سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:16 

رضوان گل

 

 

 

ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر حسن درس

 

شاعر پنھنجي دور جا مؤرخ هوندا آهن. هو پنھنجي ارد گرد ٿيندڙ واقعن کي لفظن جي سھڻين مالھائن ۾ پوئي پيش ڪندا آهن، جن لفظن کي پڙهندڙ ساهه ۾ سانڍي هينئين سان هنڊائي رکندا آهن، پر لفظن جي اهڙي دلفريب چونڊ هر شاعر جي حصي ۾ ناهي ايندي جيڪا پڙهندڙ جي دل تي اثر ڪري. شاعر نه صرف آسپاس جي وارتائن کي قلم بند ڪري انھن کي امر ڪري ڇڏيندا آهن، پر هو پنھنجي منَ اندر جي جذبن ۽ اڌمن جي ترجماني به لفظن ذريعي ئي ڪندا آهن، ڇالاءِ ته اهي لفظ ئي آهن جيڪي ڪنھن به ليکڪ جي زبان بڻجن ٿا.

سنڌي شاعريءَ جو ميدان تمام گھڻو وسيع آهي، جتي هر شاعر وٽ الڳ ڏات ۽ ڏانءُ آهي، هر ڪنھن وٽ ڪا نه ڪا خوبي ضرور موجود آهي، هر ڪنھن وٽ اظھار جو پنھنجو انوکو انداز آهي، هر ڪو هڪ ٻئي کان مختلف نظر اچڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ڪلاسيڪل شاعرن کان ويندي جديد دور جي شاعرن تائين ڪيترائي اهڙا تخليقڪار پيدا ٿيا آهن، جن جي فن ۽ فڪر جي تعريف ڪرڻ کان سوا رهي نه ٿو سگهجي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، نياز همايوني، نارائڻ شيام، شمشيرالحيدري، تاجل بيوس کان ويندي حسن درس تائين جديد سنڌي شاعريءَ منزلون طئي ڪيون آهن، پر سنڌ جي نوجوان شاعرن ۾ جيڪا سڃاڻپ حسن درس کي ملي، سا تمام گھٽ نواجون شاعرن جي حصي ۾ آئي.

حسن 5 سيپٽمبر 1966ع تي ٽنڊي الھيار جي ڳوٺ مشائخ هوتيءَ ۾ مينھون غلام رسول جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نانءٌ محمد حسن آهي، بنيادي  تعليم جا بنيادي سبق مشائخ هوتيءَ ۾ پڙهيائين بقايا تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪيائين. ڪا سڌ ئي نه هئي ته راتين جو رولاڪ، پرهه جو پياڪ، يارن جو يار اهو حسن درس جيڪو چوندو هو:

نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي

سندءِ دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي

اڏامڻ کان اڳتي نڪرندي ”حسن

پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي

 اهو حسن پاڻ ايترو جلدي ائين اڏامي اهڙين ڏور ڏسائن طرف هليو ويندو جتان ڪوبه واپس ناهين وريو. 16 جون 2011ع تي هو هن دنيا مان لڏي ويو، هو پنھنجي پويان ڇڏي ويو لڙڪ، سڏڪا ۽ صدائون...

اها رات چنڊ گرهڻ جي رات هئي. مٿي آسمان تي چنڊ ڪرب واري حالت مان گذري رهيو هو، ته هيٺ ڌرتيءَ تي وري حيدرآباد جي هوائن ۾ ويڪرن روڊن تي گاڏي هلائيندي سنڌي شاعريءَ جي ڪھڪشان جي جرڪندڙ ستاري حسن سان  به ان وقت ئي اهڙو حادثو پيش آيو، جنھن حادثي سبب سندس جيون جو ڏيئو ئي اجھامي ويو.. حسن ته زندگيءَ کي ٽڪ جي رلي جي رنگن وانگيان خوبصورت سمجھندو هو، سندس زندگيءَ جو انت اهڙي ريت ٿيندو، ڪنھن به نه سوچيو هو! هو چوندو هو:

زندگي ڀلي اهڙي

 ٽُڪ جي رلي جھڙي،

مان وڇايان، تون نه ويھين،

ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.

