|
ڊاڪٽر مخمور بخاري
سچل
سرمست جي ڪافيءَ جا گھاڙيٽا
] ڊاڪٽر مخمور بخاري گذريل ٻن ڏهاڪن کان سچل سرمست جي فن،
فڪر،
سوانح تي ڪم ڪري رهيو آهي،
پاڻ سچل جي سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي ڪلام کي به
ايڊٽ ڪري چڪو آهي.سندس سچل شناسي جو ڪم نمايان
آهي. هت سندس ڪتاب”سچل سرمست ۽ اُن جا همعصر
شاعر“(ثقافت کاتو 2011ع) مان ’سچل سرمست جي شاعري
جو فني جائزو‘ واري باب مان سرمست سائين جي ڪافي
جي گھاڙيٽن بابت لکت جي اهميت کي سامھون رکندي
مھراڻ جي پڙهندڙ آڏو پيش ڪري رهيا آهيون، جنھن جي
ٻيھر نظر ثاني ڊاڪٽر مخمور پاڻ ڪئي آهي. ايڊيٽر[
”ڪافي“سنڌي توڙي سرائڪي شاعري جي مقبول صنف
آهي.جيڪا ڳائڻ سان تعلق رکي ٿي. عالمن جي خيال
موجب هي هڪ راڳ جو نالو آهي جيڪو امير خسرو ايجاد
ڪيو. سيد منظور نقوي ان سلسلي ۾ لکي ٿو : ”امير
خسرو ’هربيا ميل‘ ٺاٺ مان هڪ سمپورڻ راڳ ڪڍيو،
جنھن جو نالو رکيائين ’ڪافي‘. ڪافي هن ڪري سڏيائين
جو هـن ۾ سڀ سُر سڌا سنوان ٿي لڳا. سندس آروهي ۽ امروهي ۾ ست ئي سُر اچي وڃن ٿا“(1)
اميرخسرو جي اردو شاعري جي گهاڙيٽن تي گفتگو ڪندي
مخدوم طالب الموليٰ،سنڌي ڪافي جي گهاڙيٽن کي ان جي
ويجهو سمجهي ٿو(2)ساڳي وقـت مولانا
غلام محمد گرامي، ڪافي جي متعلق مختلف راءِ کي رد
ڪندي ان خيال جو آهي ته ”ڪافـي“ هڪ ٺاٺ مان ورتل
راڳ آهي جيڪو امير خسرو جي ايجاد آهـي(3).
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي اردو ڪتاب ”ڪافيان“
۾ ڪافي ۽ موسيقي
جي حوالي سان گفتگو ڪئي آهي. هن جي راءِ آهي ته
”ڪافي هڪ ٺاٺ آهي ۽ هڪ راڳ به آهي“(4).
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب”سنڌي موسيقي جي
تاريخ“ ۾ ڪافي جي موسيقي واري فطري لاڳاپي تي
ڳالھه ٻولھه ڪرڻ کان پوءِ ان خيال جو آهي ته امير
خسرو ڪافي جو مؤجد ناهي البت هن جي دور ۾ ڪافي جي
ڳائڻ جو رواج رائج ٿي چڪو هو. ڇاڪاڻ ته ملتان جي
غوث بھاؤالدين زڪريا جي سماع جي محفلن ۾ سنڌ جي
ذاڪرن”ڪافي راڳ“ ڳايو. اهڙي طرح غوث بھاؤالدين
زڪريا جـــي همعصر شيخ فريد مسعود شڪر گنج جي سماع
جي محفلن ۾ پڻ سنڌي ذاڪرن ”ڪافي راڳ“ ڳايو هوندو
(هنن ٻنھي درويشن جا سنڌ ۾ مريد وڏي تعداد ۾ هئا.) امير خسرو جي ”ڪافي راڳ“ سان دلچسپي جا
پختا اهڃاڻ ملن ٿا ۽ هندي موسيقي جي روايت ۾ جو
سلسلو به وڌ ۾ وڌ امير خسرو تائين پھچي ٿو(5).
سنڌي ڪافي ڳائڻ جا ٻيا به آڳاٽا حوالا ملن
ٿا.”برهانپور کي سندهي اولياء“ جي صاحب جي لکت
موجب سنڌ جي پاٽ شھر مان هجرت ڪري برهانپور پھتل
سنڌي بزرگ شيخ لاڏجيو
(1007ھ/1598ع) سنڌي موسيقي تي ڪمال مھارت
رکندڙ هو ۽ هو خاص طرح سنڌ جي مقبول راڳ ”ڪافي“
ڏاڍي سوز مان ڳائيندڙ هو(6).اهـڙي ريت
”تاريخ معصومي“جي مصنف مير محمد معصوم بکري جي
ڀاءُ مير محمد فاضل بکري متعلق”ذخيرة الخوانين“ جو
صاحب لکي ٿو ته:”مير فاضل سنڌي ٻولي جي شعر”ڪافي“
نھايت ئي سھڻو چوندو هو ۽ ان ۾ کيس مقبوليت حاصل
هئي“(7).
آئين اڪبري مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ”ڪافي“ سنڌ جو مقبول راڳ
هو(8).
ڪافي بابت هن مختصر ڳالھه ٻولھه بعد چئي سگهجي ٿو
ته: ”ڪافي“سنڌ جو قديم راڳ يا آڳاٽي شعري صنف آهي،
جيڪا گهڻي مقبول رهي آهي ۽ اڄ به لکي وڃي ٿي.هن
وقت اصطلاحن”ڪافي“ شعر جي هڪ نموني کي سڏيو وڃي
ٿو. لفظ ’ڪافي‘متعلق مخدوم طالب الموليٰ جو خيال
آهي ته هي لفظ ڪافي نه بلڪ ”قافي“ آهي:
”هي لفظ ’قافي‘ آهي، جنھن مان ’قافي‘ لفظ بمعنيٰ
’الڪلام المقفيٰ‘
آهي يعني قافيي سان ٺاهيل ڪـلام، بيت، شعر وغيره“(9).
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به اهڙو خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو: ”قافي ۽ ڪلام“ جو اصطـلاح جيڪو اڄ تـائين هلندو اچي ٿو،سو
عربي شاعريءَ جي”قافيا و ڪلمـة“جـو عڪس
آهي.اصطلاحي طور عربي شاعري ۾ ”قافيه“ توڙي
”ڪلمــة“ جي معنيٰ ساڳي آهي، يعني ته
ڪو به منظوم ڪلام، شعر يا قصيدو. سنڌي شاعرن
جـڏهن عربي شاعري سان گڏوگڏ سنڌي ۾ نظم چيا ته
انھن کي پڻ ”قافيه“ ۽ ”ڪلام“ سڏيائون. جڏهن اهي سنڌي ”قافيه“ ۽ ”ڪلام“ نظم ڳائجڻ لڳا ته انھن
جي ڳائڻ جي طرز کي پڻ ”قافيا ۽ ڪلام“ يا وقت گذرڻ
سان”ڪافي ۽ ڪلام“ جي آسان اچار سان سڏيو ويو“(10).
لفظ ”ڪافي“، ”قافيه“ يا ”قافي“ جي موجوده صورت
آهي. هيئت جي خيال کان ته هر پابند شعر ۾ قافيو
موجود آهي،
پر هن صنف جو تعلق سڌو سئنون راڳ سان آهي.
سچل سرمست پنھنجي وقت جو باشعور ۽ سڄاڻ شاعر هو.
هن پنھنجي ڪلام ۾ ٻين صنفن سان گڏوگڏ عام ۽ مقبول
صنف”ڪافي“ سنڌي توڙي سرائڪي ۾ گهڻي چئي آهي. اسان کي باقائده لکت
۾ وائي شاھ عنات رضوي جي ملي ٿي، جنھن کان پوءِ ان
جي پٽ شاھ شريف ۽ ان جي پٽ بلال شاھ جي وائي ملي
ٿي. وائي کي شعري توڙي فني خوبصورتي شاھه عبداللطيف ڀٽائي ڏني. اهڙي ريت ڪافي جي
باقائده صورت سچل سائين جي سامھون سندس ڏاڏي خواجه
صاحبڏني جي موجود هئي. هن صاحب جي ملندڙ ڪافين
۾”يڪي ۽ ٻيڻي“جو نمونو موجود آهي. اهڙي طرح روحل
فقيرجون ڪافيـون پڻ سچل سائين جي سامھون هيون،
ته ساڳي وقت سندس درسي استاد حافظ عبدالله قريشي ۽
دوست عبدالله ڪاتيار ۽ همعصر سيد راشد روضي ڌڻي پڻ
ڪافي چئي رهيا هئا. پر صحيح معني ۾ ڪافي کي فني ۽
فڪري ڦهلاءُ ڏئي بلندين تائين سرمست سائين پھچايو.
