سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 03/ 2025ع

باب:

صفحو:12 

جيرالڊ ڪيرش

سنڌيڪار: ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي

 

 

 

نرالو قيدي

 

ڪھاڻيڪار جو تعارف:

]ڪيترن ئي هاڪارن ڪامياب ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن وانگيان جيرالڊ ڪيرش جي اوائلي زندگي به ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ ڏُتڙيل رهي. هُو راتين جو راتيون لنڊن جي مختلف ڪافي بارن ۾ ويھي گذاريندو هو.  اُتان ٽائليٽ پيپر چورائي انھن تي ڪھاڻيون لکندو هو. پئسا نه هئڻ ڪري هو رڳو ڪافيءَ جو هڪ ئي ڪوپ خريد ڪري سگهندو هو ۽ پوءِ ان مان ڍُڪَ ڀريندي ڏينھن اُڀاريندو هو ۽ پوءِ وري ائين ٿيو جو، هو لنڊن جو بيحد مهانگو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار بنجي ويو. سندس ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب هٿو هٿ وڪامجڻ لڳا. وري ائين ٿيو جو قسمت ڦيرو کاڌو ۽ وقت ۽ حالتن جيرالڊ ڪيرش کي غربت ۽ گمناميءَ جي ڌُٻڻ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.

جيرالڊ ڪيرش لنڊن جي مشھور علائقي ٽيڊنگٽن آن ٽيمس ۾ 26 آگسٽ 1911ع تي هڪ يھودي خاندان ۾ ڄائو. ٻن سالن جي ڄمار ۾ هو ڏاڍو بيمار ٿي پيو. سندس ماءُ کيس ڏهاڪو کن ڏينھن ۽ راتيون اوجاڳا ڪاٽي هنج ۾ جهليو ويٺي روئيندي رهي. يارهين ڏينھن سندس دل جو ڌڙڪو بيھجي ويو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ٻارڙو مري چڪو آهي، پر ڊاڪٽر جي ان اعلان جي ڪجهه ئي منٽن کان پوءِ ٻن سالن جو جيرالڊ ڪيرش، خدا جي قدرت سان اُٿي ويھي رهيو. اها سڀني گهرڀاتين خاص ڪري سندس ماءُ لاءِ وڏي خوشي ۽ حيرت جي ڳالھه هئي.

اٺن سالن جي ڄمار ۾ جيرالڊ ڪيرش لکڻ شروع ڪيو ۽ ان ئي سال هن پنھنجي انعام کٽندڙ پهرين ڪھاڻي ”ٽام اينڊ ٽلي ٽيڊپول“ لکي، جيڪا هن پنھنجي چاچي جي واسڪوٽيءَ ۾ لڪائي رکي هئي. تيرهن سالن جو ٿيو ته کيس هڪ اسڪالر شپ ملي جنھن جي پئسن مان هن ريجينٽ اسٽريٽ پولي ٽيڪنڪ اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسڪول مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ هن عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پر هن پڪو پھه ڪري ڇڏيو هو، ته هو هڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي ٿيندو.

ٽيويھن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ناول ”جيوز ودائوٽ جيهوا Jews without Jehovah“ شايع ٿيو. جنھن ۾ لنڊن ۾ رهندڙ هڪ يھودي خاندان جي زندگيءَ جا مختلف عڪس ڏيکاريا ويا هئا. جڏهن ان خاندان ڏٺو، ته ان ناول ۾ سندن حالتون ۽ هلت بيان ڪئي وئي آهي، ته ان خاندان جيرالڊ ڪيرش تي ڪيس داخل ڪيو. ڪورٽ فيصلو ڏيندي ان ناول جي وڪري تي سخت پابندي هڻي ڇڏي. 1937ع ۾ سندس ٻيو ناول ”نائيٽ اينڊ دي سٽي“ (Night and the city) شايع ٿيو، جنھن تي پوءِ وري 1950ع ۾ لنڊن جي مشھور فلم ڊائريڪٽر جيولس ڊاسن فلم ٺاهي هئي.

