سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:8 

فقير محمد سنڌي

 

ٻاراڻي ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس..!

 

اي گت غوّاصن جئن سمنڊ سوجهيائون،

پيھي منجھه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي    ڏنائون،    هيرا    لال    هٿن   ۾!

(شاھه لطيف)

ٻاروتڻ جي عظيم درسگاھه ماءُ جي هنج آهي، جنھن ۾ ٻار لولي، ٻولي، گيت ۽ قصا، بي سمجهه هوندي به ٻڌي ٿو. اهڙي منظر کي ڪنھن به دور ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن کان انسان جي ماءُ جي هنج جو تصور آهي تڏهن کان ادب، ٻولي، قصا ۽ گيت شامل عمل آهن. ان جو بھترين مثال هن چوڻيءَ ۾ چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو. ”سج جيترو وڌيڪ چمڪندڙ هوندو ته پاڇو به اوترو ئي صاف هوندو ته پوءِ اسين ان اونداھ کي ڏسون يا اهڙي چٽي روشنيءَ کي؟“

اهڙي حقيقت کي آڏو رکندي دنيا جي اندر ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيو. پاڻ خاص ڪري سنڌي ادب تي نظر وجهنداسون، ته انگريز دور ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپي تيار ٿي ته سنڌ جي ليکڪن آکاڻين، درسي ڪتابن ۽ ترجمن جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. 1853ع کان 1920ع تائين جي دور کي تعميري ۽ جدت وارو دور چئي سگهون ٿا. تاريخ تي جڏھن نظر وجهنداسين ته ڪافي انگ اکر ملي ويندا، جن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.

”باب نامو“، منشي اڌارام ٿانور داس 1853ع، درسي ڪتاب ”پھريون ڪتاب“ منشي اڌارام ٿانورداس 1853ع، ”ٽيون ڪتاب“ پرڀداس رام چنداڻي 1853ع تي سرڪاري طور تي ڪتاب شايع ٿيو. چوٿون ڪتاب ڀاڱو پھريون ۽ ٻيو پرڀداس رامچنداڻي 1853ع تي منظر عام تي آندو. ”ايسپ جون آکاڻيون“ ننديرام ميراڻي 1854ع تي ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو. زباني قصو ”ڀنڀي زميدار جي ڳالھه“ غلام حسين قريشي 1854ع تي پيش ڪئي. ٻوليءَ کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ اڌارام ٿانورداس 1854ع ۾ گرامر جي بنيادي اصولن تي ڪتاب پيش ڪيو. ”سنڌي ويا ڪرڻ“ سنڌي ٻوليءَ کي تحفي طور پيش ڪيو ”چٽ جي پاڙ“ ننديرام ميراڻي، ڊرائنگ جي سکيا لاءِ 1854ع تي نئون واڌارو ڪيو.”سڌاتورو ۽ ڪڌا تورو“ هندي قصي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي روپ ۾ ميران محمد شاھه اول 1855ع تي پيش ڪيو. انگي حساب جو ڪتاب ننديرام ميراڻي ”ليکي جي پيڙھه“ 1855ع تي آندو. ”ڌرتي نروار“ ٻه حصا جاگرافي تي ننديرام ميراڻي ۽ ٻين گڏجي 1855ع تي آندو.

سنڌي لپي ٺھڻ کان پوءِ سنڌي شعور وند اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن پنھنجي حصي جو ڪم احسن طريقي سان پيش ڪيو. ”پئمائشي حساب“ 1855ع تي ننديرام ميراڻي ۽ ٻين اديبن رياضيءَ جهڙي موضوع کي متعارف ڪرايو. ”دنيا جي تاريخ“ اڌارام ٿانورداس 1855ع تي تاريخ جو ڪتاب ترجمو ڪيو. ”سيکائتو نروار“ ننديرام ميراڻي 1856ع تي سنڌي سکيا جو ڪتاب ۽ اهڙي نموني ”ليکي جو حساب“ ٻه حصا 1856ع تي ننديرام ۽ ٻيا سرفھرست آهن. ”علم هيئت“ جو ڪتاب، ميران محمد شاھه اول ”آڪاسي نروار“ 1856ع تي ڏنو. ”جبرو مقالمه“ آلجبرا تي ننديرام ۽ ٻين جي مدد سان منظر عام تي آيو. ”سنڌي صرف و نحو“ ميان محمد 1860ع تي گرامر طور ڏنو. ”سنساري نروار“ فطرت جي مطالعي جاگرافي 2 حصا ننديرام ميراڻي 1861ع تي، ميران محمد شاھه اول، ٻاراڻيون آکاڻيون، مفيد الحبيان 1861ع تي ”سنڌ جي تاريخ“ سيٺ آلومل 1856ع تي، درسي ڪتاب آندو ”هندستان جي تاريخ“ پريمداس 1863ع تي درسي ڪتاب ڏنو. ”بمبئي کاتي جي جاگرافي“ گرڏنو مل 1868ع تي ”اصول علم طب“ ڪوڙو مل 1868ع تي، ”انگي حساب“ ڪرشنا شاستري 1869ع، تي ”دل جا حساب“ ڪرشنا شاستري 1869ع تي پيش ڪيا. ”ٻاراڻا شعر“ مرزا قليچ بيگ 1870ع تي اهڙي طرح ٻارن لاءِ قصو ”ڪُئا ۽ ٻلي“، آخوند عبدالرحيم وفا 1871ع تي پيش ڪيو. ”ليکي جي پيڙھه“ پريمداس 1871ع تي انگي حسابن جو تحفو ٻوليءَ لاءِ پيش ڪيو. ”سنڌي پنجون ڪتاب“ 1874ع تي ڪوڙي مل درسي ڪتاب طور پيش ڪيو. گرداس ڪرپلاڻي 1890ع تي الف ليلائي آکاڻيون ”بيتال پڇيس“، ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ ڪوڙو مل چندن مل 1891ع تي اهڙي طرح 1891ع تي ٻاراڻا گيت ڪوڙي مل چندن مل پيش ڪيا. ٻاراڻيون آکاڻيون، لوڪو مل پنواڻي ”واندڪائيءَ جي وندر“ 1895ع تي پيش ڪيو. ”عجيب نقطا“، روچيرام گجو مل اخلاقي آکاڻيون 1895ع تي تاريخ جو حصو بڻايو. ان سفر ۾ ”ڦول مالھا“ ڪتاب ڪوڙي مل چندن مل 1902ع تي سنڌي ادب کي ارپيو. ”دلچسپ آکاڻيون“ 1905ع تي ڪيولرام سلامتراءِ پيش ڪيو. ”ٽھڪ ئي ٽھڪ“ 1906ع تي ، ڪوڙو مل چندن مل، 1906ع تي ”دل بھار چار ڀاڱا“ پرمانند ميوارام 1912ع تي ”سلڇڻائيءَ جو ڦل“، ڀڳوان سکراڻي 1913ع، تي ”شيطان جي ناني“،  ٻاراڻو ناول، 1916ع تي مرزا قليچ بيگ اهڙي طرح  ”ٻاراڻا گل ڦل“ 1918ع تي مرزا قليچ بيگ جي هڪ ڪاوش طور سامھون آيا.

1920ع کان 1947ع تائين ٻال ساهتيه جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جنھن ۾ ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ خاطرخواھه ڪوششون سامھون آيون جنھن ۾ قصا، ڪھاڻيون، ٻارن جا گيت ۽ ادارن جو قيام شامل آهي . ان ڏس ۾ پھريون ڪتاب، ”اخلاقي تعليم“ 1921ع تي ڏيئي مل محبوب راءِ جو ملي ٿو. اهڙي نموني 1922ع تي ڄيٺمل پرسرام ”نئين سنڌ لائبريري ۽ سستو عمدو ساهت مالھا“ نالي اشاعتي ادارو قائم ڪيو. 1926ع کان نثري ڪتاب جيڪي مرزا قليچ بيگ انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻوليءَ تان ترجما ڪيا، اهي هن اداري طرفان منظر عام تي ايندا رهيا. جنھن ۾ ”وامق عذرا“، ”لبا خان درزي“، ”خليفو ڪھنگ“، ”نيلو پکي“، ”طلسمي گڏُي“، ”ٻه جاڙا ڀائر“، ”ٽي ديو راڪاس“، ”ستن شھزادن جي ڪھاڻي“ ۽ ”ٻارن لاءِ وندر پروليون“ شامل آهن.

1925ع تي ميلارام منگترام واسواڻي ”سندر ساهتيا منڊل“ کي ٻارن جي اشاعتي اداري طور متعارف ڪرايو، جيڪو سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ پھرئين اداري جي حيثيت رکي ٿو. اشاعتي اداري جي آخري ڪارگذاري 1947ع تي ”گل ڦل“ جاري ڪري اهو اعزاز به پنھنجي نالي ڪيو.

