سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:20 

مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“

 

 

 

غزل

 

خوابن ۽ خيالن ۾ آهين تون صنم سهڻا،

اکڙين ۾ به تون آهين، آهي تنهنجو قسم سهڻا.

 

ويهاري پنهنجي سامهون ڏسندو ٿو رهان توکي،

۽ توکان سوا مون کي ڪنهن ٻي سان نه ڪم سهڻا.

 

هر وقت ۾ ياد آهين شل خوش هجين دم دم تون،

اي پيارا سندم دلبر سڪ تنهنجي اٿم سهڻا.

 

تون دور مون کان جاني ٿو جيڪي رهين گهڙيون،

سي سڀيئي گهڙيون مون سان گڏ رنج و الم سهڻا.

 

ڀَل مهڻا ملن پيا اڄ ماڻهو به شڪايت ڪن،

مون کي ٿو کپي هردم تنهنجو ئي ڪرم سهڻا.

 

دنيا ۾ ڪم آ منهنجو توسان ٿو ڪريان اُلفت،

مون کي آ ڏنو موليٰ تولاءِ جنم سهڻا.

 

تنهنجو ٿي جيان پيو مان تنهنجو ٿي رهان پيو مان،

۽ تنهنجو قسم رکندس اُلفت جو ڀرم سهڻا.

 

هڪ ٻي جا ٻيئي آهيون پر پو به پري آهيون،

ماري ٿو ۽ ڳاري پيو بس هڪ اهو غم سهڻا.

 

ڇڏ هوڏ پيارا تون اچ گڏجي گذاريون ٻئي،

تون گڏجي رهڻ جو کڻ ’عاطف‘ سان قدم سهڻا.

 

غزل

 

سواءِ تنهنجي صنم سهڻا هر خوشي ڪهڙي،

مريو مريو پيو جيان هيءَ آ زندگي ڪهڙي.

 

ڏسان پيو توکي اها ئي سندم عبادت آ،

سواءِ ان جي ڀلا ٻي ڪا بندگي ڪهڙي.

 

ڏسان ٿو توکي ته چاهيان ٿو توڏي وڌندو اچان،

تون ئي ٻڌاءِ سڄڻ هيءَ آ بيخودي ڪهڙي.

 

سندءِ ملڻ ٻه گهڙيون پوءِ انتظار ڊگهو،

ڀلا ٻڌاءِ سڄڻ هيءَ آ دوستي ڪهڙي.

 

اسان ته دنيا جو ڪجهه ناهي ڪو قصو ڪيو،

ته پو جهان جي اسان سان هي دشمني ڪهڙي.

 

اندر سڙي ۽ ڳري پيو مگر زبان چپ ڇو،

اهوئي سمجهان نٿو هيءَ آ خامشي ڪهڙي.

 

سڄڻ جي سونهن سان ’عاطف‘ جهان روشن آ،

سواءِ هن جي ڀلا ٻي ڪا روشني ڪهڙي.

 

سرفراز راڄڙ

 

 

 

نظم

ڪئي جاني جفا اوچتو اوچتو،

بي سبب ٿيو خفا اوچتو اوچتو.

 

پٿر کي ٿي ڪيم پنهنجو صنم،

ايڏا ته ڪري ويو مون تي ستم،

آ ٿي ويو خدا اوچتو اوچتو.

 

رقيب ٿي کِليا دنيا پي ڏٺو،

منهنجو هو ڪيئن ٻي جو ٿيو،

ڇا هو ٿي ويو ڇا اوچتو اوچتو.

 

هن جون ادائون قيامت هيون،

هر هر ٿي مون کي ماري ويون،

۽ ڪسي ڪيئن پي ويا اوچتو اوچتو.

 

ڏنئي اهنج وڇوڙا آهون ۽ دانهون،

”فراز“ جي دل ۾ تولئه چاهون،

ڪهڙي آئي قضا اوچتو اوچتو.

 

ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

 

 

 

ڀائر ٿيو ڀائرو

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، ڀلي آهي ڀائپي،

ڇِنو نه مائٽي، ڀاڪر پايو پاڻ ۾.

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، نفرت ڪيو ناس،

رسامو راڪاس، ٿو جهڳا جهڻ ڪري.