ناول لکڻ سان گڏوگڏ جيرالڊ ڪيرش افسانا به لکندو رهيو. ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ: ڪوريئر (Courier)، فليٽ اسٽريٽ (Fleet street)، ڊيلي مرر (Daily Mirror)، ايوننگ اسٽينڊرڊ (Evening standard)، وغيره ۾ باقائدگيءَ سان  سندس افسانا شايع ٿيندا هئا. 1939ع ۾ انھن افسانن کي گڏ ڪري هڪ مجموعو (Jungle of stone)  جي نالي سان ڇپرايو ويو.

جيرالڊ ڪيرش ڏوهن تي به ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون ۽ هڪڙو ڏوهاري ڪردار ”ڪارميسن“ پڻ تخليق ڪيو. جيڪو وڏو بدمعاش ڪوڙو ۽ ڏوهاري شخص هو. جيرالڊ ڪيرش جي انھن ڪھاڻين ۾ ڪارميسن جي چورين، ٺڳين، ڪوڙي ڏوهيءَ جون حيران ڪندڙ ڳالھيون ٻُڌايون ويون آهن.

1940ع ۾ ٻي عالمي جنگ دوران جيرالڊ ڪيرش کي ڪولڊ اسٽريم گارڊس ۾ رضاڪار طور ڀرتي ڪيو ويو. جنگ هوندي به هو رات جو لکندو رهندو هو. هڪ ڀيري دشمن فوج پاران بمباريءَ ڪري سندس گوڏو شديد زخمي ٿي پيو. معذور ٿي پوڻ ڪري ”وار آفيس“ پاران کيس فوج جي تربيت وارا پمفليٽ لکڻ جو حڪم مليو. جنگ جي هاڃن ۽ تباهه ڪارين کان بيزار ٿي هڪ ڏينھن ڪنھن طرح اتان ڀڄي فرانس هليو ويو.

1945ع ۾ جنگ ختم ٿي  ته هو انگلينڊ ۾ موٽي آيو ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪرت کي لڳي ويو. هن ڏوهن، جنگ، رومانس، هارر ۽ ۽ سائنس فڪشن جي صنفن ۾ تمام گهڻو لکيو. هن پنھنجي 56 سالن جي ڄمار ۾ 30 کان مٿي ناول ۽ ويهارو کن ڪھاڻين جا مجموعا ڇڏيا. سندس وفات 5 نومبر 1966ع ۾ ٿي. سندس هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ نرالي قيديءَ جي ڳالھه ڪئي وئي آهي. جنھن کي زندگيءَ جي سزا ڏني وئي هئي. اوهان هيءَ ڪھاڻي پڙهي ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته ڪيئن آهي؟[

”تھه خانو هوڏانھن آهي.“ جيلر هڪ پاسي اشارو ڪندي ٻُڌايو. هيٺ لھندي ٿورو خيال ڪجو ڏاڪا صفا ڀُتا ٿي چڪا آهن. توهان کي خبر آهي ته هي هنڌ درياءَ سان ڳنڍيل آهي، تنھنڪري سم انھن ڏاڪن کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. گهم ۽ آلاڻ  ڪري، پٿرائن  ڏاڪن تي ڊَڀَ ۽ ٻُوٽا ڦٽي آيا آهن. اهي توهان کي ڪو نقصان ته ڪونه ڏيندا، پر اوهان جا ڪپڙا ميرا ٿي پوندا ۽ ها! هاڻي اهو تھه خانو خالي پيو آهي. ٻڌو آهي ته صحت جي اُصولن پٽاندڙ ڪلوريءَ جي علائقي ۾ هڪ نئون جيل خانو ٺاهيو ويو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته هڪ جيل کي جيل ئي هجڻ گهرجي نه ڪي آرامده هوٽل، جيل ۾ ڪي چڱا ماڻھون ٿوروئي ويندا آهن. تنھنڪري جيل کي جيل ئي رهڻ ڏجي. ڇا خيال آهي اوهان جو؟

هيءَ جاءِ اَٺ سئو سال پراڻي آهي. اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هي جيل خانو ٻارهين صديءَ ۾ ٺھيو هو. ڏهاڪو سال کن اڳ تائين به هي استعمال هيٺ رهيو. توهان پھرين تھه خانو ڏسڻ پسند ڪندا يا وري سڌو اذيت خاني هلڻ چاهيندا؟ تھه خاني؟! ٺيڪ آ، پر اُتي توهان جي ڏسڻ جي ڪابه شيءِ ڪونهي.“ پوڙهي جيلر ڳرو لوهي دروازو ڌڪو ڏئي کوليو ۽ پنھنجي ڏڪندڙ هٿن ۾ ليمپ کنيو اسان کي رستو ڏيکارڻ لڳو.