هن ڪافي جي موضوع ۽ مضمون ۾ وسعت آڻڻ سان پھريون
ڀيرو گڏوگڏ اُن جي گهاڙيٽن ۾ به وڏي وسعت پيدا
ڪئي.
ڪافي هيئت جي اعتبار کان يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽
چئوڻـي ٿئـي ٿي. سچل سائين ڪافي جي انھن سمورن
نمونن کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻائيندي ٿلھه
توڙي بند جي قافين جي مٽا سٽا سان ان ۾ تبديليون
پيدا ڪري ڪافي جا ڪيترائي انوکا دلڪش گهاڙيٽا
جوڙيا. جيڪي کانئس پوءِ روايت جو حصو بڻيا.
هنن صفحن ۾ سچل سائين جي ڪافي جي گهاڙيٽن جو تعارف
سندس شعري مثالن سان پيش ڪجي ٿو(11).
ڪافي يڪي:
هن قسم جي ڪافي ۾ ٿلھه توڙي بند هڪ سٽ جا ٿين ٿا.
سچل سائين قافين جي مٽ سٽ سان يڪي ڪافي ۾ لڳ ڀڳ
ارڙهن قسم جوڙيا آهن.
1. هن قسم جي ڪافين ۾ ٿلھه توڙي مصرع جا
ٻه پد آهن. قافيو پد جي آخر ۾ اچي ٿو:
ٿلھه:
حيلا ڪيم هزارين، مان ٽڪن مون وٽ رات،
ڪرھه قطاري هليـــــا، بـــودا پلاڻي پرڀات
(انصاري،
ص204)
2. هن قسم جي ڪافي جو ٿلھه ڏيڍ سٽو آهي ۽ بند هڪ سٽو۽ ٻن پدن جو
ٿئي ٿو. ٿل جي وراڻي ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾
هم قافيا ٿين ٿا.
ٿلھه:
ديس اســـــــــان جــــــــــڙي آيـــــــــو،
ٻڙيون ٻاروچو
مولا سو آڻ ملايو
اچڻ ٻاروچي جي ڪل نه ان کي، تيلھان
ٿيون ورهه وسايو (انصاري،ص241)
3. هن جو ٿلھه ڏيڍ سٽو ۽ بند هڪ سٽو آهي. ٿلھه جو پھريون ۽ ٻيو
پد ۽ مصرع جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
آ ڪانگا ڪا ڪر، مون سان هَر هَر پيو ڪر،
ڙي
مٺي ڳالھه پرين جي.
ڏاهــــــــــا ڏٺــــــــــوءِ ڪـــــــــــي
وڃي، اهي پرين ڪھڙي
پَر، ڙي (انصاري،ص262)
4.هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه به ڏيڍ سٽو ۽ بند هڪ سٽو آهي. ٿلھه
جي پھرئين پد ۽ مصرع جي ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي.
ٿلھه:
آءُ ته ڏيھاڙيون
زارو زار، ساريو روئان ٿي هــــــــــت
ڳالھڙيون
گهڻيون گهڻيون!
ڪڏهــــــــن هئــــــــــڙو سپريــــــــن، يا
جيــــــــــــــــاڻي سان پيــار
(انصاري،ص377)
5. هنن ڪافين جا ٿلھه ۽ بند ٻن پدن واري هڪ مصرع تي ٻڌل آهي.
سمورا بند پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته ٿلھه جو
بند جي قافيي سان ڪو تعلق نه آهي.
ٿلھه: جو ٿو ڳولين يار، سو تان
تــــــو ۾ آهـي
ڏونگر ڪيڏا ڏورئين، چؤ
تـــــون ڪني لاءِ؟ (انصاري،ص139)
6. هنن ڪافين جي ٿلھه جا ٻه پد ٿين ٿا ۽ بند به ٻن پدن جو ٿئي
ٿو،
قافيو ٿلھه جي پھرئين ۽ بند جي ٻي پد ۾ اچي ٿو. هن
قسم جون ڪافيون سچل جي ڪلام ۾ گهڻيون ملن ٿيون.
ٿلھه:
ڳوٺ ساري جون ڳليون ڳليون، وو، نت ڏسڻ مون
کي آئيون
رت روئڻ کون اهي اکڙيون، ڪين سي جهلجن
جهليـــــون جهليون ( انصاري،ص153)
7. هن نموني جي ڪافين جي ٿل جو ٻيو پد ڀراءُ وارن لفظن تي مشتمل
آهي. بند ٻن تڪن وارو هڪ سٽو آهي. بند جو ٻيو پد
ٿلھه جي پھرئين پد سان هم قافيا آهي رديف جو به
استعمال ٿيل آهي.
ٿلھه: ڪنھن
کي حال چوان هي، اديون ڙي، واويلا
وو!
ڏيـرن
ڏئــي ڇڏيــا، موٽي سور نوان هي
(انصاري،ص193)
8. هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه ڀراءَ وارن ٻن پدن تي مشتمل آهي،
بندن جا سمورا آخري پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه: يار ساٿيو ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي
ميان، ڀلو ڙي ميـــان،
ڀلو ڙي ميان، ڪيچن
جي، وو ،
ڪل مون کي ڪا ڏيجو! (انصاري،ص160)
9. هن جو ٿلھه ڏيڍ سٽو ۽ بند هڪ سٽو. ٿلھه جو پھريون پد،
بند جي پوين پد سان هم قافيا آهي جڏهن ته وراڻي ۾
فقط ٻه لفظ آندل آهن جيڪي پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه: پڇو ڪين پرن، ميان، حال منھنجـي جون
خبران
ساٿيو ڙي، پانڌيو ڙي
آهي ٻاجهه ٻروچ کي، مٿــي
معذورن، ميان، (انصاري،ص198)
10. هن جو ٿلھه ڏيڍو آهي ۽ بند هڪ سٽو آهي. ٿلھه جو پھريون پد،
وراڻي ۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه: سرتيون ڏين صلاحــــان، چت
تــــــــــــون چـــــــرخي لائين
آءُ ڪتيان ڪي ڪانگ اڏايــــان
راتيون ڏينھان روئان انھن لڳ، پرين جي ٿيم
پراهان
(انصاري، ص264)
11. هنن ڪافين ۾ ٿلھه ۽ بند هڪ مصرع ۽ ٻن پدن جا ٿين ٿا. ٿلھه
جو پھريون ۽ ٻيو ۽ مصرع جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن.
ٿلھه: احـــــــــــــوال عشق لائي،
سر سره بلائي
سسي شيخ عطار جي، ٿو چوٽئين
چلائي (انصاري،ص107)
12. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه ٻن سٽن ۽ بند هڪ سٽ جو ٿئي ٿو.
ٿلھه ۽ بند جا ٻيو پد هم قافيا آهن.
ٿلھه:
نانءُ اهو ئي، اهو ئي نانون وارو، صورت مورت
سائي وو
اســـــــــــــم خاني وچون اسما، اهو ڏس هــــاديءَ جو جاني وو
(انصاري،ص99)
13. هن جو ٿلھه به ٻن مصرعن جو ۽ بند هڪ مصرع جو آهي. ٿلھه جو
پھريون پد ۽ مصرع جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
مون کي نال نئين، ني، اهو ڪيچيڙن جو قافلو،
ميان!
