سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:18 

مرتضيٰ ناز

 

”پيو“ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت ۽ ڪارج تي هڪ نظر

 

انگريزيءَ ۽ اردوءَ جيان، سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙا انيڪ لفظ موجود آهن، جيڪي هڪ کان وڌيڪ  وياڪرڻي حيثيتن ۾ استعمال ٿيندا آهن. عام پڙهندڙن توڙي سنڌي پڙهائيندڙ  استادن ايتريقدر جو ٻوليءَ جي ماهرن جو ڌيان به انھن جي عام يعني وڌيڪ مروج حيثيت طرف هوندو آهي. جڏهن ان قسم جا لفظ ڪنھن ٻيءَ حيثيت طور ڪم ايندا آهن، ته پڙهندڙن پاران اهڙن لفظن کي فقط انھن جي مروج حيثيت ۾ ڏٺو ويندو آهي. جڏهن ته ان قسم جا لفظ هڪ کان وڌيڪ وياڪرڻي حيثيتن ۾ ڪم ايندا آهن. انھن جو ڪارج ۽ وياڪرڻي دائرو به هڪٻئي کان بلڪل مختلف ھوندو آهي.

جيئن انگريزيءَ جا لفظ،

Do, fast, so etc.

Do فعل متعديءَ يعني Transitive verb طور به ڪم ايندو آهي ته فعل معاون يعني helping verb جي حيثيت ۾ به ڪم ايندو آهي.

جيئن:                                                                                       1."do"

(a) They "do" their work. (Transitive verb)

 (b) I "do" not waste my time. (helping verb)

2. "fast"

(a) This is a "fast" car. (adjective)

(b) This car runs "fast". (adverb)

3. "so"

(a) She is "so" sweet. (Adverb of degree)

(b) Don't do "so". (Adverb of manner)

(c) He is ill "so" he can't attend the meeting. (conjunction) etc.

ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به ڪيترائي لفظ هڪ کان وڌيڪ وياڪرڻي حيثيتن ۾ ڪم ايندا آهن. پڙھندڙن کي انھن جي عام وياڪرڻي حيثيت ته جلدي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي، پر انھن جي مخصوص وياڪرڻي حيثيت کي فقط ٻوليءَ جا ماهر ئي سمجهي سگهندا آهن.

سنڌيءَ ۾ ”پيو“ لفظ به  ان قسم جي لفظن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو هڪ کان وڌيڪ وياڪرڻي حيثيتن، يعني فعل لازميءَ ۽ فعل معاون طور استعمال ٿيندو آهي. پر اڪثر سنڌي پڙهائيندڙ ۽ پڙهندڙ  ان جي ٻن مختلف وياڪرڻي حيثيتن جي فرق کي نه سمجهي سگهندا آهن.

”پيو“ لفظ جي فعل لازميءَ طور ڪم ايندڙ حيثيت جي ترڪيب هن طرح آهي.

پيو= مصدر، پَوَڻُ، هڪ شيءِ جو ٻيءَ شيءِ ۾ /تي پَوَڻُ، لَنگهڻُ، چڙهڻ، وَهَڻُ وغيره / ڌاتو، پَئُه فعل لازمي معروف/ واحد/زمان ماضي/پريوڳ ڪرتري.

اڪثر ڪري ”پيو“ لفظ جي فعل لازمي طور ڪم ايندڙ وياڪرڻي حيثيت کي سمجهڻ تي ته غور ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي فعل معاون طور ڪم ايندڙ حيثيت کي سمجهڻ ۽ پرکڻ کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. انڪري ”پيو“ لفظ کي فقط ھڪ ئي وياڪرڻي حيثيت وارو لفظ سمجهيو ويندو آهي.  نتيجي طور مختلف زمانن (Tenses)  ۾ ”پيو“ لفظ جي گرداني ڦيرن، صرفي بدلاوَ ۽ ڪارج کي سمجهڻ ۾ مونجهارو درپيش ايندو آهي. ان مونجهاري کان بچڻ لاءِ فقط هڪ ئي رستو آهي. اهو آهي، ”پيو“ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت کي فعل جي مختلف قسمن جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ.

ان لحاظ کان ڏسبو ته، ”پيو“ لفظ هيٺين ٻن حيثيتن ۾ استعمال ٿئي ٿو.