تھه خانو هڪ ڏهڪائيندڙ جاءِ هئي. ڏهاڪو کن چورس فوٽن جو فرش هو، اوچائي اَٺَ فوٽ کن هئي. فرش سڄو ميرو لڳو پيو هو، اُتي ٻُٽَ محسوس ٿي رهي هئي. ٿَڌِ ايڏي ته روزدار هئي، جو رَتُ ئي ڄميو پئي ويو. اسان جي پارٽيءَ مان هڪ چيو ته ”ليمپ کي ته هيڏانھن کڻي اچ، ڀِتِ تي ڪي چِٽَ پيا ڏسجن.“

”جي ها“ جيلر وراڻيو. ”چئني ڀتين تي چِٽَ نڪتل آهن هي ڏسو! هتي روشني ٺيڪ ٿي پئي“

اسان سڀ ڏاکڻي ڀِتِ وٽ گڏ ٿي وياسين. ڀِتِ تي ليمپ جي پِيلي روشني پئجي رهي هئي. ڪنھن پٿريلي ڀتين تي چِٽَ ڪڍيا هئا. يسوع مسيح جي زندگي ۽ کيس صليب تي لٽڪائڻ جا منظر ڏيکاريا ويا هئا. ان مصور واهه جو فن ڏيکاريو هو. يسوع مسيح جي چھري تي ڏاڍي معصوميت ۽ پاڪائي ڇانيل هئي.

جيلر چيو، ”ٿورڙو ڌيان سان ڏسو! هي سڀ پراڻيون تصويرون ناهن. جنھن ماڻھوءَ هي تصويرون ٺاهيون آهن، تنھن جو انتقال.... تاريخ ذهن تي ڪونه پئي اچي. ڏهاڪو سال کن اڳ جي ڳالھه آهي مون کي ان نڀاڳي جو نالو به ياد ڪونه ٿو اچي.“ شايد جون يا اهڙو ئي ڪو ٻيو نالو هئس. مون کان اهو به وسري ويو آهي، ته کيس هتي ڇو آندو ويو هو. شايد سندس ڏوهه سياسي نوعيت جو هو. ان کي سڄي ڄمار جي لاءِ اڪيلائي جي قيد جي سزا ڏني وئي هئي. اهو ڏِسڻُو وائِسڻو نوجوان هو ۽ سندس تعلق هڪ سُٺي گهراڻي سان هو. جڏهن کيس هتي آندو ويو هو، تڏهن مان نئون نئون جيلر ٿيو هئس. کيس آڻيندڙ سپاهي مون کي چيو هو ته مسٽر آرٿر! هي ماڻھو تھه خاني جي لاءِ آهي، هي تھه خانو صفا اونداهو آهي. سپاهيءَ ٻُڌايو هو، ته هن قيديءَ جو دنيا سان ڪڏهن به ڪو رابطو نه ٿي سگهندو. هن کي ان اونداهي تھه خاني ۾ وڃي واڙيو، ته وڃي جيئري ئي قبر جو مزو وٺي. مان ان سپاهيءَ کي چيو هو، ته تون دلجاءِ رک! هتي اچڻ کان پوءِ هي ٻاهرين دنيا کان بنھه ڪٽجي ويندو.

مون کي فخر آهي ته مان پنھنجا فرض چڱيءَ ريت نڀايا. مانوارا مھمانو! مان کيس تھه خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن ڪجهه ڪين ڪُڇيو ۽ ڪو گوڙ گمسان ڪونه ڪيو، ڇوجو سندس تعلق سُلجهيل ڪُٽنب سان هو. جڏهن مان پھريون ڀيرو سندس لاءِ ماني کڻي ويس، ته هن مون کي ائين ڏٺو، ڄڻ مان ڪنھن ڪني ناليءَ  جو جيتُ هجان. مون دل ۾ سوچيو ته مسٽر! تون هن وقت مون کي ڌڪار مان ڏسي رهيو آهين، پر خير دير يا سوير  تون مون سان ڳالھائڻ تي مجبور ٿي ويندين.