1926ع تي پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ ٻاراڻي ادب کي اڳتي وڌائيندي ”ٻاراڻيون ٻوليون“ ڪتاب شايع ڪرايو. سندر ساهتيا منڊل پاران ويرو مل جو ڪتاب ”موجي آکاڻيون“ 1928ع، نانڪرام ڌرمداس جو ”کيل خوشي“
1932ع، ميلارام منگترام جو ”چرچن جي چھر“ ۽ ٻال رامائڻ 1946ع تي ٻارن جي ذهنن جي اوسر ڪري چڪا هئا. ميلارام منگترام واسواڻيءَ ٻارن ٻاراڻي ادب ۾ ”ٻال شري ڪرشن“
1935ع تي ٻيو ڇاپو شايع ٿيو. ميلارام منگترام واسواڻيءَ جو ”ٻال مھاڀارت“ 1940ع، انصاف جون آکاڻيون“،
”اخلاقي دنيا“، ”پارس مڻي“، ”گل گڏي“، ”ڦلواڙي“، ”پرڀاتي تارا“، ”هندو وير ٻالڪ“، ”ديوستان“، ”اڏند کٽولي“، ”پرستان“،
”سندر ڪھاڻيون“، ”املھه موتي“ ۽ ”مکڙيون“ شامل فھرست آهن. سنڌ ادب جي وک ۾ هڪ ٻي وک ”ڪوڙو مل ساهتيا منڊل“ جو بنياد 1925ع تي ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي پٽ منوهر داس، پيءُ جي علمي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ادبي اداري جو بنياد وڌو . ساڳئي سال نومبر مھيني ۾ هن اداري پاران ”منوهر ڪوڙيمل جي ايڊيٽريءَ ۾ ”گلستان“
جاري ٿيو.

1926ع تي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻيءَ جو ٻارڙن جي گيتن تي مشتمل ڪتاب ”نوبھار“ شامل آهي. پوڪرداس پريس شڪارپور، منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”علي بابا چاليھه چور“
1929ع ۾، پادري فرار جي مشھور اسڪولي زندگيءَ بابت نانڪرام ڌرمداس مير چنداڻيءَ جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ناول ”نازڪ گلڙا“ 1929ع ۾، ڪوڙي مل، ساهت منڊل پاران منوهرداس ڪوڙي مل جو ڪتاب ”من جا مڻيا“، ٻيو ڇاپو 1928ع تي شايع ٿيو. ڪشنچند بيوس جو ”شيرين شعر“ 1935ع، هري دلگير ۽ ڪشنچند بيوس جو گڏيل شعري مجموعو ”موجي گيت“1935ع، جمع خان غريب جو ”گل نوبھار“ 1935ع تي شايع ٿيو. اهي ڪتاب ٻاراڻي نظم جي لاجواب ڪتابن جي فھرست ۾ شامل آهن. نارائڻداس ڀنڀاڻيءَ جو باتصوير ڪتاب ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“، 1946ع اهڙي طرح ايم.آر.مائيداساڻيءَ جو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ٻاراڻين ڪھاڻين جو ڪتاب ”ٻُچي رمضان“ 1946ع جشن مولچنداڻيءَ جو ”رستم ۽ سھراب، سندر ساهتيا منڊل“ ۽ ڀڳوان سکراڻيءَ جو ڪتاب ”لال ٻلي“ منوهر ساهيتا منڊل پاران شايع ٿيا. هي ان دور جا ڪتاب، ليکڪ ۽ ادارا آهن، جنھن دور ۾ پنھنجي ڌرتي تي انگريز سامراج قابض هو. اهڙا دور وقتن به وقت سنڌ جي سر زمين تي تقريباً رهيا آهن. تڪليف واري دور جو ادب پنھنجي بيھڪ ۾  شاندار ئي رهندو آهي.جيئن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا دور تاريخ ۾ ملن ٿا.

*1947ع کان 2024ع تائين سنڌي ٻاراڻي ادب پنھنجو عروج ماڻيو آهي، جنھن کي ٻاراڻي ادب جو شاندار دور چئي سگهجي ٿو....!

 برصغير جي ورهاڱي ٻولي، ادب، زمين ۽ جذبن کي اڌواڌ ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا پاڻ ۾ ملي نه سگهيا، پر ٻوليءَ لاءِ ڪارائتيون ڪوششون ضرور ڪيائون.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻو  ادب جنھن ۾ نظم، ڪھاڻي، آکاڻيون، رسالا، ادارا، تنظيمون ۽ ٻارن جي ادب لاءِ هفتيوار ڪارنر اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندا رهيا. ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان پھرين ”گلشن ادب“، ٽنڊو محمد خان ۾ اياز پاٽولي 1957ع تي ادارو قائم ڪيو. ”بزم گلشن سنڌ“ جي نالي پڻ تنظيم جو بنياد رکيو. اهڙي نموني ٻارڙن جي ادب جي واڌ ويجهه 67-1966ع تي حيدرآباد مان دينوءَ جي پڙ مان غلام مرتضيٰ ڀٽي ”شمع سيريز“ جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪيو . دادا شيوڪ ڀوڄراج جي ڇڏيل ڪم کي 1953ع کان ”بزمِ گلستان“ ۽ ماهوار رسالي ”گلستان“ پڻ اڳتي وڌايو. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا تحت، ”ٻار 14-15سالن جي عمر وارو هڪ ٻالڪ آهي، جيڪو آکاڻي يا تصويري ڪتاب پڙهي ٿو. ان موجب ”ٻار“ لفظ ننڍي عمر جي لکڻ، پڙهڻ ڄاڻيندڙ ماڻھوءَ ڏانھن اشارو ڪري ٿو. ”ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ صحتمند ذهنن پئي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾ حاجي حقير ابن مڱڻ خاصخيلي جا هڪ ئي سال هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا. ”شھزادو صبر ۽ سون پري” 1958ع، ”ڪيھر شينھن جي ڌيءَ“ 1958ع،
”پنج ڀينرون“ 1958ع، ”دادلو شھزادو“ 1958ع، ”سليماني گل جي دل“ 1958ع. ان کانسواءِ حاجي حقير ابن مڱڻ خاصخيلي جي ڪتابن ۾ ”راڻي ناز بيگم ۽ طوطا مئنا“ 1963ع، بيوقوف بادشاهه ۽ عقلمند وزير“ 1966ع، ”کل ۽ خوشي“ 1967ع به شامل آهن. جنھن ۾ ڪجهه ناليوارا ادارا اهڙا به آهن، جن پنھنجي وس آهر ڪم ڪيو آهي. جيئن ”رونق پبليڪيشن حيدرآباد جو ڪتاب ”نبين جا قصا“ 1968ع، بلاول پرديسيءَ جو ”سوني صندوق“ 1969ع،  70جي ڏهاڪي ۾ اهم اشاعتي ادارو ”سرهاڻ پبليڪيشن جنھن 1975ع کان وٺي 2005ع تائين پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.“

سرهاڻ پبليڪيشن کي پرواني سيوهاڻي، سيوڻ ۾ قائم ڪيو. وقت سان گڏ ٻاراڻي ادب لاءِ سڀني پنھنجي حصي جو ڪم شروع ڪيو ان ۾ ”احباب پبليڪيشن“ حيدرآباد ۽ صداقت بوڪ ڊپو حيدرآباد، به پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هلال بوڪ ڊپو حيدرآباد به سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو. جنھن ۾ ڪي ٻيا ڪتاب گهر به شامل آهن.  ”امين ڪتاب گهر“ حيدرآباد، احمد نبي بخش شيخ قائم ڪيو. هن اداري حسام سومرو، محمد بن واصف ۽ نذير حسين ڀٽيءَ جا ٻارن لاءِ لکيل اٺ ڪتاب اشاعت ڪيا. نيشنل بڪ فائوڊيشن اسلام آباد، پاڪستان ۾ ڪتابن جي تياري ۽ اشاعت جو قومي ادارو آهي هن اداري 1973ع ۾ ٻارن جا 10کن ڪتاب شايع ڪيا. انھن ۾ ناهيد جعفريءَ جو ترجمو ڪيل آکاڻيون ”گلِ بھار“ 1973ع، ”سيف الملوڪ“
ڪھاڻين جو ترجمو ڪيل ڪتاب، ”سٺا اخلاق“ 1973ع، مقبول ڀٽيءَ جا ترجمو ڪيل ڪھاڻين جا ڪتاب ”ڪٽو نوريئڙي جي ڪٽ ڪٽ“، ”چنگيا اهي ٽي ڪير هئا“، ”ڪٽو نوريئڙي ۽ چٽ چٽ“، ”ڪٽو نوريئڙي جو پھريون سفر“، ”انوکا پکي“، ” هڪ هئي ڍنڍ“، ”چنگيا جي اڏام ڪٽوري“ 1973ع شامل آهن. احباب پبليڪيشن حيدرآباد، عبدالعزيز ڀٽيءَ جا ڪتاب ”ڀوتن جو آستانو“، ”ڀوتن جون شرارتون“ ۽ ”ڀوتن جو بنگلو“  1978ع،  عبدالعليم اي ڀٽيءَ جو ٻارن لاءِ ڪھاڻين جو مجموعو ”سھڻو خواب“ 1978ع، نذير حسين ڀٽيءَ جو ترجمو ڪيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”سلطان ڌاڙيل“ 1978ع شامل آهن. ان دوران ٻارن لاءِ مذهبي ڪتاب ۽ سورهين جي تاريخ کي به نروار ڪيو ويو.

