سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  03/ 2025ع

ايديٽر: جبران زيب

ايڊيٽوريل

 

شڪر الحمدلله.....

سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽماهي  3/2025ع شمارو پنهنجي معيار ۽ هڪ نئين انداز سان اوهان تائين پھچي چڪو آهي. هن شماري کي اوهان تائين پھچائڻ لاءِ ڪمپيوٽر آپريٽرز کان وٺي، مشين ۽ بائينڊنگ شعبي جو اهم ڪردار رهيو آهي. ٽماهي  وقت سان شايع ٿيڻ اداري لاءِ پڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. رسالي جي معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ اسان مسلسل محنت ڪري رهيا آهيون. اسان جي سدائين اها ئي ڪوشش رهي آهي ته، معياري ادب ئي اوهان تائين پھچايو وڃي.

ٽماهي  چئن شعبن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اول تحقيق جو شعبو آهي. تحقيق جي شعبي ۾ اسان کي اهم محققن جا مقالا ملن ٿا، جن جي لڳاتار تحقيق سان پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن شماري جي فھرست تي هڪ نظر وجهندا ته انتھائي اهم اسڪالرن جا نالا پنھنجي تحقيقي مواد سان رسالي ۾ نظر ايندا. انھن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر مخمور بخاري، مختيار احمد ملاح ۽ ٻيا اهم اسڪالر موجود آهن. جن جي تحقيق مان اسان کي سنڌ شناس جي پروڙ پئي ٿي. انھن سڀني جو بيحد شڪر گذار آهيان.

ٻيو ڪھاڻي جو شعبو آهي، جنھن ۾ مانائتن ڪھاڻيڪارن جون نڪور ڪھاڻيون شامل آهن. ڪنھن ڪھاڻيڪار کان ڪهاڻي حاصل ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي اهو اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽماهي  جي اهم ذميواري منھنجي حوالي ڪئي وئي. سنڌي ڪھاڻيءَ جي ابتدائي دور کان هاڻوڪي دور تائين جون اسان کي ڪيتريون ئي شاهڪار ڪھاڻيون ملن ٿيون. سٺي ڪھاڻي پڙهندڙ کي پاڻ پڙهائيندي آهي ۽ اسان سٺي ڪھاڻي لکندڙ ڪھاڻيڪارن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، ته جيئن بھترين ڪھاڻيون رسالي ۾ شامل ڪري سگهجن. هن ڀيري شبنم گل، سليم چنا، عزيز ڪنگراڻي، شگفته شاهه، گل ڪونڌر ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن سميت عالمي ادب مان به ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. انھيءَ حقيقت انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته، ٽماهي  ۾ عالمي ادب جي شاهڪار ڪھاڻين جا ترجما شايع ٿيندا رهيا آهن. هن شماري ۾ پڻ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، قربان چنا ۽ مبين چنا جون ترجمو ڪيل پرڏيھي ڪھاڻيون شامل آهن.

 اهڙي ريت ٽيون شعبو متفرقه جو آهي. متفرقه جي شعبي کي ڏسجي ته اسان جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته، پنھنجي مانوارن ليکڪن کان مختلف موضوعن تي مضمون، يادگيريون، ڪتابن تي تبصرا لکرائي اوهان سان ونڊ ڪريون، جيئن مختلف موضوعن جون لکڻيون پڙهندڙن تائين پھچنديون رهن ۽ چوٿون شعبو شاعري جو آهي. شاعري رسالي جو احساساتي شعبو آهي. منھنجي لاءِ بيحد خوشي جي ڳالھه آھي ته موجوده وقت جي ناميارن شاعرن کي جڏهن به گذارش ڪئي وئي آهي ته، مانائتي موٽ ملي آهي. هن شماري ۾ خاص ڳالھه اها آهي ته، شاعري ۾ جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب، چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جن جي شاعري پڻ شامل آهي. پاڻ جھڙا خوبصورت شخصيت جا مالڪ آهن، تھڙائي خوبصورت شاعر به آهن ۽ سندن تعلق سنڌ جي هڪ وڏي علمي ادبي گهراڻي سان آهي. پاڻ انتھائي قابل احترام جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن جا فرزند ارجمند آهن ۽ شاعريءَ جي ڏات کين ورثي ۾ مليل آهي. جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب جن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي. آءٌ سندن نھايت شڪرگذار آهيان، جو ٽماهي  لاءِ پنهنجو چونڊ ڪلام اسان کي ڏنو اٿائون. ساڳئي وقت سائين سرفراز راڄڙ، سائين ادل سومرو، سائين مشتاق ڦل، سائين وسيم سومرو، عابد انڙ ۽ ٻين سينئر توڙي نوجوان شاعرن جو ڪلام به هن شماري ۾ شامل آهي. مون کي يقين آهي ته ايندڙ شمارن لاءِ به، اسان جي خوبصورت شاعرن جو سدائين سھڪار رهندو.