1. فعل لازمي    Intransitive verb

2. فعل معاون   Helping verb

1. فعل لازمي   Intransitive verb:

وياڪرڻي اعتبار کان، ”پيو“ لفظ فعل لازميءَ طور ورتائجي ٿو. پر ڪرتري پرويوڳ جي فعل هئڻ ڪري، اهو فاعل ۽ زمان مطابق پنھنجون صورتون بدلائيندو رهي ٿو.

جيئن:   * پاڻي ڍنڍ ۾ پوي ٿو. (زمان حال سادو)

* پاڻي ڍنڍ ۾ پيو.  (زمان ماضي سادو)

* پاڻي ڍنڍ ۾ پوندو.  (زمان مستقبل سادو)

مٿين مثالن ۾ ”پيو“ لفظ، ”پوي“، ”پيو“ ۽ ”پوندو“

 صورتن ۾ فعل لازميءَ طور ڪم آيو آهي.

2. فعل معاون   Helping verb

سنڌيءَ ۾ ”پيو“ لفظ جي ٻي وياڪرڻي حيثيت فعل معاون طور ڪم اچڻ واري آهي. هن حيثيت کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ اڪثر ڪري غلطي ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن حيثيت کي به فعل لازميءَ جي حيثيت طور ڏٺو ۽ سمجهيو ويندو آهي، جنھنڪري هن حيثيت ۽ ان جي ڪارج کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ مونجهارا ايندا ويندا آهن. انڪري هيٺ، ”پيو“ لفظ جي فعل معاون واريءَ حيثيت کي مثالن ذريعي نروار ڪيو ويو آهي.

جيئن:   * اسان وٽ مِينھُن پيو وسي.

(مِينھُن وسي رهيو آهي)

* مان توهان ڏي پيو اچان.

(اچي رهيو آهيان)

هنن مثالن ۾ ”پيو“ فعل معاون آهي، جيڪو ٻن لازمي فعلن ”وسي“ ۽ ”اچي“ جي زمان حال استمراري ٺاهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. انڪري هتي ”پيو“ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت فعل معاون يعني Helping verb آهي.

فعل معاون طور ”پيو“ لفظ جو گرداني ڦيرو

جيئن ته ”پيو“ لفظ جي هڪڙي حيثيت فعل لازمي آهي ۽ هر لازمي فعل جو پريوڳ ڪرتري هوندو آهي، جيڪو فاعل جي عدد، جنس ۽ زمان مطابق مختلف صورتن ۾ بدلبو آهي. ان اصول تحت ”پيو“ فعل پڻ مختلف زمانن ۾ مختلف صورتن ۾ ڪم ايندو آهي.

جيئن:   * اسان وٽ مِينھُن پيو وسي.

(زمان حال استمراري)

* اسان وٽ مِينھُن پَي اُٺو.

(زمان ماضي استمراري)

*اسان وٽ مِينھُن پَي / پيو وسندو.

(زمان مستقبل استمراري)

اهڙيءَ طرح:

پَئُه /پوڻُ/ پيو/پوندو/ پَي / پئبو/ پئجي وغيره

زمان حال استمراريءَ ۽ زمان ماضي سادي طور ”پيو“ فعل جي وياڪرڻي حيثيت کي سمجهڻ ۾ درپيش مونجهارو

جيئن ته زمان حال استمراريءَ ۽ زمان ماضي سادي ۾ ”پيو“ لفظ جي ساڳي ئي (هڪجھڙي) صرفي صورت، (جنھن جي وياڪرڻي حيثيت مختلف آهي) ڪم ايندي آهي. انڪري ان کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ مونجهارو درپيش ايندو آهي، جنھنڪري ”پيو“ فعل کي فقط هڪ ئي وياڪرڻي حيثيت (فعل لازميءَ) وارو لفظ سمجهڻ جي غلطي ڪئي ويندي آهي.

هيٺين مثالن ذريعي ”پيو“ لفظ جي فعل لازميءَ ۽ فعل معاون طور ورتائجندڙ ٻن مختلف وياڪرڻي حيثيتن کي واضع ڪيو ويو آهي.

جيئن:   * اسان وٽ مِينھُن پيو.

*پاڻي ٻنيءَ ۾ پيو.

(فعل لازمي، زمان ماضي سادو)

* بابا ماني پيو کائي. (فعل ”کائي“ جو فعل معاون، زمان حال استمراري)

* پاڻي ٻَنيءَ ۾ پيو وهي.