80-1979ع کان سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ڪتابن جي اشاعت جو انتھائي اهم دؤر آهي، انھيءَ زماني ۾ سٺي مقدار ۾ ٻارن  لاءِ ادب تخليق ٿيو. هي دور انتھائي ڏکيو ۽ مارشل لا جا ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا، بلڪل هر شيءِ تي نظرداري هئي ، ان دور ۾  ٻئي ادب تخليق ڪرڻ تي گهڻي ڀاڱي پابندي مڙهيل هئي، انھيءَ دور کي سنڌي اديبن ضايع ٿيڻ کان بچايو ۽ خاموشي اختيار نه ڪئي، بلڪه ٻاراڻو ادب تخليق ڪري، نئين نسل جي آبياري ڪئي. نظمن جا ڪيترائي لاجواب ڪتاب شايع ٿيا انھن ۾ 1979ع جا ڪجهه اهم ڪتاب، مختيار ملڪ جو ”ٽِم ٽِم تارا“، نصير مرزا جو، ”ڌرتيءَ جا تارا“، ”ادل سومريءَ جو“، ”چنڊ پشم گولو“، ذوالفقار سيال جو ”مکڙين مالھا“، اياز گل جو ”گل ۽ تارا“ ۽ منظور ظفر جو ”ڌرتيءَ جا گل“ شامل آهن. ان کانپوءِ استاد بخاريءَ جو ٻارن لاءِ شاعريءَ جو مجموعو ”هي گيت گلابي ٻارن جا“ 1980ع،  اڪبر جسڪاڻيءَ جو ”بتين واري ناني“
 (بايوگرافيڪل ناوليٽ) 1980ع،  نياز پنھور ”سپون ۽ ڪوڏ“
1981ع، محمد اسماعيل عرساڻي جو، ”نياريون وٿون“ 1980ع، ظفر عباسي جو ”تارا تارن هيٺ“1981ع، رشيد ڀٽيءَ جو ”پاڪستان جا پراڻا شھر“ 1981ع، پروفيسر محمد امين جو ”ڪپھه جي ڪھاڻي“ 1981ع، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو، ”شھري حياتي ڳوٺ“ 1981ع، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ”برک سائنسي کوجنا“ 1981ع، تنوير عباسيءَ جو ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“1981ع، غلام نبي ميمڻ جو ”ڌارين ٻولين جون ڪھاڻيون“1981ع، حبيب الله صديقيءَ جو ”درياءَ ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي“ 1981ع، علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب، ”بدن ۽ ان جو ڪم“1981ع، قاضي خادم جو ”شھري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي“1981ع، سيد سردار شاھه ”ذاڪر“
جو ”حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي زندگيءَ جو مختصر احوال“ 1981ع، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”پورهيي جو مان“، محبوب علي جوکيي جو  ”مثالي شاگرد“ 1981ع، اياز قادريءَ جو ”پکين ۽ جانورن جون نصحيت ڀريون ڪھاڻيون“1981ع، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”وڏن جو ادب“1981ع، اياز قادريءَ جو ”پرين جون ڪھاڻيون“1981ع، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ”لوڪ شاعري“1981ع، ڊاڪٽر هارون رشيد ميمڻ جو، ”ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوريئڙي جي حياتي“
1981ع، محبوب علي جوکيي جو ڪتاب، ”استادن جو ادب“1981ع، گوهر ممتاز قاضيءَ جو، ”ڀولڙي جي ڀل ۽ ٻيون آکاڻيون“ 1981ع، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو، ”مٺو مرسل“
1981ع، محمد اسماعيل عرساڻي جو، ”ننڍا ناٽڪ“ 1981ع ۽ استاد بخاريءَ جو ٻارن لاءِ گيت ”ٻاراڻا گيت“ 1981ع، ذوالفقار سيال جو، ”منھنجي ديس جا ٻار“ 1982ع، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو ”لاکو ڦولاڻي“ 1982ع، ادل سومري جو ”پتلين جو تماشو“، 1982ع، ذوالفقار سيال جو، ”گيت کيڏوڻا“ 1983ع، مختيار مگڻھار جو، ”دنيا گول آهي“ 1983ع، پروانو سيوهاڻي جو، ”ٽياسي جا ٽي ناٽڪ“ 1983ع، پرواني سيواڻيءَ جو، ”تماشو“ 1984ع، ادل سومريءَ جون ڪھاڻيون ”جيتن جي ڪانفرنس“ 1984ع، مقصود گل جو، ”ڪرڻا ڪرڻا“ 1986ع، ادل سومريءَ جي گيتن جو مجموعو ”پوپٽ جھڙا ٻار“ 1986ع، ذوالفقار سيال جو، ”گلڙن جھڙا گيت“ 1986ع، پروانو سيوهاڻي جو، ”پکين جي پرديس ۾“ 1986ع، زاهد شيخ جو، ”جيجل تنھنجي جهول ۾“ 1988ع، اڪبر جسڪاڻيءَ جون ڪھاڻيون، ”رمون پيٽي“ 1988ع، ذوالفقار سيال جو ”لفظن جا رانديڪا“ 1989ع اختر درگاهيءَ جو ”گل ۽ مکڙيون“ 1989ع، پرواني سيوهاڻيءَ جو، ”چنڊ ۽ چڪور“ 1989ع، مختيار مڱڻھار جو، ”ڌرتي روشن ٿيندي“ 1990ع ادل سومري جون لکيل ڪالم ڪھاڻيون ”نئين دور جا نوان سبق“ 1990ع، اسلم سنديلي جو ”سچل سرمست“ (سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو) 1990ع شامل آهن.

گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي لھر کي ختم ڪندي نئون ادب ۽ ادارن جي واڌاري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ سگھه پيدا ڪئي. 1979ع کان 1990ع تائين ٻارن جي نظمن، آکاڻين، ترجمن ۽ ادارن جي جوڙجڪ بھار جھڙي موسم پيدا ڪئي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ نثار حسيني، ”آگم پبليڪيشن ايجنسي پاران، ”ٻالڪ ڪتاب لڙي“ ۽ ”روشن تارا سرڪل“ جي عنوان سان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. رتيديري مان مقصود گل ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو“ ۽ محبوب جوکيي محراب پور مان“، حيدرآباد سنڌي ساهت گهر مان، نويد بوڪ ڊپو ٻاراڻي ادب ۾ پاڻ ملھايو.

*آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد هي ادارو ڪاٺياواڙي واپارين حاجي قاسم ۽ حاجي رحمت الله، ورهاڱي کان اڳ قائم ڪيو ۽ 1980ع ۾ هي ادارو بند ٿيو.

اهڙيءَ ريت ادل سومري جو جذبو جاڳي پيو.  ٽماهي مھراڻ نمبر( 2) سال 1984ع تي ”سنڌي ادب سيمينار ۾“ ، ادل سومري ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو ادب“ عنوان سان مضمون لکي سنڌي اديبن ۽ ادارن جو ڀرپور ڌيان ڇڪايو.

*مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور. هي ادارو 1989ع تي قمر ميمڻ قائم ڪيو.

* ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ : سال 1990ع کان ٻاراڻي ادب تي ڀرپور نموني سان ڪم ڪيو.

* سنڌيڪا اڪيڊمي، 1991ع تي ناليواري پبلشر نور احمد ميمڻ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي.

* سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 1991ع تي قيام عمل ۾  آيو. 1993ع کان هن اداري ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

1990ع تي سرڪاري ادارن به ٻاراڻي ادب تي پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو. جنھن ۾ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو“، ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ ۽ ثقافت کاتي پاران ٻارن جي ادب جي اشاعت ۾ سگھه مھيا ڪئي. اهڙي سفر ۾ سنڌي ادبي بورڊ اڳ ۾ هو. خانگي اشاعتي ادارن ۾ ”سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي“، ”مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور“، روشني پبليڪيشن ”ڪنڊيارو
”حيدرآباد“، ”سنڌ ساهت گهر حيدرآباد“، ”قاسميه لائبريري ڪنڊيارو“، ”گلشن پبليڪيشن حيدرآباد به ٻاراڻو ادبي سفر جاري رکيو. دعوه اڪيڊمي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ٻاراڻي ادب لاءِ اصلاحي ۽ مذهبي مواد شايع ڪيو. ٻالڪ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، اصل ۾ نئون نياپو اڪيڊميءَ جو ذيلي اشاعتي ادارو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو ٻاراڻي ادب تي جيڪو ڪم ڪيو ان ۾ اول ڇپيل ڪتاب ٻيھر شايع ڪيا ۽ نئين مواد تي ڌيان سان ڪوششون پڻ شامل آهن. جنھن ۾، غلام محمد لاکي جو، ”دولھه دريا خان“ 1990ع، نصير اعجاز جو، ”جنرل هوش محمد شيدي“ 1990ع، ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو، شاگردن لاءِ معلوماتي ڪتاب ”اسان جون اکيون“ 1992ع، سڪندر سرواڻ جو، ”سرها گل ساڻيھه جا“ 1992ع، پروانو سيوهاڻي جو، ”هل ته هلون چنڊ تي“ (ٻارن جو سفر نامو) 1992ع، الحاج رحيم بخش قمر جو ٻارن لاءِ شاعري، ”ٻاراڻا گيت“
1993ع، مقصود گل جو، ”هٺيلي هرڻي“ سرهاڻ پبليڪيشن 1993ع، علي بابا جو، ”سنڌ باد جو سفر“ 1993ع، پرواني سيوهاڻي جو، ”منھنجون يادون منھنجو ننڍپڻ“ (ٻارن لاءِ آتم ڪھاڻي) 1993ع، جاويد عباسيءَ جو ”ناني سڦوران“ 1993ع، طارق قريشيءَ جو ’ناول‘ ”ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ“ 1993ع، پروانو سيوهاڻي جو، ”ٻارن لاءِ چونڊ ڪھاڻيون“ 1994ع، بيخود بلوچ جو، ”لوليون ٻوليون ٻارن جون “1995ع، عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو ”سياڻو ڪوري“ جاويد عباسيءَ جو ”جاندار“ 1995ع، پروفيسر شيخ محمد فاضل جو، ”مثالي ٻاراڻو ڪتاب“ خليل عارف سومريء جو ”مھڪار“ 1995ع، پرواني سيوهاڻي جو،
”خيرو خيالي“ 1995ع، بدر رضوان عباسيءَ جو، ”اسان جو جسم“ 1996ع، خالد ڀٽي ءَ جو، (ٻارن جون آکاڻيون ”شيطان جون ڪھاڻيون“ 1996ع، ”چئن سالن جو پوڙهو“ 1996ع، غلام محمد ڀٽي جو، ”ٻالڪ پيارا ٻولي پياري“ 1996ع، ارشاد ساگر گڏجاڻيءَ جو ”بکيو شينھن“ مھراڻ اڪيڊمي 1997ع، خالد ڀٽيءَ جو، ”شيطان جون شرارتون“ 1997ع، احمد خان آصف مصراڻي، ”ٻاراڻا ٻول“ (ڇھه ڀاڱا) سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1997ع، شمس الدين سومري جون ڪھاڻيون، ”شيري ۽ ڀوري“
1997ع، ”شمس الدين سومري جو، ”جنھن کي رب رکي“ 1998ع، مشتاق بخاريءَ جو، ”گيتن جهڙا ٻار“ 1998ع، خالد ڀٽيءَ جو ”نصيت ڀريون ڳالھيون“، (ٽي حصا) 1998ع، خير محمد لغاري جو ”بنيادي ايجادون“ 1999ع، بيخود بلوچ جو، ”لوليون ٻوليون ٻارن جون“ 1999ع، غلام محمد غازي جو ”سائنس بخشي سونھن“ 1999ع، عطا محمد ڀنڀري جا ترجما ”ڪاٺ راڻي“، ”بستي“، ”سورھيه سانوڻ “ سونھن ديوي ۽ ست ڄامڙا“ 1999ع شامل آهن. نصير سارنگ جو ترجمو ”هڪ سو هڪ سائنسي رانديون“ 2000ع، شمس الدين سومري جو، ”روبي آئي خوشبو آئي“ 2000ع،