آخر ۾ هڪ اهم ڳالھه ته، واٽس ايپ ميسيج توڙي فون ڪال تي رسالي جي ميمبر شپ ۽ آن لائن رسالو گهرائڻ لاءِ مھربان پڙهندڙن پاران پڇيو ويندو آهي. کين گذارش آهي ته، رسالو سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر، تلڪ چاڙهي حيدرآباد تان جنرل مينيجر سان رابطو ڪري گهرائي سگهجي ٿو ۽ رسالي جي ساليانه ميمبرشپ لاءِ پڻ معلومات وٺي سگهجي ٿي. ڪتاب گهر جي جنرل مئنيجر سان رابطي جو نمبر ۽ ايڊريس رسالي جي شروع وارن صفحن ۾ ڄاڻايل آهي.

مانوارا ليکڪ اسان کي واٽس اپ ۽ اي ميل وسيلي پنھنجو مواد موڪلي سگهن ٿا.

مھرباني

جبران زيب

ايڊيٽر، ٽماهي ”مھراڻ“

mehranmagazinesab@gmail.com

واٽس اپ نمبر: 03332736234

 

وکر سو وهاءِ

 

ميرزا فياض علي بيگ

 

(1950 – 2021ع)

 

ميرزا فياض علي بيگ 15 آگسٽ 1950ع تي ’ٽنڊوآغا‘، حيدرآباد ۾ ميرزا حامد علي بيگ جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم ميان علي بخش پرائمري اسڪول مان ۽ انگريزي تعليم نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان حاصل ڪيائين. سال 1966ع ۾ پنھنجي ناني ميرزا علي محمد بيگ ”مظفر“ کان عريضي نويسيءَ جي سکيا وٺي پنهنجي ذريعه معاش جو آغاز ڪيائين ۽ آخري وقت تائين ان روزگار سان سلهاڙيل رهيو. سندن شادي ميرزا امداد علي بيگ جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس هڪ پُٽ ميرزا دبير حسين بيگ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.

ميرزا فياض علي بيگ کي شاعري، نثرنگاري، مرثيه خواني، خطاطي ۽ مصوريءَ سان ننڍي هوندي کان ئي لڳاءُ هو. نقاشيءَ جي فن ۾ ابرق ۽ شيشي تي نقاشيءَ جو فن پنهنجي ڏاڏي ميرزا علي نواز بيگ کان سِکيو. شاعريءَ ۾ سندس استادَ ميرزا علي محمد بيگ ”مظفر“ ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ هئا، جن جي وفات کان پوءِ پنهنجي والد ميرزا حامد علي بيگ ۽ وڏي ڀاءُ ميرزا فتح علي بيگ ”شاهد“ کان اصلاح وٺڻ لڳو. غزل گوئي، ناول جي مطالعي ۽ ترجمي طرف سندس والد رجحان ڇڪايو. پاڻ حمد، نعت، قصيده، منقبت، سلام، نوحه، مرثيه، قطعات، رباعي ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪئي. سندن غزلن جو ديوان ”ڪُنيءَ منجهه ڪڻا“ سال 1993ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ پنهنجي ڏاڏي ميرزا علي نواز بيگ جي وڏي ڀاءُ ميرزا حسين علي بيگ ابن ميرزا غلام حيدر بيگ ”قنبر“ جو ڪلام ”چمنستانِ حُسين“ جي نالي سان سهيڙي، سال 2011ع ۾ ’بزمِ فتح‘ طرفان شايع ڪرايو.