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، ٿيو کنڊ ۽ کيرُ،

ته توهان کي اميرُ، هرڪو چئي هيج مان.

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، ڪڍو من مان ميرُ،

ڪنهن سان رکڻ ويرُ، چڱو ناهه مٺا.

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، ڪيو ڪين فساد،

ابليسي عناد، ڪڍي ڇڏيو قلب مان.

 

ڀائر ٿيو ڀائرو، ڪي چڱا ڪم ڪيو،

ملي هڪ ٿيو، مندي ڪڍي من مان.

 

ادل سومرو

 

 

 

 

وايون

ڌکايل  ڏات ڪنڀر  جي،

بڻايو ھي گهڙو آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

اباڻو  اوڏڪو گهر  آھي،

نه  تالو ۽ ڪڙو  آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

علامت   آھي  تهذيبي،

موھن جو ھي دڙو آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

اھوئي  درد  آ  پنهنجو،

مٺو آھي  ڪڙو  آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

جنازا    ماتمي  سارا،

ڳڙھيءَ تي ئي ڳڙو آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

ڪريو آويءَ مٿان اڏري،

ڪنڀارڻ جو پڙو آھي،

مٽيءَ جو نانءُ ڇا رکجي!

*

بتيون نئين سال جون،

ٻيلي* منجهه ٻريون،

ڪو رلي ٿو ھيڪلو.

سکر  سارو  سيءُ  ھو،

ڪاٺيون رات ٺريون،

ڪو رلي ٿو ھيڪلو.

سينٽ ميري چرچ جون،

آھن   بند  دريون،

ڪو رلي ٿو ھيڪلو.

يادون  آڙين   وانگيان،

سنڌوءَ منجھه تريون،

ڪو رلي ٿو ھيڪلو.

ويهي  بکر   چوڪ  تي،

ھن جي ڳالهه ڪريون،

ڪو رلي ٿو ھيڪلو.


 

 

*

ڪيڪ چوڌاري  ٻرندي،

ميڻ بتيون مرڪن،

تنهنجي جنم ڏينهن تي.

ڪيڏا  اڄ  ڪراڙ   ۾،

جر _ ڏيئا جهمڪن،

تنهنجي جنم ڏينهن تي.

سکر   بکر    پاڻ   ۾،

تنهنجون ڳالهيون ڪن،

تنهنجي جنم ڏينهن تي.

اڃارن   ۾   اوتجي،

جام خالي کڙڪن،

تنهنجي جنم ڏينهن تي.

اوچا  اڄ   اروڙ  ۾،

جهنڊا ٿا  ڦڙڪن،

تنهنجي جنم ڏينهن تي.

 

 

*

هو وڃن  هنگلاج ڏي،

انت کان اوري هلون،

پاڻ ٿا موري  هلون.

ڀونء تي ئي ڀروسو،

سمنڊ کي سوري هلون،

پاڻ ٿا موري هلون.

کڙکٻيتا   فڪر  جا،

ترورا  توري  هلون،

پاڻ ٿا  موري هلون.

روح جي رگويد مان،

ڪا ڪٿا ڪوري هلون،

پاڻ ٿا موري هلون.

سنڌ تنهنجي نانء تان،

هر خوشي گهوري هلون،

پاڻ  ٿا موري هلون.

ڳالھه جا راشد ڪئي**،

اڄ  اها  اوري   هلون،

پاڻ ٿا موري هلون.

 

شبنم گل

 

 

 

 

 

اداسيءَ جو گيت

هوءَ  تخيل جي

آسماني محل مان نڪرندڙ

هڪ خاموش گيت وانگر هئي،

هڪ اهڙو ساز،

جنهن جي سرن ۾

ساهن جا ٿڪ،

ساھي پٽيندا ھئا.

هوءَ  پرسيفني جي مرڪ وانگر

سياري جي ڳاڙهن گلن ۾ قيد هئي،

هوءَ اتي به هئي،

جتي گليچيس جو جسم

آرڪٽڪ برف ۾

هڪ بي اثر دعا وانگر اڪيلو پيو هو،

۽ هرمس

سندس ساهن تي

ٻرندڙ ڇانو بڻجي ويو.

