا ڪيو آهي ته ماڻھو اصل واقعي کان مڪمل طور آگاهه ناهن. تنھنڪري پنھنجي پوزيشن واضح ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي.“

”تمام سٺو!“ ٿاڻيدار چيو: ”جيڪڏھن تون ائين سمجھين ٿو ته پوءِ قانوني ضابطي جي مطابق ھڪ فارم جي صرف خانه پوري ڪري ڇڏ.“

هو پنھنجو جملو پورو ڪري سامهون رکيل ڪاغذن جي ڍير ۾ فارم ڳولھڻ لڳو. سندس هٿ حرڪت ۾ ايندي اوچتو ئي اوچتو ماٺ ٿي ويا ۽ هن پڇيو:

”تو ڇا چيو هو!؟ پنھنجي مالڪ مڪان کي قتل ڪري چڪو آھين يا قتل ڪرڻ وارو آهين؟“

”مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان“، مون جواب ڏنو:

”تمام سٺو!“ ٿاڻيدار وراڻيو: ”ان لاءِ اسان وٽ هڪ الڳ عُمدو فارم موجود آهي.“

هن منھنجي اڳيان هڪ ڊگهو فارم رکيو، جنھن ۾ ڪيترائي خانا ٺھيل هئا. نالو، عمر، پيشو، سبب جيڪڏهن ڪو هو، وغيره وغيره...

”سببن واري خاني ۾ ڇا لکڻ گهرجي؟“ مون پڇيو.

”منھنجي خيال ۾...“ ٿاڻيدار وراڻيو، ”يا ته ايترو لکي ڇڏ ته ڪا به خاص وجهه نه هئي، يا وري ڪو عام رواجي سبب لکي ڇڏ.“

ان کان پوءِ ٿاڻيدار ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيو ۽ خوش دليءَ سان مون کي ٿاڻي مان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ۽ اها اميد به ظاهر ڪئي ته مان مالڪ مڪان جي لاش کي ائين ئي سڙڻ ۽ ڳرڻ لاءِ لاوارث نه ڇڏيندس، پر ان کي مناسب طريقي سان دفن ڪرائيندس.

ٿاڻيدار سان منھنجي ھن ملاقات ۽ گفتگو کي مان مڪمل اطمينان ۽ تسلي بخش سمجهيان ٿو، ۽ ان بابت ائين سوچڻ منھنجو حق آهي. ٿاڻيدار جو هيءُ شائسته ۽ انتھائي نرم رويو قانون جي تقاضائن کان ٻاهر هو. بھرحال مان اهو به چڱيءَ طرح سمجهان ٿو ته جيڪڏهن پوليس هر مالڪ مڪان جي قتل واري واردات تي پنھنجو فرض نڀائڻ لڳي ته نتيجا نھايت خوفناڪ ٿي سگهن ٿا. پر ٿي سگهي ٿو ته منھنجو معاملو بلڪل ئي الڳ ۽ نرالو هجي.

عام طور تي مالڪ مڪان کي ان ڪري قتل ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو يڪدم ئي ڪرائي ۾ اضافو ڪري ڇڏيندو آھي. ۽ وڏي  بي حيائيءَ سان اھو اعلان ڪندو آھي ته:

”مان اوهان جي ڪرائي ۾ هر مھيني چئين پائونڊن جو اضافو ڪري رھيو آھيان. جواب ۾ ڪرائيدار چوندو آھي، ”ٺيڪ آھي جيڪڏھن تو ڪرائي ۾ اضافو ڪيو ته مان توکي گولي ھڻي ڇڏيندس.“ بعض وقتن تي ڪرائيدار واقعي مالڪ مڪان کي گولي هڻي ڇڏيندا آهن، ۽ ڪي ته اهڙي ڌمڪي ڏيئي وساري به ڇڏيندا آهن.