”ٻالڪ ادبي فورم“، سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ هڪ نج تنظيم جو ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي.ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي.ليکڪ محمد علي ماجد جي ڪوشش آهي. پوپٽ پبليڪيشن هائوس، خيرپور اديب ۽ پبلشر قربان منگيءَ جو پوکيل ٻوٽو آهي. عبدالحئي ڀُٽي جو ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”گلابن جي خوشبوءِ“ 2000ع، جوهر بروهي جو، ”لولي“ 2000ع، ڪشنچند بيوس /نصير مرزا جو، ”ڇھه ڇھه پئسا ٻه ٻه پايون“، 2001ع، عطا محمد ڀنڀري جو ترجمو ۽ خالد آزاد جو ترتيب ڏنل، ”ڏاها ڀائر“ خير محمد بلوچ ۽ خالد آزاد جو ترجمو ”جانورن جو بادشاھه“ 2001ع، يوسف سنڌيءَ جو، ترجمو ”ڀورو بگهڙ“2001ع، پرواني سيوهاڻي جو، ”اُڏام“
2001ع، مشتاق بخاريءَ جو، ”سونھن سنسار جي“2001ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”اکر اکر سرهاڻ“ 2002ع، انگريزيءَ جي جڳ مشھور ليکڪ ايڇ جي ويلز جو لکيل ۽ نصير سارنگ جو ترجمو ناول، ”مريخ جو حملو“ 2003ع، محمد علي ماجد جو شعري مجموعو ”ڌرتيءَ جا ٻار“ 2003ع، غلام محمد غازي جو، رانديڪن سان راند، 2003ع (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، وحيد محسن جو، ”برائي جو بدلو“ (ڪھاڻيون) 2003ع،

*اين.اي جان فائونديشن، حيدرآباد : احسان لغاري جي سرپرستي ۾  10فيبروري 2001ع تي پنھنجي ڪم جو آغاز ڪيو. ’فينيڪس بوڪس‘، 2007ع تي روزينه جوڻيجو ۽ ظفر جوڻيجو. ان ڏس ۾ قدم اڳتي وڌايو.

بشير منگي جو ’ٻارن لاءِ سنڌي انگريزي باتصوير لغت‘ 2004ع، پرواني سيوهاڻي جو، ”ڌرتيءَ جو تارو“ 2004ع،
گوهر سنڌيءَ جو ”جاڳ او ٻالڪ  جاڳ“ 2004ع، (سونھن پبليڪيشن پريالو خير پور)، غلام محمد ڀٽيءَ جو، ”رنگ برنگي گيت“ 2004ع، پرواني سيوهاڻي جو، ”انڌي فقيرياڻي“ 2004ع، اختر جانوري جو، ”پنھنجي ڌرتي پنھنجا ساھه“ 2004ع.

ولي محمد طاهرزادي جاڪتاب، ”شخصيتون“
2005ع ۽ آکاڻيون (1) آکاڻيون. (2) 2005ع، سيد اظھر گيلانيءَ جو ”سرها گل“ 2005ع، خالد آزاد جو، ”سج اڀرڻ کان پوءِ“، 2005ع، خالد ڀٽيءَ جو ”گلن جون ڳالھيون“ ( نفسيات) ترجمو 2005ع، پرواني سيوهاڻيءَ جون (ڪھاڻيون) ”سھڻي صلاح“ 2005ع.

غلام محمد غازيءَ جو، ”رنگا رنگي گيت“، 2006ع، خالد ڀٽيءَ جو ”سچا ٻول“ (نبي سڳورن جا قول) 2006ع،  ملھار سنڌيءَ جو شعري مجموعو ”ٻالڪ چنڊ ستارا 2006ع، منٺار سولنگي جو، ”آءُ جيڪر پڙهڻ وڃان ها“ 2006ع، ادل سومريءَ جو، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ 2006ع، ولي محمد طاهرزادي جا ڪتاب، ”سنڌ ديس جون رانديون“ (1) ۽ ”سنڌ ديس جون رانديون“ (2) 2006ع.

جيڪب گرم ۽ وليم گرم جي لکيل ۽ رفيع ملاح جو ترجمو ڪيل گرم جون آکاڻيون (2) 2007ع، غلام مصطفي سولنگي ءَ جو ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي“
2007ع، پريل داييءَ جو، ”ٻاتا جنين ٻول“ 2007ع، خالد ڀٽيءَ جو، ”واندڪائيءَ جي وندر“ 2007ع، سميع ’ساجد‘ جوڻيجي جو ”لفظن جا پوپٽ“ 2007ع، خالد ڀٽيءَ جو، ”روشني روشني“ 2009ع، شوڪت چاچڙ جو ”اڌوري تصوير“ 2008ع، نثار بزمي ۽ غلام محمد غازيءَ جو، ”ڌرتي تارا“ 2008ع، دين محمد ڪلھوڙيءَ جو، ”گل ڦل چونڊ ڪھاڻيون“ 2008ع، انور ابڙي جو، ٻارن لاءِ ناول، ”ڀڳل رانديڪو“ 2008ع، دنيا جي نامور سائسندانن جي خاڪن تي مشتمل، قاضي منظر حيات جو ٽن جلدن ۾  ”ناميارا سائنسدان“، 2009ع، رياض پارس ملاح جو، ”ٻاراڻا ٻول ۽ رانديون“ (علم دوست ادبي سنگت تعلقو نارو) 2009ع، اقبال شينوءَ جو، ”سرھا گل رابيل جا“ (بزم نواز رڪڻائي دادو) 2009ع، خير محمد لغاري جو، ”دنيا جا عجوبا“ 2009ع، خليل عارف سومريءَ جو ”موتي ۽ مکڙيون“ 2010ع، عبدالحئي ڀُٽي جو، شعري مجموعو ”سھڻا ٻالڪ سنڌ جا“ 2010ع، مشھور سائنسدان ٿامس ايديسن تي ناول، قاضي منظرحيات جو (ترجمو) ”وقت ۽ امتحان“ 2010ع، بيخود بلوچ جو، ”جاڳو ٻارو“ 2010ع، خير محمد لغاري جو، ”ٻليءَ جي نسل جا جانور“ 2010ع، محمد صديق مسافر جو لکيل ۽ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو مرتب ڪيل ”اسيمبليءَ جو راڳ“ 2010ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”دعائون“ 2010ع، خليل عارف سومريءَ جو، ”موتي ۽ مکڙيون“ اويس ڀُٽي جو ”جهرڪيءَ کان انٽرويو“2011ع، آزاد بخاريءَ جو ”نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار“ 2011ع، خالد ڀٽيءَ جو، ”ڪائنات جون ڪھاڻيون“ 2011ع، نصير مرزا جو ريڊيائي گيتن جو مرتب ڪيل ڪتاب، ”دٻلي ٿي ڇڻڪي“ 2011ع، منوج ڪمار جو ”برف شھزادي،  موڳو مٽر ۽ سوني ڪڪڙ“ 2011ع، امر جليل جي ڪھاڻين جي مجموعي
”چيني ۽ چرٻٽ“ کي محققن ٻاراڻي ادب م شمار ڪيو آهي. اهو ڪتاب“ ڪاڇو پبليڪيشن 2011ع تي شايع ڪيو. شمشيرالحيدريءَ جو ”روشن تارا“ 2012ع، قاضي منظر حيات جو، ”سائنسي ڄاڻ“ 2012ع، ڊاڪٽر فھميده حسين جا پنج ڪتابڙا ”اسان جو شاھه لطيف“ 2012ع، مرزا قليچ بيگ جو شعري مجموعو، مرتب: مخمور بخاري ”علم جي دولت“ 2012ع،
اسرار شام جو ٻارن لاءِ لکيل ’ناٽڪن‘ جو مجموعو ”وڌي جڏهن آءُ وڏو ٿيندس“ 2012ع، استاد امير علي خان جو ”رنگ موسيقيءَ خوشبو“ 2012ع، اياز ڀُٽي جو ”ڳولھا جو سفر“
 (ڪھاڻيون) 2012ع، خالد ڀٽيءَ جو ”دلچسپ“ 2012ع، علي محمد درد سولنگيءَ جو، ”سھڻا ٻار“ (ثقافتي ادبي فورم دادو) 2012ع، اياز ڀُٽي جو، ”ڳولھا جو سفر“ 2012ع، زيب نظاماڻيءَ جو، ”هلو هلون اسڪول“، 2013ع، خالد آزاد جون ڪھاڻيون، مڪئيءَ جا ڦُلا 2013ع، عبدالحئي ڀُٽي جو، ”ماڻڪ هر هڪ هٿن ۾“ 2013ع، ياسر قاضي جو ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ 2013ع، وفا مولا بخش قمبراڻيءَ جو ”پوپٽ رنگ رنگ رنگيلا“ 2013ع، احسان لغاريءَ جو ”جدولي حساب“ 2013ع، وليرام ولڀ جو ( ترجمو) ”جانورن جي عجيب دنيا“ 2013ع ۾ شايع ٿيو

جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”پنھنجي ٻولي پياري ٻولي“، 2013ع، يوسف سنڌيءَ جو، ”مريخ جا مسافر“، 2013ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، ”گل ستارا ٻار“ 2013ع، پريل داييءَ جو، ”ٻار اکين جا ٺار“، 2014ع، دادا سنڌيءَ جو، سنڌ جا درسگاھه 2014ع، راز شاهاڻي جو، ”ٻارڙن جو شاھه“ 2014ع، مقصود گل جو، ”اکڙيون نيل ڪنول“، 2014ع، اويس ڀُٽي جو ”رانديڪو“
2014ع، نصير سارنگ جو ”سائنسي رانديون“  2014ع، ياسر قاضي جو ”اُٺ ماما گوگڙو“ (سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو) 2014ع، جوهر بروهي جو، ”گل ڦل گيت“ 2014ع،آزاد بخاريءَ جو، ”سائنس ڏنو سوجهرو“ 2015ع، امداد جسڪاڻيءَ جو ”مستقبل جا مسيحا“ (سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد)، غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو ٻارن لاءِ شعري مجموعو ”پئسو لڌم پٽ تان“ 2015ع، فقير شھمير چانڊيي جو، ”هڙ ۾ آئيندو“ 2015ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، ”نئين دور جا ٻار“ 2015ع، انور ابڙيءَ جو، ”عيني ۽ مائُو“ 2016ع، خادم گهراڻو جو، ”هيرن جواهرن جو ٿيلھو“ (آکاڻيون) 2016ع، خالد آزاد جو، ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ ٽي جلد (سنڌ لئنگئيج اٿارٽي) 2016ع، يوسف سنڌي جو، ”شھيد جي ماءُ“ 2016ع، ناري (پبليڪيشن). وحيد محسن جو ”مھمان جهرڪي“ 2016ع، خالد ڀٽيءَ جو، ”ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ“ 2016ع،

موهن ڪلپنا جو ناول ”سرڳ جي ڳولھا“ 2016ع، (ناري پبليڪيشن) . ڄيٺو لالواڻي جو (ريڊيو ناٽڪ) ”مُڇرُ مامو“ ناري پبليڪيشن 2016ع، شفقت قادريءَ جو ”پتڪڙو شھزادو“ ( ترجمو) 2016ع، عبدالغفار سومريءَ جو ناول ”جاڳو جاڳو“ 2016ع جھڙا بھترين ڪتاب ڇپيا.

ان کان پوءِ اڳتي هلي الطاف شيخ جو (جپاني ڪٿائون) ”جل پرين جي اڳ ڪٿي“ 2017ع، ارباب علي
”عادل“ چوهاڻ جو، ”سھڻا ٻار سمورا“ (مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور)، 2017ع، ( نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ) ، دادا سنڌيءَ جون ڪھاڻيون ”سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون“ 2017ع، زخمي چانڊيي جو، ”مٺڙا ٻار“، 2017ع، وحيد محسن جو ”ٻالڪ ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا“ (مرڪ پبليڪيشن شھدادڪوٽ) 2017ع، محمد جواڻ ”جانب سومري جو“ ”گلڙا گلڙا گيت“ (سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد)، 2017ع، علي محمد درد سولنگيءَ جو ”موتين داڻا“ 2017ع، ياسر قاضي جو، ”لولو ڏنم ڪانوَ کي“ 2017ع ۾ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب شايع ٿيا.

19-2018ع سالن ۾: انور ابڙي جو، ”چوڌاري چمڪاٽ،“ (ٻاراڻيون تقريرون ۽ خاڪا) 2018ع، انور ابڙي جو، ”ننڍڙو چنڊ“ (ڪھاڻيون) 2018ع، وحيد محسن جو، ”راندين جو هفتو“ 2018ع، جبار آزاد منگي جو، ”ٽمون شرارتي“ (سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد) 2019ع، عبدالحئي ڀٽي جو، ”قلم ٻارن جي هٿ ۾“ (سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد) 2019ع، وحيد محسن جو، ”ننڍڙي پري“ 2019ع، عبدالحليم سومري جو، ”شاگردن لاءِ تقريرون“ (سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري) 2019ع،آزاد بخاريءَ جو ”حق سڃاڻ اي ٻار“ 2019ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظمن جو مجموعو ”ننڍڙا فرشتا پياريون پريون“ 2019ع، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي جو ترجمو ناوليٽ ”ننڍڙي سائي ريل“ 2019ع شامل آهن.

ڳالھه ڪجي 2020ع کان 2024ع تائين جي، ته انھن پنجن سالن اندر هيٺيان ڪتاب منظرِعام ٿيا، جن ۾: استاد گل داييءَ جو، ”گيت گلڙن لاءِ“ 2020ع، مور مغيريءَ جو، ”بابا مون کي ڪر نه ڌنار“ 2020ع،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ”بھادر ڇوڪري“ (سرهاڻ سوسائٽي سنڌ) 2020ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ”چنڊ به منھنجو رانديڪو“ 2020ع، انور ابڙي  جو ”وڏي ڀيڻ " 2020ع، غلام محمد ڀٽيءَ جو، ”ڦر ڦر سونٽو“ 2020ع، وحيد محسن جو، ”ڪاغذ جون ٻيڙيون“ 2020ع، حافظ عبدالستار ڪوريجي جو، ”قرآني قاعدو “ (روپائي ڪوريجا پبليڪيشن لاڙڪاڻو) 2020ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”منھنجو ننڍپڻ“
 (يادگيريون) 2020ع، سرمد عباسيءَ جو ”ٽام جيري“ (ڪھاڻيون) 2021ع، عيسيٰ ميمڻ جو، ”ٽِم ٽِم تارا“ 2021ع، وحيد محسن جو، ”ڀنڀوريون ۽ خديجا“ 2021ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”ٽي تحفا“ (ڪھاڻيون) 2021ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظمن جو مجموعو، ”منھنجو گڏڙو، منھنجي گڏڙي“ 2021ع، محمد حبيب سنائي جو ”خوش دل شھزادي ۽ ٻيون آکاڻيون“، مترجم. (سنڌ سلامت ڪتاب گهر) 2022ع، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”پنھنجي دنيا ڌار“ 2022ع، محمد جواڻ ”جانب“سومريءَ جو، ”گيتن جو گلدستو“ 2022ع، وحيد محسن جو، (ناول) ”هالار جو خواب“ 2022ع، عبدالغفار سومريءَ جو ناوليٽ”استاد“
2022ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”پوپٽ ۽ گلاب“ (چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي) 2023ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”شرارتي جن“ 2022ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”ثاقب جي آئسڪريم“  2023ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”شھزادي ماھه نور“ 2023ع ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، ”امان مون کي کيڏڻ ڏي“ 2023ع، پروين موسيٰ ميمڻ جو، ”سھڻا سخن“ 2023ع، سعيد چانڊيي جو ترجمو (رچرڊ پليٽ) ”سامونڊي سيلاني“
 (پيڪاڪ پبلشر، ڪراچي) 2023ع، استاد گل دايي جو، ( ڪھاڻيون) ”ڪنگ جي ناني“ 2023ع، (رومي ڪتاب گهر)، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪھاڻين جو مجموعو ”پکراج پري“ 2024ع، ”ٻاراڻي ادب جو تجزيو“، ققير محمد سنڌي 2024ع قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، استاد گل دايي جو ”مٺڙا ٻار“ 2024ع، (سنڌ سلامت بڪ ڏجيٽل) ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو، شعري مجموعو، ”رسڻ ريجهڻ راند اسان جي“ 2024ع، (چانڊوڪي پبليڪيشن ۽ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.). مختيار احمد ملاح جو، ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ 2024ع، (ڊاڪٽر عبدالخالق راز“ اڪيڊمي شڪارپور/ڪراچي) جو شايع ٿيل آهي.  نالي جي هڪجھڙائي سان خالد آزاد جا ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“ 3 جلد (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ) 2016ع تي شايع ٿي چڪا آهن.

نفسيات دان ابراهيم ماسلو جو ذهني خاڪو آهي ته: ”هر فرد کي غير معمولي صلاحيت آهي. انسان پنھنجين صلاحيتن جو ڏھه سيڪڙو به استعمال نه ٿو ڪري، کيس مليل صلاحتين جو فقط ٻه سيڪڙو استعمال ڪري ٿو.

”خوش نصيب آهي اها قوم ۽ ٻولي جنھن جي دامن ۾ گلن جھڙا ٻار آهن ۽ انھن لاءِ حوصلي مند فرد ادب تخليق ڪن ٿا.