مھيني سوا کانپوءِ جي ڳالھه آهي هن هڪ ڏينھن مون کان پڇيو، ته اڄ ڪھڙو ڏينھن آهي؟ مون کي مٿان کان آرڊر هو، ته دنيا سان هن جو ڪوبه رابطو نه هئڻ گهرجي. ان جو اهو مطلب هو ته قيديءَ سان ڳالھايو به نه وڃي. مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ماٺ ڪري ٻاهر نڪري آيس. ٻئي ڏينھن وري هن مون کان پڇيو، ته مھرباني ڪري ٻُڌاءِ، ته اڄ ڪھڙو ڏينھن آهي؟ ڇا مون کي هتي آئي هڪ سال ٿي ويو آهي؟ اهو ٻُڌي مون کان ته کل نڪري وئي هئي. هڪ سال؟ اڃان ته مھينو مس ٿيو هو.

ٻئي مھيني جي پُڄاڻيءَ تائين سندس حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي هئي.  مون سان هڪ جملي ڳالھائڻ جي عيوض هو مون کي هر شيءِ ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر مان ته هڪ سادو جيلر آهيان. مون کي نه ڪا لالچ هئي ۽ نه وري هاڻي آهي.

هن جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي هئي. هو پيرن تي ڪري پوندو هو ۽ ليلائي چوندو هو، ته مون تي رحم کائو مون سان ڪجهه ڳالھايو، مان رڳو ڪنڌُ ڌُڻي ڇڏيندو هئس. ماڻھوءَ کي پنھنجو فرض ديانتداريءَ سان نڀائڻ گهرجي. مان کيس اڪثر ڪري وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي يا چرين وانگر رڙيون ڪندي ٻُڌندو هئس، توهان شايد مون کي ظالم ماڻھو سمجهندا هوندؤ؟ توهان صحي ٿا سوچيو پر مان سرڪاري حڪم جو پابند هئس. مون کي سختيءَ سان چيو ويو هو ته مان ساڻس بنھه نه ڳالھايان، تنھنڪري مان ساڻس هڪ اکر به ڪونه ڳالھايو.

ٽن مھينن کان پوءِ هن مون کي وڏيون وڏيون آڇون ڪيون. هو مون کي چوندو هو ته ماڻھو ٿي، مون تي ترس کاءُ. مان هٿ ٿو جوڙيانءِ ... پيرين ٿو پوانءِ... خدا کي مڃ .... مون سان ٿورو ڳالھاءِ.... مان توکي مالامال ڪري ڇڏيندس... مون کان ڪوبه ڏوهه ناهي ٿيو. قسم ٿو کڻي چوان ته مان بي ڏوهي آهيان. مان توکي هزارين پائونڊ ڏئي سگهان ٿو هڪ لفظ جي بدلي هڪ هزار پائونڊ ڏيندس. هو منٿون ڪندو هو، پر مان ته رشوت خور آهيان ئي ڪونه. ان کان سواءِ منھنجي ذهن ۾ اها به ڳالھه هئي ته هڪ قيدي هزارين پائونڊ آڻيندو ڪٿان؟ مان نهڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو. هن ڏاڍيون رڙيون ريهون ڪيون نيٺ ٿڪجي ماٺ ٿي ويھي رهيو.

مون کي مٿان چيو ويو هو ته جيڪڏهن هو خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪري ته کيس بنهه نه روڪجو. هڪ چاقو، هڪ چمچو هڪ پليٽ ۽ هڪ گلاس اهي شيون سندس استعمال ۾ رهنديون هيون.

هڪ ڏينھن هن مون کان هڪ نئون چاقو گهريو. مون سندس پراڻو چاقو ڏٺو چاقوءَ جو هٿيو ڀڄي پيو هو. مون سوچيو ته قيدي شايد ٻاهر وڃڻ جو رستو ٿو ٺاهڻ چاهي، تڏهن ته چاقوءَ جو هٿيو ڀڄي پيو اٿس. مون کي ڏاڍي کل آئي ڇو ته تھه خاني جون ڀتيون لوهه وانگي مضبوط آهن. چوڏهن فُٽ ٿلھيون ڀتيون ۽ انھن مٿان وري لوهه جون چادرون.