 

پاڻ 22 صفرالمظفر 1443هه/ 30 سيپٽمبر 2021ع خميس جي ڏينهن هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب هنن لفظن ۾ ڏک جو اظهار ڪندي قطعه چئي:

]ميرزا دبير، رسالو ”تخيل“، جولاءِ- ڊسمبر 2020ع)

’فياض‘ جي رحلت جو جيئن ئي پيو پتو،

علم جي ميدان ۾ تيئن ماتم متو.

ڇا ته عالم ۽ اديب هو سُخنور!

هُن جي ڏاهپ، ڏات جو جهنڊو کتو.

غزل

هي مناظر جانستان جي روبرو،

ويو اچي ڪنهن آستان جي روبرو.

 

ٿو اچان ان مهربان جي روبرو،

صاحب عظمت نشان جي روبرو.

 

هيچ ٿيون سڀ وارداتون حسن جون،

هڪڙي منهنجي داستان جي روبرو.

 

ساري دنيا اڄ تيئن مجبور آ،

هڪڙي مرگ ناگهان جي روبرو.

 

پاتو گلشن مون کي ڀاڪر ان گهڙي،

جڏ رسياسين گلستان جي روبرو.

 

رحم مون تي آيو منهنجي يار کي،

پهتو جڏ مون نيمجان جي روبرو.

 

ڪين ٿي مايوس موٽيس آئون ڪڏهن،

جڏهن ڀي ويس مهربان  جي روبرو.

 

ويو ڇڏي همت ٻَڌي هٿ بيٺو ٻئي،

پهتو جڏ مون نوجوان جي روبرو.

 

ڇا چوي ”فياض“ ڇو روڪي زبان،

يار دلبر مهربان جي روبرو.

ميرزا منظور علي بيگ

 

(1955 – 2019ع)

 

ميرزا منظور علي بيگ حيدرآباد شھر جي ’ٽنڊي آغا‘ جي محلي ’علي آباد‘ ۾ 03 صفر المظفر 1375هه/21 سيپٽمبر 1955ع تي اربع ڏينھن ميرزا حامد علي بيگ جي گهر تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پھرين سيٺ ڪمال الدين پرائمري اسڪول ۽ پوءِ آسودومل پرائمري اسڪول (موجوده سيٺ حافظ اسڪول) حيدرآباد مان حاصل ڪري، نولراءِ هيرانند اڪيڊمي (موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول) حيدرآباد مان سال 1973ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. سچل ڪاليج  حيدرآباد مان انٽر ڪري،  پھرين سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي مسلم هسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. پوءِ ايم.اي سنڌيءَ لاءِ داخلا ورتائين. ايم.اي فائنل لاءِ مونوگراف ”ميرزا علي محمد بيگ جي شخصيت“
لکي، ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد، پي.ايڇ.ڊي لاءِ پنھنجي خاندان جي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي رهبريءَ ۾ ”ٽنڊي آغا جي ميرزائن جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ جي عنوان سان مقالو لکي، پنھنجي ڪيل ريسرچ ورڪ جو ڪامياب فائنل سيمينار ڪرايو.

پاڻ مئٽرڪ پاس ڪندي ئي 12 مئي 1973ع تي محڪمهء آثارِ قديمه ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي خدمتون سرانجام ڏيندي، اڪائونٽس آفيسر جي عھدي تان 21 سيپٽمبر 2015ع تي رٽائر ٿيو.

سندن شادي ميرزا امداد علي بيگ جي نياڻيءَ سان 1982ع ۾ ٿي، کيس ٻه فرزند: ميرزا غلام حيدر بيگ ”طٰھٰ“ ۽ ميرزا حسين علي بيگ ”داور“ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.