(فعل ”وهي“ جو فعل معاون، زمان حال استمراري)

* گلاس ڀڄِي پيو.  (فعل ”ڀڄِي“ جو فعل معاون، زمان ماضي سادو)

نتيجو:

*”پيو“ لفظ فقط هڪ ئي وياڪرڻي حيثيت وارو لفظ نه آهي.

”پيو“ لفظ ٻن مختلف وياڪرڻي حيثيتن، فعل لازميءَ ۽ فعل معاون طور ڪم ايندو آهي.

*  جيئن ته زمان حال استمراريءَ ۽ زمان ماضي سادي ۾ ”پيو“ لفظ جي ساڳي ئي صرفي صورت ڪم اچي ٿي، انڪري ان کي فقط هڪ ئي وياڪرڻي حيثيت وارو لفظ سمجهڻ جي غلطي ڪئي ويندي آهي.

* عام طور تي، جڏھن ”پيو“ لفظ سان گڏ ٻيو ڪو به فعل ڪم ايندو ته، ان جي وياڪرڻي حيثيت فعل معاون هوندي.

جيئن  مِينھُن وسي پيو. (فعل معاون)

*  جڏھن”پيو“ لفظ سان گڏ ٻيو ڪو به فعل ڪم نه ايندو ته ”پيو“ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت فعل لازمي هوندي.

جيئن: اسان وٽ مِينھُن پيو.  (فعل لازمي)

 

مخدوم سليم الله صديقي

 

 

 

 

 

افهام القاري شرح صحيح بخاري

(جلد ڏهين جو سنڌي ترجمو)

 

عام اصطلاح ۾ هر ان خبر کي حديث جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جنھن ۾ پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي قول يا فعل جو ذڪر هجي. پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن پنھنجي ڪلام لاءِ حديث جو لفظ پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم  ئي پسند فرمايو هئائون. حديث کي اسلامي قانون جو ٻيو وڏو ذريعو پڻ سمجهيو ويندو آهي.

سڻي صاحبصه قول، سيني اندر سينگار،

تان تان پون پار، نسل در نسل.

(سليم)

پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن حديث جي حفاظت ۽ روايت کي اهميت ڏيندا هئا، جڏهن پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن گفتگو ڪندا هئا ته آهستگي ۽ وضاحت سان فرمائيندا هئا. جيئن ٻڌندڙ مڪمل طرح مستفيض ٿئي، جيڪي اهم ڳالھيون هونديون هيون، انھن کي ته پاڻ صلي الله عليھ وآلھ وسلم ٽي ٽي دفعا به دهرائيندا هئا. جيئن ٻڌندڙ کي ذهن نشين ٿي وڃي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم حديث جي ترغيب ڏيندي فرمايو: ”جيڪي موجود آهن، اهي غير موجود انسانن تائين پھچائين. توهان مون کان ٻڌو ٿا ۽ ٻيا توهان کان ٻڌندا پوءِ انھن کان ٻيا ٻڌندا. الله تعاليٰج ان شخص جي چھري کي رونق ۽ تازگي عطا ڪري جنھن منھنجي ڳالھه ٻڌي ۽ ياد رکي ۽ ان شخص تائين پھچايائين جنھن نه ٻڌي هئي.“

صحيح بخاري، محمد بن اسماعيل المعروف امام بخاريرح (194هه-256هه) جي مشھور ۽ مقبول تاليف آهي. ان کي حديث جي سڀ کان مستند تحرير سمجهيو ويندو آهي. بلڪه قرآن حڪيم کان پوءِ ان کي اصح الڪتب جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي. امام سڳوري کي تقريباً هڪ لک حديثون ياد هيون. صحيح بخاريءَ ۾ انھن ئي حديثن مان چونڊيل آهن. بخاري شريف صحاح سته ۾ شامل آهي. مختلف دورن ۾ عربي فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ ان جون شرحون تحرير ڪيون ويون.

 

مانواري حافظ عبدالرزاق مھراڻ سڪندري جي قابلِ تعريف ڏينھن رات جي ڪوششن سان شرح صحيح بخاري بعنوان ”افھام القاري شرح صحيح بخاري“ جو ڏهون جلد بزبان سنڌي ڇپجي چڪو آهي، مجموعي طرح هن جلد ۾ 627 حديثون آهن. جنھن لاءِ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته سڪندري صاحب، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي عاشقن جي عظيم رهنمائي ۽ مھمان نوازيءَ جو شرف حاصل ڪيو آهي. جنھن لاءِ پاڻ مبارڪ جا مستحق آهن.