مون مٿي ٻُڌايو ته قيديءَ کي نئين چاقوءَ جي ضرورت آهي. مون کي ته نئون چاقو ڏيڻ جو اختيار ڪونه هو. مون کي مٿان کان اجازت ملي ته قيديءَ کي نئون چاقو ڏئي ڇڏيو.

ڳچ ڏينھن گذري ويا هڪ ڏينھن مون ليمپ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ته، هو ڀت تي ڪو چھرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان چھري ۾ زندگيءَ جا آثار محسوس ٿي رهيا هئا، هن پاڻ کي مصروف رکڻ جو ذريعو ڳولي ورتو هو.

هر هفتي مٿس مون کان اهو پُڇڻ جو دورو پوندو هو، ته کيس هتي آئي ڏهه سال ٿي ويا آهن؟ ڇا مون کي هتي آئي ويھه سال ٿي ويا آهن؟ ڇا منھنجا وار اڇا ٿي ويا آهن. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهڙا سوال ڪرڻ جي سندس عادت ختم ٿي وئي. هو هڪ ٻئي پويان تصويرون ٺاهيندو رهيو. جيئن توهان ڏسي رهيا آهيو ته هڪ چھري ڀرسان، وري ٻيو چھرو ٺھيل آهي. سڀ کان نرالي ڳالھه اها هئي، جو هو اهي سڀ چھرا اوندهه ۾ ٺاهيندو هو، ڇوجو اسان کي کيس روشني مهيا ڪرڻ جو حڪم ڪونه هو.

قيدي پنھنجو ڪم ڪندو رهيو. هاڻي ته هو چاقو به خراب ڪرڻ لڳو هو. اسان کيس ڪاٺ جو چاقو ڏيڻ لڳاسين ۽ گڏوگڏ پراڻا ڪوڪا اسڪريو وغيره به ڏيندا هئاسين. ٽيھن سالن ۾ هن تھه خاني جون سڀئي ڀتيون چِٽي ڇڏيون. اهو ٻُڌائي جيلر ماٺ ٿي ويو.

اسان پنھنجي چوڌاري چُهنبدار پٿر به ڏٺاسين. ائين ٿي لڳو ڄڻ وقت جي رفتار بيھجي چڪي هئي. اسان کي ڊپُ به ٿي رهيو هو. قبر جھڙي اونداهي تھه خاني ۾ اسان پاڻ کي مئل سمجهي رهيا هئاسين. ڏاڍو سيءُ هو، اسان کي اوور ڪوٽ پاتل هئا، پوءِ به جسم ڏڪي رهيو هو. مان حيران ٿيندي چيو اف..... ٽيھه سال...!

”ستٽيھه سال“ جيلر چيو، ”مون کا غلطي ٿي وئي، هاڻي مون کي ياد آيو ٽيھه نه ستٽيھه سال....“ هو ستٽيھه سال قيد ۾ رهيو. هو جڏهن هتي آيو هو ته منھنجي ڌيءَ جي پھرين سالگرهه هئي انھن ستٽيھه سالن ۾ هن چئني ڀتين تي چِٽَ ڪڍيا. پوءِ خبر اٿَوَ ته ڇا ٿيو؟ سرڪار سندس سزا ۾ گهٽتائي ڪري جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. اهو ٻُڌي پڪ سان اوهان کي کل وٺندي، ته مان جڏهن کيس جيل مان آزاديءَ جي خبر ٻُڌائي، ته اها هن کي ڏاڍي بُري لڳي ۽ ڪا شيءِ کڻي مون کي هنيائين، جو منھنجو گوڏو ڦٽجي پيو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين ته ”ڀڄُ هتان! مون کي پنج منٽ ته سڪون سان رهڻ ڏي.“

اسان کيس زوريءَ تھه خاني مان ڪڍيو ۽ جيل کان ٻاهر وٺي آياسين. پر ٻاهر ايندي ئي هو هڪ دم مري ويو. مان ڀانيان تو ته ٻاهر جي تازي هوا کيس راس نه آئي. آزاديءَ جي هوا سندس ساهه ئي ڪڍي ڇڏيو، ڇو ته هو گهٽ ٻوسٽ ۾ رهڻ جو عادي ٿي چڪو هو.