اڱڻ شال اچـــــــــــــــــي ني، اهو سپرينءَ جو ساٿڙو، ميان
پٺي هوت پنھونءَ جـــــــــي، ميان، هلڻ سان
هنئين، نــي (انصاري،ص189)
14. هن ڪافين جو ٿلھه ٻن مصرعن ۽ بند هڪ مصرع جو ٿئي ٿو. ٿلھه
جو ٽيو ۽ مصرع جو آخري پد هم قافيا آهي.
ٿلھه:
جنھن جي آهيان عشق اونداهي، تنھن ٻاروچي کي ٻاجهه
پوي!
آءٌ
حال چونديس روئي، تنھن ڪوهيارل کي ڪھل پــــوي.
سا نه ڇڏيجو ڇپريــن، جـا لعلن
تـو سان لــوئي (انصاري،ص203)
15. هن جو ٿلھه ٻه سٽو ۽ بند هڪ سٽو ٿئي ٿو. ٿلھه جو پھريون ۽
ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن،
جڏهن ته ٿل جو آخري ۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن.
ٿلھه:
يار پانڌي،
ڙي
ميان،
مير ساٿي،
ڙي ميان
ڪيچــــڙا، ٻيلـڙا، ڪڏهن اسان وٽ ايندا
هوندا اسان وٽ يار هميشه، ڪي ڏک ڏيئي پوءِ ويندا (انصاري،ص418)
16. هن نموني جي ڪافي جو ٿلھه ڏيڍو آهي.
جنھن جا ٻه پد آهن ۽ وراڻي به ساڻ اٿس. بند هڪ سٽو
۽ ٻن پدن جو آهي. ٿلھه توڙي بند جو ٻيو پد پاڻ ۾
هم قافيا آهن.
قافين جو ورجاءُ
ڪافي ۾ موسيقيت پيدا ڪري ٿو.
رديف پڻ شامل آهي.
ٿلھه:
ســاري راڄ تيــــڏي دي، گولـــڙي گولـــڙي
هوسان
شــالا اسان ڏهين مھـر پوويئي
ايڏي اوڏي مول نه ويسان، يار سھڻا، تيڏي جهولڙي
جهولڙي هوسان
(راڻيپوري،ص165)
17. هنن ڪافين جو ٿلھه ٻن مصرعن ۽ چئن تڪن وارو آهي ۽ بند هڪ
مصرع ۽ ٻن پد جو ٿئي ٿو. ٿلھه جو پھريون پد، چوٿين
پد طور ۽ ٻيو پد ٽئين پد طور آندو ويو آهي. ان ڪري
ٿلھه جو ٻيو، ٽيو ۽ بند جو ٻيو تڪ پاڻ ۾ هم قافيا
آهي.
ٿلھه:
ماريا هي تين غمزي وچـــــــــــون، دل هو رهي
ديوان هي!
دل هو رهي ديـــــــــــــوان هي، ماريا هي تين غمزي وچون
وچ هجر دي مردي هان مين، رسدا هين تون، ارمان
هي!
(راڻيپوري،ص180)
18. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه توڙي بند ٻن ٻن تڪن ۽ هڪ مصرع جو
آهي. ٿلھه توڙي بند جو پھريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن.
ٿلھه:
سانون عشق لڳا، هوئي حيراني..... صد بار
ڪران جند قرباني
مين ڄاتا عشق ته آســـــــاني، پڇي
هـــــــــو رهي مين مستاني
(راڻيپوري،ص404)
ڪافي ڏيڍي:
ڏيڍي ڪافي جو بند ڏيڍ سٽو هوندو آهي. اڪثر ٿلھه به
ڏيڍو ٿئي ٿو. قافين جـــي رد و بدل سان هن ۾ مختلف
قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. سچل سرمست پاڻ کان اڳ چيل
ڪافي جي گهاڙيٽن ۾ وسعت به آندي ته ان کي نواڻ پڻ
ڏني. سچل وٽ ڏيڍي ڪافي جي هيئت جا ڪيترائي نمونا
موجود آهن. هت اهڙن نمونن جو ذڪر ڪجي ٿو.
1. هن قسم جي ڪافين جو ٿل ٻن پدن ۽ هڪ مصرع جو ٿئي ٿو،
جڏهن ته بند ڏيڍو ٿئي ٿو. ٿلھه جي ٻي پد ۽ بند جي
وراڻي ۾ قافيو آندل آهي.
ٿلھه:
آءُ ته
”مان“
”تون“
وڃي يار، ٻــــي ڳالھه ڪر مَ ڪائي
ڳجهـــــــــــــــــــــــــــــي ڳالھه هـــــاديءَ واري دل تي دائم
فراموش ٿي ٻي ورونهن وائي (انصاري،ص137)
2. هن نموني وارين ڪافين جو ٿلھه هڪ مصرع ۽ بند ڏيڍ سٽ جو ٿئي
ٿو،
ٿلھه ۽ بند جا ٻه پد ٿين ٿا. بند جي وراڻي الڳ
آهي. ٿلھه جو پھريون پد ۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾
هم قافيا ٿين ٿا، جڏهن ته ٿلھه جو پويون پد ۽ بند جي وراڻي پاڻ ۾ هم قافيا ٿين
ٿيون.
ٿلھه:
ويــــــــڙا جـــــــــــــــــــــــي وڻڪار،
اڃا وري اينداسين
ڪي ڏينهن پھچڻ ڪيچ ۾، قصد ڪندا ڪوهيار
اسين ڪاڏي نه وينداسيــن
(انصاري،ص155)
3. هنن ڪافين جو ٿلھه ٻن پدن وارو ٿئي ٿو جڏهن ته بند ڏيڍ سٽو
ٿئي ٿو. ٿلھه جي پھريون، ٻيو ۽ بند جو ٻيو پد ۽
وراڻي پاڻ ۾ هم قافيا
آهن.
ٿلھه:
يار توسان منھنجي زاري، آهي سَوَ لَک
واري ميان
ونـــــــدر جـــــــــــــــي وڻن ۾، واجهه وجهي ويچاري
سا تـــــان محبت ماري
(انصاري، ص157)
4.
هنن ڪافين جو به ٿلھه ٻن پدن وارو ۽ بند ڏيڍ سٽو ٿئي ٿو.
بند جا به ٻه پد ٿين ٿا،
وراڻي الڳ ٿئي ٿي. بند جي وراڻي ٿلھه جي ٻي پد سان
هم قافيا آهي ۽ هر بند جو پھريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾
هم قافيا آهن. جن جو نه ٻئي بند جي قافيي سان ڪو
تعلق آهي ۽ نه ئي ٿلھه ۽ وراڻي جي قافيي سان ڪو
واسطو.
ٿلھه:
لڳــــــــيءَ دل جــــــــــــو دارون، ناهه
ڪــــــــــــــــو ڍولــــــــڻ پيارا!
عشق جون واٽان، ٻرن لاٽان، تنھن مون نڪرن درد جون ڇاٽان،
پــوءِ ٿيون پون هي پچارا.
(انصاري،ص 275)
5. هنن ڪافين جو ٿلھه به ٻن تڪ ۽ هڪ سٽ وارو ٿئي ٿو ۽ بند ڏيڍو،
جنھن جي مصرع ٻن تڪن واري ۽ وراڻي جدا ٿئي ٿي. بند
جي وراڻي، ٿلھه جي پھرئين پد سان هم قافيا آهي.
ٿلھه:
منھنجــــــــو نينهن وڌايـــــــــــــــــــــو
ناز، نيڻن نيڻن جي ميان!
تيغان آهن يا ته ستم جون، تنھنجون اکيون ڪجليون ڪاريون،
الا سائيــــــن يـــا ته بحري باز.
(انصاري، ص487)
6. هن نموني جي ڪافين جا ٿلھه هڪ مصرع ۽ ٻه پد وارو آهي،
جڏهن ته بند ڏيڍ سٽ جو ٿئي ٿو. بند جي مصرع جا ٻه
پد آهن ۽ وراڻي الڳ ٿئي ٿي. هر بند جو پويون تڪ
پاڻ ۾ هم قافيا آهن. جڏهن ته ٿلھه جو ٻيو پد،
بند جي مصرع جي وراڻي طور آندل آهي.
