سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:19 

علي نواز آريسر

 

 

 

هِت حياتيءَ ڏينھڙا

 

ادب ۾ آتم ڪٿا لکڻ جيترو ڏکيو آهي، اوترو ئي پڙهڻ ۾ مزو ڏيندي آهي. آتم ڪٿا لکڻ ان ڪري ڏکي آهي، جو ان ۾ انصاف جي تقاضا هوندي آهي ۽ پڙهڻ ۾ مزو ان ڪري هوندو آهي، جو ان ۾ حقيقي زندگيءَ جو عڪس چٽيل هوندو آهي ۽ هر ماڻھو ان ۾ پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇو ته هڪڙي سماج ۾ رهندڙ سڀني ماڻھن جي زندگي ٿوري گهڻي فرق سان ملندڙ جُلندڙ هوندي آهي. وقت، حالتون، سماجي زندگي ۽ ان جو ڪاروهنوار، ڏُک سُک، خوشيون غميون تقريباً هڪجهڙيون هونديون آهن.

سنڌ ۾ سوانحي ادب جو بنياد مرزا قليچ بيگ پنھنجي آتم ڪٿا ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سان وڌو، ان بعد ڪي ٿوريون/چند آتم ڪٿائون ۽ سوانح عمريون لکيون ويون، جيڪي ڇپيون به. پر هن موضوع تي پھريون ۽ وڏو ڪم سائين جي. ايم سيد ڪيو. پاڻ سنڌ جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن جا تفصيل گڏ ڪري ”جنب گذاريم جن سين“ جي نالي سان ٻن ضخيم جلدن ۾ سوين ماڻھن کي محفوظ ڪيو. اهڙيءَ طرح هن پاسي ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جو ڌيان وڌيو ۽ انھن خاڪا به لکيا ته آتم ڪٿائون، يادگيريون، ساروڻيون ۽ جيوڻيون لکي سنڌي ادب جي هن پاسي کي پُر ڪيو. گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ بيشمار آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪن ٿورن حقيقت بياني کان ڪم ورتو آهي.

تازو ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي آتم ڪٿا ”هِت حياتيءَ ڏينھڙا“ ڇپي آهي. مون پھريون ڀيرو جڏھن هي آتم ڪٿا پڙهڻ شروع ڪئي، ته هر واقعو، هر منظر، هر جملو، هر سِٽ منھنجي ذهن تي نقش ٿيندا ويا. سادي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل هن آتم ڪٿا ۾ ڪيئي ڪائناتون مِڙي مُٺ ٿين ٿيون، ڪيئي انڊلٺ نکري نروار ٿين ٿا، ڪيئي ڪھڪشائون جلوه افروز ٿي سامھون اچن ٿيون ۽ ڪيئي دور اکين جي اڳيان آئيني وانگر اچي بيھي ٿا رهن. ڇو ته هر ماڻھو پنھنجي دور جو ساکي هوندو آهي پر شرط اهو آهي ته اهو ان کي سچائي سان بيان ڪري، ان حوالي سان شيخ اياز لکيو آهي ته:

هڪڙو ماڻھو لک ٿئي ٿو، جي هُو سچ چوي.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي هيءُ آتم ڪٿا سنڌي ادب جي بھترين آتم ڪٿائن ۾ شامل ڪرڻ جھڙي آهي، ڇاڪاڻ جو هن ۾ نه ته پاڻ پڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيل آهي ۽ نه ئي هڪ ڪُوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ڏهه ٻيا ڪُوڙ ڳالھائڻ جي زحمت ڪئي وئي آهي. هن نه پنھنجي غُربت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي پنھنجو ادبي قد ڪاٺ وڌائڻ جي ڪا هام هنئي آهي. هن جيڪو ڏٺو، سمجهيو ۽ محسوس ڪيو آهي، اُهو ڪاغذ جي پيٽ تي اُتاريو آهي. حالانڪه هن وقت هُو جنھن منزل تي پھتل آهي، ته ڪيترائي ڪُوڙ گهڙي سگهيو پئي ۽ انھن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪنھن رنگت جي به ضرورت ڪونه هئي. پاڻ لکي ٿو ته:

”شڪارپور ۾ رهائش واري دور ۾ اسان جي حالت خانه بدوشن کان گهٽ ڪانه رهي.“

يعني ان دور ۾ سندس حالات ڪي ايڏا چڱا ڪونه هُئا، ايستائين جو هُو جڏهن لاڙڪاڻي لڏي اچي رهيا هئا ته، ڪيتري عرصي تائين ڪِرائي جي گهر ۾ رهندا هئا ۽ پاڻ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مزدوريون به ڪيون، جن جو ذڪر هن وڏي اعتماد سان ڪيو آهي.

يا وري سندس هي ننڍڙي حسرت ڏسو: ”انگريزي پڙهڻ واري منھنجي حسرت اڌوري رهي. ڪڏهن ڪڏھن اسڪول کان گُسائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 جي ڪنھن ڪلاس جي در تي ٻاهران بيھي حسرت سان ڏسندو هُئس ته منھنجا دوست ڪيئن ٿا انگريزي پڙهن.“

ڊاڪٽر صاحب جي پنھنجي انگريزي پڙهڻ واري حسرت اڌوري رهي ته، هن اُهو خواب پنھنجي اولاد جي پڙهائي سان پورو ڪيو ۽ پنھنجي اولاد کي هڪ ڪامياب سُٺي منزل تي پڄائڻ لاءِ هُو سڄي زندگي پاڻ پتوڙيندو رهيو. آءٌ جيئن جيئن سندس ڪتاب پڙهندو پيو وڃان، تيئن تيئن منھنجي ذهن ۾ ماضيءَ جي حسين سنڌ جو نقشو نِروار ٿيندو پيو وڃي. ڇا ته دور هو، ڇا ته ماڻھو هئا، ڇا ته سنڌ جو ڪلچر هو ۽ بيمثال محبت ۽ رواداري هئي، ڪو به مذهبي متڀيد نه هو، ڪو به دين ڌرم جو ويڇو نه هو.

”مان جڏهن اڃا ٻار هُئس ته ان وقت ۾ ٻه ڳالھيون محسوس پئي ڪيم. هڪ پاسي هندو مسلم ۾ محبت ۽ ڀائيچارو زورن تي هو، ميٺ محبت وارو ماحول هو، هندو مسلمانن جي وڏن ڏينھن يعني عيدن وغيره تي سندن خوشين ۾ گڏ هوندا هئا، ته مسلمان وري هندُن جي خوشين وارن تھوارن هولي، ڏياري وغيره تي سندن ئي رنگن ۾ رڱجي ويندا هئا.“

اڄ جڏهن چئني پاسي ٿيندڙ ڪوس ۽ دوکا ڏسون ٿا ته، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اُها سنڌ ڪيڏانھن وئي، اُهي ماڻھو ڪيڏانھن ويا، جن وٽ روايتون عقيدن کان مٿڀريون هُيون. جن وٽ محبت ۽ ماڻھپو مثالي هو، اڄ جنھن دور ۾ اسين جيئون پيا، اُهو ته ڄڻ مصنوعي دور هجي.