اداسيءَ جا آواز

ها، اهي ئي هئا

جيڪا تو ٻڌا،

اهي اورفيس جا تار هئا

يوريڊس  لاءِ روئيندڙ،

دوزخ جي در تي،

جتي موسيقيءَ جو آخري سر

خاموشيءَ جي ڪفن ۾ ويڙھجي ويو هو.

هيءَ اداسي،

 

 

نه رڳو درد مان ڦٽي نڪتي ھئي،

پر هڪ روايت هئي،

هڪ دائمي گيت،

جنهن ۾ پروميٿيس جي باھه

وسامي وئي،

۽ انسانيت،

دانهون ڪندي،

روشنيءَ جي معنيٰ وساري ويٺي.

اڄ جڏھن تون پنهنجي روح جي

اولمپس تي بيٺي آھين

تڏھن تون فقط اداسيءَ جي

ديوي نه آھين

پر اھا شاھدي به آھين ته

انسان جي تڪليف به

ھڪ نئين تخليق جو

سرچشمو بڻجي سگهي ٿي!

 

ڊاڪٽر مشتاق ڦل

 

غزل

 

روئي ڪنهن کي ياد ڪرڻ جي ڇا معنيٰ؟

اک مان ڳوڙها روز ڳڙڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

تصويرن جو البم ۽ ڪا مرڪ ڏسي،

سڏڪي سڏڪي خط پڙهڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

دردَ به ڄڻ ڪي پنهنجا يار پراڻا هَن،

ساروڻين سان گڏ گهمڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

چانڊوڪي ۽ گهر جو آڳر، تنهائي،

هيڏي جدائي يار جِيڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

گُلَ جي جواني، ڦُلواڙيءَ  جا رنگ ڏسي،

ڪنهن جي ٻيهر ياد اچڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

پنهنجو پاڻ سان ڀاڪر پائي ڪمري ۾،

ميڻ بتيءَ جان روز ٻرڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

هڪڙي ماڻهوءَ کي به ته پرچائي نه سَگهئين،

توکي پو ’مشتاقُ‘ سڏڻ جي ڇا معنيٰ؟

 

سليم چنا

 

 

 

 

بيت

 

ڀَري منجهه ڀاڪرين، قابو قُرب ڪيوءِ،

ستارن ڏٺوءِ، ڇڏي حُسن چنڊ جو.

 

ڀاڪر ڀاڪر سان هو، جڙيل جيئن جنڊ،

ٽُڪر ٽُڪر کنڊ، ڪٽجي هِي ڌرتي وئي.

 

ڊوڙون به ڀريم تولاءِ، ريل وئي تڪڙي،

مِٽي کئي مٺڙي، سنڌ جو پاڻي ڀي.

 

ويندو نه مون وسري، ڀاڪر تو وڌو،

سوگهو مون سڌو، ڪيو آهه قرب ۾.

 

مِٽي به وئي وسري، سنڌو به وئي توکان،

ماءُ اٿئي ٻُڍڙي، سڪ ۾ سالن کان.

 

سپنا سڀ سُٺا پَــرَ، جاڳنديءَ ٽٽي پيا،

اُجرا شيشا ها، يڪدم ڀور ڀور ٿيا.

 

تو به ڏٺو ڏاڏا، سُڏڪيو پي هو ڪاڪا،

ڪيئي نه واڪا، هُو ريل وئي نڪري.

 

پڇتاءُ آ اِهيو، هئاسين مڪئي سنگ،

ڌار ٿيا داڻا، رهجي وئي اُمنگ،

ڇا ايڏا ها تنگ، جو جلدئي جدا ٿيا.

 

وسيم سومرو

 

 

 

 

غزل

 

ساھ تولئه مان کڻان ٿو ساھه کي روڪي،

ڪير آ جو هاڻ منهنجي راھه کي روڪي.

 

آئون ڪانن جيئن اڃيو آھيان جلي ويندس،

مينهن کي چئو جهنگ جي آڙاھه کي روڪي.

 

گس سهڻيءَ جو آ ڪهڙو تار ڪهڙي آ،

ڪنهن مهاڻيءَ آ ڏٺو درياھه کي روڪي.