اهو ٻُڌائي جيلر اسان کان پڇيو ته ”منھنجا مانوارا مھمانو! اوهان کي ڀلا اذيت خانو به ڏيکارجي؟“

”مون هڪدم وراڻيو بلڪل نه...! بس واپس ٿا هلون.“

 

گُگي وا ٿيوڱو                                                                                 (عالمي ادب)

سنڌيڪار: قربان چنا

 

واپــــســــي

 

گُگي وا ٿيوڱو، 5 جنوري 1938ع ۾ ڪينيا جي شھر ڪامي ريتو ۾ پيدا ٿيو. کيس عالمي سطح تي ھڪ ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار جي مڃتا حاصل آھي، جنھن کي 20 صديءَ جي آفريڪي اديبن ۾ سڀ کان وڏو اديب سمجهيو وڃي ٿو. ھن پنھنجي ادبي سفر جي شروعات انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪئي ۽ جلد ئي پنھنجي لکڻين ۾ ڪينيا جي آزاديءَ جي جدوجھد ۽ نوآبادياتي نظام جي عوام تي پوندڙ اثرن کي موضوع بڻايو. سندس زندگي ۽ ادب ۾ سڀ کان وڏو

 ۽ انقلابي موڙ تڏهن آيو، جڏهن هن اعلان ڪيو ته هو هاڻي انگريزيءَ ۾ نه لکندو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ نوآبادياتي ٻولي آهي. ان کان پوءِ، هن پنھنجي سموري تخليقي توانائي پنھنجي مادري ٻولي گيڪويو (Gikuyu) ۾ لکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ھن جو مقصد پنهنجي لکڻين کي سڌو سنئون پنھنجي عوام، خاص ڪري هارين ۽ مزدورن تائين سندن پنھنجي ٻوليءَ ۾ پھچائڻ هو. پنهنجي بي باڪ لکڻين ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري کيس قيد ۽ پوءِ ڊگهي جلاوطني به ڏسڻي پئي. ھو ھر سال نوبل انعام لاءِ مضبوط اميدوار پڻ رھيو. ھن 28 مئي 2025ع تي وفات ڪئي.

سفر سوايو ٿي پيو ھو. ھن جڏھن به قدم اڳتي وڌايو، سندس پويان دز جا ننڍا ميرانجهڙا ڪڪر اڀرندا رھيا ڄڻ ته چِڙ وچان ھن جو پيڇو ڪندا ۽ بي وس ٿيندا آھستي آھستي پنھنجي جاءِ وٺندا ويا، پر ماحول ۾ دونھين جھڙي چرپر ھڪ سنھڙي ليڪ جيان پوئتي رھجي پئي وئي. پر ھُو مٽي ۽ سخت زمين جي ڳڻتي ڪرڻ کان سواءِ اڳتي ھلندو رھيو. باوجود ان جي کيس قدم قدم تي رستي جي سختي ۽ بي قياسيءَ جو چڱو ڀلو احساس ٿيندو رھيو. ائين بلڪل نه ھو، ته ھو ھيٺ نھاري ھلي رھيو ھو، پر ان جي بدران سندس نظرون سامھون کتل ھيون، ڄڻ اھڙي ڪنھن موٽ جي اوسيئڙي ۾ ھجي ته سامھون ڪو ڄاتل سڃاتل منظر سندس نالو وٺي کيس پڪاري ۽ دلداري ڏئي ته ھاڻي ھو پنھنجي گهر جي ويجھو پھچڻ وارو آھي. پر پنڌ ھو، جو کُٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.