،

 حسن درس جي حياتيءَ جو سج ته لھي ويو، پر سندس شاعري صدين تائين پنھنجي روشني پکيڙيندي رهندي. حسن وٽ لفظ ٻانھَن جيان ٻانھون ٻڌي بيٺل محسوس ٿيندا هئا، هن جي نظمن ۾ جيڪو فطرت جو حسن آهي جيڪا پرينءَ جي ادائن جي ڳالھه آهي ۽ جيڪا نديءَ جي پاڻيءَ جھڙي رواني آهي تنھن کي ڪنھن سان ڀيٽ ڏئي ئي نه ٿي سگھجي، ڇالاءِ ته اهو حسن درس ئي هو جيڪو جڏهن محفلن ۾ اچي نظم پڙهندو هو، ته ماڻهو ان جي سحر ۾ اچي ويندا هئا.. واه واه بيساخته چپن تي اچي ويندي هئي ۽ جڏهن حسن نظم پورو ڪري اسٽيج تان لھندو هو ته کيس اڪثر فرمائش ڪئي ويندي هئي ته ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ نظم ٻڌائي.. هو مست الست قسم جو ماڻھو هو جينز ۽ ٽي شرٽ پھريندڙ ڪلين شيو خوبرو نوجوان جڏهن پيرن فقيرن ۽ اوتارن تي وڃي، تڏي تي پلٿ هڻي ويھندو هو ته صوفياڻي رنگ ۾ رڱجي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو جديد شاعريءَ ۾ به صوفياڻو رنگ کڻي آيو هو.

سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران حسن سان ڪيتريون ئي ڪچھريون ٿيون. هو پنھنجي مزاج ۾ يگانو شخص هو سندس هر ادا شاعراڻي هوندي هئي، سندس خاص خوبي اها به هئي ته کانئس ڪنھن نظم ٻڌڻ جي فرمائش ڪبي هئي ته انڪار نه ڪندو هو، مصنوعي طور نه نه ڪونه ڪندو هو. ٻي خاص خوبي اها ته کيس پنھنجا ڊگها ڊگها نظم ياد هوندا هئا. تڏهن اڃا موبائيل فون جو تصور به ڪونه هو، جيڪڏهن ان وقت موبائيل ڪئميرا هجي ها ته مان حسن جا اهي نظم ضرور رڪارڊ ڪيان ها جيڪي هو پنھنجا سلڪي وار نرڙ تان بار بار هٽائيندي، سگريٽ جو ڪش هڻندي ڪمال روانيءَ سان ٻڌائيندو هو. نظم پڙهڻ جو انداز سندس آواز ۽ لفظن جي بيحد خوبصورت ادائگي اسان کي موهي ڇڏيندي هئي.

پي.ٽي.وي جي هڪ مشاعري ۾ پڙهيل سندس شعر مون کي اڄ به ياد آهي:

ايڏا پراڻا آهيون جيڏي هوا پراڻي،

نئين سر وري ڄميا سين ڪنھن ساڻ پيار خاطر،

هر ڪنھن جي گھر ۾ آهي قسمت سندو ستارو،

دنيا رليا ڀليا سين دلدار يار خاطر.

حسن جي وفات کانپوءِ جڏهن سندس قبر جي تصوير هيٺان هي سٽون لکيل پڙهيون هيون، ته ائين محسوس ٿيو هو ته حسن نه صرف ماضي ۽ حال بلڪه مستقبل جو به شاعر آهي جنھن وٽ پنھنجو آئيندو به چٽو نظر ايندڙ هو:

درد هڪ ڏينھن ڀَيڙ ڏئي ڪِرندو مون تي،

تنھنجي محبوب مٽي منجهه مئل هوندس مان،

سموري شھر جي گمنامي سودي ايندس،

تنھنجو ڪين ڏٺل ، ڪين سُئل هوندس مان.