ٿلھه:
مــــــــــــــــــــــــــــــون وٽ يار پيارا، آءُ
تون پـــاڻ سُڃاڻي
حال مڙيوئي معلوم توکي، دنيا سان ڪوڙ
ڪھاڻي
آءُ تــــــون پاڻ سڃاڻــي
(انصاري،ص427)
7. هنن ڪافين جو ٿلھه هڪ مصرع جو ٿئي ٿو جنھن جا ٻه پد آهن ۽
بند ڏيڍ سٽو ٿئي ٿو. هن جي مصرع به ٻن تڪ واري
هوندي آهي ۽ وراڻي علحده آهي. ٿلھه جو پھريون پد ۽
بند جي مصرع جو پويون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن
ته ٿلھه جو پويون پد بند جي وراڻي طور آندل آهي.
ٿلھه:
منھنجو ناھه
ڪوئي اختيار، هي يار وي
مون تا سِر تي چائيو، باري برھه
جو بار،
هــي يار وي.
(انصاري، ص488)
8.
هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه هڪ مصرع ۽ ٻن پد وارو
آهي ۽ بند ڏيڍ سٽ جو ٿئي ٿو. بند جي مصرع به ٻن تڪ
واري هوندي آهي ۽ وراڻي علحده اٿس. ٿلھه جو پھريون
۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته سمورن بندن جون وراڻيون پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
آءٌ
ٻاروچل ٻيلي، مونجهه تنھنجـي آهيان ماري،
1.
نـــــــاهي واجـب رسڻ توئي کي، تون گرو
آءٌ چيلي،
سڱ
نه ٿي ڪو ساهيان.
2.
عشق اوهان جي کون هوت ٻاروچا، ڪيئن ٿرن هي
ٿيلهي
نه ته ڇپــر اڳيون ڇــاهيان
(انصاري،ص257)
9. سچل سائين جي هن قسم جي ڪافين جا ٿلھه ٻه تڪ ۽ هڪ مصرع وارا
آهن. بند ڏيڍ سٽا آهن. جنھن جي مصرع جا ٻه پد ۽
وراڻي جدا آهي. ٿلھه جو پھريون، ٻيو ۽ بند جو
پويون پد ۽ وراڻي پاڻ
۾
هم قافيا آهن.
وراڻي هر بند ۾ ساڳي اچي ٿي. هن قسم جي فقط هڪ
ڪافي رسالي ۾ ملي ٿي.
ٿلھه:
حُجَ ڦٽي ڪيم هَاڻي، ماريس تنھنجي
ماڻـــــــــي،
الله ڄاڻي!
ڏوڙا طالع ٿين ”سچوءَ“ جا، الله جي توکي آڻي،
الله ڄاڻــي!
(انصاري، ص482)
ان ساڳي گهاڙيٽي ۾ هڪ ٻي ڪافي به رسالي ۾ موجود آهي پر وراڻي
ٿلھه ۽ بند سـان هم قافيا ناهي.
ٿلھه:
حال اچي ڏس هاڻي، وهي ٿو پنبڻيـئــون پـاڻي،
پـاڻ ڄاڻين.
1.
سيني اندر يار ”سچوءَ“ جي، سڪ سندءِ ساماڻي،
پـاڻ ڄاڻين.
(انصاري، ص482)
10. هن ڪافي جو گهاڙيٽو اڳين ڪافي جھڙو آهي فرق فقط ايترو آهي،
جو هن جي
ٿلھه جي پوئين پد ۾ قافيو آندل آهي.
ٿلھه:
تنھنجي محبت موهيو موهيو، رمزن ريھيو ريھيو
هي تا ساھه
آڻئي الله
طـــــرف تنھنجـــــــــــي راتـــــو ڏينھان، چت هڻيرو چــاھه،
آڻئي الله
(انصاري،ص504)
11. هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه ٻن پد ۽ هڪ مصرع جو ٿئي ٿو ۽ بند
ڏيڍ سٽو آهي. بند جا ٻه پد آهن ۽ وراڻي ساڻ اٿس.
ٿلھه جو پھريون پد ۽ وراڻي پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته جدا جدا هر بند جو پھريون ۽ ٻيو تڪ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
سانـــــــــــون لي چــــــــــــــــــــل
نال، وو ميان .... جيئــــڙا نھين رهندا
مين تا تيــــڏي ميان اصلون
آهي، تون تا صاحب ميـان مين سپاهـي
آءُ
هادي مُڙ ڀال
(راڻيپوري،ص326)
12.
هنن ڪافين جو سٽاءُ به اڳين ڪافين جھڙو آهي صرف پھرئين پد ۾ پڻ
قافيو آيل آهي.
رديف به شامل آهي.
ٿلھه:
اي يارو ميڏا ڪوئي اختيار نھين...... آکڻا اهو عشق دا اسـرار نھين.
درد اِهين دي وو يار قيمت نھين، اهو جيھــــا
وو مرتبا عظيمـت نھين
عشــق
دا سودا شھر بازار (راڻيپوري،ص368)
13. هن نموني جي ڪافين جو گهاڙيٽو اڳين ڪافين جھڙو آهي،
پر هن ۾ سچل سائين تبديلي آڻيندي ڏيڍي ٿلھه جي
وراڻي مصرع کان پھريائين آندي آهي. هن قسم جون
ڪجهه ڪافيون رسالي ۾ موجود آهن.
ٿلھه:
ريجهـه رهيـن،سھڻـا ريجهه رهين،
اسان اينوين ڪــرون، جيوين تـــــــــون ريجهه
رهين.
ڀَسمي لاڪي ٿيسون ڀاڀوتي، ڦيريان ڏي ڪر ڦڙون
لاهوتـــــي
اهين ڳالھين رنگ رهين (راڻيپوري، ص403)
14. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه هڪ مصرع ۽ ٻن تڪن جو ۽ بند ڏيڍو
ٿئي ٿو. ٿلھه ۽ بند جا پويان پد پاڻ ۾ هم قافيا
جڏهن ته ٿلھه جو پھريون پد ۽ وراڻي هم قافيا آهن:
ٿلھه:
سانون اداسي ڪيتوئي يار، ....يـار ڪيتوئي
سانون اداسي
تيڏي سانون دلبر ڪيتـا، برھ صفا بي
ماسي
ٿيـوين نه تـون
ڌار (راڻيپوري، ص152)
ڪافي ٻيڻي:
ٻيڻي ڪافي جو بند ٻه سٽو ۽ ٿلھه هڪ سٽو ته ڪڏهن ٻن
سٽن جو ٿئي ٿو. سچل سائين ٻيڻي ڪافي به چئي آهي.
ان ۾ مختلف قسم به جوڙيا اٿس.
1. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه هڪ سٽ ۽ ٻه پد جو ۽ بند ٻن سٽن ۽
چئن پدن جو آهي. ٿلھه جو پھريون پد ۽ بند جو ٻيو ۽
چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
شال اوڏانھون
ايندا، وٺي خاصيون خبران خبران
مون هن نماڻي کي اڃــا دلاسا
ڏينــدا،
پرين پاڻھين پاڻ سان هي گولـي گڏيندا.
(انصاري، ص169)
2. هي نمونو به اڳين ڪافين جھڙو آهي هن ۾ فرق فقط ايترو آهي،
ته هن جو قافيو ٿلھه جي پوئين پد ۾ آيل آهي.
ٿلھه:
پنھنجي ذات لڪائي، ڪيئين ٻي ذات سڏايان
ظاهــر ڪريان ذات کي، تا هي بت ڀڃايان
منصوري جي موج ۾ ٿو انا الحـــق الايان
(انصاري،ص 103)
3. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه هڪ سٽ ۽ ٻه تڪ وارو آهي ۽ بند ٻن
مصرعن ۽ چئن پد جو ٿئي ٿو. هن جي ٿلھه جو ٻيو ۽
بند جو پويون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهي.