منھنجو معاملو ته بلڪل مختلف آهي. ڪرائيدارن جي قومي انجمن اها تجويز پيش ڪئي آهي ته ايندڙ هفتي مون کي ان ڪارنامي تي سون جي تمغي سان نوازيو ويندو. تنھن ڪري مان سمجهان ٿو ته منھنجي لاءِ پنھنجي معاملي جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿي پئي آهي.

مون کي سڀ ڪجهه بلڪل چڱيءَ ريت ياد آهي. پنج سال اڳ مون هيءُ فليٽ ڪرائي تي ورتو هو. مالڪ هيءُ فليٽ منھنجي زال کي ڏيکاريو هو، مان به ان وقت موجود هئس. مالڪ جي روَيي ۾ ان وقت ڪا به غيرمعمولي ڳالھه نظر نه آئي ھئي. ها، هڪ ڳالھه اهڙي هئي جنھن مون کي ڪجهه ھوشيار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن گهر مالڪ وڏي معذرت واري لھجي ۾ چيو هو:

”فليٽ ۾ ٿانون رکڻ واري الماري ڪجهه ننڍڙي آهي.“

عام طور تي ڪو به مالڪ پنھنجي گهر جي ڪنھن به ڪمِي يا خامي جو ذڪر ناھي ڪندو. تنھن هوندي به سندس اهو اعتراف ڪا غيرمعمولي ڳالھه نه هئي. هن واعدو ڪيو ھو، ته هو جلد ئي اسان لاءِ ٿانون رکڻ واري هڪ وڏي کُليل الماري تيار ڪرائي ڏيندو. اسان هن جي واعدي کي صرف هڪ واعدو ئي سمجهيو ھو ۽ انھيءَ فليٽ ۾ اچي آباد ٿياسين. ٻن مھينن کانپوءِ هڪ حيرت انگيز واقعو پيش آيو. مالڪ مڪان واقعي ئي ٿانون رکڻ لاءِ هڪ نئين ۽ کليل الماري مھيا ڪري ڇڏي، ۽ ڪرائي ۾ به ڪو اضافو نه ڪيو.

”ڇا توهان هن نئين الماريءَ جي ڪري ڪرائي ۾ واڌ نه پيا ڪريو؟“ مون پڇيو هو. ”نه“ هن جواب ڏنو، ”هن الماري تي منھنجا صرف ڏهه پائونڊ خرچ ٿيا آهن.“ مگر جناب! مون چيو ھو، ”ڏهه پائونڊ تي ته بينڪ وارا سال ۾ ٻارهن پائونڊ سود ادا ڪن ٿا.“ هن منھنجي دليل کي درست مڃيو، پر پوءِ به ڪرائي ۾ واڌ تي راضي نه ٿيو. مون سندس روَيي تي غور ۽ فڪر ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو ته هو نھايت ئي چالاڪ قسم جو ماڻھو آهي، جيڪو پھريون رعايت ڏئي پوءِ ھڪدم اضافي ڪرڻ جي خواھش رکي ٿو. مون پنھنجي دل ۾ سندس لاءِ بي انتھا نفرت محسوس ڪئي، پر کيس قتل ڪرڻ جي ڪا خواهش ان وقت دل ۾ پيدا نه ٿي هئي.

وقت پنھنجي رفتار سان گذرندو رهيو. مون کي اهڙو ڪو واقعو ياد نه ٿو اچي، جنھن سبب منھنجي دل ۾ مالڪ مڪان کي قتل ڪرڻ جي ڪا آرزو پيدا ٿي هجي.

پوءِ بھار جي موسم اچي وئي. هڪ ڏينھن مالڪ مڪان اوچتو اسان وٽ آيو. هن معذرت ڪندي چيو ته هو ناماسب مداخلت ڪري رهيو آهي. پوءِ ھن پنھنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ته ڀتين تي لڳل پيپر پراڻو ۽ ميرو ٿي چڪو آهي، تنھن ڪري هو ديوارن تي نئون پيپر لڳرائڻ چاهي ٿو.

”تمام سٺو،“ مون چيو هو، ”ته پوءِ توهان ڪرائي ۾ به اضافو ڪندوء؟“

”بلڪل به نه،“ هن جواب ڏنو هو.