ھو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي اڳتي وڌندو رھيو. ھُو پنھنجو کاٻو ھٿ ڏاڍي بي فڪريءَ ۽ آزاديءَ سان لوڏي اڳتي ھلي رھيو ھو. ساڳيو ئي ڪوٽ، جيڪو ڪڏھن اڇو اجرو ھوندو ھو، ھاڻي پراڻي ۽ ڦاٽل حالت ۾ سندس جسم کي ڍڪيو ويٺو ھو. ھن جو کاٻو ھٿ ٺوٺ کان مُڙيل ھو، جنھن ۾ ھڪ ڏوري ويڙھيل ھئي، جنھن جي ڳنڌ سندس چيلھه تي رکيل ھڪ ھَڙَ سان ٻڌل ھئي. ھَڙَ واري ڪپڙي تي ڳاڙھن گلن جو ڀرت ڀريل ھو، جيڪي ھاڻي ڦِٽِي بي رنگ ٿي چڪو ھو. اھا ئي ڳنڍ سندس سالن جي سختين ۽ اذيتن جي گواھ ھئي، جيڪي ھُن قيد ۾ ڪاٽيا ھئا. ڪنھن ڪنھن مھل ھن مٿي نھار ڪري سج کي به ڏٺو پئي، جيڪو ھاڻي اڀ ۾ ھيٺ لھندي پئي نظر آيو. ھن ڪنھن ڪنھن مھل مٿاڇري نگاھه زمين جي ٽُڪرن ۾ ٿيل پيداوار تي به وڌي پئي، جن ۾ مڪئي، ڦريُن ۽ مَٽرن جو ڪمزور فصل پوکيل ھو. پورو تَرُ کيس اوپرو ۽ ٿڪل محسوس ٿيو. ڪمائو لاءِ ھي سڀ شيون نيون ڪونه ھيون. کيس چڱي ريت ياد ھو ته ”مائو مائو“ ايمرجنسي جي دور کان اڳ آبادگارن جي سرسبز ۽ ساوڪ سان ڀريل کيتن جي ڀيٽ ۾ ڪِڪُويو (ڪينيا جو ھڪ وڏو قبيلو) جون زمينون حد کان وڌيڪ پوکائيءَ سبب ناڪارا ٿي وڃڻ جي ڪري ويران ۽ اجڙيل لڳنديون ھيون. 

کاٻي پاسي کان ھڪ ٻي واٽ نڪرندي ھئي. ھو گهڙي پلڪ لاءِ ھٻڪيو ۽ پوءِ اندر ئي اندر ۾ پڪو پھُه ڪيائين. جڏھن ھو ان رستي تي مُڙيو، جيڪو ماٿريءَ کان ٿيندو ڳوٺ ڏانھن وڃي رھيو ھو ته پھريون ڀيرو سندس اکين ۾ ڪجهه چمڪ نظر آئي. آخرڪار سندس گهر ويجهو ٿيو ۽ ان احساس کي اندر ۾ محسوس ڪندي ڪجهه دير لاءِ ٿڪل مسافر وارو اثر سندس چھري تان غائب ٿي ويو. ماٿري ۽ ان جي ساوڪ اوس پاس جي علائقن کان مختلف ھئي، جيڪا سرسبز ۽ شاداب نظر اچي رھي ھئي، جنھن جو مطلب صاف ھو، ته ھونيا ندي اڄ تائين به آب تاب سان وَھي رھي ھئي. ھن پيرن تي زور ڏنو، کيس تيستائين ان ڳالھه تي يقين نه پئي آيو جيستائين هو پنھنجي اکين سان نديءَ کي نه ڏسي وٺي. ندي پنھنجي تيز وھڪري سان ساڳي جاءِ تي وَھي رھي ھئي. هونيا ندي، جتي هو اڪثر ان جي ٿڌي ۽ وَھندڙ پاڻيءَ ۾ اگهاڙو ٿي وهنجندو ھو. نديءَ جي پٿرن جي چوڌاري نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندر پاڻيءَ جي حرڪت ڏسي ۽ ان جي ھلڪي گونج ٻُڌي کيس دلداري ٿي. ھڪ حيرت انگيز خوشيءَ جي لھر سندس پوري جسم مان گذري وئي. ھي اُھي ڏينھن ئي ھئا جن جي کيس آس ھئي. شايد ھيءَ ندي سندس مٽجي ويل شڪل ۾ ان پراڻي ڇوڪري کي سڃاڻي نه سگهي، جنھن لاءِ نديءَ جو ھي ڪنارو ئي سڀ ڪجهه ھوندو ھو. تنھن ھوندي به ھُو ھونيا جي ويجهو پھتو. هن پنھنجي آزاديءَ کان پوءِ ٻي ڪنھن به شيءِ جي ڀيٽ ۾ نديءَ سان وڌيڪ ويجهڙائپ محسوس ڪئي.

