|
رکيل مورائي

ھڪ ادبي ڪُٽنب مٿان لھي ويندڙ سِجَ جو الميو
هڪ ادبي جوڙي ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش، جنھن
جوڙيءَ سنڌي ادب کي ناول، ڪھاڻيون، ناٽڪ، ڪوتائون،
مضمون، مقالا ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جھڙا سفر ناما ڏنا.
ساهتيءَ جي شھر خانواهڻ، تعلقي، ڪنڊياري جي
ڪلاپرڪاش ۽ دڙو ضلعو ٺٽو جو ڊاڪٽر موتي پرڪاش جنھن:
”اوندهه ۾ جوت جڳائڻ وارا سنڌي“، جھڙو جڳ مشھور
گيت سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو.
ساهتي ۽ لاڙ جو امتزاج جي سنگم تخليق شريڪانت،
وچولي ۽ لاڙ جي هڪ حسين امتزاج جنھن سنگم تخليق
ڪيو سنڌيءَ جي جديد شاعر شريڪانت ”صدف“ هن 23
جولاءِ 1959ع تي ممبئي ۾ جنم ورتو. ان جي ڄمڻ تي،
سندس وڌڻ ويجهڻ تي ڪلا پرڪاش جو هڪ معصوم ڪوتائن
جو ڪتاب ”ممتا جون لھرون“ ڇپيو هو.
هن ڪتاب هند- سنڌ ۾ هڪ نرالي مڃتا ماڻي ۽ هڪ کان
وڌيڪ ڀيرا سنڌ سميت ڇپيو. هن جوڙي سان منھنجو تعلق
گذريل صديءَ جي اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جڙيو
جيڪو هر ڏينھن مضبوط ٿيندو رهيو. خاص سبب سندن
سڪيلڌو شريڪانت هو، جيڪو منھنجو دوست بڻيو. مان
ڀانيان ته سنڌ ۾ شريڪانت جو تعارف ڪرائيندڙ مان
پھريون شخص هئس، سندس پھرئين ڪتاب ”نفرت جا گل“
تي هڪ اڀياس لکي.
ڪلا پرڪاش هڪ ڀيري خط ۾ لکيو هوم:
پيارا پٽ رکيل! تنھنجو خط ڏاڍي
دير سان وراڻي رهي آهيان. اميد ته دل ۾ نه ڪندين.
ضرور سمجهندو هوندين امڙ کي ڪو سبب هوندو ۽
شريڪانت ۽ راجوءَ وٽ ٻي ننڍڙي ببلي آئي آهي.
ساڪشي، سمرتيءَ جي ننڍڙي ڀيڻ! اسان جي ٻي پوٽي،
سنڌوءَ جي ڀائٽي! مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ڪروڙ
پتين کان وڌيڪ شاهوڪار ٿي پيا آهيون. ساڪشي اڄ 42
ڏينھن جي ٿي!
تنھنجي خط جو هڪڙو جملو ته: ڪلثوم منھنجي
گهرواريءَ سان گڏ منھنجي محبوب آهي، منھنجي ٻچڙن
جي ماءُ آهي...
مان ته آڪاس ۾ اُڏامي ويس
تنھنجا هيءَ جذبات ڄاڻي، هن رشتي جي جيتري عزت ڪجي
اوتري ٿوري! هوءَ تا عمر تنھنجي محبوب رهي، مان
ائين ٿي چاهيان. توهان ٻنھين لاءِ دعائون. ٻارن
لاءِ به ڍير پيار.
خط جو باقي حصو موتي لاءِ خالي
ڇڏيان ٿي. هو توکي لکندو. تون ڪڏهن زرينا ڀاڀيءَ
سان ملين ته کيس منھنجا سلام ڏج. مون کين خط لکيو
آهي خبر ناهي مليو اٿن يا نه.
پيارن مان تنھنجا،
ڪلا موتي
1998-09-19، دبئي.
  
ڊاڪٽر موتي پرڪاش هڪ حسين شخص، شاعر، ڪھاڻيڪار،
ناول نگار، ناٽڪ نگار، صدا ڪار، اداڪار ۽ ٻيو گهڻو
ڪجهه، دلي، شخصي ۽ ادبي ويجھڙائيءَ سبب اڪثر ساڻس
لک پڙهه هلندي هئي، جيستائين موبائيل فون نه آيو
هئو، هن هڪَ خط ۾ لکيو هو!