هن ديوارن جا پيپر مٽائي ڇڏيا، پر ڪرائي ۾ واڌ نه ڪئي ۽ منھنجي دل ۾ شڪ جا ٻج پئجي ويا. ان وقت هر ماڻھوءَ اھا شڪايت ڪندو رھندو ھو ته گهر جي ڪرائين ۾ بي انداز اضافو ٿي رهيو آهي. حڪومت به مڪان مالڪن جي مفاد ۾ قانوني طور تي ڪرائين ۾ واڌ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. ان باوجود به منھنجو مڪان مالڪ ڪرايو وڌائڻ لاءِ تيار نه ھو، جنھن سبب منھنجي ۽ ھن جي تعلقاتن ۾ ھڪ عجيب قسم جي سرد مھري پيدا ٿي وئي. مون پاڻ ساڻس ملاقات ڪري ڪرائي ۾ اضافي ڪرڻ واري تجويز پيش ڪئي، پر هن منھنجو ڪو به دليل ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مون کيس پنھنجي زال ۽ ٻارن جو واسطو ڏنو، تڏهن به ھن نه مڃيو. ”اهو توهان جو حق آهي!“ مون زور ڏيندي چيو: ”ڪالھه ئي مون اخبار ۾ ھڪ مڪان مالڪ جو خوبصورت خط پڙهيو آھي، جنھن ۾ هن لکيو هو ته هو پنھنجي زال ۽ ٻارن جي سُک ۽ سڪون لاءِ ڪرائي وڌائڻ کي پنھنجو حق ٿو سمجهي.“

”مون کي اهڙن خطن جي ڪا پرواهه ناهي،“ هن وراڻيو، ”مون ته شادي ئي نه ڪئي آهي.“

”ڇا توهان شادي شده ناهيو؟“ مان سمجهان ٿو ته اهو ئي موقعو ھو، جڏهن پھريون ڀيرو منھنجي دل ۾ هن کي قتل ڪرڻ جو خيال آيو. پوءِ نومبر جو مھينو آيو. تحريڪ عالمي امن جي اڳواڻن اپيل ڪئي ته مڪان مالڪ ڪرائين ۾ اضافو ڪري تحريڪ عالمي امن کي چندو ڏئين. عالمي امن ۽ حب الوطني جا جذبا اجاگر ڪندي، سڀني مڪان مالڪن ۽ ڪرائيدارن کي استدعا ڪئي ھئي، ته هو به هن نيڪ ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺن.

مان ان تحريڪ جي مقصدن سان همدردي رکان پيو ۽ مان هڪ محب وطن شھري به آهيان. مان ٽين جون تائين پنھنجي مڪان مالڪ جو انتظار ڪندو رهيس ته هو پاڻ ئي ڪرائيءَ ۾ اضافي لاءِ ايندو. جڏهن گهڻو انتظار ڪرڻ باوجود به هو نه آيو، ته مان پاڻ وٽس وڃڻ جو فيصلو ڪيو. منھنجي حُب الوطني جي اها ئي تقاضا هئي.

هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مان هٿياربند ٿي وٽس ويو ھئس. مون ڪنهن به تمھيد کانسواءِ سڌي ريت چئي ڇڏيو، ”حُب الوطني ۽ عالمي امن تحريڪ جي اھا ئي تقاضا آهي ته توهان ڪرائي ۾ اضافو ڪيو.“ مون چيو.

”مان ڪرائيءَ ۾ اضافو نه ڪندس. اهڙيون تحريڪون ڍونگ کان وڌيڪ ڪا حيثيت نه ٿيون رکن.“

مون کيس حُب الوطني جي معنيٰ سمجھائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ھن ڪرائي ۾ اضافي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مون ريوالور ڪڍيو ۽ گولي ھلائي ڇڏي، هڪ کان پوءِ چئين گولين سان سندس جسم کي چيري ڇڏيو. سندس زنده بچڻ مڪمن نه هو. مان کيس مرده حالت ۾ ڇڏي سڌو ٿاڻي پھتس، پر ٿاڻيدار منھنجي وضاحت ئي نه ٻڌي.