 

هو وڏي ويڙهاند چاهي ٿو پهاڙن ۾،

ٻن قبيلن جي جيئڻ جي ٺاھه کي روڪي.

 

وآءُ هي آهي سڻائو يا اڻائو آ،

وقت سو ويو جو اسن ۾ ڳاھه کي روڪي.

 

چئن چارين جا آ پاڇا سوجھري تائين،

ڪيترو هيءَ رات آخر چاھه کي روڪي.

 

ٻي ته منهنجي واھه ناهي وقت جا واهر،

ڪر نه تون بي واھ منهنجي واھه کي روڪي.

 

پيو وڄي، وڄندو رهي سُر ٿي رسالي ۾،

ڪو متان رڪجي تنبورو شاھه کي روڪي.

 

منهنجي مٽي دين منهنجو اي ”وسيم“ آهي،

روشنيءَ جي ڪير هن ويساھه کي روڪي.

 

عابد انڙ

 

 

 

 

 

نثري نظم

عارضو

تُنھنجا وارَ

تُنھنجا ھَٿَ

۽ تُنھنجا پيرَ

چَمڪندڙ اُس ۾

ڏاڍا خوبصورت لڳندا آهن!

 

تُنھنجيون اکيون

تُنھنجا چَپَ

۽ تُنھنجو بدن

نيم تاريڪيءَ ۾

خوبصورت لڳندا آهن!

 

منھنجيون اکيون

چمڪندڙ اُس ۾

کُلنديون ناھن

۽ نيم تاريڪيءَ ۾

ڏِسنديون ناھن!!

 

ڪارگَرُ

مون ڪڏهن به ھُن کان

اھڙو ڪو سوال نه ڪيو ھو

جيڪو

تڪڙو تعلق قائم ڪرڻ ۾

ڪم اچي ھا!

 

نه وري ھُن ڪو

اھڙو جواب ڏنو ھو

جيڪو تعلق کي

دير تائين قائم رکڻ لاءِ

 ڪارگَرُ ٿئي ھا!

 

گلبدن جاويد

 

 

 

وائي

 

توسان جو پيار ۾ آهيان

سونهن سنسار ۾ آهيان

توسان جو پيار ۾ آهيان

ڳالهه پنهنجي ڀرم جي

نظر تنهنجي ڪرم جي

تنهنجي نهار ۾ آهيان

توسان جو پيار ۾ آهيان

فضائون رنگ پيون هارين

ستارا روشنيون ڇاڻين

انهي چمتڪار ۾ آهيان

توسان جو پيار ۾ آهيان

رهين ٿو من مندر ۾ تون

وسين ٿو روح اندر ۾ تون

خوشين خمار ۾ آهيان

توسان جو پيار ۾ آهيان

مليا  تحفا دعائن  جا

۽ ڳايا نغما  وفائن  جا

الفت  اقرار  ۾  آهيان

توسان جو پيار ۾ آهيان

لٿي بارات سپنن جي

وٺي برسات مکڙين جي

موج ملهار ۾ آهيان

توسان جو پيار ۾ اهيان

سونهن سنسار ۾ آهيان.

شميم سومرو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

وائي

 

منهنجي روح منجھان،

نڪري سگهندين ڪونه تون.

 

منهنجي دل دماغ مان،

سچ ٿي آئون چوان،

نڪري سگهندين ڪونه تون.

 

منهنجي شعرن جي اندر،

آھين دوست اڃان،

نڪري سگهندين ڪونه تون.

 

جيسين ساھه ”شميم“ آ،

رھندين ساھن سان،

نڪري سگهندين ڪونه تون.

 

غزل

تنهنجي ٿي تڙپائي ياد،

منهنجو من ٿي گھائي ياد.

 

آڌيءَ رات جو روز اچي،

سور پئي جاڳائي ياد.

 

ڪنهن دم باغ بهار ٿي،

من کي ٿي مهڪائي ياد.

 

يادن جي آ آجيان،

ڪيئن ڪوئي ٺڪرائي ياد.

 

وائي غزل ”شميم“ کان،

ڪيئن ٿي ڏس لکرائي ياد.

 

رجب ٻگهيو

 

 

 

 

غزل

 

ڪيڏا  ڪانگ  اُڏاريا  ھا  مون!