پانڌيئڙن پار، پڌرا ڪن پيچرا،

عاشق تن آسري، ٿين ڪين ڌار،

سھڻي تن سار، اندر تن سوجهرو.

(سليم)

 

گُل ڪونڌر

 

 

 

تواريخ جو اهم ڪتاب

”ڇوڪرو حيدرآباد جو“

 

سنڌي ٻوليءَ جَي گَھڻَ لِکيَي ۽ زندگيءَ جَي هر ميدان ۾ وڏو مُشاهدو رکندڙ ليکڪ، سليم چنا جو ڪتاب ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“ هڪ يادگار تخليق آهي، جيڪا نه رڳو سنڌ جي ادبي منظرنامي ۾ اهم واڌارو آڻي ٿي، پر ساڳي وقت پڙهندڙن کي حيدرآباد شھر جَي رونقن، ماڻهن ۽ ثقافت سان به متعارف ڪرائي ٿي. هِنَ ڪتابَ جو ٽائيٽل جنھن ۾ مختلف عمارتون، ادارا ۽ خود ليکڪ جِي تصوير به شامل آهي، ڄڻ ته حيدرآباد جَي دِلي ڌَڙڪَنُنِ جِي تصويري صورت آهي. ٽائيٽل تي نظر ايندڙ ”نور محمد هاءِ اسڪول“، ”حيدرآباد لا ڪاليج“، ”حمايت الاسلام اسڪول“، ”پريڪٽسنگ اسڪول فار ٽريننگ ڪاليج“، ”مسلم سائنس ڪاليج“ ۽ ٻين تاريخي جڳهن جون تصويرون، پڙهندڙ جَي ذهن ۾ بيشمار يادُن کي تازو ڪري ڇڏين ٿيون. اهو ٽائيٽل صرف تصويري پيشڪش نه آهي، پر اِها حيدرآباد جي گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۽ دَرَ دَرَ جِي ڪھاڻي آهي. سليم چنا صاحب هن ڪتاب ۾ پنھنجي زندگيءَ جي انھن حَسِينِ لَمحن کي قلمبند ڪيو آهي، جيڪي هُنَ حيدرآباد شھر ۾ گذاريا آهن ۽ جن سان سندس جذباتي رشتا ۽ ناتا واڳيَل آهن.

ڪتاب جو نالو ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“ ايترو ته فطري ۽ شھر سان جُڙيل آهي، جو پڙهندڙ کي هِي ڪتابُ، ڄڻ پنھنجي زندگيءَ جِي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿئي ٿو. سليم چنا سادگِي، لوچَ ۽ ٻوليءَ جِي روانيءَ سان، پَنھنجِي ڊائريءَ جا ورق تجربي ۽ مشاهدي جَي بنياد تي ائين لکيا ۽ پيش ڪيا آهن، جو پڙهندڙ هِڪَ پَلَ لاءِ به بيزار نه ٿو ٿئي. هِي ڪتاب نه صرف ليکڪ جِي شخصي زندگيءَ جو آئينو آهي، پر حيدرآباد جي سماجي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ماحول جِي تصوير به آهي. سليم چنا جَي اَندازِ بيان ۾ جتي ٻوليءَ جِي مِٺاس آهي، اُتَي ئِي جذبات جِي گَهرائي پڻ موجود آهي. ٽائيٽل تي سادَي لباس ۾ سليم چنا صاحب، ميان علي بخش پرائمري اسڪول، قاضي عبدالقيوم روڊ حيدرآباد جِي پراڻي عمارت اڳيان بيٺو، ڄڻ ته اهو اعلان ڪري رهيو آهي ته ”آئون اڃا به اُنهيءَ شھر جو ڇوڪرو آهيان، جيڪو منهنجي ساهَه ۾ سمايل آهي“.