هاڻ جڏهن ڪرائيدارن جي قومي ليگ مون کي تمغي سان نوازڻ واري آهي، ته مان مناسب سمجهان ٿو ته هن معاملي جي وضاحت ڪريان، ته آخر مون پنھنجي گھر مالڪ کي ڇو قتل ڪيو.

متفرقھ

(1993ع-1919ع

 

حضرت غوث الحق مخدوم نوح رح کان وٺي شاهه ڀٽائيءَ تائين سجاده نشينن جا دور هيٺ ڄاڻائجن ٿا.

1- حضرت غوث الحق مخدوم نوح رح       911هه؛ 998هه

2- مخدوم امين محمد اول                  952هه: 1015هه

3- مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمد          980هه: 1050هه

4- مخدوم عبدالخالق                         1030هه: 1081هه

5- مخدوم محمد زمان اول                    1055هه: 1117هه

6- مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير          1099هه: 1149هه

7- مخدوم محمد زمان دوم                  1119هه: 1184هه

جيئن ته شاهه ڀٽائي سال 1102هه ۾ ڄائو ۽ 1165هه ۾ وصال ڪري ويو، ته هن حساب سان مخدوم محمد زمان ”پنج پاڳئي“ (پنجون پڳدار) کان وٺي مخدوم محمد زمان ست پاڳئي تائين حيات هو. مولانا وفائي صاحب جي لکڻ موجب شاهه صاحب جا همعصر مخدوم محمد زمان اول (1119هه: 1183هه) ۽ مخدوم مير محمد (1095: 1149هه) هئا. هڪ ته مخدوم محمد زمان دوم کي مولانا صاحب مخدوم محمد زمان اول ڪري لکيو آهي ۽ ٻي وڏي غلطي هيءَ ڪيل آهي ته سن غلط لکيا ويا آهن.

ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ”مقدمه لطيفي“ ۾ هي احوال به لکيل آهي ته:

”شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. اها ڳالهه آسپاس جي پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي ۽ سندن سينن ۾ باهه ڀڙڪي، انهن مان هڪڙا هالن وارا پير، مخدوم نوح جو اولاد به هئا، تن مان پير پنج پاڳئو گادي نشين هو.“

ان جو جواب مولائي شيدائي صاحب به ڏنو آهي ته: ”مٿيون بيان ڊاڪٽر صاحب، شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي انهيءَ دور متعلق ڏنو آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي مغلن مان شادي ڪئي هئي.“ پر اهو بيان به غلط آهي، ڇو ته ويهن سالن جي عمر ۾ شاهه، مغل بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿئي ٿو ۽ 1124هه ۾ مغل بيگ، دل قوم جي هٿان مارجي وڃي ٿو. تنهن کانپوءِ شاهه صاحب، مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪري ٿو. هوڏانهن مخدوم محمد زمان پنج پاڳئو 1117هه ۾ وفات ڪري ٿو. جڏهن شاهه صاحب جي عمر 17 سال آهي.

مولائي وفائي صاحب ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته ”شاهه کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب به شامل هو ۽ اهو ڪم مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جي هٿان ڪرايو ويو.“

مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جو مصنف، جيڪو شاهه ڀٽائي جو نه رڳو مدح خوان آهي، پر معتقد به آهي، ان اهو ڪتاب شاهه صاحب کانپوءِ سورهين سال لکي پورو ڪيو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه صاحب سان ڪنهن جي به اختلاف ۽ زهر وغيره بابت ڪجهه به نه لکيو آهي ۽ مخدوم عبدالرئوف بابت سندس هي لفظ آهن:

”پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل هو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. سمجهدار ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا ۽ هميشہ رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ سندس اکر اکر جي تابعداري واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو 1166هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو.“