*ورهاڱي کان اڳ به ٻاراڻو ادب رسالن جي صورت ۾ سنڌ مان شايع ٿيندو هو ...!  ڇھه ماهي ’هوپفل اڪيڊمي ميگزين‘ شڪارپور جو اسڪولي ميگزين، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن جا مضمون گڏ شايع ٿيندا هئا 1914ع (شڪارپور) مان اشاعت ٿيو. ٽماهي ’گلستان‘ ڪوڙي مل ”ساهتيه منڊل“ پاران 1925ع، منوهر ڪوڙي مل جي ايڊيٽري ۾ (حيدرآباد) مان شايع ڪيو. ماهوار ’گلزار‘ 1939ع تي محمد صديق، محمد يوسف ميمڻ جي ايڊيٽريءَ ۾ (حيدرآباد) مان شايع ٿيو. ماهوار ’ٻالڪ‘
”منگهن مل سرتومل بجاج هندو ”سنڌي اسڪول هڪ“
شڪارپور مان 1930ع تي شايع ڪيو. ماهوار ’گلستان‘
 (ڪراچي)، دادا شيوڪ ڀوڄراج جي ايڊيٽري ۾ 1933ع تي شايع ٿيو. ماهوار ’سڌرشن‘ (شڪارپور)، بھاري لعل هريرام ڇٻڙيا جي ادارت ۾ 1937ع تي منظر عام تي آيو. ماهوار ’پشپ‘ (دادو)، 1937ع تي پوهو مل رامجي مل کيمچنداڻيءَ جي ايڊيٽري ۾ شايع ٿيو. ماهوار ’موج‘ (شڪارپور)، 15 اپريل 1938ع تي نارائڻداس ايل بولاڻي ’نماڻي‘ جي ادارت ۾ شايع ٿيو. پندرهن روزه ”ٻاراڻيون ٻوليون“ (ڪراچي)، 1940ع تي آر.وي ٿڌاڻي جي ايڊيٽري ۾ شايع ٿيو. ماهوار ’گل ڦل ‘ (ڪراچي)، 1941ع تي ميلارام منگترام واسواڻي پنھنجي اداري ”سندر ساهتيا منڊل“ پاران جاري ڪيو. ماهوار ’دل بھار‘ (حيدرآباد)، مان 1947ع تي شايع ٿيو.

*ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي رسالا، روزاني اخبارن ۾ هفتيوار سلسلا ۽ ٻارڙن جون ان وقت جي ادب ذوق رکندڙ شاعرن اديبن ان پاسي کان پاڻ موکيو...!

جنھن ۾ هيٺيان اسم مختصر طور تي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪجن ٿا:

آچار عظيم کوسو، ”روشن راهون“ رسالي جو چيف ايڊيٽر 1996ع، آزاد هيجب، ”سنڌي ٻار“ رسالو 2004ع تي شايع ڪيو. آغا قيوم، ”لالي ٻارڙا سنگت“ جاري ڪيو. احسان راهوجو، ماهوار ”گلڙا“، ماهوار ”روشن دنيا“ (ٽنڊو ڄام) ۽ ماهوار ”ھٻڪار“
شڪارپور جو سب ايڊيٽر رهيو. احسان لغاري، ”ماهوار ”گلستان “ ۽ ”گلزار سنڌ“ جو ايڊيٽر رهيو. اختر سمون، ”ساٿي“ جو ايڊيٽر طور تي فرض سرانجام ڏنا. اسحاق سميجو، ”ٻارڙن جو سنڌ رنگ“ 1995ع، ڪاوش گروپ ۽ ماهوار ”گلستان“ 1996ع، سنڌي ساهت گهر. اسرار شام، ”سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن“، 1987ع کان 2013ع تائين جاري ڪيو. اسلم کٽياڻ، ”اتساھه“ رسالي جو ايڊيٽر ۽ پبلشر طور ڪراچيءَ مان جاري ڪيو. اعجاز قادر مھر، رسالو ”حوصلا“ 1997ع تي جاري ڪيو. اڪبر جسڪاڻي، ماهوار ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور 1983ع مقرر ٿيو. الطاف ملڪاڻي، ”لاٽ“ رسالو 1989ع تي جاري ڪيو. اندر جيت لوهاڻو، ماهوار ”شُشَر“
1999ع تي حيدرآباد مان جاري ڪيو. انور سومرو، ”مٺڙا ٻار“ جاري ڪيو. انور هالائي، 1975ع تي ”گل ڦل“ کي عروج جي منزل تائين پھچايو. اياز پاٽولي، ”اداره گلشن ادب“ ۽ ”بزمِ گلشن سنگت“ جو قيام عمل ۾ آندو. بنسي مالھي، عمر ڪوٽ مان ”پوپٽ“ رسالو شايع ڪيو. ٽيڪم ميگھواڙ، عمر ڪوٽ مان ”سرهاڻ“ پنھنجي ادارت ۾ شايع ڪيو. پروانو سيوهاڻي، ”سرهاڻ“ هڪ اشاعتي جو قيام عمل ۾ آندو. جڳمال ماناڻي، 2008ع تي ”موتي هن مھراڻ جا“ عمرڪوٽ مان شايع ڪيو. خادم سيلرو، 2007ع تي
”سائنٽيفڪ مئگزين جاري ڪيو. خالد آزاد، 1995ع تي
”گلستان“ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. خالد ڀٽي، ”گلڙا“،
”خرچي“، ”سونھن ۽ سنگتي“ رسالن ۾ خدمتون پيش ڪيون. خان محمد خاطي ڪيريو، 2010ع تي ”چنڊ“ سلسليوار پيش ڪيو. روشن برهماڻي، ماهوار ”سجاڳي“ شايع ڪيو. رميش راجا بي ايم، ”نئين لاٽ“ ”سنڌڙي“ ”۽ روشن دنيا“ شايع ڪيا. زبير سومرو،2001ع تي خير پور مان ”سوچ“ رسالو شايع ڪيو. زوار نقوي، سلسليوار ”ٻارن جي محفل“ 1978ع تي شايع ڪيو. سرفراز عباسي، نئين ديري مان ”روشن راهه“ 1999ع تي شايع ڪيو. سرمد قريشي، 2004ع تي رسالو ”معصوم مُرڪ“ شايع ڪيو. سڪندر سرواڻ، 1989ع تي ٻارن لاءِ ”مرڪ“ جاري ڪيو. سميع ساجد جوڻيجي ، ڳڙهي ياسين مان ”پوپٽ“ رسالو شايع ڪيو. سنڌ سونيتي ڀٽو، 2004ع تي ”انڊلٺ“ جا رنگ نروار ڪيا.
سھيل احمد ڪنڀر، 2014ع تي ٽي ماهي ”پنکڙيون“ شايع ڪيو. شاهنواز ٽالپر، رسالو ”روشن دنيا“ 1997ع تي ٽنڊي ڄام مان جاري ڪيو. شبير ساگر، 1997ع تي ٽنڊي ڄام مان ”گلڙا“ جاري ڪيو. شوڪت حسين شوري ، سنڌي ادبي بورڊ  مان 1966ع تي  ”گل ڦل“ رسالي لاءِ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. شيوڪ ڀوڄراج،
پھرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري جو بنياد وڌو. عبدالسلام ٿھيم، جاتي مان ”روشن تارا“ 2008ع کان جاري ڪيو.

عرفان مھدي، 1980ع ڌاري ڪتابي سلسلو ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جو قيام عمل ۾ آندو. علي رضا لاڙڪ، جي ايڊيٽري ۾ ”رنگين دنيا“ کي شايع ڪيو. غلام رباني آگرو، ”گل ڦل“ سنڌي ادبي بورڊ جو مقبول رسالو، 1959ع تي پھرين ايڊيٽر طور شايع ڪيو. غلام مرتضيٰ ڀٽي، ٻارن جي پھرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري“، ماهوار ”گلستان“ ۽ ادبي تنظيم ”بزمِ گلستان“ سان 1951ع کان 1953ع تائين نڀايو. غلام مصطفيٰ سولنگي، ”ڪنول“ ۽ ”ٻارڙن جي ٻاري“ لاءِ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. قادر ڪنڌر، ’عبرت گروپ آف پبليڪيشن‘
حيدرآباد پاران شايع ٿيندڙ مشھور رسالي ”ارچڪ مرچڪ“ ايڊيٽر رهيو. ماجد سمون، ”اجرڪ“ رسالو 2004ع تي شھدادڪوٽ مان جاري ڪيو. محبوب بلوچ، ”مھڪ“ رسالو شڪارپور مان 1996ع تي جاري ڪيو. محمود يوسفاڻي، روزاني هلال پاڪستان پاران مشھور رسالي ”گلن جھڙا ٻارڙا“ ۾ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. محمد وسيم خان، ماهوار ”ادا سائين“ ۽ ماهوار ”نٽ کٽ“ اردو جاري ڪيو. مسعود لوهار، 1993ع تي ”ارچڪ مرچڪ“ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. مشتاق بخاري، ڊکڻ شھر مان ”هٻڪار“ جاري ڪيو. مقبول احمد ڀٽي، ”بزمِ گلستان“ ۽
”ماهوار گلستان“ جاري ڪيا. مقصود گل، ماهوار ”گلدستو“ جاري ڪيو. مڪيش راجا سوٽھڙ، رسالي ”روشن دنيا“ جو ايڊيٽر رهيو. معصوم مصطفيٰ ڪنڀر،کپري مان ”مھراڻ جون مرڪون“ رسالو شايع ڪيو. ملھار سنڌي، 1998ع تي رتيديري مان ماهوار ”ٽانڊاڻو“ جاري ڪيو. 1978ع تي ماهوار ”ساٿي“ ۾  پنھنجون خدمتون  مھيش ڪمار پيش ڪيون. ناز سنائي، 1973ع ۾ ”چڻنگ پبليڪيشن“ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ۽ ”چڻنگ سنگت“ نالي سان تنظيم قائم ڪئي. نجمه
پنھور، ماهوار ”گل ڦل“ لاءِ پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. نور محمد ڀٽو،2011ع تي ڪوٽڙيءَ مان ”ٻاراڻو ادب“ شايع ڪيو. واحد پارس هيسباڻي، 2000ع تي روزاني ”هلچل“ پاران "گلن جھڙا ٻارڙا“ ۾ ايڊيٽر رهيو. وفا منظور چوهاڻ، 1999ع تي ”مھراڻ جا تارا“
شڪارپور مان جاري ڪيو. وهاب جروار، 1999ع تي ”رانديڪو“
خانواهه مان پنھنجي ايڊيٽري ۾ شايع ڪيو. جڏهن ته رانديڪي رسالي لاءِ سب ايڊيٽر طور عبدالرحمان ڪوريجي به پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون . وفا گولو، 2004ع تي سلسليوار ”ٻالڪ دنيا“ جيڪب آباد مان جاري ڪيو. ”ٻالڪ رنگ“ رسالو علي نواز ٻگهي 1991ع تي ڪراچي مان شايع ڪيو.