پيارا رکيل!
مزي ۾ هوندين.
شريڪانت مھيني کن لاءِ بمبئي ويل آهي. 5-آڪٽوبر تي
موٽندو. هڪ دوست وٽان فون آيو، توهان شايد کيس
ڪجهه ڪتاب ڏنا آهن، اسان لاءِ. پھچائي ويندو، هتان
به هن جي هٿان ڪجهه ڪتاب موڪليندس.
سڀني ساٿين لاءِ يادگيريون.
اوهان جو موتي پرڪاش.
۽ سندن حسين جميل شاعر پٽ شريڪانت
”صدف“ اڪثر پنھنجي ادبي ۽ شخصي احوال کان واقف
ڪندو رهندو هو. هو منھنجو دلي دوست جو هو، استاد
بخاريءَ ٺيڪ چيو هو:
تنھنجو منھنجو ناتو رشتو، شايد
موت ڇني.
موت هن جو ۽ منھنجو ناتو ڇني ڇڏيو، نه رڳو ناتو
ڇنو، پر شدت سان محسوس ڪرايو ته هيءُ ادبي ڪُٽنب
پنھنجي پُڄاڻيءَ تي پھتو! شريڪانت شاعريءَ سان
ناتو ته چڱا سال اڳ ڇِني چڪو هو. آخر ۾ هو هڪ ننڍو
ڪاروبار ڪندڙ شخص هو، پر اُهو سچ آهي هن جي ادبي
ماحول سندس وڌڻ روڪي ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ ان سڀ ۾
سندس گرم مزاج جو به ڪي قدر عمل دخل هو.
شريڪانت صدف سنڌي غزل لکڻ سان پنھنجي شاعراڻي
شروعات ڪئي، سندس غزل وقت ۽ حالتن جي غصي گاڏڙ
آواز ۾ هڪ اهڙو غزل هو جيڪو کانئس اڳ شايد هند
اندر ٿوري انداز ۾ ملي سگهندو. هو ٿوري وقت اندر
گهڻو وڏو شاعر ٿي سامھون آيو. ان تڪڙي مڃتا ماڻڻ
پويان هن جو شعري ۽ تخليقي اظھار هو. ادب ۾ جيئن
اڪثر ٿيندو آهي، نئين شعور کي قبولڻ ڏکيو هوندو
آهي، ائين اڳتي هلي شريڪانت سان به ٿيو، اڳ
ناميارو نقاد هري واسواڻي ادب کان سنياس ورتو
ساڳيءَ طرح چار شاعريءَ جا ڪتاب ڏيئي شريڪانت به
ادب کان سنياس ورتو. هن ٿيڻ واريون سموريون اڻ
وڻندڙ حالتون پنھنجي ڪيترن ئي خطن ۾ اظھاريون آهن
جن مان سندس ڪيفيتن ۽ اتان جي ادبي ماحول جو
اندازو لڳائڻ گهڻو ڏکيو نه آهي. هڪ خط ۾ هن لکيو:
پيارا رکيل!
ٽي ڏينھن اڳ تنھنجو خط مليو
اٿم، مان انڊيا مان 9/10 تي دبئي پھتس. اتي چڙهيل
ڄمار جو، پر سنڌيءَ لاءِ شاعريءَ ۾ نئون نالو،
لڪشمڻ دُبي، مون سان ڪافي وقت ساٿ رهيو. هو انڊيا
مان به هتي دُبئي مون کي فون ڪندو رهيو هو. نھايت
پيارو نيڪ انسان آهي، توڙي جو شاعريءَ ۾ بلوغت اڃا
ڪا نه آئي اٿس، پر
Philosophical
پسمنظر اٿس. هن پنھنجو پھريون شعري مجموعو ”اَٺَ
ئي پهر اُٻاڻڪو“ هري موٽواڻي (ڪونج پبليڪيشن)
پاران ڇپجڻ لاءِ پريس ۾ ڏنو آهي. مون کان ٻيڻي
ڄمار جو هئڻ جي باوجود شعرن ۾ درستيون ڪرائڻ وقت
ڪو حجاب ڪو نه ڪيائين ۽ اهڙن موقعن تي نھايت سليقي
سان پيش آيو. مان به سندس عزت ڪندو آهيان جو سُٺي
انسان ۽ سٺي شاعر (يا ساهتڪار) مان ڪنھن هڪ جي
انتخاب جو موقعو هجي ته مان سُٺو انسان چونڊيندس.