سليم چنا جَي هِنَ ڪتابَ جَي اَرپنا  وارَي حصي ۾، اڻويهه سؤ نَوَي جَي ڏَهاڪَي دوران، حيدرآباد شھر ۾ ٿيل دهشتگرديءَ، لاقانونيت ۽ سماجي بيچينيءَ جي پسمنظر ۾ پيش ڪيل سندس جذباتي نظم شامل آهن، جيڪي تاريخي ۽ ادبي لحاظ سان وڏي اهميت رکن ٿا. اِهَي نظم نه فقط سندس شھر سان جذباتي وابستگيءَ جو اظهار آهن، پر ساڳئَي وقت هڪ اهڙي دؤر جو يادگاري دستاويز آهن، جنھن ۾ حيدرآباد جَي رهواسين ته ٺھيو پر رستن، بازارن ۽ اسڪولن وغيره به، روزاني جَي بنياد تي خوف ۽ گولين جَي آوازن ۾ ساهَه پئي کنيا. سليم چنا اُنَ عذابناڪ دؤر جا مَنظرَ، شاعراڻي اظھار ذريعي بيان ڪري، پڙهندڙن کي انھن لمحن جِي شدت ۽ بيگناهن جي بيوسيءَ جِي ياد ڏياري آهي.

سليم چنا هن ڪتاب جَي پيش لفظ يا ليکڪ پاران ۾، پڙهندڙن سان وضاحت ڪئي آهي ته، ”ڪتاب ۾ شامل سڀ واقعا، داستان، منظر ۽ ملاقاتون سڌو سنئون مختلف وقتن جي ڊائرين مان جيئن جو تيئن اُتاريل آهن، ان ڪري انھن ۾ ماڳ مڪان ۽ تاريخن جي حوالي سان ڪا اُونچ نيچ ضرور محسوس ڪري سگھجي ٿي.“ سچ اهو آهي ته ليکڪ جِي اها پَڌرائِي، ڪتاب جِي صداقت ۽ دستاويزي نوعيت کي وڌيڪ مُستنَد بڻائي ٿِي. اهڙي طرح سليم چنا ڪتاب جَي مواد ۾ ڪنهن به مصنوعي ترتيب يا بعد ۾ سُڌارَي ڪرڻ واري عمل بجاءِ، جيڪي به ڪجھ اُن وقت لکيو آهي، اُن کي جيئن جو تيئن ڪتاب جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. اِنَ اعتراف مان پڙهندڙ کي اهو پيغام ملي ٿو، ته ڪتابُ ڪنهن ترتيب وار افسانوي بَيانَ کان وڌيڪ، ڊائريُنِ تي نوٽ ڪيل حقيقي تحريرن تي آڌاريل آهي.

سليم چنا ڪتاب ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“ جَي ٽائيٽل ۽ بيڪ ٽائيٽل تي پنھنجي زندگيءَ جَي مختلف مرحلن جا، لڳ ڀڳ پنجاهه فوٽو شامل ڪري، عمر جَي بدلاءَ سان صورت جي تبديليءَ وارِي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي. هيءُ انداز نه صرف منفرد آهي، پر انسان جي ماضيءَ کان حال تائين جو هڪ اهڙو البم آهي، جيڪو مستقبل ۾ تحقيق جَي حوالي سان تمام گهڻي اهميت جو حامل رهندو. تصويرن جَي ذريعي پڙهندڙن کي سليم چنا جي ٻالپڻ وارِي معصوميت، شاگرديءَ جَي ڏِينهَنِ، جوانيءَ جَي جوش، ادبي حرڪات ۽ نوڪريءَ دوران سندس ڏَيکَ وَيکَ بابت عَڪسِي جَھلڪَ مِلَي ٿِي. اهي تصويرون نه فقط ليکڪ جَي چهري، عمر، لباس ۽ وقت جِي عَڪاسِي ڪن ٿيون، پر انھن مان سنڌي سماج، رَهڻِي ڪَهڻِي، ماحول ۽ حيدرآباد جَي ثقافتي پسمنظر جو به اندازو ٿئي ٿو. انھن تصويرن جَي ڪري هِي ڪتابُ هڪ آٽو بايوگرافيءَ جِي حيثيت پڻ رکي ٿو. سچ اهو آهي ته ڪتاب ۾ ڏنل اِهَي پنجاهه تصويرون ئي ڪتاب جَي نالي ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“ جِي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون، ڇو ته ليکڪ واقعي پنھنجو پاڻ کي ”ڇوڪرو“ سمجهي ٿو، جيڪو حيدرآباد جَي گهٽيُنِ، بازارن ۽ شھر ۾ وڏو ٿيو آهي ۽ اڄ تائين ان جِي مٽيءَ سان سَلهاڙيل آهي.