ٿلھه:
عاشق مرندا ڪينڪي، رهندا ڪين مڪان ۾
ديواني درياءَ جو، پيتئون
پيالو پُر ڪـري
اجر منجهه امر ٿيا، اهي گڏيا ڪين جھـان
۾
(انصاري،ص128)
4. هن نموني جي ڪافي ۾ اڳين ڪافي جي گهاڙيٽي ۾ ايترو فرق آهي،
جو هن جي ٿلھه ۾ قافيو پھرئين پد ۾ اچي ٿو يعني
ٿلھه جو پھريون پد ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن.
ٿلھه:
هوندي سڀ پَرسائن ساڻ، جيڏيون، هي پورهيو
بندي وڃي ڪيچ ڪندي
ڪالھه
ڪـلاهــوڻـي سپـرين، اڃا مــون وٽ مھمان
لڳـي ڪافـن ڪيچ جـي،
پرزا ڪنديس پــاڻ (انصاري،165)
5. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه هڪ سٽ ۽ ٻه تڪ وارو ٿئي ٿو،
جڏهن ته بند ٻن سٽن ۽ چئن تڪ وارو آهي. ٿلھه جو
پھريون ۽ بند جو ٽيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن،
جڏهن ته بند جو پھريون ۽ ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن ۽ هر بند جو قافيو جدا آهي.
ٿلھه:
وهيان وسـاريان ڪيئن، جيڏيون جي لنءُ لائي
ويا.
گهوري
ڇڏيم هي گهر جايون، برھ بھيران
پٺي لايـون،
پير نه پوءِ ورايان، وري
سنـڀاريـــان ڪيئيـــن؟
(انصاري،ص219)
6. هن نموني جي ڪافي اڳين ڪافين جھڙي آهي فرق فقط ايترو،
ته هن جي ٿلھه جي پھرئين پد ۾ پڻ قافيو آندل آهي.
ٿلھه:
دم دم جا ديدار، وو، اپـر اسان
جي نار تي.
بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالھه ڪريان
آءٌ ڪيهي،
وهــن
ڌارو
ڌار،
ڳـاڌيءَ
جـــي
ڳٽڪار
تي (انصاري، ص514)
7.
هنن ڪافين جو ٿلھه ڏيڍو ۽ بند ٻن مصرعن جو آهي. ٿلھه جا
ٻه پد ۽ وراڻي گڏ اٿس ۽ بند جا چار پد آهن. ٿلھه
جو پھريون، ٻيو ۽ وراڻي ۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾
هم قافيا آهي. هر بند جو پھريون، ٻيو ۽ ٽيون پد هم
قافيا آهن. هر بند جا قافيا جدا جدا آهن.
ٿلھه:
جيءَ آئين ڀلي آئين تون، ڪنھن منزل مون
پھچائين تون،
ٿو موٽي سر وڍائين تون!
سرمد کي ڏيئي لت ڪھايئي، سوري تي منصوري چڙهايئي،
شيخ عطار جو سر وڍايئي، هاڻي هيڏي پنڌ
پڇائين تــــــــــــون (انصاري، ص129)
8. هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه توڙي بند ٻن ٻن سٽن جو ۽ چئن چئن
پد جو آهي. ٿلھه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد
هم قافيا آهن. هن ڪافي جي هيئت هوبهو غزل جھڙي
آهي. هن ڪافي ۾ ٻٽا قافيا آندل آهن.
ٿلھه:
تنھنجو درد اصل کــــؤن، اختيار ڪيوسين
مـــيان
تنھنجي سخنن سچن اتي،
اعتبار
ڪيوسين ميان.
ڪي ٿا پڇن پرين کـــي، ڪرسيءَ يا عرش اتــــــي،
تنھنجن اکين منجهان سھڻــا، اسرار
ڏٺوسين ميان (انصاري،ص125)
9. هن ڪافي ۾ رديف جو اضافو آهي.
ٿلھه:
آهي انھن اکيـــــــــن کي، خاصو خمار
تنھنجو!
ويٺـــــــو وٺي آهيـان هت، ڪامل قرار
تنھنجو!
هن کي اوهان جي ٻاجهون، آهي
نه ماڙ ڪائي،
هي
تان
غــــــريب
آهي
اميدوار
تنھنجو.
(انصاري، ص425)
10. هنن ڪافين جو ٿلھه توڙي بند ٻن سٽن ۽ چئن پد وارو
ٿئي ٿو. ٿلھه جو ٻيو، ڇوٿون ۽ بند جو پويون پد پاڻ
۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
پرديسي گڏيا، دوست لٿو هجر هلاڪي
آيا اڱڻ منھنجي، جن ڪيو هڪ فراقي.
جن ڪاڻ سڪيس سال، ويٺي واٽڙين تي
مون ساڻ اچي پاڻ، ٿيـــــــــــــــا محب ملاقي
(انصاري،ص441)
11. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه توڙي بند ٻن سٽن ۽ چئن چئن پدن
وارو ٿئي ٿو. ٿلھه ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهي. بند جو پھريون، ٻيو ۽ ٽيو پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن. هر بند جو قافيو جدا جدا آهي.
ٿلھه:
ساٿي ڙي ديس دلبــــر جا، سگهو وڃ پار پرين جي.
خبر ڪا خير جي آڻين، اهي خوش خاص سو مظھر.
پانڌي پيغام هي ني تون، سنڀاري دوست کي ڏي تـــــــون،
ڳالھيون ڪر ياد ڀي ڪي تون، آهينم تون دل
گهريو دلبر (انصاري،ص474)
12. هنن ڪافين جو ٿلھه توڙي بند ٻن مصرعن ۽ چئن تڪ وارو آهي.
ٿلھه جو پھريون پد ٽئين پد ۽ ٻيو پد چوٿين پد طور
آندو ويو آهي. بند جو چوٿون پد، ٿلھه جي ٻئي ۽
ٽئين پد سان هم قافيا آهي.بند جو پھريون، ٻيو ۽
ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن ، هر بند جا قافيا جدا
جدا آهن.
ٿلھه:
خوني ميڏي گلي دا، تيڏيان اکين دا خنجر،
تيڏيان اکين دا خنجر، خوني ميڏي گلي
دا.
تڪ نيڻ ڪيبران نُون مارن مُسافران نــــــون،
ڦٽيا تين عاشقان نون، دم دم اي دوست
دلبر (راڻيپوري،ص161)
13. هن نموني وارين ڪافين جو ٿلھه توڙي بند
چئن چئن تڪن ۽ ٻن مصرعن وارو آهي. ٿلھه جو ٻيو،
چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن. جڏهن
ته بند جو پھريون، ٻيو ۽ ٽيو تڪ پاڻ ۾ هم قافيا
آهن. هر بند جا قافيا جدا جدا آهن.
ٿلھه:
يارو، اُهين يار دي ٻاجهون، جدا جالڻ مَينُون
مشڪل،
بيراڳڻ مين ڦران ايون، جيوين باغان بنــــــــان
بلبل.
جـــــــــــــــدائي وچ ڪيها جيوڻ، فراقي يار لئي ٿيوڻ،
زهر ديان سرڪيان پيـــــوڻ، هو وڻ، محبوب
دا مائل.
(راڻيپوري،ص183)
14.
هنن
ڪافين جو ٿلھه هڪ مصرع ۽ ٻه پد وارو آهي جڏهن ته
بند ٻن مصرعن ۽ چئن پد جو ٿئي ٿو. ٿلھه جو پھريون،
ٻيو ۽ بند جو پويون تڪ هم قافيا آهي ۽ بند جو
پھريون، ٻيو ۽ ٽيو تڪ هم قافيا آهن. هر بند جو
قافيو جدا جدا آهي.
ٿلھه:
اسان تي هادي والڙا حال، وي ميان.....ٻئي
ڪوڙي ڄاڻين قال وي،
نا ته مصلي نا ته مسالي، نَحو صرف سڀ روڳ رسالي
ڪالي مَس تي ڪاغذ
ڪالي، ...
ڪوڙي
قيل مقال وي (راڻيپوري، ص370)
15. هنن ڪافين جو گهاڙيٽو به اڳين ڪافين
جھڙو آهي، فرق فقط ايترو آهي ته هن جي ٿلھه جو
پھريون ۽ بند جو ٽيون تڪ ۽ ٿلھه جو ٻيو ۽ بند جو
چوٿون تڪ پاڻ ۾ هم قافيا آهن، جڏهن ته بند جوپھريون ۽ ٻيو پد جدا جدا پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
عاشق شھادت
ڪر قبول، رک فنا دا خيال ڀــي.