ميرزا منظور علي بيگ جنھن گهراڻي ۾ پرورش ورتي، اُهو علم و ادب ۽ شعر و شاعريءَ سان چاهه رکندڙ گهراڻو آهي. هِن خاندان ۾ مرثيه گوئي ۽ مرثيه خوانيءَ جي ته جھڙي سُتي پيل آهي ۽ خاندان جو هر فرد شاعر ابن شاعر رهندو پيو اچي. توڙي جو سندن لاڙو شاعريءَ طرف تمام گهٽ رهيو، پر پوءِ به پنھنجي خاندان جي نقشِ قدم تي هلندي، پاڻ شاعراڻي طبع جا جوهر پَسائيندي، پھرين شروعات سال 1970ع ۾ شاعريءَ جي صنف ”سلام“ سان ڪئي.

پاڻ 29 رجب المرجب 1440هه مطابق 06 اپريل 2019ع تي پنھنجي زندگيءَ جا 63 سال، 06 مھينا ۽ 15 ڏينھن هِن فاني جھان ۾ گذاري، لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات جي قطعه تاريخ هن ريت وضع ڪئي آهي:

رفت زين دار فنا ناگاج در وقتِ صباح،

مرثيه خوان و سُخن گو خوب بي حد زنده دل.

گفت هاتف هست ”شاهد“ بر دعاي مغفرت،

مُنفرج ’منظور‘ در بزمِ محمّد زنده دل.

2019ع

 

]ميرزا دبير، رسالو ”تخيل“، جولاءِ- ڊسمبر 2020ع[

 

غزل

نه ڪر خواهش رازدار محبت،

محبت ٿي خود غمگسار محبت.

محبت لئي مجبور سارو جهان ٿيو،

حياتِ اَبد اختيار محبت.

عيان ٿي هر انداز مان بيقراري،

نمايان ٿيا نقش و نگار محبت.

ڪو زير نگين پنهنجي اُلفت جي آهي،

ته ڪو بر سرِ اقتدار محبت.

جتي ٿو وڃا، ٿي محبت جي دنيا،

ڏسان جنهن کي سو بيقرار محبت.

رڳن ۾ فقط گرمئي عشق پنهان،

نگاهن مان پيدا شرارِ محبت.

ڪٿي اهڙي بستي ڪٿي پنهنجي هستي،

هي دنيا ٿي هڪ يادگار محبت.

نه دنيا ۾ ملندو ڪو ”مسرور“ جهڙو،

فدائي وفا جان نثارِ محبت.

 

تحقيق

 

(2024ع – 1949ع)  

 

ڪجهه ورهيه اڳ ۾ دنيا وارا سمجهندا هئا ته آرين جي اچڻ کان اڳ ۾ سنڌ واري ايشيا تي هڪ وحشت ۽ جھالت جو دور هو ۽ اتي جا رهاڪو ڪنھن به تھذيب ۽ تمدن کان واقف ڪين هئا، پر 1932ع ۾ وادئ سنڌ جي کوٽائي کانپوءِ ماڻھن جو اهو اندازو غلط ثابت ٿيو ۽ هڪ اهڙي تھذيب و تمدن  دريافت ٿي، جو اڄ تائين هن تي تحقيق هلي پئي ۽ هن تھذيب جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هن جي دريافت جو سھرو سر جان مارسل ۽ آر.ڊي سر جي تي آهي.

باري ۽ ايڇ.ٽي لئمبرڪ شروع ۾ هن تھذيب کي ايرانين جي قبضي کان اڍائي سؤ سال ق.م ڄاڻايو، مگر اڄ تائين ٿيندڙ تحقيق جا ماهر مختلف ذريعن پيمانن، درياءَ جي ماپ ۽ اٿل هن تھذيب کي 8000 اَٺ هزار سال ق.م چون ٿا. ننڍپڻ جي ڪتابن ۾ 5000 هزار سال ق.م مون به پڙهيو، پر هينئر اسان جا ڏيھي ۽ پرڏيھي ماهرن هن جو وڏو عرصو ٻڌايو آهي.

ايڇ.ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته سنڌو تھذيب جي پھرين مشاهدي سان هڪ اعليٰ طريقي سان منطم ۽ ترقيءَ جي عروج تي پھتل هڪ رياست نظر اچي ٿي، جنھن جو بنياد دريائي ميدانن ۾ تعمير ٿيل هڪ عظيم شھر تي رکيل آهي.