 حسن درس جي شاعري پڙهندي لاڙ جي لڙاٽيل منظرن ۾ به گم ٿي وڃجي ٿو، ته ساڳي وقت پرينءَ سونھن جا جلوا پڻ پسي سگھجن ٿا. هن وٽ اظھار جو انوکو انداز هو، جو هن عام ماڻهن کي به پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو،  جڏهن هو ستار ورڙ جي مهمان نوازي کان متاثر ٿئي ٿو يا بوڙيندي جي روايت کي زنده رکندڙ مير محمد لنڊ کي خراج پيش ڪري ٿو ته هي خوبصورت سٽون سرجي ويهي ٿو:

پکي پرديس جا سورج پرن پويان لري ٿو پيو

 ورڙ ان واٽ تي ويٺا، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو،

پراڻي عشق پوڙهي جي وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي

ملڻ هي مير محمد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو،

اوهان مُرڪي، ملي آخر هليا ويا شھر پنھنجي ڏي،

اسان جي ڳالھه جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

حسن درس لاءِ شيخ اياز چيو هو ته: ”حسن نوجوان دلين جو ڀلوڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهون، ٻوليءَ جو حسن ۽ ٽيڪنڪ ستارن جيان جرڪي ٿي.“ هو واقعي به جوان دلين جو شاعر هو ڇالاءِ ته دليون هميشه جوان هونديون  آهن، جسم ڀل ته پوڙها ٿي وڃن.. تنھنڪري حسن هر ٽھيءَ جو شاعر هو ۽ هر ٽھيءَ ۾ هڪ جيترو مقبول هو. جھڙي سندس شخصيت جاذب ۽ پُرڪشش هئي، تھڙو سندس آواز من موهيندڙ هو. حسن جڏهن اسان کان وڇڙي ويو هو تڏهن سنڌ جي سريلي شاعر فياض چنڊ ڪليري کيس ياد ڪندي جيڪي سٽون لکيون هيون، سي پڙهندي مونکي ائين محسوس ٿيو هو، جيئن حسن جي سموري شخصيت کي هن انھن سٽن ۾ سمائي ڇڏيو هو. اهو نظم اڄ به مون پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي، جيڪو اوهان سان به ونڊڻ چاهيان ٿو:

ڇُلي پيون لاڙ جون اکڙيون،

لٿي آ شام منڇر تي،

مگر سي دادليون ڇوليون،

نه ڇُھنديون پير سي ڪڏهين!

نه ئي تارا تڪينداسين،

ڳهريل نيڻ شاعر جا،

سموري لاڙ جو لھجو،

اُڻيو هُن پنھنجي شعرن ۾.

حُسن جون ڪوڙڪيون ڪيئي،

پيون هُون هُن جي پيرن ۾!

سندس رولاڪ نيڻن جو،

نه ڪوئي ڇيھه، سرحد هُئي،

سندس شعرن جي مالھا ۾

سموري سنڌ ٽڙندي هُئي!

سموري سنڌ هُن لاءِ،

پرينءَ جو ڄڻ ته پاڇو هُئي.

حُسن جو حَسن پوڄاري،

وڻن ۽ پيچرن، تارن،

گلن سان هئي سندس ياري،

سندس نظمن جي ٻانھن ۾،

خُماريل ڪئي جوانيون هُيون،

حجابي لاڙ جي صورت،

دليون ڪيئي ديوانيون هُيون!

سُخن جي ڇانءُ ۾ ويھي،

ڪئي هُن آبياري هُئي،

حُسن، فطرت ۽ خوابن جي،

سنگت جو لاڏلو شاعر،

اچانڪ ائين هليو ويندو....!؟

اڌورا پيگ، رُٺل اکڙيون،

ڏسن ٿيون راهه روئيندي،

اڃا ڪمري ۾ خوشبو آ،

سندس بي ربط ٽھڪن جي.

اڃان ڪي اڻ ڏٺل واديون،

اڃان ڪي اڻ ڇھيل جذبا،

هُئا ڪاڳر تي جي لَهڻا،

اُهي سڀ خواب بڻجي ويا،

حَسن! تون ائين وڇڙي وئين،

ولر کان ڪونج جيئن وڇڙي،

ازل جي گونج جيئن وڇڙي

حَسن! تون ائين وڇڙي وئين!؟

سموري سنڌ جي ماڻھن سان سندس ٻانھن ٻڌڻ واري واٽ هئي. پر هو هاڻي ان واٽ ڏانھن هلي ويو آهي جنھن تي هلي اڄ تائين ڪوبه ناهي وريو.. پر حسن جون يادون، حسن جون ڳالھيون، حسن جا ٽھڪ، حسن جا نظم، بيت، وايون ۽ غزل سڀ اسان وٽ موجود آهن ۽ هو اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهي جيڪو هميشه هميشه رهندو.