ويهي  سج   اُڀاريا  ھا  مون!

 

آنچل  جھڙن  احساسن   سان،

پنهنجا  اَنگ  اُجاريا  ھا  مون!

 

سي ئي   ساٿي  سي ئي  محسن،

ڪاٿي  گيت  وساريا  ھا  مون!؟

 

دل   جي   آڳر   درد   اُھي  ئي،

چوپائي   جيئن  چاريا  ھا  مون!

 

نِيري  نِڀَ  تي  رات  ھٿن  سان،

تو  لاءِ  تارا   ھاريا  ھا  مون!

 

طوفانن  جا  کوڙ  کنوڻ  سان،

ڪيڏا   حملا  ٽاريا  ھا  مون!

 

ساڙولن   جي   سازش   سامهون،

مُرڪي  ڏينهن  گذاريا  ھا  مون!

 

ملهار سنڌي

 

 

 

 

 

غزل

 

حُسن  جا  منظر  جو  نيڻن   ۾  لٿا،

خوبصورت  خيال    جذبن   ۾  لٿا.

 

مند  برساتي  ته   مڌماتي     ھئي،

پيار  جا  احساس  الڪن   ۾   لٿا.

 

سونهن ۽ سرھاڻ واسيو من  کي،

رنگ فطرت جا جو سوچن ۾  لٿا.

 

نازينن    جي      ادائن    موھيو،

چنڊ  چهرا دل جي درپن ۾   لٿا.

 

شعر  سڀ خوشبو بڻيا ”ملهار“ جا،

سونهن ۽ رنگ ڇا ته لفظن ۾ لٿا.

 

غزل

زندگيءَ جي سفر ۾ اڪيلو نه ڪر،

ڪنھن به ھڪڙي پهر ۾ اڪيلو نه ڪر.

 

گھر ته ڇا سارو سنسار کائڻ  اچي،

رتيديري شهر ۾ اڪيلو نه ڪر.

 

ساٿ تنهنجو جيئڻ جو ٿو ڏي حوصلو،

ڪيئن  گھاريان ھجر ۾ اڪيلو نه ڪر.

 

زندگي ٿي نه دوزخ  وڃي  تو  سوا،

پيار  واري   نگر  ۾  اڪيلو  نه   ڪر.

 

توسان  ”ملهار“ جنمن تائين  گڏ  ھجي،

ھر   جنم  جي   گذر  ۾  اڪيلو  نه ڪر.

 

احسان دانش

 

 

 

 

غزل

اداس دل ۾ دُکي ٿي دونهين، اُماس جي آهي رات جاني،
سڀئي ستارا به سوڳ ۾ هن، لُٽي آ چنڊ جي برات جاني!

 

وِرِهَه پڄاڻان وڍن ٿا لمحا، گُهٽن ٿيون يادون وسن ٿيون اکڙيون،
ها تنهنجي يادن سان هيءَ منهنجي پئي ٿي گذري حيات جاني.

 

مان پنهنجي دل جي صندوق ۾ سَو غمن جا سِڪا رکيا سنڀالي،
سموري موڙي لٽائي توتي، بچي نه ڪائي  سوغات جاني.

 

شفق جي لالاڻ اُڀ تي اُڇلي، نديءَ ۾ سورج ٻڏي رهيو آ،
ڌنار جي بانسريءَ سان گڏ آ، ڪنڌيءَ تي ڪويل جي لات جاني.

 

درياهه جا ڪَپ ٻئي ملائي ۽ آسمان کي زمين تي لاهي،
ڪوئي ته امڪان جي حدن کي ڇُهي ڏَسي اهڙي ڏات جاني.

 

غزل

هڪ ڌنڌلي تصوير صدين جا ٿَڪَ اُتاري وئي،
لَحظي ۾ هڪ ياد پراڻي روحُ اُجاري وئي.

 

تارِ نديءَ جي ٻِي ڪنڌيءَ تي سَجنيءَ ساريو پئي،
سوچن جي ٻيڙي پَلَ ۾ ٻي پار اُڪاري وئي.

 

مان وَرهين جو پياسو مون لئه بوند به ڪافي هئي،
نيڻن مان اَمرت جل مون کي هوءَ پياري وئي.