سليم چنا جو هِي ڪتابُ ڪُل 384 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن مان ابتدائي 64 صفحا، سندس ذاتي زندگيءَ جَي مُفصل سَفرَ ۽ دلچسپ احوال کي پيش ڪن ٿا. هِي پهريون حصو دراصل هڪ خودنوشت جيان آهي، جيڪو سندس زندگيءَ جِي ابتدا، خانداني پسمنظر ۽ تعليمي سفر کي پڙهندڙن جَي سامهون نهايت سچائيءَ سان پيش ڪري ٿو، هتي سليم پنھنجي ولادت، والدين، ڀائرن، ڀينرن ۽ مائٽن سان لاڳاپيل يادگيرين جو ذڪر ڪيو آهي. هنن صفحن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي، صرف ليکڪ جِي ذات سان واقفيت نه ٿِي ٿئي، پر ساڳي وقت سنڌ جَي وچولي طبقي واري خانداني ماحول، رسم و رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ انساني قدرن جي به ڄاڻ ملي ٿي.

سليم چنا پنھنجي ابتدائي اسڪولن، خاص ڪري نور محمد هاءِ اسڪول ۽ ٻين ادارن سان پنھنجي دلي لڳاءَ کي بيحد محبت سان بَيانُ ڪيو آهي. هن جا استاد، انھن جو انداز، پڙهائڻ جو طريقو ۽ ٻين شاگردن سان تعلقات، سندس يادگيرين جو اهم حصو آهن. تعليم سان لاڳاپيل هِي بابُ هڪ اهڙي دؤر جو نقشو پيش ڪري ٿو، جتي سادگي، محنت ۽ ايمانداري تعليم جو بنياد هئا، هن چيپٽر ۾ ليکڪ پاران بيان ڪيل ڳالهيون تمام پُر اثر آهن، هتي هُنَ پنھنجي ننڍپڻ جَي ساٿِيُنِ، گڏ پڙهندڙن ۽ پاڙيسرين جو ذڪر بيحد جذباتي انداز ۾ ڪيو آهي. هنن شخصيتن جو بيان صرف نالن تائين محدود ناهي، پر سليم چنا سندن مزاج، رَوَيَنِ، ۽ انھن سان ٿيل تجربن کي اهڙي خوبصورتيءَ سان بَيانُ ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي انھن موقعن تي موجود ڀائين ٿو. ليکڪ پاران پنھنجي استادن جِي تعريف ۽ انھن جِي عزت جو جذباتي انداز، ان وقت جَي تعليمي نظام، استادن جِي ايمانداري ۽ شاگردن سان سندن محبت جو عَڪاسُ آهي.

ڪتاب جِي فھرست ۾ اڳتي ايندڙ 60 صفحا وري، سنڌ جَي شاگرد اڳواڻ، سياسي ڪارڪن ۽ ڪامريڊ ”مدد علي سنڌي“ سان وابسته يادگيرين، سياسي لاڳاپن ۽ ادبي حوالن تي مشتمل آهن. اهڙي طرح ڪتاب جا هِي صفحا، ان وقت جي سنڌ جَي سياسي شعور، فڪري وُسعتَ ۽ تاريخي اهميت کي اُجاگر ڪن ٿا. هتي سليم چنا، مدد علي سنڌيءَ کي رڳو سياسي ساٿي نه، پر هڪ نظرياتي انسان، فڪر سان سچو ۽ عوامي شعور سان وابسته هڪ فدائي ڪارڪن طور پيش ڪيو آهي. هو کيس صرف ياد نه ٿو ڪري، پر سندس جذبي، اصولن، تڪليفن، قربانين ۽ فڪر کي قلمبند ڪري، پڙهندڙن لاءِ هڪ سياسي تاريخي شخصيت طور پيش ڪري ٿو. ڪتاب جا هي ورقَ نه فقط ٻن دوستن جي سياسي ۽ ذاتي رفاقت جا شاهد آهن، پر ساڳي وقت سنڌ جي سياسي تاريخ جو آئينو پڻ آهن، خاص ڪري جڏهن شاگرد تحريڪون، مزدورن جِي هلچل ۽ قومي اُڀارَ جو جُنون زورن تي هو. اهڙي طرح سليم چنا جَي ڊائريءَ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ان وقت مدد علي سنڌي نه رڳو سياسي، پر ادبي حوالي سان به سنجيده نظريات رکندڙ هڪ جذباتي نوجوان هو.

