سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:7 

قاضي مقصود احمد

 

 

 

موجوده سنڌي لپيءَ جي تاريخ

 

سينا جو علائقو: مصر جي ڇيھه تي ايشيا ۽ آفريڪا جي سنگم وٽ هڪ ٽڪنڊي جھڙو علائقو جزيره نما سينا سڏبو آهي، جنھن جي ڏکڻ ۾ بحر احمر يعني ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea) آهي، ته اتر ۾ بحيره روم (Meditarian Sea) آهي. هي علائقو جاگرافيائي طور تي ڏکڻ اولھه ايشيا يعني وچ اوڀر ۾ شامل آهي. هن جي هڪ پاسي مصر آهي ته ٻئي پاسي سعودي عرب، اسرائيل، اردن، جن کان اڳيان لبنان ۽ شام جا علائقا آهن. هيءُ علائقو حضرت موسيٰ عليھ السلام جي هجرت جي واقعي ۾ مشھور ٿيو، جنھن مطابق بني اسرائيل چاليھه سال هن علائقي ۾ ڀٽڪندا رهيا. ان لحاظ کان هيءُ علائقو بني اسرائيل جي لاءِ اڄ به وڏي اهميت رکي ٿو.

فونيشيا جو علائقو: شام جو اولھائون حصو، جنھن کي ڪنعان به چيو ويو آهي، لبنان ۽ اسرائيل جي علائقي سميت اهو علائقو فونيشيا سڏيو ويو آهي، جيڪو وچ اوڀر ۾ هڪ آڳاٽي تھذيب ۽ تمدن جو وارث آهي. فونيشيا جي لکت کي جديد لکتن جي ماءُ مڃيو ويندو آهي. هن علائقي جي پکيڙ وسيع علائقي تائين هئي ۽ فونيشيا وارن ئي آفريڪا ۾ ڪارٿيج (قرطاجنيه) نالي عظيم واپاري شھري سلطنت قائم ڪئي هئي.

سينائي ۽ مـُسند: ”سينائي“، لکت جي ان نموني کي چيو ويو آهي، جيڪا مٿي ڄاڻايل سينا جي علائقن مان ملي آهي، جڏهن ته ”مـُسند“، لکت جي ان نموني کي چيو ويو آهي، جيڪا آڳاٽي سمي ۾ يمن جي علائقي ۾ رائج رهي آهي ۽ عربي ٻوليءَ جي خطن جو ماخذ بڻي آهي. جيتوڻيڪ ”سينائي“ ڪا الڳ لکت ڪانھي، جيڪا ڪنھن قوم سان مخصوص هجي، پر هن لکت جا وڌيڪ قديم نمونا سينا جي علائقي مان ملڻ جي ڪري فونيشيائي لکت اختيار ڪندڙ مختلف ٻولين جي لکتن جي گروهه کي ”سينائي“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ دنيا جي ٻولين کي فونيقي جي معرفت سينا مان نڪتل ڄاڻايو ويو آهي.

فونيقين جي نسل بابت رايو: فونيقين جي نسل جي باري ۾ هڪ راءِ اها آهي ته اهي سامي نسل جا هئا. سامي نسل جا هجڻ ڪو مسئلو ڪونھي، پر اوڻيھين ۽ ويھين صدي عيسويءَ ۾ سامي نسل جي هڪ حصي کي آريا نسل جي نالي تي ڌار ڪيو ويو هو. هاڻي جڏهن لفظ ”سامي“ استعمال ڪجي ٿو ته ان جو مفھوم ذهني طور تي وچ اوڀر جي رهاڪن ڏانھن اشارو ڪري ٿو. هن ڳالھه جي قطع نظر ته اهي آريا آهن يا سامي، يا مورڳو ٻئي ساڳي ڳالھه آهن، فونيقي بنيادي طور تي جزيرة السنڌ، جنھن کي تاريخ ۾ سنڌو دويپ چيو ويو آهي، جنھن مان مراد ڏکڻ ايشيا يعني موجوده سنڌ ۽ هند جي علائقي جا ماڻھو آهن. هڪ ليکڪ انھن جو اوائلي گهر انڊيا (جزيرة السنڌ) جي افغانستان ۽ انڊيا جي ڪن علائقن ۾ ڄاڻائيندي بحيره احمر (ڳاڙهو سمنڊ) ۽ بحيره روم جي ساحلي علائقن کان بابل، اشوريا، آفريڪا، مصر، يونان ۾ پکڙجندي ڏيکاري ٿو ۽ انھن کي پڻي لوڪ ڄاڻائي ٿو ۽ زوال کان پوءِ انھن علائقن جي قوميتن ۾ ملي ويندي ڄاڻائي ٿو.[1] جڏهن ته هي سامونڊي لوڪ ساڍا چار کان پنج هزار سال اڳ يا ان کان به اڳ سنڌو تھذيب جي عروج جي مختلف دورن ۾ سڄي سنڌو دويپ مان بحري ٻيڙي رستي يمن کان ٿيندا سينا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي علائقن ۾ پھتا هئا. انھن جو عمومي گس ڪڇ کان مڪران تائين پکڙيل سنڌ جي سامونڊي پٽي هوندو هو، جيڪو کين گهٽ پنڌ جي ڪري آسان لڳندو هو. ان جو هڪ ثبوت هن علائقي مان مليل سنڌو تھذيب ۾ زرعي سماج قائم ٿيڻ جي اهڃاڻ ڏاند جي شبيھه آهي، جيڪا انھن جي لپيءَ ۾ ”الف“ جي آواز لاءِ صوتئي طور شامل ٿيل نشاني آهي،  جنھن مان انھن نسلن جي هن علائقي ۾ طويل عرصي تائين رهڻ ۽ هتان جي روايتن کي اڳتي وڌائڻ جو پتو پوي ٿو. اهي پڻي لوڪ، اهي ئي آهن، جن کي سنڌ ۽ هند جي تاريخ ۾ ”بانيه“ جي نالي سان ظاهر ڪيو ويو آهي. لساني تغير جو شڪار اهو لفظ اڄ جي سنڌي لکت ۾ واڻيه جي اچار سان موجود آهي.

هن نالي فونيقي جو لساني تجزيو ڪبو ته اهو ڪو ٻيو نالو نه پر پانيه (واڻيه) جو اچار ئي بيھندو، جيڪو آڳاٽي زماني کان پڻي لوڪن يعني واپار سانگي پري پري جو سفر ڪندڙ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. هي ننڍي کنڊ جي نسلي اصطلاحن مطابق سورج ونسي آهن. پڻي لوڪ ڪنھن محدود علائقي جا نه آهن، بلڪه سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيل رهيا آهن ۽ سنڌ جي ساحلن کان لڏپلاڻ ڪئي اٿن. هن نالي ۾ ”ف“، جيڪو عربيءَ ”و“ لاءِ به استعمال ٿيندڙ صوتيو رهيو آهي ۽ فارسيءَ ۾ ”پ“ لاءِ. ”و“ فارسيءَ جي ان ”الف“ جي صورت آهي، جنھن کي اچارڻ مھل چپ گول ڪبا آهن، جن سان شھريار ۽ شھريور جھڙو مغالطو پيدا ٿيندو آهي. ”ن“، ”ڻ“ جو بدل آواز آهي، جڏهن ته ”قي“ هند آريائي ٻولين ۾ خاص طور تي نسبت ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان جو سنڌي نعم البدل ”جي ۽ يه“ آهي.