”ان في قتلي“ اشارا، سن سخن اي تون
سچارا،
اينوين آکيان رب رسول ... جسم هي جنجال
ڀي.
(راڻيپوري، ص378)
16.هنن ڪافين جو ٿلھه ڏيڍو ٿئي ٿو. جنھن جا ٻه پد آهن ۽ وراڻي
ساڻ اٿس. بند ٻن مصرعن جو آهي. ٿلھه جو پھريون،
ٻيو ۽ وراڻي ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن، رديف به آندل آهي. جڏهن ته هر بند جو جدا جدا
پھريون، ٻيو ۽ ٽيو تڪ پاڻ ۾ هم قافيا ٿئي ٿو.
ٿلھه:
ڪيڏون وي عشق تون آنـدا هيئين، هُڻ
آک ڪسي وَل جاندا هيئين
ڪيھيان
رمزان غمزان لاندا هيئين.
موسيٰ ٿي
وت
ڪيتوئي
ڪشالي،
آپ
ڪون آپي
ڏتوئي
ڏکالي،
عيسيٰ ٿي
وت
دم
دي نالي،
مويان
نون
ڦير
جوانـــدا
هيئيــن.
(راڻيپوري، ص381)
17. هن نموني جي ڪافين جو گهاڙيٽو پڻ اڳين ڪافين جھڙو آهي صرف
اهو
فرق آهي،
ته هن جي ٿلھه جي پھرئين پد ۾ قافيو آندل ناهي.
ٿلھه:
سڄڻ سنسار ۾ هويا، نھين ڪوئي دل اولـــي
دلبر
اکيان کول ويکين يڪ نظــر.
ڪنھان ڪـيتوئي ملان قاضي،
ڪنھان سولي اوپر بـازي
ڪنھان دي دل اِٿان راضي، ڪنھان گهڙي هڪ
هويا وي گذر
(راڻيپوري، ص383)
18. هن قسم جي ڪافين جو نمونو به اڳين ڪافين جھڙو آهي، صرف
ايترو فرق اٿس، جو هن جو ٿلھه هڪ سٽ ۽ ٻن پد جو آهي ۽ ٿلھه جي پوين تڪ ۾ قافيو
آندل اٿس.
ٿلھه:
الحق الحــــق هو الحق هو، مالڪ
الملڪ بي گمان هُوا.
هــــــــڻ ظاهر ڪيسا يار هُوا، اس دم دم وچ ديدار
هُوا،
اينوين ايسائي اسرار هُوا، اينوين
سري سر انسان هُوا. (راڻيپوري، 418)
سچل سرمست پنھنجي ڪافين ۾ ڪافي جي مروج يڪي، ڏيڍي،
ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽا سٽا
سان ان ۾ وسعت پيدا ڪئي، ته ان سان گڏوگڏ هن سٽن جي تعداد ۾ اضافو ڪري ٻيڻي ڪافي ۾
تجربو ڪيو آهي. هت اهڙين ڪافين جو تعارف پيش ڪجي
ٿو جن ۾ ٻيڻي ڪافي ۾ اڌ سٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي.
اهڙين ڪافين جا ٽي نمونا سرمست سائين جي سرائڪي
ڪلام ۾ ملن ٿا.
1.
هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه ڏيڍ سٽو آهي،
ٿلھه جو هڪ پد ٿئي ۽ وراڻي ساڻ اٿس. بند ٻن مصرعن
جو ۽ وراڻي ساڻ اٿس. بند جي هر مصرع هڪ پد جي ٿئي
ٿي. ٿلھه توڙي بند جي وراڻي پاڻ ۾ هم قافيا ٿئي
ٿي. هر بند جي مصرع جو پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن.
هر بند جا قافيا جدا جدا آهن.
ٿلھه:
ندي
دي
ڪناري
کڙا
وي
رانجهــو
چـل ويکو ڪريدا زاري.
ڪڏان
ڪڏان
سو
ته
ٻيٺا
روندا وي
ڳالھه سيالين دي سڀ ڪنون پڇدا
وي
ٿي
آيا ڪوئي واپاري (راڻيپوري، 279)
2. هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه ٻن پد ۽ هڪ مصرع جو ٿئي
ٿو. بند ٻن مصرعن ۽ چئن پد جو ٿئي ٿو ۽ وراڻي به
آندي وئي آهي. ٿلھه قافيي کان آجو آهي ۽ بند جو
ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا
آهن.
هر بند جو قافيو جدا آهي .
ٿلھه:
جادو لايا، جادو لايا...... بيبا، انھان رنگ ڀريان.
عشق ماري عاشقان نون، اشڪـار هوءِ هوءِ
درد
ڏاڍي
آ وَٺُوتا،
روز شب تــار، روءِ روءِ
بيبا يار دل دا ڏاڍا (راڻيپوري،ص299)
3. هن نموني جي ڪافين جو ٿلھه توڙي بند اڍائي سٽن جو آهي. ٿلھه
۽ بند جي پھرين مصرع بعد هڪ پد جي اڌ مصرع آندي
وئي آهي، جنھن کان پوءِ وري هڪ مصرع آندي وئي آهي.
پھرين ۽ ٽئين مصرع جا ٻه ٻه پد آهن.
ڪل پنج پد آندا ويا آهن. ٿلھه توڙي بند جو پھريون،
ٻيو ۽ ٽيو تڪ پاڻ ۾ هم قافيا ۽ چوٿون ۽ پنجون تڪ
پاڻ ۾ هم قافيا آهن. ٿلھه توڙي هر بند جي پھرين،
ٻئي ۽ ٽين پد جا قافيا جدا جدا آهن،
جڏهن ته ٿلھه ۽ سمورن بندن جو چوٿون ۽ پنجون پد هم
قافيا آهي.
ٿلھه:
اس بازي وچ ســـر بازي هـــــي، سر
ڏيوڻ سرفـرازي هي
اهو عشق عرض نيازي هي
وت شاهي عشق لڳاوڻ ڪيا! وت تيڪون آپ
ڇپاوڻ ڪيا!
آپ ڪنون گذرتون
ڪردا نھين،
اور سولي اوپر چڙهدا نھيـن
مـــرڻ ڪنون اڳ
مردا نھين
وت عاشق نام
سڏاوڻ ڪيا، وت اناالحـــق الاوڻ
ڪيا!
(راڻيپوري،ص406)
ڪافي ٽيڻي:
ٽيڻي ڪافي جو بند ٽن سٽن جو ۽ ٿلھه هڪ سٽ جـو ٿئي
ٿو. سچل سائين جي رسالي ۾ ٽيڻي ڪافي به ملي ٿي.
جنھن ۾ پڻ ڪجھه نمونا موجود آهن.
1. هن ڪافي جو ٿلھه هڪ سٽ جو ۽ ٻن پد وارو ٿئي ٿو. بند ٽن مصرعن
جو ٿئي ٿو ۽ هر مصرع جا ٻه پد ٿين ٿا. ٿلھه جو
پھريون پد ۽ بند جو ڇھون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.”ٿو“ رديف طور آيل آهي. بند جو ٻيو ۽ ٽيون پد هم قافيا
آهن، جنھن جو ٻي بند جي قافيي سان تعلق ناهي.
ٿلھه:
توکي جاني نه جڳائي ٿو، رسڻ نماڻن
سان.
جيھي
تيھـي
تھانجي،
آءُ اصل کون آهيان
اوهـان جي تا اچڻ جو، اَسَرَو هڏ نه لاهيان
سر تي سوز فراق جا، هي مينھڙا
وسائي ٿو
(قاضي، ص120)
2. هن قسم جي ڪافين جو گهاڙيٽو به اڳين ڪافي جھڙو آهي فرق فقط
ايترو آهي، ته قافيو ٿلھه جي پوئين پد ۾ اچي ٿو.