 

هن جي گهورَ ڪِنان ڄڻ مان ڪو پٿر ٿي ويو هان،
ڪھڙي جَنتر مَنتر سان مون ڏانھن نھاري وئي.

 

مان رَمتي بادل جيان ڀون جي ڀِٽَ ڀِٽَ تي بَرسيم،
وينگس وِڄُ وراڪا ڏيئي مون مَنُ واري وئي.

 

رحمت پيرزادو

 

 

 

 

غزل

 

ماڻهو آ، يا ڄڻ، ڪو وڻ!

ايئن ڌرتيءَ ۾ هڻ، ڪو وڻ.

 

چئني پاسي واري آهه،

اڳتي آ واهڻ؟ ڪو وڻ؟

 

آيا ڪي طوفان مگر،

هيءُ ته آ پاهڻ، ڪو وڻ!

 

ڪيڏي سهڻي آن ڇوري!

تون رستي جو ڳڻِ، ڪو وڻ.

 

ڪيرُ ڪري ٿو ڪنھن جي ماپ!

ڪو ڪو آهي مڻ، ڪو وڻ.

غزل

پيارَ جو ناهي بچيو ماحول پَر،

مون ڇڏيو پنھنجو آ کولي جھولُ پَر.

 

ڇوڪريءَ جي سُونھن ۾ ڪيڏو سُڪون!

شهر ۾ آهي مچيل ٻڙڌول پَر.

 

هونءَ ته موتي ڪي ئي آهن اَڻ مَيا،

ڪو ڪو هيرو هوندو آ انمول پَر.

 

ڪينَ ملياسين رُڳو بس پاڻ ٻَئي،

هونءَ ته دنيا آهي ساري گول پَر.

 

تنھنجِي چاهت کي نه هو رسوا ڪندو،

ڪيڏو رحمتُ ڀل هجي هي رول پَر.

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

 

 

غزل

 

پاڻ کان بي خبر ته ناهيان،

روشنيءَ جو سفر ته ناهيان.

 

سک ڏسان ئي نه ٿو ڀلا ڇو،

درد جي رهگذر ته ناهيان.

 

ڄائي ڄم کان شريف هوندي،

شهر ۾ معتبر ته ناهيان.

 

هڪ گهڙيءَ ۾ پڙھڻ گهرو ٿا،

ايترو مختصر ته ناهيان.

 

واٽ ڪنهنجي ڏسان ٿو ويٺو،

حشر جو منتظر ته ناهيان.

 

تلخ ڇو ٿا رکو رويو،

دوستو جانور ته ناهيان.

 

شهر ڪيڏو ”خليل عارف“،

ڪنهن کي ايندو نظر ته ناهيان.

 

 

ثناءُالله عتيق

 

 

 

 

نظم ....!!!

موهن دڙي جي مٽيءَ جھڙو

 

منھنجي موت کي،

رب جي رضا سمجھي،

سڀئي خاموش ھيا،

صرف توکي خبر ھئي،

ته منھنجي آپگھات جو ڪارڻ،

صرف ۽ صرف تون آھين!!!

 

منھنجي ڪچي قبر کي،

وقت جي اڙل وڇيري،

ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ گم ڪري ڇڏيو،

صرف توکي پروڙ ھئي،

ته منھنجي محبت جا نشان،

صرف ۽ صرف تنھنجي دل ۾ آھن!!!

 

منھنجي تصوير کان ڇرڪي،

تون اکيون پوري ڇڏيون،

پر تنھنجن خوابن جي باک،

جڏھن پرھه جا ڳل پئي ڳوھيا،

تنھن سمي توکي محسوس ٿيو،

ته تنھنجي نجات منھنجن ٻانھن ۾ آھي!!!

 

ھڪڙي مٽيءَ جھڙي مُورت،

اوڏڪي ڀت کي ڏنل ڪچي رَاڳَي،

بادگير تي ويٺل ڪبوتر،

۽ آئيني ۾ جاڳندڙ اکين کي ڏسي،

 نيٺ موھن دڙي جي ناچڻي،

”سمبارا“ ٿي وئي آھي!!!

 

ڊاڪٽر واحد سولنگي

 

 

غزل

 

عڪس تنهنجو خوابن ۾ آھي،

اڃان   دل  عذابن  ۾  آھي.