موئن جو دڙو ۽ هڙپا جي وچ ۾ چار سؤ ميلن جو فاصلو آهي. ٻنھي هنڌان جيڪي آثار دريافت ٿيا آهن، اهي ان ڳالھه جي گواهي ڏين پيا ته انھن ٻنھي شھرن جي باشندن ۾ تھذيبي هڪجهڙائي هئي، اها پراڻي تھذيب سنڌ، پنجاب ۽ الھندي بلوچستان تائين پکڙيل هئي. انھن پراڻين تھذيبن ۾ هڙپا موجوده (ساهيوال) ڪنھن زماني ۾ راوي دريا جي ڪناري واقع هو، جيڪو ڪو اهڙو نمايان ڪارنامو نه هو جھڙو موئن جو دڙو کي آباد ڪرڻ ۾ سنڌ جي ماڻھن جي جرئت ۽ همت جو اندازو لڳائي ٿو. سنڌو درياءَ هڪ خطرناڪ درياءُ هو، جنھن ۾ ايشيا جي وڏي حصي جو پاڻي اچي

ڪڙڪندو هو، ملڪ آباد ڪندو، ڪڏهن ڪڏهن ملڪ ٻوڙيندو وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. سنڌ جا رهاڪو اونچين منزلن تي گهر ٺاهي رهندا هئا. ماهر ان ڳالھه تي متفق آهن ته اها سنڌي قوم ئي هئي، جيڪا سڀني کان اڳ ۾ اهڙي خوفناڪ هنڌ تي اچي آباد ٿي، جيڪا هڪ دڙي واري زمين هئي. تاريخ جي روگرداني مان خبر پوي ٿي ته لوهم ۾ چانھوءَ جو دڙو ۽ سيلابي ميدان ۾ آباد سنڌين انھن دڙن تي آباد ٿيڻ کي اهميت ڏني هوندي، اهي سڀ هنڌ، درياءُ جي مضبوط ۽ چاڙهيءَ واري پسگردائيءَ ۾ هوندا. ماهر اڄ تائين سنڌ جي تهذيب ۽ پاڙيسري ملڪ جي کوٽائيءَ ۾ هڪجهڙائي ۽ اصليت لاءِ تحقيق ۾ مصروف آهن.

        انگريزن جي دور حڪومت ۾ 26-1925ع ۾ سرجان مارشل کي کوٽائي دوران ڪيترين عمارتن ۽ ٻين جاين جا نشان مليا آهن. 1931ع جي کوٽائي دوران کيس انساني ڍانچا، زيور، ڦڻيون، گلدان، ظروف سان گڏ ڪيترين عمارتن جي خبر پئي. 1957ع ۾ هڪ انگريز Sir Whealer Motimar لکيو هو ته موئن جي دڙي ۾ تمام گهڻي دولت مدفون آهي، جنھن جي ظاهر ٿيڻ سان سنڌ جي تھذيب جو صحيح اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان وقت ننڍن ننڍن دڙن جي صورت ۾ ڪيئي تھذيبون مدفون نظر اچن ٿيون. ڪوهستان ۽ ڪچي واري لاهه ۾ ڪنجهي واري دور جي ماڻھن جي تھذيب جا آثار ملن ٿا. آمريءَ جي رهاڪن جي ثقافت آمري ۾ ملي ٿي، جنھن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌي ماڻھن جي زمري ۾ داخل ٿي. ڪوٽ ڏيجي هڪ قديم تھذيب جو نشان آهي. سنڌو تھذيب جي وڏي شھر جي اڏاوت هن جا رهواسي ڪندا هئا ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته: آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جا جابلو ماڻھو جيڪي هڪٻئي کان پري پري رهي، روهڙي وارين ٽڪرين جي سطح برابر گهر جوڙيندا هئا. ڇاڪاڻ ته کين درياءُ جي اٿل جو ڊپ هوندو هو.

ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

ڪتاب: ”ايشيا جي تھذيبن جو جائزو“، 2021ع

ص 70-71 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org