ٿلھه:
اهي
ٻڙيون
ٻاروچــــا،
اڄ
اڱڻ
منھنجــي
ايندا.
هيءَ شريعــت ڪا ڪندي، اڙي سرتيون سائين ساڻ
نــــاهيان ثـــانياڻي تن
جي،
جان
پُرجهي ڏٺم پاڻ
ٻانھي
ڪري
پنھنجي،
اهي
صاحــب
سڏيندا
(قاضي، ص103)
3. هن نموني جي ڪافي جو گهاڙيٽو هوبهو اڳين ڪافي جھڙو آهي هن ۾
فرق ايترو آهي، ته ٿلھه جي ٻنھي پد ۾ قافيو آندل آهي.
ٿلھه:
اهي ڪاڪيون ڪوهيارا، اڄ اڱڻ منھنجي آيا.
پيھــــــي
پـــــــاڻھي
آئيـــــــــــا، جن ڏور ٿي ڏسايو
هٿؤن جنين
هنيڙو، اديــــــــــــون مون ٿي کسايو
جن جي
ڪارڻ جيڏيون،
مون ٿي
پانڌي پڇايـــا (انصاري، ص200)
4. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه هڪ سٽ ۽ ٻن تڪ جو ۽ بند ٽن
مصرعن ۽ ڇھن
پدن جو
آهي. ٿلھه جو پھريون ۽ بند جو پنجون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن. جڏهن ته هر بند جو جدا جدا ٻيو ۽
چوٿون
پد پاڻ ۾ هم قافيا ٿين ٿا ۽ بند جو ڇھون پد هر بند جي ڇھين
پد طور ساڳيو آندو ويو آهي.
ٿلھه:
الله تُـون آڻ ملائيـن،
اُهيـن پرديسي تُون
طـرف معشوقـان دي عرض عريضي، لک لک ڪيئي
متوسي
ڪونه لکيو ني جواب تنھين دا، هنجهوان
هار پوتوسي
آڻ مـلائين رب سائين
....... اُهين پـرديسي نـــون!
(راڻيپوري،ص214)
5. هن نمونن جي ڪافين جو ٿلھه ٻه تڪ ۽ هڪ مصرع جو ٿئي ٿو ۽ بند
ٽن سٽن ۽ ڇھن تڪ جو ٿئي ٿو. ٿلھه جو پويون پد ۽
بند جو ٻيو، ڇوٿون ۽ ڇھون
تڪ پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
ڪيون”نانھين“ ڪُون مريندئين؟ وت ”آهين“ دي نال
آڙيندئيـن.
”آهيـن“، ”ناهين“ دي وت سھڻا، ڏونھين ڪم
ڏسيندئيـــن
ڪم ڪريندئين اپڻا آپــي، ول ڏيکڻ
نـال هسيندئين
ايڏي اوڏي عشق دي ڪيتي، مھڻـــي
ورهه وسيندئين (راڻيپوري، ص389)
6. هنن ڪافين جو ٿلھه ٻن مصرعن ۽ بند ٽن مصرعن جو ٿئي ٿو. ٿلھه
توڙي بند جي مصرع هڪ پد جي آهي. ٿلھه جون ٻئي سٽون
پاڻ ۾ هم قافيا
آهن ۽ بند جي هر مصرع ۾ قافيو آندل آهي. هر بند
پاڻ ۾ هم قافيا آهي.
ٿلھه:
آ ميان رانجهان سائين ساڏڙي نيـــــڙي
ڪيتوئي بيراڳي سانون، اوس ويڙهي.
شـــــوق
تساڏي
سائين
شور مچايا،
ســــوز فــــــــــراق وچ
دن
مين
گنوايا
لوڪ
ساري دا
مھڻـا
سرتي
مين
چايا (راڻيپوري، ص268)
7. هن قسم جي ڪافين جو ٿلھه ٻن مصرعن ۽
چئن تڪن وارو آهي. بند ٽن سٽن ۽ ڇھن پد جو آهي.
ٿلھه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو ڇھون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن.رديف به آندل آهي. هر بند جو جدا جدا
ٻيو ۽ چوٿون تڪ پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
بغيــــــر عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال
نھين
نھين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نھين.
سڄڻ دي در تي، شــب و روز دونھان
پا رهندي،
نه ايـڏي اوڏي ٿيـــون، عشق ايک
جا رهندي،
انھان دي عشق دا تيڪون، ڪوئي
خيال نھين (راڻيپوري،
ص199)
ڪافي چئوڻي:
هن قسم جي ڪافي جي ٿلھه ۽ بند جي مصرع ۾ چار پد
ٿين ٿا. سچل سائين جي ڪلام ۾ چئن تڪن واري هڪڙي
ڪافي ملي ٿي. جنھن کي رسالي ۾ ڏيڍي ڪري ڇاپيو ويو
آهي. هن ڪافي جو
ٿلھه توڙي بند هڪ هڪ مصرع جو آهي. جنھن جا چار پد
آهن. ٿلھه جا پھريون، ٻيو ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن. هر بند جو جدا جدا پھريون، ٻيو ۽ ٽيون
پد هم قافيا
آهن. ٿلھه ۽ سمورن بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيا آهن.
ٿلھه:
تنھنجي حسن ماريا، سوري سي سنڀاريا،
انھين ڳالھين ڳاريا، هزارين هـزار
اهــي يـار آيـا، نيزن جي
نوايا، نيئي سر سلايـا، تنين تو
آهار
جنھين موج آئي، تنھين سڌِ سڀائي،
ڪيهي ڳالھه ڪائي، لنگهيا شهسوار
(انصاري،ص143)
ڪافي پنجوڻي:
سچل سائين جي سرائڪي ڪلام ۾ پنجن سٽن جي بند واري
هڪ ڪافي ملي ٿي،
جنھن کي ڪافي پنجوڻي چئي سگهجي ٿو. هن جو ٿلھه ٻن
پد ۽ هڪ مصرع جو آهي. جڏهن ته بند ۾ پنج مصرع ۽
وراڻي پڻ آندل آهي. هر مصرع ٻه تڪ جي آهي.
ٿلھه جو پھريون، ٻيو ۽ بند جو پويون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن.
جڏهن ته ٿلھه جو پويون پد،بند جي وراڻي طور آندل
آهي. بند جو ٻيو، چوٿون، ڇھون ۽ اٺون پد پاڻ ۾ هم
قافيا آهن. هن ڪافي جو هڪ بند ستن سٽن جو ۽ هڪ چئن
سٽن جو آهي. جنھن جا قافيا پڻ ٻين بندن جھڙا آهن.
ٿلھه:
بــــــات بـــــــــــرهه دي ايھـــــــــــــي
– ايھـــــي
عجب جيھــــــــــي.
مل معشوقــــــــــان مصلحت ڪيتـــــي”عاشق قتل
ڪريســـون“
”قتل ڪنون جو پڇــــــــي تنھن ڪون، شھر ڍنڍوري ڏيســـون“
”ڪنون ڍنڍوري پڇـــــــــي تنھن ڪون، سولي سر
چڙهيســون“
”سولي ڪنون جو پڇي تنھن ڪون، لھـــــــرين
وچ لڙهيسون“
”لھـــــــر ڪنـــــــون جـــــــــــــــــو ٻاهر آيا، رمز اهين
دي ريھي“.....
ايھي
عجب جيھي! (راڻيپوري، ص193)
سچل سرمست جي ڪافين ۾ نه رڳو گهاڙيٽن جا ڪيترائي نمونا
موجود آهن،
پر ان سان گڏ هن جي ڪافين ۾ ٻٽا ۽ اندروني قافيا
پڻ ملن ٿا ۽ ان کان سواءِ سنڌي زبان جي اترادي
محاوري جو به استعمال ڪيو اٿس، جيڪو سندس ڪافي کي
خوبصورت بڻائي ٿو. سچل جتي بيت ۾ ڇند آندو آهي اتي
سندس ڪافيءَ ۾ عروض جا نمونا پڻ ملن ٿا. سندس دور
۾ عروضي شاعري عام ٿيڻ لڳي هئي، پر هن باقائده
عروضي شاعري نه ڪئي، بلڪ ڪلاسيڪي شاعري جي صنفن
جھڙوڪ: بيت ۽ ڪافيءَ ۾ ڇند ۽ عروض جا تجربا ڪيا.