هيروڊوٽس لکي ٿو ته ”فونيقي، فلسطين جي سيريائي سميت.....سندن پنھنجي بيان مطابق آڳاٽي دور ۾ ايريٿيرين سمنڊ (يعني سنڌو مھاساگر) جي ڪناري تي آباد هئا، پوءِ سمنڊ پار ڪري سيريا جي ساحل تي آيا ۽ اڄ تائين اتي رهن ٿا. سيريا جو اهو حصو ۽ هتان کان مصر تائين سارو خطو فلسطين جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.“[2]  

هتي هيروڊوٽس، ايريٿيرين سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن ۾ موجوده دور جو بحر هند، عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ سڏجندڙ علائقو اچي وڃي ٿو، جيڪو تاريخي طور تي سنڌو مھاساگر آهي، جيڪو بنگال واري نار تائين پکڙيل آهي. ياد رهي ته مشھور آهي ته مراٺي سلطنت جي باني ڇترپتي شوا جي 1664ع ۾ مھاراشٽر جي سامونڊي ڪناري تي جيڪو قلعو ”سنڌو درگ“ جي نالي سان جوڙايو هو، ان تي اهو نالو سنڌو مھاساگر جي ڪپ تي هئڻ ڪري رکيو ويو هو. هيروڊوٽس جي هن ڪتاب جو اردو مترجم ياسر جواد پنھنجي حاشئي ۾ لکي ٿو ته ”يوناني عام طور تي ايريٿيرين يا بحيرهء احمر (ڳاڙهو سمنڊ) جو نالو خليج عرب کي نه پر بحر هند جي ايراني نار کان وٺي هندستان تائين جي ڀاڱي کي ڏيندا هئا.“[3]  هيءُ حوالو ڏيڻ جو مقصد هتي جي وڻجارن جي بود و باش جي بنيادي علائقي ۽ عام واپاري رستي جي چٽائي ڪرڻ آهي ته جيئن اڳتي ايندڙ بيان ۾ ربط محسوس ڪري سگهجي.

هتي ”سين ۽ سينا“ جھڙن لفظن جي سنڌ جي نالي سان نسبت جي بحث کي پاسيرو رکندي اهو واضح ڪرڻ مناسب ٿيندو ته ”مـُسنَد“ نالي جو مادو به سنڌ آهي. قاضي اطھر مبارڪپوري لکي ٿو ته ”عرب ۾ سنڌ جي ٺھيل خاص ڪپڙي کي مسنده ۽ مسنديه چوندا هئا ۽ ان جو استعمال عام هو”. ٿورو اڳتي لکي ٿو ته ”لسان العرب ۾ آهي ته و المسندة و المسنديـﺒ  ضرب من الثياب، و في حديث عائشه رضي الله عنھا اندراني عليھا اربعـﺒ اثواب سند قبل هو نوع البرود ايمانيـﺒ” يعني “مسنده ۽ مسنديه ڪپڙي جي هڪ قسم جو نالو آهي. حضرت عائشهرضه جي حديث ۾ آهي ته انھن، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي جسم تي سنڌ جا چار ڪپڙا ڏٺا، ڪن جو چو ڻ آهي ته اهو يمني چادرن جو هڪ قسم آهي“[4].

دراصل ڪپڙي جي هڪ قسم ”مـُسنَد“ وانگر هيءَ لفظ ”سند“ گهڻن ئي لفظن جو بنيادي مادو آهي. يمن، سمنڊ رستي سنڌ جي ويجهڙائيءَ وارو علائقو آهي ۽ هن علائقي ۾ سنڌي قبيلن جي لڏپلاڻ تڪڙي تڪڙي ٿيندي رهي آهي. سنڌي، سڌيءَ طرح يا ايران جي ماتحتيءَ ۾ اتي جا حڪمران به رهيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي جي عنوان سان قاضي اطھر مبارڪپوريءَ جي هن سلسلي ۾ تحقيق پيش آهي ته ”هتي (يعني سنڌ) جا رهاڪو قديم عرب ۾ تمام گهڻا آباد هئا. خاص طور تي يمن جي علائقي ۾ انھن جي گهڻائي ۽ عروج پڌرو هو. رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ننڍپڻ ۾ جڏهن حبشه جي ابرهه جي پٽ مسروق بن ابرهه يمن تي حملو ڪري سيف بن ذي يزن کي بيدخل ڪري ڇڏيو ۽ ان نوشيروان کي وڃي دانھيو ته هن پڇيس ته: ”اي الاعزبـﺒ الحبشـﺒ ام السند“ يعني ڪھڙن پرڏيھين يمن تي قبضو ڪيو آهي، حبشين يا سنڌين؟ مصنف لکي ٿو ته ڪسريٰ جي هن سوال مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان وقت يمن ۾ سنڌين جي آبادي ڪيتري گهڻي هئي ۽ انھن جو رتبو ڪيڏو نه وڏو هو.”[5]

هنن روايتن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان دور کان گهڻو اڳ سنڌ جي روايتن جي اثر هيٺ رهندڙ يمن ۾ خط مـُسند جوڙيو ويو، جنھن جا ٻي صدي عيسويءَ جا آثار يمن ۾ ملن ٿا. اهو خط يمن جي علائقي مان جزيرة العرب توڙي آفريڪا ۾ پھتو آهي ۽ اتي جي ٻولين مان سبائي (Sabai)، قطباني (Qatabanic)، حدرماتي (Hadarmautic)، مينائي(Menaean)، هسائي (Hasaitic) ۽ آفريڪا جي ڪن ٻولين جي لکت لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. جيئن ته ان کي ”مـُسنَد“ يمن ۾ چيو ويو آهي، جنھن جو مطلب آهي ”سنڌ“ واري يعني ”سنڌي“. تنھنڪري ان جو مطلب سنڌي (لکت) وٺڻ گهرجي، جنھن ۾ لفظ جي اچار ۾ آيل زيرن زبرن جو فرق عربي قائدي مطابق ”م“ جي شموليت سان آيل آهي. جنھن جو اشتقاق ٿيندو  م =واري+ سند =سنڌ يعني سنڌ واري= سنڌي.

”مـُسند“ جو لاڳاپو مھين جي دڙ ي جي لکت سان: ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنھنجن لکيل ٻن مضمونن ۾ ”مسند خط“ جو نالو وٺڻ کان سواءِ مھين جي دڙي ۽ يمن ۾ استعمال ٿيندڙ خط (جيڪو مـُسنَد آهي) جي چوڏهن نشانين جي هڪ جھڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.[6] هن مضمون جي آخر ۾ ڪجهه چارٽ ڏنل آهن، جن مان خبر پئي ٿي ته مـُسند نالي رسم الخط ۾ ڏنل علامتون، مھين جي دڙي مان مليل علامتن سان ڪيتري قدر مشابھت رکن ٿيون. مـُسنَد خط جي مھين جي دڙي سان هڪ جھڙائيءَ واريون علامتون ب، ج، د، ف، ع، م، ي، ن، س، ر، ت، ز ۽ ڪ جي سامھون ڏسي سگهجن ٿيون.  هن مضمون جي آخر ۾ شامل هڪ چارٽ 1، 2، 3 ۾ انھن نشانين کي پاڻ ۾ گڏي لکڻ جو مثال به ڏسي سگهجي ٿو، جنھن ۾ بنا نُـقطن جي اکر نظر اچي رهيا آهن، جيڪي عربي ٻوليءَ جي خط جو بنياد بڻيا.

جيئن ته يمن، فونيشيا جي ماڳ تي پھچڻ تائين فونيقين جي رستي جو پھريون پڙاءُ هو، جتي فونيقين، مھين جي دڙي جو خط پھچايو، جيڪو ”مـُسنَد“ جي نالي سان اڳتي پکڙيو هوندو، پر جيئن ته جديد تحقيق مطابق ان جا آڳاٽا آثار سينا جي علائقي مان مليا آهن، ان ڪري اوليت سينا جي لکت کي ڏني وئي آهي، جنھن جا ڪي ٻيا ڪارڻ به ٿي سگهن ٿا.