 

مسرور پيرزادو

 

 

 

گيت سنهري سنڌوءَ جا

 

شيخ اياز جي شعري مجموعي ”جهڙ نيڻان نه لھي“ ۾ درياهه ۽ اتان جي سڄي ماحول جي ڪافي معلومات بيتن ۾ آيل آهي. هتي آءٌ اها سڄي معلومات بيتن پڙهندڙ آڏو رکڻ چاهيان ٿو. ان جو مقصد اھو چوڻ آهي ته شاعري سموري ڪائنات جي سمجهه رکي ٿي ۽ وڏن وڏن معلوماتي ڪتابن جي مواد کي ٿورڙين سٽن ۽ لفظن ۾ خوبصورتيءَ سان سمائڻ جو فن رکي ٿي.

اياز ٻيڙين جا مختلف قسم ٻڌايا آهن. جن ۾ ڪجهه هي آهن.

ڪٽار:

ڊونڊي: ويڪر ۾ تراکڙي ۽ تر واري ٻيڙي . سکان ڪو نه ٿيندو اٿس پر ڳن ٿيندا اٿس.

دنگي:

اياز جو هاڻي ٻيو بيت ڏسو، جنھن ۾ هن هڪ ڪراڙي مھاڻيءَ کي پاڻيءَ جي آرسي ۾ پنھنجي جوڀن واري شڪل ڳوليندي ڏٺو آهي.

ڊونڊيءَ تي هيءَ ڊونڊڙي، اڇا لڙڪائي،

پيئي پاڻي آرسي کان منھن ڇپائي!

ڪٿي الائي، هن جا جوڀن ڏينھڙا؟

هن ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ”آڳل، اڳيل“ ۽ پوئين حصي ”پوڇڙ، پاڇيل“ جو ذڪر ڪندي به بيت لکيا آهن.

” امان! هي کيڏاوڻو، ٻيڙيءَ آڳل تي!“

”ان کي چنڊ چوي، هر ڪوئي ٿو ڌيئڙي!“

___________

سجاول، سنڌو، پوڇڙ مٿان ڪانگڙيون،

ڪڏهن وينديون هُو، اُڏري پرين پار ڏي!

درياهه ”ڍنڍ، سمنڊ“ ۽ اتان جي آسپاس ۽ ماحول جي ٻي ڪجهه معلومات هيٺ ڏجي ٿي.

•       ڇيل: درياهه جي پاتار، جنھن ۾ ڪپرا نه هجن۔

•       سنھي ٻيڇل: هن کي ”ڇيل“ به چئبو آهي. درياهه جي وچ ۾ ٿيندي آهي.

هن ۾ اوڀر ۽ اولھه کان لھرون ٽڪرنديون آهن.


 

 

Text Box:  

 

مسرور پيرزادو

 

 

گيت سنهري سنڌوءَ جا

 

 

•       چڪڻ: درياهه هڪ پاسي ليٽي مٽي کي روڙيندو آهي. اُتي درياهه کي ايتري طاقت هوندي آهي، جو وڏيون ٻيڙيون ۽ ٻيڙا اتي غرق ٿي ويندا آهن. پاڻي زمين کي ائين رهڙيندو آهي، جو لڳندو آهي ته ٽچڪي يا اُڀامي رهيو آهي.

•       پلٽ: ڪپرن تان پاڻي چڙهي جڏهن وهڻ لڳندو آهي، تڏهن اهڙي حالت کي ”پلٽ“ چئبو آهي.

•       تِکو: پاڻيءَ جي تيز وهڪري کي چئبو آهي. هي ويڪرو درياهه جي ٽئين حصي ۾ ڪنڌي تائين ٿيندو آهي. درياهه وڏا ٽڪرا وڻن سوڌا پائيندو آهي، جتي پوءِ واري اڏامندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ واچوڙو لڳو آهي.