مون جن کي پنھنجا ڪتاب ارپڻ ڪيا آهن، انھن کان
بھتر به ڪن لکيو آهي پر انھن کان بھتر انسان ملڻ
مشڪل آهي.

مون لکڻ لڳ ڀڳ ڇڏي ڏنو آهي جنھن جا سبب ڪيترائي
آهن: ڪي گهريلو مسئلا، مثلن مالي اعتبار کان پاڻ
کي ايترو سگهارو ڪو نه بڻائي سگهيو آهيان جو سُک
جو ساهه کڻي سگهان، تنھن کان سواءِ مون کي پنھنجي
ڀيڻ کي به اڃا
Settle
ڪرائڻو آهي، تنھن کان سواءِ منھنجي والدين جي صحت
هاڻ سالم ڪا نه رهي آهي، البت هو هلن پيا ۽ ظاهري
طور مان به کِلان ڳالھايان پيو.
هتي اِهو به ٻُڌائي ڇڏيان ته اسان وٽ هاڻ لکڻ جو
ڪو به مقصد ڪو نه رهيو آهي. ٻوليءَ جو مستقبل ته
اونداهو آهي ئي، پر ماحول به دم گُهٽيندڙ آهي.
شايد علم هوندءِ ته اسان وٽ حسد ۽ بغض جا اُهي
اُگرا روپ منظر عام تي آيا آهن جي ڏسڻ بعد مون کان
وڏن قلمڪارن به قلم پاسيرا رکي ڇڏيا آهن. انعام ۽
مشھوري هر ڪو فقط پنھنجي چاهي ٿو، ڪنھن ٻئي کي
نصيب ٿئي ٿي ته کيس نيچو ڏيکارڻ جُون ڪوششون شروع
ٿي وڃن ٿيون. مستقل طور خاموش ٿي ويل عظيم اديبن
شاعرن ۾ گوورڌن ڀارتي، آنند کيماڻي ۽ هريش
واسواڻيءَ جھڙا نالا شامل آهن.
شايد خبر هوندءِ ته سنڌيت هلچل جي عظيم ترين
”رهبر“ اي جي اُتم جي شخصي زندگيءَ تي اڻ سڌيءَ
طرح، ”ڪھاڻين“ جي ذريعي حملا ڪيا ويا آهن ۽ شخصي
طور به محفلن ۽ ڪن سيمينارن ۾
Off The Record
ان وشيه کي اُڇاليو ويو آهي. سندس ڏوهه اِهو آهي
ته هو غلط کي غلط لکندو آهي. ان کان به عجيب ڳالھه
اِها آهي ته ڪي چيزون جيڪي اُڇاليون ويون آهن،
اُهي سؤ فيصد ڪوڙ تي ٻڌل آهن، معنيٰ دل مان ٺاهيل
Fabricated
آهن. مون سان به ٻارهن سال اڳ ائين ڪيو ويو هو، پر
مان خاموش رهيس، رد عمل جي معاملي ۾. فقط تخليق
ڪندو رهيس. ويجھڙائي ۾ هڪوار وري ائين ٿيڻ شروع
ٿيو ته مون پنھنجي خاموشي ٽوڙي ۽ ڪن کي اڻ سڌا
جواب ڏنم، يا ائين چوان ته پنھنجي معيار تان ڪريس.
تازو پنھنجي هڪ اهڙي ئي ڪويتا ”ڪونج“ ۾ پڙهيم جيڪا
ڏيڍ سال اڳ موڪلي هئم، ڪا نه ڇپي وئي. پر هن ڀيري
سمپادڪ جي ڪتاب تي رايو موڪلڻ سان گڏ موڪليم ته
اِها ڇپي وئي آهي.
مون ڪن سان پنھنجي دل اوري آهي. اسان جي ادب جا
جيڪي ٿنڀا آهن جيڪي ڪرندڙ عمارت کي اڄ به جهلي
بيٺا آهن، تن کي به صورتحال کان واقف ڪرڻ ضروري
آهي. انڊيا ۾ اهڙن سان مان
Touch
۾ رهيو آهيان، اتي سنڌ ۾ تنوير صاحب ۽ اياز صاحب
کي ان روئداد کان واقف ڪرين ته سُٺو. مون هيءُ
ماحول کي غمگين بڻائڻ لاءِ ڪو نه لکيو آهي، اسان
وٽ خوش گذارڻ جا به شايد اوترائي سبب آهن.