فونيقي لکت جي پکيڙ: فونيقي لکت جي پکيڙ جو سبب اهو آهي ته اها هڪ واپاري قوم هئي ۽ هڪ وڏي علائقي تي تصرف حاصل ڪري ورتو هئائين ۽ سندس اثر و رسوخ يورپ جي ملڪن تائين به پکڙيو هو. فونيقي خط آسان به هو، ان ڪري ميسوپوٽيميا جي آرامي ٻولي، يورپ جي يوناني ۽ رومي، وچ مشرق جي عبراني، عربي، ثمودي، نبطي، آفريڪا جي حبشي ۽ هندستان جي براهمي لپين جو بنياد به ان تي آڌاريل آهي. ايڏو سفر ڪندي نه رڳو ان جي اکرن جي لکت ۾ فرق اچي ويو آهي، بلڪه هڪ پاسي مختلف صوتين تي نقطا ڏئي نوان صوتيا ٺاهيا ويا آهن، ٻئي پاسي ساڄي کان کاٻي پاسي لکجندڙ اصل خط، ڪيترن ئي ٻولين ۾ کاٻي کان ساڄي طرف لکيو وڃي ٿو. يعني ان مان مختلف تحريري تنظيمون جڙي ويون، جيڪي اڄ هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف نظر اچن ٿيون. (ڏسو آخر ۾ چارٽ نمبر 4)

فونيقي خط کان سنڌي لپيءَ تائين جو سفر: ڊيوڊ ساڪس نالي هڪ محقق لکي ٿو ته:

“Sometimes before 1000 B.C. the Phoenician began writing their language in a 22 letter alphabet. They did not invent this alphabet but Inherited it from prior Semitic tradition”.[7]

        اصل ۾ هيءَ سڄي غلط فهمي سينا مان مليل لکت جي دور ڪري فونيقي زبان جو بنياد سينا ۾ سمجهڻ جي ڪري پيدا ٿيل آهي. فونيقي لکت جو تعلق سنڌي ٻوليءَ سان آهي. سنڌي ٻولي اها ئي آهي، جيڪا مھين جي دڙي مان مليل خط جي صورت ۾ لکي ويندي هئي. فونيقي خط ان ئي لکت تي آڌاريل آهي. صحيح تسلسل سان ڏسبو ته يمن کان سينا ۽ اتان کان ڪنعان تائين جو رستو نه رڳو لکت جو طريقو سنڌ کان وٺڻ جي ثابتي ڏئي رهيو آهي، بلڪه فونيقين جو نسلي لاڳاپو سنڌ سان ظاهر ڪري رهيو آهي، جن سنڌي لکت کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پڄايو.

هڪ تحقيق مطابق فونيقي خط مان براهمي خط جوڙيو ويو هو، جيڪو اسانجي علائقائي ٻولين ۾ سڌاريل شڪل ۾ ناگري، ديوناگري ۽ ارڌ ناگري اکرن جي صورت ۾ رائج رهيو. سنسڪرت اصل ۾ نالو آهي سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو، اها به ديوناگري اکرن تي آڌاريل هئي، جيڪو براهمي خط سان لاڳاپيل آهي. براهمي خط لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو آرامي خط مان نڪتل آهي، جيڪو فونيقي خط مان نڪتل آهي ۽ اهو آڳاٽي سينائي خط مان نڪتل آهي،[8] پر هاڻي ان جي سڌيءَ طرح موهن جي دڙي جي لکت مان نڪرڻ جي دعوا به سامھون اچي رهي آهي. اهو خط مختلف تبديلين سان هندستان تي مسلمانن جي فتح تائين سنڌ ۾ رائج رهيو. پر جڏهن هندستان تي مسلمانن فتح حاصل ڪئي ته داخلي ۽ خارجي عملن ڪري هن خط جي تبديليءَ جو عمل شروع ٿيو. چوٿين صدي هجريءَ ۾ سڀ کان پھرين ابن نديم جي ڪتاب ”الفھرست“ ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال مـُسند نما تحرير ۽ انگ ڏنا ويا آهن.[9]  يارهين صدي هجريءَ کان عزت بن سليمان جي تحرير سان گڏ اهڙين لکتن جو سلسلو تواتر سان نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو.[10]

سامي خطن جو مختصر تعارف: اردوءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب ”نستعليق نامه“ ۾ هن موضوع سان لاڳاپيل ڪجهه خطن جو ذڪر ڪري انھن مان نسخ ۽ نستعليق خط نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هتي ان مان ڪجهه اقتباس ڏجن ٿا ته: جيئن موضوع کي سھيڙڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. فونيقي خط مان حمير بن سبا يمنيءَ هڪ خط ”نبطي“ جي نالي سان ايجاد ڪيو، جيڪو سندس نالي پٺيان حميري به مشھور ٿيو ۽ حجاز ۾ به مقبول ٿيو. ٻئي پاسي حيره (ڪوفي) وارن به نبطي خط ۾ سڌارا آندا، جيڪو حيره سڏيو ويو. اهو ڪوفي شھر جو پراڻو نالو آهي.[11] اهو خط بعد ۾ ڪوفي شھر جي نسبت سان ڪوفي خط سڏيو ويو.

        بنو اميه جي آخري دور ۾ قطبـﺒ المحرر هڪ مشھور خطاط هو، جنھن ڪوفي خط ۾ ڪجهه سڌارا آندا، جن جي بنياد تي اڳتي هلي ”نسخ“ ايجاد ٿيو.[12] اوائلي عباسي دور جي هڪ ڪاتب الاحول المحرر به ڪيترائي خط ايجاد ڪيا. سندس هڪ مشھور شاگرد ابو علي محمد بن علي بن حسين بن محمد بن مقله هو، جيڪو 272هه ۾ پيدا ٿيو ۽ 328 ۾ ماريو ويو. ابن مقله ڇھه خط ايجاد ڪيا، جن جو ذڪر مولانا جاميءَ هڪ شعر ۾ ڪيو آهي، جيڪو هن ريت آهي:

ابن مـُقله وضع ڪرد اين شش  خط  از  خط عرب

ثـُلث  و ريحان  و  مـُحقق،  نسخ  و  توقيع و رِقاع.

        هيءُ شاعراڻو ذڪر تقدم ۽ تاخير جو خيال رکڻ بنا ڪيو ويو آهي. هن ۾ بيان ڪيل ”نسخ“ اڳتي هلي بديع ۽ مـُحقق نالي ٻن خطن مان جڙيو. اهو نالو ان ڪري مٿس پيو جو ”نسخ“ جي ٺھڻ ڪري بديع ۽ مـُحقق جو استعمال ختم ٿي ويو ۽ نسخ، انھن جو ناسخ بڻيو [13]، جيڪو مختلف ٻولين لاءِ هزار سالن کان مٿي جي عرصي لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي[14].

اسلام جي فتح کان اڳ فارسي ٻوليءَ لاءِ پنھنجو خط هوندو هو، جيڪو به فونيقي تي آڌاريل هو، پر اسلام اچڻ کان پوءِ عربيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ خطن جي دائري ۾ اچي فارسين پنھنجو پاڻ کي سچ پچ عجمي (گونگو) ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ عربي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ خط يا انھن جھڙا نوان خط استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. توقيع نالي هڪ خط عربي ۽ فارسي ٻولين جي لاءِ استعمال ٿيندو هو، جيڪو ثـُلث مان جوڙيو ويو هو[15].