 

تنهنجي چوٽي ۾ جيڪو ھيو،

مون رکيو گل ڪتابن ۾ آھي.

 

رکي  جيڪا  تو   ۾  خدا   آ،

حشمت نه ايڏي نوابن ۾ آهي.

 

ڪيم  توکي  جو  سجدا کڻي

واڌ   ٿي  وئي ثوابن ۾  آھي.

 

اڃان نينهن تنهنجو نه نروار ٿيو آ،

اڃان نينهن تنهنجو نقابن ۾ آھي.

 

خوشبو تنهنجي پگھر ۾ جا آھي،

ڪٿي   سا     گلابن   ۾   آھي.

 

تنهنجي نيڻن  ۾ جو نشو آ پرين،

ڪٿي    سو    شرابن    ۾    آهي.

 

اڃان ڪجهه چوي  ئي نٿي پئي،

اڃان   دل    حجابن    ۾   آھي.

 

ڇڏي  يار ڪاوڙ  ھليو آءُ ”واحد“،

رکيو ڇا سوالن جوابن ۾ آهي.

 

اَمر کهاوڙ

 

 

 

 

 

غزل

 

ذوق آ، ضابِطي کان خالي آ.

آرزُو آسري کان خالي آ.

 

پنهنجو جِيونُ به ڪهڙو جيونُ آ!

جيڪو ھر زاوِيي کان خالي آ.

 

ڪنهن بدن جي ٻَنِي ٺهيل، کيڙيل،

مُند ۾ ھارِپي کان خالي آ.

 

جنهن به چهري تي ڪوئي تِرُ ناھي،

ڄڻ غزل قافئي کان خالي آ.

 

پڪَ سان پنهنجي نه فردَ جو ھوندو،

ذھنُ، جو عارِضي کان خالي آ.

 

وصلُ، جو واسِطي کان خالي ھو!

ھِجرُ آ، حادِثي کان خالي آ.

 

مُلڪ ھڪڙو ئي پُورِي دُنيا ۾،

ھر طرح قاعِدي کان خالي آ.

 

ڪيرُ پنهنجو ڪَري ته ڪيئن ڪريسَ،

زندگي ذائقي کان خالي آ.

 

ھِيءَ حالت ”امر“ جي آ ھاڻي،

هوشَ ۾ حافظي کان خالي آ.

 

ڪوثر سوز هالائي

 

 

 

 

نظم

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو

سخنور    سدا    شاهي،

ڏنائين   عجب    آگاهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

کاهوڙين ڪيو پهه  آ،

پيڙا جي پار   ڏي لهه آ،

نه سامي   ٿا کڻن ساهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

سڄي   تمثيل   تاريخي،

۽ ٿي  تڪميل   تاريخي،

نئين تاريخ جنهن ٺاهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

دڳن  تي بيت      بيٺا هن،

جڳن   تي بيت    بيٺا هن،

بيتن    ۾     بي   پرواهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

سندس کي سنڌ جو اونو،

سارو  ئي ”گنج“ آ   سونو،

پڙھي ”رومي“ ٿيو   راهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

ڀٽائيءَ جو نياپو آ،

عالم لاءِ جياپو آ،

سرهي سنڌ سيد چاهي،

ڀٽائي ڀاڳ سنڌڙيءَ جو.

 

امداد سروري

 

 

 

 

 

غزل

 

اُن جي سيني ۾ مٺا ڪا دل نه آ،

عشق جو جنهن کي مزو حاصل نه آ.

 

ٿي چيئون محفل ۾ هر هر پاڻ ۾،

محبوب جنهن ۾ ڪونه سا محفل نه آ.

 

عشق ۾ عاشق ٿو هر هر هيئن چوي،

هو کڻي نظرون ته ڪا مشڪل نه آ.

 

ڪاغذي گُلَ ڪيڏا ٿا سهڻا لڳن،

خوشبو جنهن ۾ ڪانهي سو گل نه آ.

 

حُسن جي پويان هلي ٿڪجن نٿا،

عشق وارن جي ڪٿي منزل نه آ.

 

هو جيڪو درگاهه ۾ ڦرندو وتي،

غور سان ڏسجو اهو پاڳل نه آ.