انڊيا ۾ تازو روماني ڪھاڻيءَ جو واحد ليکڪ گُنو
سامتاڻي گذاري ويو. هن تمام ٿورو لکيو، پر ”اڀمان“
۽ ”پرلئه“ ٻن ڪھاڻين سبب هو ”امر“ رهندو. افسوس جي
ڳالھه آهي جو ترقي پسند اديبن جي هڪ سڄي جماعت سان
جنگ جوٽيندڙ ٻه ليکڪ، موهن ڪلپنا ۽ گُنو سامتاڻي
هاڻ نه رهيا. هو غلط هئا يا صحيح اهو اهم ڪونھي،
پر سٺ واري ڏهاڪي ۾ هنن جو هڪڙو ڏهڪاءُ هوندو هو،
هڪ دهشت هوندي هئي، نه فقط ليکڪ پر پاٺڪ جي ذهن تي
پڻ...
ڪلپنا صاحب ته پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اهو لکي پنھنجي
عظمت جو ثبوت ڏنو ته، ”ٻولي، ڪلچر ۽ جاتي کي جن
جوانيون ڏئي ڇڏيون اُهي ترقي پسند ئي هئا.“ هيءُ
ٻئي صاحب ترقي پسند ادب جا قائل نه هئڻ جي باوجود
انھن ليکڪن سان جذباتي طور ڳنڍيل رهيا. سچ به اِهو
ئي آهي. مان اي جي اُتم جي عزت عبادت جي حد تائين
ڪندو آهيان جو هو سنڌيت جي هلچل جو
Mobile
۽
Vocal
پيروڪار آهي، پر مان ترقي پسند ادب جو قائل ناهيان
۽ هو ڪٽر ترقي پسند آهي.
”ساهتڪار“
رسالو مھاراشٽرا سنڌي اڪاڊميءَ جو هئو جا هاڻ بند
ٿي چڪي آهي. البت تنھنجو لکيل ”اڀياس“
جي تو چاهيو ته ڪنھن ٻئي رسالي ۾ جيڪو وڌيڪ پاٺڪن
تائين پھچائي سگهجي، ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪبي.
تازو بمبئي ۾ ”سپون“ جي تازي پرچي جو مھورت ٺاڪر
چاولا مون کان ڪرايو. مون اُتي ٻوليءَ جي مستقبل
بابت ڪي به دعوائون ڪو نه ڪيون، نه ئي ڪنھن جي
ساراهه يا ”واهه واهه“ ڪيم. ڪي ٺوس حقيقتون بيان
ڪيم پر بيحد خوش ٿيس جو سَتَ سو کن عام سنڌين جي
وچ ۾:
I was received well.
”ساهتڪار“
کان سواءِ ٻيو سنجيدو رسالو ”رچنا“ ۽ تنھن کان
پوءِ ”ڪونج“ آهي. جيئن تو چاهيو، جي نه به ته تو
لکيو اُهو ئي ڪافي آهي.
هڪ اهم ڳالھه، سيتا سنڌو ڀونَ ۾ ”سپون“ جي مھورت
بعد هڪ شخص مون کي چيو ته ”توهان جا ڪتاب پڙهڻ ٿو
چاهيان پر جڳديش بوڪ ڊيپو الھاس نگر تان باقاعدي
خريد ڪري پڙهندس. توهان شاعر نور نچوڙيو ٿا توڙي
جو ٻولي آخري ساهه پيئي کڻي... مون ان تي کيس
چيو، ”اوهان سنڌ جا نئين ٽھي جا شاعر پڙهيا آهن؟“
چيائين، ”اياز گل کان پوءِ ”سپون“ جي ذريعي هاڻ
رکيل مورائيءَ بابت ڄاڻڻ لڳو آهيان...“ هن وٽ گل
جا ٻه ڪتاب آهن.
مون
Received Well
ان ڪري محسوس ڪيو جو اتي موجود عام سنڌي سمجهي ته
رهيو ئي هئو پر مون کي محسوس پڻ ڪري رهيو هئو.