تعليق، فارسي زبان لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ خط آهي، جيڪو 13 صدي عيسويءَ ۾ رائج ٿيو. نائين صدي هجريءَ ۾ مير سيد علي تبريزيءَ نسخ ۽ تعليق نالي خطن تي آڌاريل نستعليق جي نالي سان خط جوڙيو.[16]  اهو خط بعد ۾ فارسي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيو ۽ تعليق جو استعمال ختم ٿي ويو.

بنيادي طور تي اهي خط ائين آهن، جيئن اڄڪلھه ڪمپيوٽر جا فونٽ آهن. انھن مان ڪي ٿلها آهن، جيڪي سرخين ۽ عنوانن لاءِ استعمال ٿين ٿا ته ڪي سنھا، مواد لاءِ استعمال ٿين ٿا. هتي رڳو ڪجهه خط مثال طور ڏنل آهن، جن مان نسخ ۽ نستعليق جي تاريخ ۽ تعلق چٽو ٿي سگهي. باقي هن قسم جا انيڪ خط آهن، جيڪي رڳو عرب علائقن ۾ نه پر ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا توڙي آفريڪا جي علائقن ۾ استعمال ٿيا آهن، جن مان ڪي متروڪ ٿي چڪا آهن ته ڪي اڃا استعمال ٿي رهيا آهن، جن تي الڳ موضوع سان تحقيق ڪري سگهجي ٿي.

سنڌ ۾ نسخ ۽ نستعليق جو استعمال: سنڌي ماڻھو ايران سان ويجهي لاڳاپي ۾ هئا. ان ڪري ڪنھن ثبوت بنا ئي اها ڳالھه مڃڻ ۾ ڪو حرج ڪونھي، ته اهي ايران ۾ استعمال ٿيندڙ هر لپيءَ کان واقف هوندا. اسلام جي دور ۾ جيڪي لکتون اسان تائين پھتيون آهن، تن مطابق سنڌ جي سلطنت جي وسيع علائقي ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون رائج هيون. جيڪڏهن ان وقت سنڌيءَ لاءِ ڪو ٻيو خط استعمال ٿيندڙ هوندو به ته عربيءَ لاءِ لازمي طور تي اهي ئي خط استعمال ٿيندڙ هوندا، جيڪي خلافت جي مرڪز ۾ استعمال ڪيا ويندا هوندا. اسان کي هڪ حوالو ملي ٿو ته ڀنڀور جي هڪ مسجد تي ڪوفي خط ۾ 294هه لکيل آهي، جيڪا امير محمد بن عبدالله جي حڪم تي ٺھرائي وئي هئي[17]. مسلمان هئڻ جي ناتي سان سنڌي ماڻھن جو عربي خطن کان به واقف هئڻ لازمي آهي، جڏهن ته ٻين مذهبن سان لاڳاپو رکندڙ سنڌي به انھن خطن کان ضرور واقف هوندا. عرب ۾ ته سنڌ جي ٻڌ ۽ هندو عالمن هتي جي علم کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم به ڪري ڏيکاريو هو. دنيا جي دستور مطابق هتي به انھن جو عربي خطن سان واهپو  اڻٽر آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌي ماڻھو سامي خطن کان چڱيءَ طرح واقف هئا، پر تڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ لپي، مقامي لپيءَ تي آڌاريل هئي.

عرب دور حڪومت کان وٺي عربي ۽ فارسيءَ جي ڏيھي توڙي پرڏيھي ماخذن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪوفي، نسخ ۽ نستعليق خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آثارن جي صورت ۾ ملن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ نسخ ۽ نستعليق خطن جو مستقل استعمال تڏهن کان اسان جي مشاهدي ۾ آهي، جڏهن هندستان ۾ مستقل مسلم حڪومت قائم ٿي ۽ اتي فارسي ٻوليءَ کي لکپڙهه لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان صورت ۾ جو هڪ پاسي هندستان ۽ ايران جا پاڙيسري، نستعليق خط استعمال ڪندڙ هئا. سنڌ انھن سان رابطي ۾ اچي وئي هئي، جڏهن ته مذهبي ڪارونھوار لاءِ نسخ جي اهميت مسلم هئي. گنگا رام سمراٽ هڪ هنڌ، سنڌ تي عربي لپيءَ جي مڙهجڻ جو ذڪر ڪيو آهي.[18] واضح رهي ته مڙهڻ جو ڪم ڌاريون ئي ڪندو، سو عربي ۽  فارسي ٻوليون اسان وٽ عام ٿي ويون هيون. تنھنڪري انھن کي سنڌي ٻوليءَ تي پنھنجي لپي مڙهڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. اهي ٻئي ٻوليون يعني عربي ۽ فارسي سڌيءَ طرح سنڌ ۾ عام استعمال ٿيڻ ڪري ان وقت جي سنڌي عالمن، سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ۽ گهٽ وقت ۾ ٻنھي ٻولين کي سمجهي سگهڻ لاءِ اهي خط استعمال ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ان حڪمت عمليءَ سان اهي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا. هن وقت به علائقائي صورتحال ساڳي آهي. ان ڪري اها لپي مڙهيل نه بلڪه وقت جي ضرورت چئبي. ان صورتحال ۾ يارهين صدي عيسويءَ ۾، يعني سومرن جي دور کان اسان کي سنڌ ۾ نسخ ۽ نستعليق خطن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ارتقائي صورتون مختلف ماخذن ۾ لفظن ۽ فقرن جي صورت ۾ ملن ٿيون. مٿي به ”الفھرست“ جي حوالي سان سنڌيءَ لاءِ عربي خط جي استعمال جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عزت بن سليمان جي لکيل هڪ تحرير، انھن خَطن ۾ هيستائين جي پھرين تفصيلي لکت جي صورت ۾ موجود ملي آهي، جيڪا يارهين صدي هجريءَ ۾ لکيل آهي. هن قسم جي اهم تحرير  ٻارهين صدي هجري يعني ارڙهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ ”مقدمـﺒ الصلواة يعني ابو الحسن جي سنڌي“ جي نالي سان ملي آهي، جنھن کي پھريون ڀيرو مصنف پاڻ ”سنڌي“ سڏيو آهي ۽ جيڪا مواد جي لحاظ کان ڪافي اهم آهي. جنھن کان پوءِ ٻين عالمن جون به تصنيفون ظاهر ٿيون، جن کي انھن جي نالي سان منسوب ”سنڌي“ سڏيو ويندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو انھن سڀني کي ”سنڌيون“ جي نالي سان جوڙيل پنھنجي ڪتاب ۾ مرتب ڪيو آهي. ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو دائرو تمام وسيع هوندو هو. تنھنڪري ان خط وڏي مقبوليت ماڻي، جنھن ۾ انگريزن جي دور تائين پھچندي پھچندي عربي ۽ فارسيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ نسخ ۽ نستعليق خطن کي ملائي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه منفرد آوازن لاءِ مخصوص صورتون جوڙيون ويون هيون. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ ٽالپرن جي دور ۾ نستعليق خط جي استعمال جو خوشخطيءَ ۾ لکيل هڪ 1250هه کان 1260هه ۾ لکيل مثال ”جواهر اللغات“ آهي (ڏسو آخر ۾ چارٽ نمبر 5) ۽ ٻيو سڀ کان سهڻو نمونو ڊاڪٽر قمر جھان مرزا  جي لکيل تاريخ ”سنڌ جي تاريخ، ٽالپرن جو دور“ مان کنيل هن مضمون ۾ شامل ڪيل آهي[19](ڏسو چارٽ نمبر 6)