جيڪڏهن مخدوم عبدالرئوف بابت به شاهه جي خلاف ڪا ڳالهه هجي ها ته لازمي طرح مير علي شير لکي ها، ڇو ته انهيءَ وقت جو واقعو بلڪل تازو هجي ها. تعجب جي ڳالهه آهي جو اهڙي غلط روايت به مولانا مرحوم لکي ويو. ڪير چئي سگهندو ته اهڙي الله واري شخص وقت جي حاڪم جي چوڻ جي ڪري هڪ ٻئي اهل الله کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنهنجي تصنيف ”شاهه“ جي صفحي 30 تي واضح طرح ڄاڻايو آهي ته:

”شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو هو ۽ رات ڏينهن پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ وري کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي به هر روز اهائي دعا پنندو هو.“

هت اعتراض وٺڻ وارو ماڻهو هي اعتراض اٿاري سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي موٽي اچڻ بعد مخالفتون پيدا ٿيون هونديون. پر انهيءَ قسم جي سڀني اعتراضن جو هڪڙو ئي جواب ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. آنجهاني ديوان ليلارام 1890ع ۾ ئي انهن غلط روايتن جي ترديد ڪري فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مگر افسوس آهي جو ويچاري جي تحقيق ڏي ڪنهن به مصنف يا ڪنهن ٻئي اديب ڌيان ڪو نه ڏنو، نه ته هيترو مغالطو پيدا ڪو نه ٿئي ها.

مولائي وفائي صاحب ميان نور محمد ڪلھوڙي جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته ”شاهه کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب به شامل هو ۽ اهو ڪم مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جي هٿان ڪرايو ويو.“

مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جو مصنف، جيڪو شاهه ڀٽائي جو نه رڳو مدح خوان آهي، پر معتقد به آهي، ان اهو ڪتاب شاهه صاحب کانپوءِ سورهين سال لکي پورو ڪيو، تنھن پنھنجي ڪتاب ۾ شاهه صاحب سان ڪنھن جي به اختلاف ۽ زهر وغيره بابت ڪجهه به نه لکيو آهي ۽ مخدوم عبدالرئوف بابت سندس هي لفظ آهن:

”پنھنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل هو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. سمجهدار ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سھڻا رهيا ۽ هميشه رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ سندس اکر اکر جي تابعداري واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو 1166هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو.“

جيڪڏهن مخدوم عبدالرئوف بابت به شاهه جي خلاف ڪا ڳالھه هجي ها ته لازمي طرح مير علي شير لکي ها، ڇو ته انھيءَ وقت جو واقعو بلڪل تازو هجي ها. تعجب جي ڳالھه آهي، جو اهڙي غلط روايت به مولانا مرحوم لکي ويو. ڪير چئي سگهندو ته اهڙي الله واري شخص وقت جي حاڪم جي چوڻ جي ڪري هڪ ٻئي اهل الله کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنھنجي تصنيف ”شاهه“ جي صفحي 30 تي واضح طرح ڄاڻايو آهي ته:

”شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو هو ۽ رات ڏينھن پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ وري کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي به هر روز اهائي دعا پنندو هو.“

هت اعتراض وٺڻ وارو ماڻھو هي اعتراض اٿاري سگهي ٿو، ته شاهه صاحب جي موٽي اچڻ بعد مخالفتون پيدا ٿيون هونديون. پر انھيءَ قسم جي سڀني اعتراضن جو هڪڙو ئي جواب ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. آنجهاني ديوان ليلارام 1890ع ۾ ئي انھن غلط روايتن جي ترديد ڪري فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مگر افسوس آهي جو ويچاري جي تحقيق ڏي ڪنھن به مصنف يا ڪنھن اديب ڌيان ڪو نه ڏنو، نه ته هيترو مغالطو پيدا ڪو نه ٿئي ها.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مھراڻ 1/1987ع

سنڌي ادبي بورڊ، ص 65-66  تان کنيل

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org