 

جنهن بنا خنجر ۽ تلوار جَي،

ماريو عاشقَ کي اهو قاتل نه آ.

 

سچ چيو سياڻن، ”امداد سروري“،

زندگي ڪهڙي جنهن ۾ هلچل نه آ.

 

مسافر هاليپوٽو

 

 

 

 

غزل

 

مڪليءَ   جيڏا  مام   اسان   ۾،

ڪيئن ڪو گھاري شام اسان ۾.

 

جيڪو   آيو  گذري  ويو  بس،

ڪنھن به نه ٺاهيا گام اسان ۾.

 

ڪنھن ڪنھن آھي ڪيئن لتاڙيو،

لکجي  ويا  سڀ  نام  اسان ۾.

 

ڪو نه ڏٺي ڪا  نوري  نظرِن،

يا  ڪو  ناهي  ڄام  اسان  ۾.

 

ڪو نه پکي ڪو ويٺو وڻ تي،

ڪو نه لُڏي ڪا  لام اسان  ۾.

 

فرقا ڦيريون کوڙ ڏسون ٿا،

ناهي  پر  اسلام   اسان   ۾.

 

ڪو نه وفا هت ڪير ڪري ٿو،

هوندي  آ  بس  هام اسان  ۾.

 

ساھن وانگر سانڍيان ويٺو،

سور هجن ڄڻ سام اسان ۾.

 

روز  ”مسافرَ“  اُڇلي  ويندو،

آهي ڪو الزام اسان ۾.

 

رحيمداد جوڳي

 

 

 

 

وائي

 

باک ڦٽيءَ جو-

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

 

هو ڏور انڌاري ۾ ٿو،

ٽمڪي ڏيئو-

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

 

ڪڪرن مان چنڊ ٿو هر هر،

پائي ليئو-

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

 

ويندي ويندي هن سڪ مان،

ڀاڪر پاتو-

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

 

هاڻي ڀرسان ويٺو هو،

ڪاڏي - ويو؟

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

ٿڌڙي هوا لڳي ٿي!

 

رياض ڏاهري

 

 

 

 

ڪافي

 

اچي ٿِجُ سَڄَڻَ تون سَفَرَ مَنجُھه ساڻِي،

ڪري ڪِيئَن هيکل نِڌر هيءَ نِماڻي.

 

ڀُلي آئون ڀَٽڪي رُلي آهيان رُڃ ۾،

نَڪو حال ڀائي نه ڪو ساٿي سُڃ ۾،

ويران واٽُون، جِتي وَڻُ  نه  پاڻي.

 

جيهي تيهي توڙي ڪِني ڪوجهي آهيان،

سوا تُنهنجي ساجنَ ٻئي ڪَنهن جِي ناهيان،

وَرجانءِ ولهيءَ  ڏي،  ڏَئي سڏَ وراڻي.

 

صبح شام سِيني تُنهنجا سانگَ سارِيَم،

سڄو ڏينهن ڏُکي ٿِي پنڌڙا پُڇايم،

مٿان رات ڪارِي، ڏَئِي ڏنگَ وِهاڻي.

 

روئِي رياضَ راهُون نرمل نِهاريان،

اِهي پُور پل پل پرين پَئِي پَچاريان،

ٿيندين ڄاڻ حامِي هَلي هوتَ هاڻِي.

 

گل محمد ”گل" سومرو

 

 

 

 

وائي

 

ڪڪر وساءِ وڏڦُڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

ٻڪرال کِنوي ٿي پر، وس ته وري ڀاڳڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

ڀُرٽَ پِپُون ٿين ڀونءِ ۾، جي هت نه هَڻي ڳڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

ڀاڻ ڀڄي ٿين ڀورا، ته وَڄي چنگ ۽ چَڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

پَٽَ جو پولڪو پهريون، پائي پوتي پڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

تن ڌوپي، مَن ڌوپي، ويس ڌوپي ميرڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

هي تَسَّ پلر جا پي، پوءِ کڻون ساهِڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

ٻُوهه ڦُٽن گُل ٽڙن، ٻٻر جهلي پاپِڙو،

پوءِ مند متان نه اچي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org