لپيءَ کي ”سنڌي“ سڏڻ جو ڪارڻ:  ائين ته نه ٿو چئي سگهجي ته انھن عالمن مان هر ڪنھن پنھنجي لاءِ الڳ سنڌي ٻولي ايجاد ڪئي هئي، جنھن کي انھن پنھنجي نالي سان منسوب ڪيو هو. اصل ۾ هتي ”سنڌي“، خط جو نالو آهي. جيڪو نسخ ۽ نستعليق جي بنياد تي نج سنڌي آوازن لاءِ جوڙيل الڳ صوتين تي آڌاريل آهي. سنڌي سڏڻ جو ڪارڻ اهو آهي، جو سنڌي دنيا جي قديم قوم ۽ نسل آهي ۽ ان جو عروج سندس تھذيبي، جاگرافيائي، تاريخي ۽ لساني دائري جي جاچ وٺندي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ هر فن جي حوالي سان ترقي ڪئي وئي ۽ ان لاءِ نج سنڌي اصطلاح مقرر ڪيا ويا. ان لاءِ سڀ کان اڳ سنڌي قوم جو نالو آهي، ان بعد تاريخ جي وسيع خطي جو نالو آهي، ان بعد سنڌي ٻوليءَ جو نالو اچي ٿو، ان بعد دريائن ۽ ندين تي نالو رکيو ويو آهي، ان کان سواءِ چنڊ جو جيڪو به مھينو آهي، اهو سنڌي مھينو سڏيو وڃي ٿو، ان ڪري ئي هجري سال جي مھيني ۽ تاريخ کي به سنڌي مھينو ۽ تاريخ سمجهيو ويندو آهي. هن روايت جو بنياد نسلي تعلق ڏانھن اشارو ڪري رهيو آهي. فاصلو ماپڻ لاءِ جيڪو پيمانو سنڌ ۾ ر ائج هو، ان کي سنڌي فرسخ چئبو هو. جيڪو اٺن ميلن تي مشتمل هو. وقت جا پيمانا به ائين سنڌ جي نالي سان منسوب رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ تحقيق لاءِ کوڙ سارو مواد موجود آهي. سنڌي لپيءَ کي ان نسبت سان ئي ”سنڌي“ ڪوٺيو ويو. هن سلسلي ۾ مخدوم ابوالحسن جو هڪ بيت هن ريت آهي:

ڪارڻ  طلب  طالبين   رسـالـو   لـکـيـوم،

مقدمـﺒ الصلواة سنڌي، نالو تنھه رکيوم.[20]

سنڌي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ هن لپيءَ لاءِ اهو نالو ئي ان لاءِ بھتر آهي. جيئن ته سنڌي ان وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل هئا، جن مان ڪي ٻولي ڳالھائي ته سگهندا هئا، پر پڙهي نه سگهندا هئا، ان ڪري کين پنھنجي ملڪ جي ٻوليءَ جي مرڪزيت سان جڙيل رکڻ لاءِ اها ئي لپي ضروري هئي. اهڙيءَ طرح سنڌي لپي اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين توڙي غير سنڌين لاءِ به سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ آسان ذريعو ثابت ٿي.

سنڌي لپيءَ جي سنڌي سماج جي سڀني طبقن وٽ قبوليت: هيءَ سنڌي لپي، سنڌ جي مسلمانن توڻي هندن وٽ عام استعمال ۾ هوندي هئي. مسلمانن هن لپيءَ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا، اهي عام ذڪر ۾ آيل آهن. مير علي شير قانع جي تصنيف ”مقالات الشعراءِ“ ڪلھوڙن جي دور جي تصنيف آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي دور جي هنن هندو شاعرن جي نستعليق ۾ لکيل فارسي شاعري ڏني آهي. لاله آسارام، اوڌي رام، بشن گوپال، بالچند ”آزاد“، ٿائنريو مل ”بينا“، تيغ مل ”ڀاٽيو“، چتر ڀوج، لاله جميعت راءِ، بنواليداس”خوشنود“، پرتاب راءِ ”خوشدل“، درگاهي مل، دولھه مل، دولت رام، اڀيچند، ذوقي مل، سري رام ٺٽئي، مھته دوله رام ”شوقي“، شيوڪ رام ”عطارد“، ٽيڪچند ”فرهنگ“، ڪافر ”مجذوب“، چندر ڀان ”عاجز”، شيوڪ رام ”مخلص“، پرسرام ”مشتري“، منشي مينگهراج، کيت مل مھتو ”نشاطي“، پوپٽ راءِ ”وحشت“، ڀائي دلپت رام، دولت رام مھتو.

پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته “ترخاني دور، مغل عھد، ڪلھوڙن جي راڄ ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين، اسان کي هونءَ ته هر دور ۾ هندو اديبن جا نالا نظر اچن ٿا، پر پوين ٻن حڪمران گهراڻن جي زماني ۾ ڪثرت سان، سنڌ جي فارسي ادبيات ۾، سندن آثار ملن ٿا. ڪلھوڙن جي راڄ ۾ ڪئين هندو شاعر ۽ مصنف ٿيا، انشانويس به چڱا چڱا پيدا ٿيا، پر سندن حقيقي علمي جوهر، ٽالپري دور ۾ کليا.“[21]

پير صاحب، ”ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ لکي ٿو ته ”هندو بزرگ ملڪي خواه مالي محڪمن ۾ وڏن وڏن عھدن تي هوندا هئا، تنھنڪري ملازمت جي حد تائين به هنن لاءِ فارسي سکڻ لازمي هو، پر منجهانئن ڪيترن صاحبن دفتري ضرورت کان تجاوز ڪري، فارسيءَ جي ادب ۽ انشا، خواه شعر و سخن ۾ ڪمال جي حد تائين دسترس پيدا ڪري، انھيءَ ڏس ۾ ناموري حاصل ڪئي. هن وقت مسلمانن جو علمي ذخيرو جيئن اسان وٽان گم ٿيل آهي، ساڳيءَ طرح هندن جو ادبي سرمايو به زماني جي الٽ ڦير ضايع ڪري ڇڏيو آهي. تاهم ڪن مشاهير ادب جا نالا تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن، ۽ چند ڪتاب به سندن تصنيف ڪيل هتي نظر اچي وڃن ٿا. ”انشاءِ عطارد“ موجود آهي، منشي ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“ به ملي ٿي، پنڊت لاله جي ”تاريخِ سنڌ“، جيڪا هن ٻارهن جلدن ۾ مرتب ڪئي، سا به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ ڪنھن بزرگ وٽ محفوظ آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”دستور العمل رامچند ٺٽوي“ موجود آهي. خبر نه آهي ته انھيءَ قسم جا ٻيا ڪھڙا ڪھڙا جواهر پارا سندن قلم مان نڪتا، جيڪي اسان جي دور کان اڳ ئي، زماني جي اٿل پٿل غائب ڪري ڇڏيا. هندو صاحبن، خطاطيءَ جي سلسلي ۾ به پاڻ خوب ملھايو. گهڻو ڪري ”محڪمهء انشا“ ۾ کين ملازمت ملندي هئي. شاهي خطن ۽ فرمانن لکڻ سبب، هڪ ته کين انشا نويسيءَ ۾ ڪمال حاصل ٿيو، ۽ ٻيو ته خوشخطيءَ ۾ منجهن سليقو پيدا ٿيو. مون پنھنجي اکين سان سنڌي لکيل ڪتاب ڏٺا آهن، جيڪي خطاطيءَ جي نقطئه نگاهه سان ايراني خوشنويسن کان ڪنھن به طرح گهٽ ڪونه آهن. نندو مل قانون گو سيوهاڻي، همت سنگهه، ٽيڪمچند مولچند لاله داس قانون گو روهڙي ۽ ديوان شوقيرام، هن آخري دور جا خوشنويس هئا.“[22]

سنڌ ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ جي پڄاڻي ٿيڻ تائين، هن خط ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو هو. ان جي شاهدي سنڌ جي مختلف علمي گهراڻي جي آڳاٽين لائبريرين ۾ پيل سنڌي قلمي ڪتاب ڏين ٿا. ايتري قدر جو ٽالپرن جي آخري دور ۾ آخوند عزيز الله مٽياروي قرآن ڪريم جو ترجمو به ڪري چڪو هو، جيڪو انگريزن جي دور ۾ شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل ڪتاب ”خزينـﺒ المخطوطات“ ۾ عربي ۽ فارسي ڪتابن سان گڏ، سنڌي ڪتابن جا نالا به ڏسي سگهجن ٿا. اهي ڪتاب آهستي آهستي ٿي ڇپجي رهيا آهن. هاڻي ته اهو به رواج پيو آهي، جو سڄي ڪتاب جا عڪس شامل ڪري ان جي سامهون واري صفحي تي ان کي نئين لپيءَ ۾ نروار ڪيو ٿو وڃي، جنھن سان آڳاٽي لکت جو معائنو ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي جي تحقيق لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي.