 شاد صاحب پنھنجي دور جو پورو نقشو چٽيو آهي، هن جتي پنھنجي پاڙي وارن جا گُڻ ڳايا آهن، اُتي هن پنھنجي استادن جي ساراهه جا ڍُڪ به ڀريا آهن، هن جتي پنھنجي ادبي دوستن کي ساريو آهي اُتي هن اهڙن ڪردارن سان به اسان کي ملايو آهي، جيڪي هن دنيا جي نظرن ۾ کڻي اهم نه هجن، پر شاد صاحب جي وسيع نظري انھن مان به موتي چونڊي اسان جي سامھون پيش ڪيا آهن، مثال طور:

”سَٺ کان اسي وارن ڏهاڪن تائين شھر ۾ هڪ ڪَرڙ وَڍُ پوري پُني قد وارو شخص، ڪُلھي تي ننڍڙو ٻارُ، هٿ ۾ ٽين جو توتارو کڻي، رستن روڊن ۽ پاڙن ۾ اعلان ڪندو وتندو هو ته، ”هي ٻارُ ڪنھن جو آهي؟“ ۽ ائين وڃايل ٻارَ مالڪن تائين پھچائي خدمتِ خلق جو ڪم سر انجام ڏيندو هو. اصل ۾ ميونسپالٽي جو ملازم هو. سندس ڊيوٽي اها هئي ته گهٽين جي چوراهن تي لڳل ميونسپل جي فانوسن ۾ شام جو ڏاڪڻ کڻي گاسليٽ/ تيل وجهي ٻاري اچي ۽ صبح جو وري اهي سمورا وسائي اچي. سچ ته اهو آهي ته هُن نه رڳو اونداهي گهٽين جا فانوس روشن ٿي ڪيا، پر ڪيترين ئي اُداس ۽ پريشان زندگين کي پڻ روشني ٿي ڏني.“

ڇا ته ڪردار هئا، سنڌ ڪھڙن نه خدا ترس ماڻھن کي جنم ڏنو هو، يا لاڙڪاڻي جو اهم ڪردار جمعو فقير، جنھن تي هاڻي هڪ ڪتاب به ڇپجي چُڪو آهي. جمعي فقير بابت سندس خيال پڙهي ڏسجن:

”جمعي جي پٺيان ڪُتن جي لوڌ به هوندي هئي، جن لاءِ هو ڪاساين کان ڇيڇڙا وغيره وٺندو هو. مزيدار ڳالھه ته هو پنھنجن ڪُتن سان ائين ڳالھائيندو هو، جيئن ڪنھن ماڻھوءَ سان ڳالھائجي. چوندن ”صبر ڪيو صبر سڀني کي ملندو.“ پوءِ هڪ هڪ کي سڏيندو ۽ کائڻ لاءِ ڏيندو هو. ڪنھن کانئس پڇيو ته، ”جمعا! ڪُتن سان ڪيئن ٿو ڳالھائين؟“ چيائين ”ڇو؟ ماڻھن سان ڳالھايان ٿو ته ڪُتن سان ڇونه ڳالھايان. ابا ڪتا ماڻھن کان ويل ناهن.“

اهڙيءَ طرح سندس يادگيرين جو ريشمي تاڪيو جيئن جيئن کُلندو ويو آهي، تيئن تيئن هڪڙي عجيب دنيا نروار ٿي اسان جي سامھون ايندي پئي وڃي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو ۽ سُکيو دور جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي ۾ گذاريو آهي، پر سندس حواسن تي شڪارپور ڇانيل آهي. هونئن به ماڻھوءَ جو جتي جنم ٿئي ٿو، ان مٽيءَ سان سندس اُنسيت به ڪمال جي ٿئي ٿي. آئون چاهيان ٿو ته، شڪارپور بابت سندس محبت ۽ عقيدت جون ڪي جهلڪيون پنھنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪريان:

”شڪارپور رنگ رنگ جي ماڻھن ۽ ديس ديس جي انسانن کي پنھنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، پر جن به شڪارپور جو مٺو پاڻي پيتو، سي اُتان جا ئي ٿي ويا، وري ڪنڌ ورائي پوئتي نه ڏٺائون. شڪارپور جي مٽيءَ ۾ اها طاقت ۽ ڪشش آهي، جو اها هڪ دفعو ڪنھن جي ساهن ۾ سمائجي وڃي ته اهو ماڻھو ان مٽيءَ کان جدا نه ٿي سگهندو.“