سليم چنا جو ڪتاب ڇوڪرو حيدرآباد جو نه صرف سندس يادگيرين جو عَڪسُ آهي، پر سنڌ جَي ڪيترن ئي ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جَي سُڃاڻپ جو دستاويز به آهي. هِنَ ڪتاب ۾ ٻه سؤ کان وڌيڪ شخصيتن جَي حوالي سان، ڊائريءَ جِي صورت ۾ واقعن، ملاقاتن، بحثن ۽ لاڳاپن جو ذڪر مختصر لفظن ۾ ٿيل آهي. وڏي ڳالھه ته انھن ماڻھن مان، ڪيترن جو احوال ٻئي ڪنهن به ادبي يا تاريخي ڪتاب ۾ نه ملندو، پر سليم چنا جي قلم انھن کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. مثال جي طور تي ڪتاب جي 98 صفحي تي ”ماما فيض محمد شيدي“ جو ذڪر ڏنل آهي. ماما فيض محمد جو ”الحبش فائونڊيشن“ سان ڀلي تعلق رهيو هجي، پر مون کي ان بابت اڳ ڪا ڄاڻ نه هئي، فيص محمد صاحب سان گاڏي کاتي ۾ 1999ع واري ڏهاڪي ۾ ملاقات ضرور ٿيندي هُئي ۽ هِيءَ (97-1996ع) جِي ڳالھه آهي ته آئون، پنھنجي هڪ مائٽ ۽ ويجھي دوست معراج احمد سان ملاقات لاءِ روز پرنس ٽائون حيدرآباد ويندو هئس ۽ اُن جَي اُتر ۾ هڪ روڊ وارِي مَٿاهِين جاءِ تي ويھي ڪچھري ڪندا هئاسين.

ڪجهه وِٿيءَ سان پر بلڪل سامھون وارَي گھر جي بالڪونيءَ مان، هڪ شخص اسان کي گُھورَي ڏسندو هو، هڪ ڏينھن اهو گھر مان نڪري اسان ڏانھن آيو، مون کي ويٺل ڏسي چيائين؛ ”گل ڪونڌر اوهان آهيو.“

جواب ۾ چيومانس؛ ”جِي سائين.“

بابا هلو ته اوهان کي گھر چانھن پياريان.“

چانھن پيئڻ کان معذرت ڪندي سندس ٿورا مڃيم ته چيائين؛ ”روز اوهان کي هتي ڏسي آئون سمجھندو هئس، الائجي ڪير آهن، روز هتي اچي ويھن ٿا، ڪهڙي نيت اَٿَنِ، ان ڪري آئون روز مٿان ڏسندو به هئس پر اڄ هلي آيس.“

ياد رهي ته ان وقت پرنس ٽائون جَي اتر ۾، ماما فيض محمد جَي گھر سميت ڪي چند گھر ئي ٺھيل هئا، جن ۾ هڪ اهم گھر پليجو هائوس به هو. بھرحال ماما فيض محمد جِي ڪَٿا ٻڌائڻ جو مقصد هو ته، پنجٽيھه سالن کان پوءِ هڪ معراج احمد ۽ آئون ڪچھري ڪري رهيا هياسين، ته ماما فيض محمد جَي اسان ڏانھن اچڻ وارو واقعو ياد آيو، پر دماغ تي گهڻو زور ڏيڻ باوجود، سندس نالو ياد نه آيو. هاڻي جڏهن سليم چنا ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“ مون کي ڏنو، ائين ئي ڪتاب کي وچ مان کوليم، ته 98 نمبر صفحو کليو، جنھن تي عنوان لکيل هو ”ماما فيض محمد شيدي“. اِهَو ڏِسندَي ئِي اُتي موجود دوستن نصير مرزا، زيب سنڌي، نياز پنھور، نظير قاسمي، علي عمران سمون، جبران زيب، غلام مصطفى سولنگي، مولا بخش محبتي ۽ ٻين جَي آڏو، سليم چنا صاحب کي چيم؛ ”واقعي ڪتاب ”ڇوڪرو حيدرآباد جو“، عجب سارُوڻِيُنِ ۽ اهم شخصيتن جَي حوالن جِي، مُنفرد ۽ مُستَند تواريخ آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org