انگريزن پاران سنڌي لپي مٽائڻ جون ڪوششون: اسان جي دور جي محقق مختيار ملاح صاحب، خداوادي خط جي حوالي سان ٿيل سموري ڀڄ ڊڪ کي ”خداوادي رسم الخط“ جي نالي سان هڪ ڪتاب ۾ سھيڙيو آهي، جنھن سان هن خط جي سڄي تاريخ سامھون اچي وئي آهي.

        اصل ۾ خداوادي خط کي آڳاٽو سمجهيو ويندو آهي، پر خدا آباد خود ميان يارمحمد ڪلھوڙي ارڙهين صديءَ ۾ آباد ڪئي هئي. اصل ۾ هيءُ خط بيشڪ قديم هو ۽ هن جو تسلسل موهن جي دڙي سان جڙيل آهي، پر ان جو رواج حالتن تحت ختم ٿيندي عرصو گذري چڪو هو. هن قسم جي خطن ۾ سڀ کان اهم خط خواجڪي سنڌي آهي، جنھن جون تحريرون منظر تي اچي چڪيون آهن. ان جو استعمال اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ طبقو مذهبي ضرورتن تحت ڪري ٿو. ٽالپرن جي دور تائين خداوادي يا ان قسم جا خط محدود مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا هئا. سنڌ جي مسلم ۽ هندو آباديءَ ۾ سـَنڌو وجهڻ لاءِ انگريزن عملدارن هن خط کي ٽالپرن جي دور ۾ ئي اهميت ڏيڻ شروع ڪري ورتي هئي، ڇو ته هنن کي پتو هو ته مسلمان ته عيسائي مذهب ڏانھن راغب ڪونه ٿيندا، هندو آباديءَ تي اهڙي محنت ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري ئي عيسائي مشنري پاران ٽالپرن جي دور ۾ بائبل جو ترجمو ڪيو ويو.[23] جنھن کان پوءِ مھاڀارت ۽ رامائڻ جا ترجما به ٿيا هئا. اسٽئڪ به ان خط جي ضرورت محسوس ڪرائڻ لاءِ سنڌ تي قبضي کان هڪدم پوءِ ڪوشش ڪري سنڌيءَ جو گرامر ۽ ڊڪشنري به ٺاهي ورتي هئي. انگريز عملدارن پاران ان خط کي ئي سڀ کان پھرين سنڌ ۾ لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. سمجهڻ جي ڳالھه اها آهي ته جنھن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ لپي اڳواٽ استعمال ٿيندڙ هئي، آخر ان لپيءَ ۾ اهڙيون ڪھڙيون خاميون هيون، جن کي سڌارڻ بدران نئين لپي ٺاهڻ جو سوال اڀريو؟ بلڪه ان لپيءَ جي خامين تي ڳالھايو ئي نه ويو! سنڌي عالمن کي انھن حالتن جو پوريءَ ريت ادراڪ آهي ته انگريزن، سنڌ ۾ مذهبي تعصب وڌائڻ لاءِ سنڌي هندن ۽ سنڌي مسلمانن لاءِ الڳ الڳ لپيون قائم ڪرايون، ته جيئن قومي وحدت کي ڇيھو رسائي سگهجي. ڌريون اٽڪن ته کين راڄ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هتي ان سلسلي ۾ مختيار احمد ملاح صاحب جي ڪتاب مان نقطا پيش ڪجن ٿا، جيڪي خداوادي رسم الخط لاڳو ڪرڻ لاءِ انگريز عملدارن پاران ڪيل ڪوششن جي نشاندهي ڪن ٿا، ته 8 آگسٽ 1851ع تي بارٽل فريئر کي بمبئي سرڪار پاران ڪئپٽن اسٽئڪ جي تجويز ڪيل (خداوادي) الفابيٽ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر بارٽل فريئرپنھنجي تجربي جي آڌار تي 6 سيپٽمبر 1851ع تي بمبئي سرڪار کي موجوده سنڌي لپي رائج ڪرڻ تي زور ڀريو ۽ اسٽئڪ جي تجويز ڪيل لپيءَ جي خامين جي نشاندهي ڪئي.[24] سندس تجويز ڪيل موجوده لپي 1853ع ۾ رائج ٿي (اهو تجربو ڪامياب ويو، مگر پوءِ به هو مسلمانن ۽ هندن لاءِ ڌار ڌار لپين تي راضي ٿي ويو)، جنھن جو ڪارڻ بمبئي سرڪار پاران هن ڪم ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ هو! اهڙيءَ طرح 1855ع ۾ خداوادي اسڪرپٽ تي ڪم شروع ٿيو، جيڪو 1856ع ۾ ايلس جي حڪم تي نافذ ڪيو ويو، پر اهو تجربو ناڪام ويو.[25]  ان سلسلي ۾ وري به ڪوششون ڪيون ويون ۽ 12 ڊسمبر 1868ع تي ٽيون ڀيرو ان وقت جي ڪمشنر سنڌ، ڊبليو. ايل ويدر پاران ان کي لاڳو ڪرڻ جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو. اها سموري معلومات مختيار ملاح جي گڏ ڪيل آهي. اهو پڌرنامو ئي ٻڌائي پيو ته حڪومت سان لاڳاپيل چند هندو عالمن کان سواءِ عام نوڪري پيشه يا واپاري سنڌي هندو صدين جي روايت کي تياڳي مسلمانن کان ڌار الفابيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ ان کي زوريءَ لاڳو ڪيو ويو هو.[26]