”شڪارپور جي جَرَ جو پاڻي آب حيات ڪري ليکيو ويندو هو. پاڻي مِٺو ۽ هاضميدار هوندو هو.“

”اونھاري ۾ تفريح جو ٻيو هنڌ سنڌ واهه هو. ورهاڱي کان اڳ اُتي وڏا ميڙا ٿيندا هئا. واههَ جي ٻنهي ڪنڌين تي گلم غاليچا وڇايا ويندا هئا. طعام تيار ٿيندا هئا، ديڳيون دَمبيون هيون، ڪي اچي ٺيلھن تي عارضي دڪانَ هڻندا هئا. اڻ تارن لاءِ تنبا، توريون ۽ ٽيوبَ ڪرائي تي ملندا هئا.“

اها آهي شڪارپور جي هڪ ننڍڙي جهلڪ، پر شڪارپور اسان جيڪو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، اُهو شڪارپور ته واقعي پنھنجي انھن اصلي ڌڻين سان گڏ ئي وڃائجي ۽ وِکري ويو ۽ شاد صاحب جي هي گواهي ان حوالي سان اهم آهي:

”ورهاڱي وقت سنڌ جا هندو ويچارا پنھنجا ڀريل تُريل گهر گهاٽ سامان سميت ڇڏي، ڊپَ ۾ لڏ پلاڻ ڪري هندستان هليا ويا ته انھن جاين تي پناهگيرن اچي ديرو ڄمايو، پوءِ انھن جيڪا جاين جي تباهي مچائي ۽ شهر کي کنڊر بڻايو، مان ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. اهي ڀريا تُريا آباد گهر جتي زندگي هئي، جتي مھذب ماڻھو رهندا هئا ۽ جن جون پنھنجون مخصوص رسمون هيون، ميٺ محبت وارو ماحول هو. اهي پنھنجين جاين جڳهن کي خوب سينگاريندا ۽ سنواريندا هئا. هجرت ڪري ايندڙ انھن جاين کي ائين اچي لڳا جيئن فصل کي ماڪڙ لڳندي آهي.“

سنڌ جا شھر، سنڌ جا ڳوٺ، سنڌ جون اوطاقون، جتي محبتن جا ميڙ مچندا هئا، جتي علم، اخلاق، تھذيب ۽ قدرن جون ڳالھيون ٿينديون هيون، اهي سڀ هڪ خواب بڻجي رهجي ويون آهن. هاڻي ته نه اُهي ڳوٺڙن جون محبتون رهيون آهن، نه اُنھن شھرن ۾ خوشبوئن جو واس ٿو وٺي سگهجي ۽ نه اُهو اوطاقي ڪلچر بچيو آهي، جنھن جا مثال هنڌين ماڳين پيا ٻُڌبا هئا:

”شھر جي مختلف محلن ۾ معتبر ماڻھن جون اوطاقون هونديون هيون، جتي شام جو ڇڻڪار ڪري ڪرسيون ۽ موڙا رکيا ويندا هئا. چڱي مڙس جي ويھڻ لاءِ گهڻو ڪري آرام ڪرسي هوندي هئي. محلي جا سياڻا ۽ سپورنج اتي اچي گڏ ٿيندا هئا پوءِ هلندي هئي ڪچھري. دنيا جھان جا موضوع بحث هيٺ ايندا هئا. ان کانسواءِ محلي جي مسئلن جو ذڪر به ٿيندو هو. ڪچھري دوران خاطر تواضع جو دور به هلندو هو، ٽھڪڙا به لڳندا هئا. ڪن اوطاقن ۾ ڊگهي نڙ واري حُقي جي گُڙ گُڙ به پئي هلندي هئي.“

ائين جڏهن هُو لاڙڪاڻي جي يادگيرين کي سميٽي ٿو ته، سندس ذهن تي سنڌ جي عظيم ۽ آڳاٽي تھذيب ’موهن جو دڙو‘ ڇانئجي ٿو وڃي:

”سچي ڳالھه اها آهي ته لاڙڪاڻو هڪ عجيب شھر آهي، جنھن تاريخي طور تي مھين جي دڙي جي ڪُک مان جنم ورتو آهي.“

”منھنجي لاءِ ته اهو ٽوئر ان ڪري به ڪشش جو باعث هو، جو مان سنڌ جي عظيم سڀيتا جي اهڃاڻ موهن جي دڙي کي پھريون ڀيرو اکين پسڻ جي آس من ۾ پالي وڃي رهيو هئس.“

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر صاحب ٻين به ڪيترن ئي اهم پاسن تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي. پنھنجي عشق کان ويندي، پنھنجي نوڪري، ادب ۾ ابتدا، ادب ۾ مڃتا، شاهه سائينءَ سان ويجهڙائي، پنھنجي اولاد جي ڪاميابين، پنھنجي زندگيءَ جي ننڍن وڏن ڏُکن ۽ خوشين جو حسين امتزاج سندس هن آتم ڪٿا مان پڙهي سگهجي ٿو:

”1962ع ۾ اچانڪ منھنجي چولي ۾ عشق جي چڻنگ دُکي پئي، عشق جي جهوري به عجيب آهي. اندر ۾ هڪ لطيف احساس جاڳي پوندو آھي ۽ پوءِ انتظاري، بيقراري واري ڪيفيت هر دم طاري رهندي آھي، راتين جو آرام حرام ٿي ويندو آھي، بي قراريءَ سان گڏ تارا ڳڻيندي راتيون گذرنديون آھن. اهو اهڙو مٺو درد آهي، جنھن کي عاشق دل جان سان قبول ڪندو آھي.“

منھنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪو جملو يا سِٽ توهان کي بيھڻ تي مجبور ڪري ۽ ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري اهو ئي حقيقي ادب آهي. سچي ڳالھه اها آهي ته، سندس ڪتاب پڙهندي، ڪيترائي جملا اهڙا هئا، جن تي آئون بيھي رهيو هئس ۽ سوچڻ لڳو هئس ته، هي سِٽ شاد صاحب ڪيئن لکي آهي.

”خط بنيادي طور هيو ته نياپو يا سنيھو، پر ان ۾ اظھار خيال جي وڏي وسعت هوندي هئي. خط جي پنن ۾ اندر کولي رکبو هو. دل گهرين دوستن ۽ پرين پيارن سان ته خطن ۾ اهڙيون روح رچنديون ٿينديون هيون، جو ڇا ڳالھه ڪجي.“

”پنھنجا يارَ ته ڇا هئا، بس سمجهو خوشبودار گلن جو گلدستو هو. هر هڪ ۾ پنھنجي خوشبوءِ هئي.“

هيءُ اهڙي ڪٿا آهي، جو دل چئي ٿي سڄي ڪتاب جو اڀياس هن مضمون ۾ سمائي ڇڏجي.

لفظن جي لام تان وئي ڪويل اُڏامي،

ورنه دل ٿي چئي، لکجن اڃا به تنھنجون ڳالھيون.

 

 

 

ª

 


 

 

نوان ڪتاب

 

 


 

 شاعري

 

(1983ع– 1919ع)

 

اڻويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ انوکي صنف جي شروعات ٿئي ٿي  جا روايت ۽ موسيقيت جي اعتبار کان هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. جيتوڻيڪ اها صنف فارسي زبان جي وساطت سان سنڌ ۾
اڳي ئي رائج هئي ۽ ڪيترن سنڌي نثراد
شاعرن انهيءَ صنف کي پنهنجي فارسي ڪلام ۾ استعمال ڪيو، پر سنڌي شاعريءَ ان صنف ۾ ڪڏهن به پنهنجي دائره عمل ۾ جڳهه ڪانه ڏني هئي. اها صنف غزل جي نالي سان مشهور آهي. سنڌ ۾ فارسي علم و ادب جي زيراثر سنڌي شاعر ۽  مفڪر غزل جي صنف جي سڀني لوازمات کان