آفتاب گل رند، 2006ع ۾ ”ٻارن جي دعا“ نالي رسالو جاري ڪيو. احمد خان شيخ، روزاني آفتاب اخبار جي ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ هفتيوار صفحي ”ٻارن جي دنيا“ جي انچارج ۽ ان ئي صفحي جي سھاري هيٺ ڪم ڪندڙ ٻارن جي تنظيم ”ٻارن جي دنيا سنگت“ جي سرپرستي پڻ ڪئي. امتياز نور ڪنڀر”2007ع تي ٻارن جي هڪ علمي ادبي تنظيم ”گلشن ٻالڪ سنگت، قائم ڪئي. ڀائو درمحمد ٻرڙو، ”گلن جھڙا ٻارڙا ”۽ ”سجاڳ ٻار تحريڪ“
جو قنبر تعلقي جو صدر رهيو. پاروتي/پارپٽي- ٽي گدواڻي، سنڌ ۾ ٻارن جي پھرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي بنياد وجهندڙ مان هئي. پير مظھرالحق، ”روزاني عبرت اخبار“ جو ٻارڙن جو هفتيوار ادبي صفحو ”ٻارڙن جي ٻاري جو انچارج ٿيو. حسام سومرو، روزاني خادم وطن جي ٻارڙن جي صفحي ”ڦلواڙي ۽ روزاني هلال پاڪستان جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جھڙا ٻارڙا“ جي انچارج طور ذميواريون سنڀاليون. خدا بخش ابڙو، ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم”گلن جهڙا ٻارڙا“ جو پھريون مرڪزي آرگنائيرز هو. دادا شيوڪ ڀوڄراج، ٻارن جي پھرين تنظيم ”ٻالڪن جي ٻاري“ جو بنياد وجهندڙ آهي. رحمت
ڪنڀر، ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم ”روشن دنيا ٻالڪ سنگت“ جو مرڪزي صدر ۽ باني آهي. رخسانه عاقلاڻي، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي مرڪز تي ٻارن جو واحد پروگرام ”روشن تارا“ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. همسفر گاڏهي: صحافي ۽ ليکڪ روزاني عوامي آواز ۾ 7 جولائي 1989ع تي ٻارن جو صفحو ”جوت“ شروع ڪيو.

زرار پيرزادو، صحافي ۽ ڪالم نويس روزاني عوامي آواز جي هفتيوار ٻاراڻي ادبي صفحي ”جوت“ جو وڏي عرصي تائين انچارج رهيو. روزاني عوامي آواز ۾ هر آچر تي 2018ع کان ڏوڪريءَ جي نوجوان ليکڪ ساجد مسڻ، ذهين شاگردن جا انٽرويوز ڪري شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪيو. سيد زوار نقوي روزاني آفتاب لاءِ ٻاراڻي صفحي ”ٻارن جي دنيا“ لاءِ بھترين لکيو. سندر سنڌي ”ٻالڪ ادبي فورم“ جو باني صدر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. قربان شيخ، 2006ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ٻارن جي رسالي ”ادا سائين ءَ“ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ناز نصرالله مھر، 2000ع تي روزاني پاڪ سنڌ سکر ۾ ”ٻار گلن جا هار“ جو انچارج رهيو. ناصر جمال پٺاڻ، روزاني خادم وطن جي ٻارن جي صفحي ”ٻارڙن جي محفل“ جو انچارج ۽ ٻارن جي ادب جي ادارن ۾ سرگرم طور ڪم ڪيو.

منزل تي پھچڻ آسان ڪونھي پر ارادي جو اٽل هجڻ ضروري آهي. ستل فرد يا ذهنن کي منزل ڪٿي ٿي ملي.  سنڌ جي گهوٽ شاھه لطيف ستل سوچ جي رخ کي هن ريت اظھاريو آهي.

        جَڏهن سُتيون جي، پَٿر پيرَ ڊِگها ڪري،

        تڏھن   تني  کي،   ساٿَ  سُتئي  ڇڏيو.

                                           (شاھه لطيف)

ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ هر دور ۾ ڪوششون جاري رهيون آهن. جنھن ۾ اسٽيج ڊراما، ناٽڪ منڊليون، ٽي وي پروگرام ۽ سڀ کان آسان طريقو ريڊيو آهي، جنھن تائين ٻار آساني سان پھچي سگهي ٿو.

ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا پروگرام ٻارن ۾ سٺا مقبول رهيا جنھن ۾، ”ٻارن جي ٻاري“ (ريڊيو حيدرآباد)، ”مکڙيون“ (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو)، روشن تارا (پي.ٽي.وي ڪراچي )، ڪڊز ڪارنر /ڪڊز پلانيت (ڪي.ٽي.اين)، سر جا ساٿي، ڪڊز مينيا، سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا ۽ ٻارن جي دنيا (انڊس نيوز جو ٻارن جو صفحو) پنھنجي اهميت رکن ٿا.

*برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۾ ڇپيل ٻاراڻي ادب جو مختصر جائزو:

ڪتاب، ”لاتيون“ گوورڌن ڀارتي 1958ع، (سندر ساهتيه پبليڪيشن هائوس اجمير). پرسرام ضيا جو، ”باغ بھار“ 1963ع، (هندستان ڪتاب گهر، بمبئي). ڪلا پرڪاش جو، ”ممتا جون لھرون“ 1963ع، (ڪونج پبليڪيشن، بمبئي). ڪمل پياسي جو، ”ٽمڪندڙ تارا“ 1965ع، (ماڌو ٻالچنداڻي، احمد آباد). ھوند راج بلواڻي جو، ”بنسري“ ۽ ”هيرا موتي“ ساڳي سال 1967ع تي شايع ٿيا، (گلستان پبليڪيشن، احمد آباد). ڍولڻ راهي جو، ”ٻاراڻيون ٻوليون“ 1967ع، نيوندرام روچاڻي ’ائپڻي‘ جو، ”ڪالوُ ۽ بالوُ“ (لنبي ڪويتا) 1968ع،گنگو شيوارام آهوجا جو، ”منھنجو ديش ڀارت ٻار ته اهڙا“ 1970ع، منگهارام ديواني جو، ”اُٿ ڀارت جي سنتان“ (ٽيون ڇاپو) 1972ع، ديال آشا جو، ”مھڪندڙ مکڙيون“
1974ع، ڪنعيا لال ڪرپالاڻي، ڄاڻ، جو ”روشن منار“ 1974ع، هوندراج بلواڻي جو،”کٽمٺڙا“ 1977ع، سندر جڳواڻي مجرم جو، ”ڪليون ۽ گل“ ۽ ”مامي جون مڇون“ (مختلف ڪوي) 1977ع، روپ ڪمار ’گھايل‘ جو ”گل گلابي“ 1980ع، ڀڳوان نردوش جو، ”رنگ رنگي ڦوڪڻا“ 1981ع، گهنشيام ساگر جو، ”ڦول چمن جا“ 1983ع، سترامداس ’سائل‘ جو، ”ٻاراڻا گيت“ 1983ع، هاسارام شرما ’پيئا‘ جو ”هندو جيون“ 1983ع، هري دلگير جو، ”مزيدار گيت“ 1983ع، سڀاش شرما ’سجاگه‘جو ”مٺڙيون لاتيون“ 1984ع، ڪمل پياسي جو، ”پنکڙيون گلاب جون“
1984ع، ايس.ايس ناٿاڻي جو، ”بھار آئي“ 1985ع، منوهر بيدي جو، ”جهرمر“ 1986ع، هوندراج بلواڻي جو، ”ٻارن جا لوڪ گيت“ 1986ع، هري دلگير جو، ”گيت گلابي“ 1987ع، صوڀراج رامچنداڻي ’عيش‘ جو ”گل گلاب جا“ 1987ع، بسنتڪمار تياڳيءَ جو، ”آءُ، اوري آءُ“ 1987ع، روچو خوابيءَ جو، ”چندا ماما“ 1988ع،
کيمن يومولاڻيءَ جو، ”اڏر اڏر ڙي پوپٽڙا“ 1989ع، هوندراج بلواڻي جو، ”ارچڪ مرچڪ“ 1989ع، لڇمڻ ڪڪريجا جو، ”سھڻا ٻال گيت“ 1990ع، ديال آشا جو، ”ٻارو! اچو ته ڳايون“ 1990ع، ڀڳوان نردوش جو، ”رم جهم رم جهم“ 1990ع، ٽيڪم آفتاب جو، ”وڏي امان“ 1991ع ۽ هري دلگير جو، ”پروليون“ 1991ع، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جو، ”سنڌي ٻال ساهتيه“ (ٻاراڻي ادب تي پھرين ٿيسز آهي) جيڪا 2005ع تي ماڊرن پرنٽرس، احمد آباد شايع ڪيو. اهو ساڳيو ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ مان ناز سنائي 2007ع تي پڻ اشاعت ڪيو.