        هتي اهو نتيجو ظاهر ٿي رهيو آهي ته هيءَ مھم بمبئي سرڪار پاران شروع ڪئي وئي ۽ انگريز عملدارن بار بار جي ناڪاميءَ کان پوءِ به اهڙيون ڪوششون جاري رکيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته”فارسي جيڪا اڳ سرڪاري زبان هئي ۽ خاص طور تي مسلمانن لاءِ صدين کان وٺي ادبي، تعليمي ۽ تمدني زبان ٿي رهي هئي، تنھن کي ختم ڪري انگريزيءَ کي مرڪزي سرڪاري زبان طور رائج ڪيو ويو. انھيءَ ڪري سنڌ صوبي ۾ پڻ فارسيءَ جي خاتمي سان انگريزي مرڪزي سرڪاري زبان طور ۽ سنڌي صوبائي سرڪاري زبان طور رائج ٿي. بمبئي سرڪار جي سرڪيولر No.1852 مورخه 6 سيپٽمبر 1851ع ۾ اهڙي پڌرائي ٿي. ملڪ جي تاريخي تبديليءَ واري موڙ تي ان اتفاقي فيصلي سان، جيڪو نون حڪمرانن جي مصلحت مطابق هو، سنڌيءَ جي ترقيءَ لاءِ پڻ ميدان هموار ٿيو، پر ان سان گڏ نون حڪمرانن جي آفيسرن جي هڪ منظم گروه طرفان (جيڪو بمبئيءَ ۾ اثرانداز هو ۽ سنڌ کي به تازو بمبئي سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو هو) جنھن جو اڳواڻ ڪئپٽن جي. سٽيڪ هو، سنڌيءَ لاءِ صدين کان وٺي استعمال ٿيندڙ عربي سنڌي رسم الخط کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ”ديوناگري“ رسم الخط کي رائج ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ويو. ڪئپٽن سٽيڪ جلدي جلدي ٻه ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ سنڌي ڊڪشنري ديوناگري صورتخطي ۾ شايع ڪيا ته جيئن اهو ثابت ٿئي، ته سنڌيءَ لاءِ ديوناگري رسم الخط استعمال ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانھي. ان سان گڏ عربي سنڌي صورتخطيءَ جي اهميت گهٽائڻ خاطر تيرهن ٻيون اکريون ۽ اڌ اکريون جيڪي جدا جدا شھرن ۾ يا جدا جدا واپاري گروهن ۾ ڪاروباري حساب ڪتاب لاءِ خانگي طور هلندڙ هيون، سي لکيت ۾ رڪارڊ تي آندائين ته جيئن اهو گمان ٿئي ته عربي سنڌي صورتخطي به سنڌ ۾ هلندڙ چوڏهن صورتخطين مان هڪ صورتخطي آهي“.[27]

خداوادي لپي نافذ ڪرڻ ۾ جيڪي انگريز عملدار اڳرا هئا، تن ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ڪئپٽن ڊڪسن، ڪئٿ پرنگل، ڪئپٽن ايسٽوڪ جا نالا سر فھرست آهن[28]. انھن آفيسرن 1851ع ۾ رائج ڪيل خداوادي لپيءَ جي ناڪاميءَ کان پوءِ 1853ع ۾ موجوده سنڌي لپي ڪاميابيءَ سان لاڳو ٿيڻ بعد به هندو ۽ مسلمانن کي ورهائڻ جو ڪوششون جاري رکيون ۽ ٻيو تجربو 1856ع ۾ ڪيو، جيڪو به ناڪام ويو ۽ ٽيون تجربو نھايت زور شور سان 1868ع ۾ ڪيو. هندو شاگردن لاءِ خداوادي لپيءَ ۾ پڙهائي لازمي ڪئي وئي ۽ انھن کي انڪريمينٽ جي لالچ ڏني وئي. اهو تجربو به ناڪام ٿيو، جو هندو شاگرد انڪريمينٽ لاءِ اها لپي سکي وري موجوده سنڌي لپي سکڻ ۾ لڳي ويندا هئا.

        ياد رهي ته هندو سنڌين جي نه صرف جديد سنڌي لپيءَ سان دلچسپي ان دور ۾ رهي، بلڪه انگريزن جي دور ۾ به انھن سنڌي لکت جي حوالي سان پاڻ موکيو آهي. ويندي هندستان ۾ ديوناگري سنڌي لپيءَ جي حامين جي وڏي زور باوجود اڄ تائين معياري سنڌي لپي اتي پير کوڙي بيٺي آهي، ۽ جيئن ته اهي اتي مقابلي جي حالت ۾ آهن، تنھنڪري سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ عالمن هر ممڪن حد تائين ان جي بچاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اتي ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌ ۾ سنڌي پڙهائڻ کان وڌيڪ جديد طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. (ڏسو آخر ۾ چارٽ نمبر 7)

هندستان ۾ ”جاڳ سنڌي جاڳ...“ جي ٻولن سان ڳايل مشھور سنڌي گيت کي ڪو وڏو عرصو نه ٿيو آهي، ان جي پسمنظر ۾ به موجوده خط نسخ واري لپيءَ جي ئي ترويج ڪيل آهي، پر جيئن ته اهي گهڻن راڄن (رياستن) ۾ ورهائجي ويا آهن، مٿان وري هند ڇڏي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ۽ ڪاروبار لاءِ وڏي پيماني تي وڃي رهيا آهن، تنھنڪري هند جي هيڏي وڏي علائقي ۾ ٽڪرن ۾ ورهايل ٻولي برقرار رکڻ ئي سندن لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي، جنھن جي اتي ڪا ڪاروباري اهميت نه جڙي سگهي آهي ۽ فقط ڏاڏاڻي ڏيھه جي اڪير ۽ يادگيريءَ خاطر ان سان جڙيل رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هتي هڪ ڳالھه ٻي به ياد رکڻ جي آهي، ته هندو سنڌي آبادي واپاري طبقي ۾ شامل آهي. هن وقت گلوبل بڻيل دنيا ۾ يورپ کان سواءِ انھن جو وڏو ڪاٿو دبئي، سعودي عرب، اومان ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ آباد آهي. سنڌي هندو روايت پسند آهن. اڄ جڏهن ڪمپيوٽر تي سـَوَن جي تعداد ۾ فونٽ استعمال ٿي رهيا آهن، اتي انھن جي اڪثريت اڄ به وس آهر اهو ئي فونٽ استعمال ڪري رهي آهي، جيڪو انگريزن جي دور ۾ سنڌي لپيءَ لاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ استعمال ڪيو ويو هو. اها ٻوليءَ سان سندن محبت ۽ سچائيءَ جي ثابتي آهي. انھن حالت ۾ سنڌ جي مرڪزي لپيءَ سان جڙيل هئڻ ئي هند جي سنڌين لاءِ سڀاويڪ آهي..

پرشو عربڪ جو اصطلاح:  انگريزن جي دور ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ اهڙا ڪيترائي ڪم ٿيا هئا، جن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ ٺاهيل لپيءَ پٺيان ڪو ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ جو جذبو ڪار فرما نه هو، بلڪه انھن سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجن اصل حدن مان خارج ڪري موجوده سنڌ صوبي تائين محدود ڪرڻ جا اُپاءَ ورتا هئا. اها لپي، جيڪا انگريزن ٺھرائي، انگريزن جي دور ۾ ان کي سنڌي الف، ب، سنڌي الفابيٽ، سنڌي پٽي، سنڌي لپي ۽ ڪٿي ڪٿي عربي سنڌي چيو ويو آهي.

اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وري پکڙجڻ لاءِ کليل ميدان ملي ويو. سنڌ ۾ خداوادي يا هٽ واڻڪي لپي ناياب رهي آهي. هندستان لڏي ويلن جي هڪ گروهه کي اتي خداوادي خط کي پکيڙڻ جو موقعو ملي ويو، جن اتي معياري سنڌي لپيءَ سان گڏ خداواديءَ کي به پڙهائيءَ لاءِ منظور ڪرائي ورتو ۽ انھن ئي عالمن، هندو سنڌين کي معياري خط کان پاسيرو ڪرڻ لاءِ ”پرشو عربڪ“ جو اصطلاح جوڙيو. حالانڪه اهي نالا عربن ۽ ايرانين وٽ به استعمال ٿيندڙ ناهن. عربي ٻوليءَ جي عام معياري فونٽ کي نسخ چيو ويندو آهي، ۽ فارسي ٻوليءَ جي معياري فونٽ کي نستعليق چيو ويندو آهي. ٻوليءَ جي نسبت سان خط جو نالو دنيا جي چند قديم  قومن جي نالي سان ئي منسوب آهي. جيئن رومن اسڪرپٽ اصل ۾ رومن ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي به دنيا جي ڪھني ٻولي آهي، جنھن جو خط ڪيترو به جديد ۽ ٻين قومن سان ملندڙ جلندڙ هجي، پر مٿي ڪيل تحقيق سان خبر پئي ٿي ته اهو خط خود به سنڌو تھذيب جي ارتقائي مرحلن جي اثر تحت جڙيل آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي خط جو نالو  به ”سنڌي“ سونھي ٿو. مٿي ان لاءِ سنڌي الفابيٽ، سنڌي پٽي، سنڌي لپي جا نالا استعمال ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان لاءِ انھن نالن کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ هجي يا ان لاءِ اڃا به ڪو نالو ڳولھڻو هجي ته اهو وڌ ۾ وڌ ”سنڌي نسخ“ ئي ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ ٻولين ۾ استعمال ٿيندڙ وڌ ۾ وڌ آوازن جا آزاد صوتيا مقرر ٿيل آهن، جن جي ترتيب سنڌي پٽيءَ ۾ هن ريت رکيل آهي:

ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، هه، ء، ي

        ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب لکي ٿو ته اها لپي 51 اکرن تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ ”ء“ شامل نه هو، جيڪو بعد ۾ شامل ڪيو ويو آهي[29]. هن قسم جي لکتن ۾ ”ء“ جو استعمال لازم ملزوم آهي. آئون ڊاڪٽر صاحب جي مشاهدي واري تحرير کان ناواقف آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي ڏٺل مثال ۾ ”ء“ لکڻ کان رهجي ويو هجي، باقي هيٺ هڪڙو عڪس ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ مان ڏنل آهي، جيڪو لپي ٺھڻ کان ڪجهه سال پوءِ  يعني 1270هه جو لکيل آهي، جنھن ۾ ”ء“ جو استعمال ٿيل آهي[30]. (ڏسو آخر ۾ چارٽ نمبر 8) حاصل مطلب ته هن وقت ٻوليءَ جي اکرن جو اهو ئي تعداد آهي.

هنن اکرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن لاءِ 29 اکر ا، ب، ت، ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڪ، ق، ل، م، ن، و، هه، ء، ي نسخ نالي خط مان کنيل آهن، 3 سنڌي آواز، جن جا صوتيا عربيءَ ۾ موجود نه هئا، پر فارسيءَ ۾ مروج هئا، تن جا صوتيا پ، چ ۽ گ فارسيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ خط نستعليق ۾ مروج صوتين مطابق رکيا ويا آهن. جڏهن ته 20 وينجن ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڄ، جهه، ڃ، ڇ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ڦ، ک، ڳ، گهه، ڱ، ڻ سنڌي آوازن لاءِ خالص سنڌي صورت ۾ آهن. هيءُ خط سنڌي ٻوليءَ جون ضرورتون ڀليءَ ڀت پوريون ڪري رهيو آهي. هنن ۾ جيڪي صورتون هڪ جھڙيون لڳي رهيون آهن، اهي هڪ طرف سنڌي ٻوليءَ کي ”مـُسند“ مان نڪتل ٻين خطن سان جوڙي ويٺيون آهن، ته ٻئي طرف آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي آوازن تي تحيق لاءِ دعوت به ڏسي رهيون آهن.

چارٽ نمبر 1

سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل خط مُسند

چارٽ نمبر 2

سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل فونيقي خط

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 3

سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل مـُسند خط  مان جڙندڙ عربيءَ جو ابتدائي مرحلو

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 4

سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل سامي خط

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 5

جواهر اللغات ۾ “هه” گاڏڙ لفظن جي استعمال جو مثال

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 6

ٽالپرن جي دور ۾ خط نستعليق ۾ لکيل سنڌي عبارت

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 7

هندستان ۾ موجوده خط نسخ واري لپي ٻارن کي پڙهائڻ جو منظر

 

 

 

 

 

 

چارٽ نمبر 8

1270هه ۾ لکيل سنڌي الفابيٽ جي نئين ۽ پراڻي صورت وسرگ آوازن سميت

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


[1]  User: Vaura/Phoenimian earliest home India

[2] Herodotus, “Histories”, P-460, 461, Translated by George Rawlson, Roman Roads Media LLC Moscow Idaho.  

[3]  ہیروڈوٹس، "دنیا کی قدیم تاریخ"، (اردو مترجم یاسر جواد)، صفحہ 201، نگارشات لاہور، 2005ع۔

[4]  قاضي اطھر مبارڪپوري، “عرب اور هند عھد رسالت مين” (اردو)، صفحو 48، تخليقات لاهور، 2004ع.

[5]  قاضي اطھر مبارڪپوري، ”عرب اور هند عھد رسالت مين“ (اردو)، صفحو 52، تخليقات لاهور، 2004ع.

[6]  مختيار ملاح، ”سنڌي رسم الخط بابت مضمون“، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو مضمون ”سنڌي صورتخطيءَ جو بڻ بنياد 2“، صفحو 52، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، 2016ع (نوٽ: هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جا ٻه مضمون شامل ڪيل آهن، ٻئي ڌيان سان پڙهڻ گهرجن. جڏهن ته ساڳئي ڪتاب ۾ عبدالرحمان جسڪاڻيءَ جو مضمون به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي).

 [7] David Sacks, “Language Visual”, P 13, Alfred A. Knoph Canada, 2003.

[8] Online Brahmi Script-Wikipedia

[9][9]  ابن نديم ”الفھرست“ (عربي)، صفحو 27- 28، درالمعرفت بيروت، لبنان.

[10]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌي صورتخطي“، صفحو 14،  سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع.

[11]  حافظ سيد انيس الحسن، ”نستعليق نامه“ (اردو)، صفحو 6، دارالنفائس، لاهور، 2004ع.

[12]  ساڳيو، صفحو 7.

[13]  ساڳيو، صفحو 8.

[14]  ڪن محققن جو وري اهو چوڻ آهي ته نسخ، ديواني ۽ سياقت نالي خطن کي ملائي جوڙيو ويو آهي.  

[15]  ڪن محققن مطابق هن جو موجد يوسف شجري هو، جنھن ”رياسي“ نالي خط ۾ ڦيرڦار ڪري هي خط جوڙيو هو.

[16]  حافظ سيد انيس الحسن، ”نستعليق نامه“ (اردو)، صفحو 10، دارالنفائس، لاهور، 2004ع.

[17]  حافظ سيد انيس الحسن، ”نستعليق نامه“ (اردو)، صفحو 10، دارالنفائس، لاهور، 2004ع.

[18]  مختيار ملاح، ”سنڌي رسم الخط بابت مضمون“، صفحو 85، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، 2016ع.

[19]  ڊاڪٽر قمر جھان مرزا، ”سنڌ جي تاريخ، ٽالپرن جو دور“، صفحو 301، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، 2016ع.

[20]  مختيار ملاح، ”سنڌي رسم الخط بابت مضمون“، صفحو 70، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، 2016ع.

[21]  آن لائين سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائٽ، پير حسام الدين راشدي، منشي صاحب راءِ ”آزاد“، صفحو 10، ٽماهي مھراڻ 1955ع.

[22]  آن لائين سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائٽ، پير حسام الدين راشدي، ”ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون“، صفحو 46.

[23]  مختيار ملاح، ”خداوادي رسم الخط“، صفحو 72، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2018ع.

[24]  ساڳيو، صفحو 139، 140.

[25]  ساڳيو، صفحو 170.

[26]  مختيار ملاح، ”خداوادي رسم الخط“، صفحو 176، 177، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2018ع.

[27]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، صفحو 13، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 1992ع.

[28]  مختيار ملاح، ”خداوادي رسم الخط“، صفحو 41، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2018ع.

[29]  ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو“، صفحو 56، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2022ع.

[30]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، صفحو 122، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 1992ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org