چڱيءَ ريت واقف هئا. سندس اسلوب ۽ نفس مضمون جي به کين چڱي طرح ڄاڻ هئي، پر انهن اهڙي صنف کي سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. ظاهري طرح ڪو سبب سمجهه ۾ نه ٿو اچي يا کڻي ائين چئجي، ته انهن سنڌي ٻوليءَ کي انهيءَ صنف لاءِ محدود سمجهيو هجي ۽ هو فارسي زبان جي وسعت جا قائل هجن.

غزل جي شاعريءَ جون ٻه خصوصيتون نهايت اهم ۽ لازمي آهن. هڪ اسلوب ۽ ٻيو موضوع ۽ ٻي معنيٰ ۾ کين فن ۽ فڪر سڏجي ٿو. انهن ٻنهي خصوصيات جو هر صنف جي شاعريءَ تي عمل دخل رهيو آهي پوءِ اها شاعري عربي زبان ۾ هجي يا فارسي ۽ اردو زبانن ۾. سنڌي غزل جي صنف پنهنجي مزاج ۽ مضمون جي اعتبار کان فارسي شاعريءَ جي هيئيت موضوع ۽ اسلوب بيان جي مرهون منت رهي آهي. مضمون جي اعتبار کان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ايامن کان وٺي فارسي فڪر جي اثر کي قبول ڪيو آهي. قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جهڙن عظيم شاعرن تي فارسي مضمون ۽ فارسي فڪر غالب نظر اچي ٿو. شاهه ۽ سچل ته انهيءَ اثر جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ نهايت وضاحت سان ڪيو آهي، پر سنڌي شاعري هيئيت جي لحاظ کان پنج سو سالن تائين هڪڙوئي روپ ڌاريو آهي، جو بلڪل مقامي رنگ آهي. جنهن جو جنم برصغير پاڪ و هند ۾ ٿيو آهي ۽ انهيءَ متعين ۽ مقرر هيئيت ۾ پنجن صدين ۾ ڪا تبديلي ڪانه آئي آهي، ۽ هينئر به موجوده دور جو رجحان پڻ ان طرف مائل آهي. هيئيت جي اعتبار کان سنڌي شاعري فني طور- بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جهڙين صنفن تي مشتمل رهي آهي. شاعري جو اهو قالب هر
 

سنڌيءَ جي ڪردار ۽ مزاج ۾ نظر ايندو. ماضي بعيد کان وٺي انهن مقامي صنفن جو ڀرپور اثر هلندو آيو ۽ موجوده دور تائين پهتو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته انهن قديم صنفن ۾ ايتري قوت ۽ توانائي موجود آهي، جا هر دور جي لاهين چاڙهين جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ڄڻ ته منجهن ابديت جو روح ڦوڪيل آهي ۽ سندن حيثيت جاوداني آهي. تنهنڪري سنڌ جي سرزمين تي ڪلاسيڪي فارم جي افاديت ۽ اهميت پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ مستقل آهي.

سنڌي غزل جي رواج کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ٿئي ٿو جنهن کي سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ جو جديد دور سڏيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو. درحقيقت اهو هيئيت جو هڪ تجرباتي دور آهي، فارسي شاعري سنڌي غزل تي فڪري ۽ فني اعتبار کان مجموعي طور سڌيءَ طرح اثرانداز ٿي آهي. جنهنڪري سنڌي غزل جي شاعريءَ ۾ فارسي هيئيت ۽ مضمون سان گڏ ان شاعريءَ جا سمورا لوازمات وقتاً فوقتاً استعمال ڪرڻ ۾ آيا آهن. 

شيخ عبدالرزاق ”راز“

ڪتاب ”سنڌي غزل جو تجزيو“ 2004ع،

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو،

ص 12-13  تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org