هندستان ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻين جا مجموعا، رسالا، ناٽڪ نويسي، ٽوٽڪن جا مجموعا، اسڪولي مخزن ۽ريڊيو تان مختلف پروگرام نشر ڪري ٻارن جي ذهني اوسر ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. مٿئين اسمن تي هڪ جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي.

*هندوستان جي سنڌين پنھنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هيٺيان ادارا جوڙيا جيئن بنيادي ۽ ٻاراڻو ادب محفوظ ٿي سگهي.

 سندر ساهتيه پبليڪيشن هائوس (اجمير)، ڦولستان آفيس، 1950ع (اجمير)،   هندستان ڪتاب گهر، 1954ع، (بمبئي)،   نيشنل ڪائونسل آف ايجوڪيشن ريسرچ اينڊ ٽريننگ، (سرڪاري ادارو) 1955ع تي قائم ٿيو. نو جيون ساهتيه منڊل 1959ع (اجمير)، گلستان پبليڪيشن، هوندراج بلواڻي 1967ع تي (احمد آباد) ۾ قائم ڪيو. سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ ۽ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، راجستان 1969ع.   ٻاراڻو ادب پبليڪيشن ڄيٺي لالواڻي ۽ هوندراج بلواڻي 1986ع (احمد آباد). گجرات، سنڌي اڪيڊمي، 1987ع. ويڻا پبليڪيشن، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي 1982ع (الھاس نگر). جڳديش بوڪ ڊپو 1969ع (الھاس نگر). گل ڦل پبليڪيشن 1966ع (بمبئي)، ببلو پبليڪيشن، 1970ع (احمد آباد). اپسرا پبليڪيشن، 1968ع (احمد آباد). ٻالڪن جي ٻاري، دادا شيوڪ ڀوڄراج 1960ع (هندستان). پايل پبليڪيشرز بڙدا 1966ع. ٻال سنڌو پبليڪيشن، اشاعت جو سال 1968ع، (احمد آباد).گُڏو گڏي پبليڪيشن هائوس،1961ع، (الھاس نگر).رتن ڪتاب گهر، 1969ع، (احمد آباد) سنڌي ٽائيمز پبليڪيشن،1975ع، (الھاس نگر).سنڌي ٻال ساهتيه پريشد، 1986ع (احمد آباد). شوڀا پبليڪيشن، 1980ع، (بمبئي)، ڪونج پبليڪيشن، 1963ع، (بمبئي)، ماڌو ٻالچنداڻي پبليڪيشن 1965ع، (احمد آباد) ٻال دوست ڪتاب مالا، 1991ع، (الھاس نگر)  مٿيان اُهي ادارا آهن جن هندستان ۾ ٻاراڻي ادب کي اشاعت ڪيو.

*هندستان ۾ ٻاراڻي نظم جي عروج کان پوءِ آکاڻين ۽ ناول جو دور به پُر اثر نظر اچي ٿو. جنھن ۾ طنز، مزاح ۽ اصلاحي آکاڻيون شايع ٿيون.

موهن ڪلپنا جو، ناول ”سرڳ جي ڳولھا“ 1958ع، جيوت گوگيا ’جوت' جو، ”ڏاڏيءَ جون آکاڻيون“ 1961ع، گوورڌن محبوباڻي ’ڀارتي‘ ”نئين بستي“ 1962ع، ميلارام واسواڻي جو، ”اخلاقي سبق“ 1963ع، ديپچندر تلوڪچند جو، ناول سندر رامائڻ 1963ع، دولترام هيمنداس ڪلياڻي جا، ناول ”راجا وڪرماجيت جون 22 پتليون“ ۽ ”چار درويش“ 1963ع، سترامدا ’سائل‘ جو ناول ”سھراب ۽ رستم 1964ع، ڪمل پياسي جو، ”سائي جهنڊي“ 1966ع، هوندراج بلواڻي جو، ”جادو نگري“ ۽ ”تارن ڀري رات“ 1967ع، جيوت گوگيا جوت، جو ”پرين جون آکاڻيون“ 1968ع، هوندراج بلواڻي جو، ناول ”هڪڙو هو راجڪمار“ 1968ع، هوندراج بلواڻي جا، ”ٽي گپوري“ 1969ع، هوندراج بلواڻي جا، ”پپوءَ جو پيارو موتي“ ۽ ”پالش وارو“ 1970ع، ڪنعيو گوپلاڻي جو، ناول ”ڀڳڙو مندر ۾“1971ع،آتمارام لعلواڻي جو، ”باھه جو گهوڙو“ 1976ع، راجيش کٽواڻي جو، ناول ”پوپ جادو گر“ 1976ع، ڪشور پھوجا جو، ”فيصلو “ 1977ع، هوندراج بلواڻي جو، ”ناستڪ راجا“ 1978ع، رامرکياڻي ’ڪمل‘ جو،
”ٻارڙا گچيءَ جا هارڙا“ 1969ع، جيوت گوگيا ’جوت‘ جو، ”آکاڻيون ئي آکاڻيون“ 1969ع، ايشور چندر جو، ”نئين زماني جو ڪوئو“
1969ع، جيوت گوگيا جوت جو، ”نياڻيءَ جون آکاڻيون“ 1981ع، بي.ايچ آڏواڻي جا، ”پرينءَ جو ديس“ ۽ ”جادو نگري“ 1981ع، جگديش لڇاڻي جو، ناول ”روپ نگر جي راجڪماري“ 1982ع، ڪنعيو گيرياڻي جو، ”ڪنھن سان ڳالھه نه ڪج“ 1983ع، واشديو سنڌو ڀارتي جو، ”انڊلٺ“ 1983ع، هوندراج بلواڻي جو، ”چوٿون باندر“ 1983ع، جگديش لڇاڻي جو، ناول ”گلن ڦلن جي راڻي“ 1983ع، ميول آهوجا جو، ناول ”جادوگر“ 1983ع، ڪيرت مھرچنداڻي جو، ”روشنيءَ جا تِرورا“ 1984ع، هوندراج بلواڻي جو، ”ڪُوئي لڌي هئڊ ڳڙي “ 1985ع، ٽلھرام جيسومل جو ناول ”هيرا موتي“ 1985ع، جيوت گوگيا جوت جو، ”رنگبرنگي آکاڻيون“ 1986ع، منوهر نھالاڻي جو ”وچتر راجڪماري“ 1986ع، واشديو سنڌو ڀرتيءَ جو، ”نئين روشني“ 1987ع، هيملتا بجاج جو، ”جن ڀوت موڪل تي“ 1989ع، هوندراج بلواڻي جو، ”نئين ناني“ 1990ع، جيوت گوگيا ’جوت‘ جو  ناول ”شينھن ۽ ٻڪري“ 1990ع، لڇمڻ ڪڪريجا جو، ”ڪارو مٿو“ 1991ع ۽ گوورڌن ڀارتيءَ جو، ”چنڊ تي چڙهائي“ 1991ع، ٽلھرام جيسومل جو، ناول ”معصوم مرڪ“ 1991ع ۽ جگديش لڇاڻي جو، ناول ”لال هيري جي گولھا“ 1992ع تائين شامل آهن.

سنڌ ۽ هند جي شعور وندن جي سوچ ٻاراڻي ادب لاءِ اها آهي ته، ماءُ جي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪجي جيئن آئيندي جو ميمار سکيو رهي ۽ ادب جي مالڪي چڱي طرح سان ڪري سگهي.

ڪنھن ڏاهي جو چوڻ آهي ته: ”ٻار جي فطرت اَڪ جي ٻوٽي وانگر ھوندي آهي، اَڪ جي ٻِج ۾ اُهي خوبيون آهن جو مناسب ماحول ملڻ سان، جلدي اُسري وڻ بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح ٻار ۾ به قدرت اُهي سڀ خوبيون رکيون آهن، جي ان کي هڪ اعليٰ انسان بڻائين ٿيون، مناسب پيار، قرب ۽ اعتماد رويئي سان.“


 

مددي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون :

* جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر، ”سنڌو سماج“ نئي دهلي، 1972ع.

*ٽِماهي مھراڻ:  ادل سومرو ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو ادب، نمبر 2“، ”سنڌي ادب سيمينار“ 1984ع.

* ميمڻ خان بھادر محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڇاپو چوٿون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 2000ع.

* جوڻيجو ڊاڪٽر عبدالجبار: ”سنڌي ادب جي تاريخ“، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2006ع.

* بلواڻي هوندراج ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻال ساهتيه“، ڇاپو ٻيو، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2007ع.

*آريسر علي نواز: ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد 2016ع.

*ملاح مختيار احمد: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ“، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2015ع.

* حسين ڊاڪٽر فھميده: ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“، جلد ٻئين کان يارهين تائين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

* سنڌي فقير محمد: ”سنڌ جي تاريخ“ (سھڙيل تاريخ وار) قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2013ع.

آزاد خالد: ”سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 3جلد 2016ع.

* روزاني عوامي آواز ڪراچي جا مختلف پرچا.

* روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، جا مختلف پرچا.

* روزاني ڪاوش حيدرآباد، جا مختلف پرچا ۽ مئگزين.

* روزاني ارادو لاڙڪاڻو، جا مختلف پرچا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org