• پينتلو: ڍنڍ يا درياهه جو اهو پاسو، جنھن مان پير پسائيندي گذري سگهجي، گپ ۽ ڇاڇر واري پاڻي کي ”پينتلو“ چئبو آهي.

 نيلوفر جو گل ڪُم مان پيدا ٿيندو آهي.

• ڪنگو: لئي جو گل ٿيندو آهي ۽ ان جي ٽارين جا اولڙا پاڻي ۾ پئجي هڪٻئي ۾ وچڙي ويندا آهن.

• ايوڻي: ول، جنھن ۾ اڇا گل ٿيندا آهن ۽ اها لئي جي وڻ تي چڙهي ڍنڍ جي نيري پاڻي ۾ لڙڪندي رهندي آهي.

• گڙنگ: ڪچي ۾ ڦٽل درياهه جو گس۔ جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لھي ويندو آهي، تڏهن به گڙنگ ۾ پاڻي بيٺو هوندو آهي، جنھن ۾ نيلوفر ۽ ڪنول جا گل ڦٽندا آهن ۽ آڙيون ۽ ٻيا سانگي پکي ٽولن ۾ لهندا آهن.

محرم انهن پٿرن کي چئبو آهي، جي وزن رکڻ لاءِ دنگيءَ “ٻيڙي” جي تري ۾ وجهبا آهن.

• هاليسو: ونجهه جو قسم

• سنڍ: مڇي مارڻ جا وسيلا

• جهالرو: مڇي مارڻ جو سنڍُ

• وانجهار: پکيءَ مارڻ جو سنڍُ

• ڍانڍي: ڍنڍ جو

• چيٺار: سانوڻ کان پوءِ پاڻي پٺتي هٽي ۽ درياهه ۾ لاٿ ٿئي، ته اهڙي حالت ۾ ڪناري تي ڪن ڪن هنڌن تي پاڻي رهجي ويندو آهي، جنھن کي ”چيٺار“ چوندا آهن.

• ڪونهري يا ڇاڻ: درياهه جي ڪنڌيءَ تي اها جاءِ، جنھن جي وچ ۾ پاڻي هوندو آهي ۽ ڪپر سڪل هوندا آهن

• اوجهاڻ: هڪ رڇ ٿيندو آهي، جنھن جي هڪ ڇيڙي ۾ تنبو ٿيندو آهي، ۽ ٻئي ڇيڙي تي ننڍو بتيلو ٻڌبو آهي. اوجهاڻ کي ڊگهو ڪري درياهه ۾ اڇلائيندا آهن، ته اُن ۾ هيٺان ايندڙ پلا ڦاسي پوندا آهن.

• گهاتو: ٽامي يا مٽيءَ جي مٽ تي پيٽ رکي لھوارو ترندو ويندو آهي ۽ پاڻي کي پيرن سان ڌڪيندو ويندو آهي. اهو ان وقت ڪندو آهي جڏهن پلي کي سنڌور ۾ ماربو آهي، جا هڪ ڊگهي ڇڙهه جي ڇيڙي تي ڄاري جي ٻڌل ڳوٿري ٿيندي آهي.

• ڄرڪا، کڳا، ڍينگڻا، بوهڻ، سينگاريون: مٺي پاڻي جون ليئي مڇيون

• پيڻ: درياهه جو پکي، جنھن جي چھنب ڏاڍي وڏي ٿيندي آهي ۽ ڳچي هيٺان چم لڙڪندو اٿس ۽ رنگ اڇو هوندو اٿس. هن جو گذران مڇي تي هوندو آهي. پاڻي جي لهرن مٿان اڏامندو آهي ۽ مڇي کي پاڻي مٿان جهٽيندو آهي.

ٽوٻر، ٽوئلا، ڪيٽاهه، دونهاري، سانهه، منگهه، ڪانيرو، ڪڪئي ”ميٽائين رنگ جو پکي، جو ڪڪڙ کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي ۽ مڇي کائيندو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org