تنھنجي ڪتاب جي ڇپجڻ جو مون کي اوترو ئي انتظار
آهي، جيترو شايد توکي هوندو. تون ڪي چيزون مون ڏي
موڪليندين ته مان وڌيڪ ته نه، پر دل جي گهرائين
مان هڪ صفحو
Full Sketch
جيترو مواد توڏي ضرور لکي موڪليندس. مون تازو
لڪشمڻ دُبي جي غزل سنگرهه لاءِ بيڪ پيج لاءِ هڪ
صفحو لکيو آهي، مان جڏهن ٿورو لکندو آهيان ته
سُھڻو لکندو آهيان... ياد ٿو اچيم ته هيءُ خط
ڪيترائي صفحا لکي چڪو آهيان...
صدف
1997-09-20، دبئي.
ڪيئن به هجي شريڪانت ”صدف“ ادب ۾ اڪيلو ٿيو، پري
هليو ويو، جيڪو هن 13 مئي تي زندگيءَ کان ئي پري
هليو ويو. مان ڪجهه انھن غزلن جا بند ذڪر هيٺ آڻڻ
چاهيندس، جن مان سندس ڪتابن جا نالا کنيا ويا آهن.
هن پنھنجي پھرين شعري مجموعي ”نفرت جا گل“ ۾ لکيو
هو ته:

نفرت جا گل ئي ٺيڪ ها، جي سچ پڇين ته دوست،
مون کان نٿا هي پيار جا، پٿر سنڀالجن.
پنھنجي وکريل ذهني ڪيفيت جو اظهار هن پنھنجي ٻئي
شعري مجموعي ”نانگن جا ٻِر“ ۾ هن طرح ڪيو آهي:

هاڻ نانگن جا ٻرَ نظر ايندا،
مون ۾ سوراخ ٿي چڪا آهن،
پنھنجي ٽئين شاعراڻي ڪتاب ذهن جا ”قبيلا“ ۾ هن
لکيو:
مختلف سوچ ۽ دائمي دشمنيون،
ذهن منھنجي ۾ ڪيئي قبيلا هئا.

هنن سٽن مان سندس من جون ڪيفيتون سمجهڻ ڏکيون نه
آهن، چڱي وقت کان شريڪانت صدف ادب کان پري هئو،
تيرهن مئي ٻه هزار پنجويھه تي هو اسان سڀني سميت،
پنھنجي زندگيءَ کان به پري هليو ويو. هن جي ديھانت
سان سنڌي جديد شاعراڻي ادب جو جيڪو حصو اڻ پورو
رهجي ويو ان جو پوراءُ شايد ئي ٿي سگهي پر شريڪانت
”صدف“ جي ديھانت سان جيڪا هڪ سموري ادبي ڪٽنب جي
پڄاڻي ٿي آهي ان جو پوراءُ سنڌي ادب ۾ ممڪن نه آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي موت اهڙا ٿيندا آهن جن شخصن جو بدل
وقت پيدا نه ڪري سگهندو آهي، شريڪانت ”صدف“ جو موت
هڪ شخص، هڪ شاعر جو موت نه آهي، هيءُ موت هڪ ادبي
پريوار/ڪٽنب جي پڄاڻيءَ جو الميو آهي، ڪيترا سِجَ
هن الميي کي ياد رکندا. الميا جيڪي تاريخ جي چھري
تي چِٽا ٿي بيھندا آهن. شريڪانت ”صدف“ جي هن ياد
جيان:
ڪھڙي صدف جي ڳالھه ۽ ڪھڙا غزل ڇڏيو!
شاعر جي خوب هو ته ڇا، سنڌ ۾ ڄميو نه هو.
جيتوڻيڪ شريڪانت ”صدف“ 2004ع ۾ سنڌ ڏٺي، هو پنھنجي
والد ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان گڏ هڪ ادبي وفد ۾ آيو
هو. ان کان اڳ هن سنڌ فقط پنھنجي پيءُ ڊاڪٽر موتي
پرڪاش ۽ پنھنجي امڙ ڪلا پرڪاش جي اکين ۾ ڏٺي هئي،
جيڪا سندس اکين ۾ مرڪندي هئي.
هڪ سنڌي شاعر جيڪو ڄميو به سنڌ کان پري ۽ ديھانت
به سنڌ کان پري ڪيائين ڇا اِهو الميو گهٽ آهي؟ |