ڪافيءَ جي صنف نج سنڌي ڪلاسيڪل صنف آهي، جيڪا موسيقيت سان گهڻو تعلق رکي ٿي. سچل ان ۾ گهاڙيٽن جا
ڪيترائي نوان نمونا ايجاد ڪيا،
ته اتي عروض جو به استعمال ڪيو. سندس هي يڪي ڪافي
”عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي“ وزن: مفعول
فاعلاتن مفعول فاعلاتن (بحرمفارع) تي پوري اچي ٿي.
اهڙي طرح هڪ ٻي ڪافي”آءُ ادا سالڪ،صحيح ڪر تون
طلسمات کي“، وزن: فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
تي چيل آهي. اهڙي طرح ”اتي پيو وڃي خيال منھنجو،
جتي دم قدم جي جاءِ نه آهي“ وزن: فاعلاتن، فاعلاتن
فاعلن تي چيل آهي.
سچل سرمست نه رڳو ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ وسعت آندي پر ان
۾ عروض جا تجربا به ڪيا،
ته ان سان گڏوگڏ هن ڪافيءَ جي قافين ۾ پڻ تجربا
ڪيا آهن. هن ڪن ڪافين ۾ ٻٽا قافيا به استعمال ڪيا
آهن،
ته ڪن ۾ اندروني قافين جو به استعمال ڪيو ويو آهي.
جن ڪافين ۾ ٻٽو قافيو آيل آهي تنھن ۾ لئه ۽ ردم پڻ
موجود آهي.
جهولڻو ڪافي:
سچل سرمست جي سنڌي ڪلام ۾”مومل راڻو“۽”جوڳ“بابت
چيل جهولڻا ملن ٿا، جن کي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي”جهولڻو ڪافي“جو نالو ڏئي ٿو. پاڻ ان متعلق
لکي ٿو:
”سٽاءُ جي لحاظ کان انھن جو جهولڻي سان ڪجهه تعلق
آهي. انھن ڪافين جو هر بند ٻن يا ٽن سٽن جو ٿئي
ٿو، جن جو قافيي
جي لحاظ کان نه ٿلھه سان تعلق ٿئي ٿو ۽ نه ئي ٻين
بندن سان، جيئن ته انھن بندن جـو وزن
اينگهه وارو ۽ لچڪدار آهي ۽ انھن جي اڳيان ٿلھه به موجود آهي،
تنھن ڪــري اهي ڪافي وانگر ڳائي سگهجن ٿيون.
انھيءَ ڪري اهڙين شين کي”جهولڻو ڪافي“جو نالو ڏئي
سگهجي ٿو“(12).
سچل سرمست جهولڻي ڪافي جي سٽاءُ ۾ به قافيي جي مٽ
سٽ ڪئي آهي. جنھن سبب سندس رسالي ۾ اسان کي پنجن
مختلف قسمن جون جهولڻو ڪافيون ملن ٿيون،
جن جو تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو.
1. هنن قسم جي جهولڻو ڪافي جو ٿلھه ٻه تڪ ۽ هڪ مصرع وارو آهي.
بند چئن پد ۽ ٻن مصرع جو ٿئي ٿو. جنھن جا پد پاڻ ۾
هم قافيا ۽ هر بند جو قافيو جدا جدا آهي. ٿلھه ۾
قافيو آندل نه آهي.
ٿلھه:
تـــو ڪئين اُهي وسري ويا، جن کي تو ٿي ڪارون
ڪيون؟
پـــــــــــــــانڌيءَ پَرينءَ جي پار ڏنهن، آندي خبر اها يار
ڏنھن،
آيو اصل اســـــــــــــــــرار ڏنھن،
دوستن سندي دربار ڏنھــــــن
(انصاري،ص511)
2. هن ڪافي جو نمونو به هوبھو
اڳين ڪافي جھڙو آهي،
فقط ٿلھه ڏيڍو اٿس.
1. ٿلھه:
ساٿي ساري سنيھا،
چئج پنھونءَ کي
بيـراڳي آهيان، وو
حال ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪرين، وو
دلاســـــــــو ڪو دوست ڏنھن،
وٺي جلد ورين، وو (انصاري،ص473)
2. ٿلھه:
مون کي ميڙين الله، سگهـــو آڻي الله
وو مــيان ٻاروچا!
انھن ڪارڻ ڪاڪيون، وجهان وڇاڻا
سانول پنھنجو سرتيون، سَوَ ۾ سڃاڻا
(انصاري،ص213)
3. اڳين گهاڙيٽن جھڙي هن جهولڻي ڪافي جو بند ٽن مصرعن ۽ ڇھن
تڪ وارو آهي. ٿلھه جو قافيي سان ڪو تعلق ناهي.
ٿلھه:
اهي ڪاڪيون ڪوهيارا، اڄ اڱڻ منھنجي آيا.
پيھـــــــــي پاڻھي
آئيا، جن
ڏور
ٿي
ڏسايو
هٿون، جنين هينڙو، اديون مون
ٿي کســـــــايو
جن جي ڪارڻ جيڏيون، مون ٿي پانڌي پڇايو
(انصاري،ص200)
4. هن ڪافي جو ٿلھه توڙي بند ٽن ٽن مصرعن ۽ ڇھن ڇھن پد
وارو آهي. ٿلھه توڙي بند جا قافيا جدا جدا آهن.
ٿلھه:
يار مسافـــــر هو ڳيا، مين ڪينـون آکان ڪــوڪ،
وي
خبــر اسانون ڪھين
نا ڪيتي، سـاري ڏٺا لـــوڪ، وي
عالم ليکي ديس ڇوڙيوني، ڳئي وساوڻ جهـــوڪ،
وي
آپي وچ آرام پئـــي، سانون لايوئي فلڪ فراقي
راتيان ڏينھان هي اساڏي، اکڙيان ڪون اشتياق
مين نماڻي دي ســـر دا سھرا، لوڪا ليکي چاڪ
(راڻيپوري،ص220)
حوالا:
1. سيد منظور نقوي، ڪافي تحقيق جي روشني ۾، ماهوار نئين زندگي، جون 1953ع
2. مخدوم طالب الموليٰ، ڪافي،
(مقالو)، ص63، بزم طالب الموليٰ شاخ هالا 1962ع
3. مـولانا غـلام محمد گرامي، ڪافي،(مقالو)،
ص71، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو،
ٽماهي مھراڻ 3 ۽ 4/1969ع
4. ڊاڪٽرعبدالجبارجوڻيجو،کافيان،ص34،
(اردو)،
بزم ثقافت ملتان،2003ع
5. ڊاڪٽـرنبي بخش بلوچ،
سنڌي موسيقي جي تاريخ، ص8-107،
شاھه عبداللطيف ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/ حيدرآباد 2003ع
6.سيد مطيع الله برهانپوری،
برهانپور کے
سندهی
اولياء،ص214،(اردو)،سندهی
ادبی
بورد جام شورو، سندھ، 1987ء
7.
حوالو نمبر2،
ص7
8.
حوالو نمبر2،
ص8
9.
حوالو نمبر2،
ص74
10. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪافيون (جلد پھريون) ص5،سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو1985ع
11. هن مطالعي دوران سچل سائين جا هيٺيان رسالا سامھون رکيا ويندا:
1. عثمان علي انصاري
(مرتب)، رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)،
سڌاريندڙ ۽ سنواريندڙ: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سنڌي
ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون.2012ع.
2. مولانا حڪيم محمد صادق راڻيپوري
(مرتب)، رسالو سچل سرمست (سرائڪي ڪلام)، سڌاريندڙ
۽ سنواريندڙ: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سنڌي ادبي بورڊ،
ڇاپو ٽيون،
2012ع.
3.
قاضي علي گوهر (مرتب)، سچل جو ڪلام عرف عاشقي
الھام، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور، 1995ع.
12.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
سچل جو پيغام، ص108، مھراڻ اڪيڊمي 1995ع. |