عورتن جو هڪ ميڙ پاڻي ڀري رهيو هو. هو پرجوش ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هن پنھنجي ٽڪريءَ جي هڪ ٻن عورتن کي سڃاڻي ورتو ھو. انھن ۾ وچين عمر جي وانجيڪو به هئي، جنھن جو ٻوڙو پٽ سندس گرفتاريءَ کان ٿورو اڳ سيڪيورٽي فورسز هٿان مارجي ويو ھو. هوءَ هميشه ڳوٺ جي لاڏلي رهي هئي، هر ڪنھن سان مرڪي ملندي هئي ۽ ماني ڳڀي لاءِ سندس در سدائين کليل رھندو ھو. ڇا ھي عورتون کيس قبول ڪنديون؟ ڇا اهي سندس 'هيرو' وانگر استقبال ڪنديون؟ هن دل ۾ سوچيو. ڇا هو هميشه ٽڪريءَ تي سڀني جو پسنديده شخص نه رهيو ھو؟ ۽ ڇا هن ڌرتيءَ لاءِ جنگ نه وڙهي هئي؟ هن جي دل چاهيو ته ڊوڙندو وڃي ۽ رڙ ڪري چوي: ”مان اچي ويو آهيان. مان توهان وٽ واپس موٽي آيو آهيان.“ پر هو ڍرو ٿي ويو، آخر هو هڪ مرد ھو.

توهان سڀني ڏانھن خير هجي.“ ڪجهه عورتن کيس موٽ ۾ کيڪاريو. ٻيون عورتون، پنھنجن ھيسيل ۽ مرجهائجي ويل چهرن سان، چپ چاپ هن ڏانھن ائين ڏسنديون رهيون، ڄڻ ته سندس کيڪار جي ڪا اهميت ئي نه هئي. ڇو! ڇا کيس ڪيمپ ۾ ايترو وقت لڳي ويو ھو؟ ھو پَست ھمت ٿي ويو، جڏهن هن ڪمزور آواز ۾ پڇيو: ”ڇا توهان مون کي نه ٿيون سڃاڻو؟“ انھن ٻيھر هن ڏانھن ڏٺو ۽ کيس سرد ۽ سخت نظرن سان گهُورڻ لڳيون. ائين پئي لڳو ڄڻ اهي ڄاڻي واڻي کيس سڃاڻڻ يا پنھنجو ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. آخرڪار وانجيڪو ئي کيس سڃاتو. پر جڏهن وانجيڪو ڳالھايو ته سندس آواز ۾ نه گرمجوشي هئي، نه وري ڪو جوش يا جذبو. ”ھا، تون ڪمائو آهين ني؟ اسان سمجهيو ته تون... ھوءَ ڳالھه کائي وئي. ھاڻي هن هڪ ٻي شيءِ محسوس ڪئي: حيرت ۽ خوف. هو ڪجهه ڳالھائي نه سگهيو. هن ڏٺو ته اهي کيس تِکيُن نظرن سان تَڪي رهيون هيون. ھن کي پڪ ٿي وئي ته ڪو راز ضرور آھي، جيڪو ھن کان لڪايو پئي ويو ۽ ان عمل ۾ ھو، سڀ ھڪ ٿي بيھي رھيون ھيون.

شايد ھاڻي ھي مون کي پنھنجو نه ٿيون سمجهن!“ هن تلخيءَ وچان سوچيو. پوءِ ھنن کيس ھڪ نئين ڳوٺ بابت ٻڌايو. پراڻو ڳوٺ جيڪو ٽڪريءَ تي واقع ڇڙوڇڙ جهوپڙين تي مشتمل ھو ھاڻي اتي نه رهيو ھو.

هو انھن وٽان مايوسي ۽ ڌوڪي جو احساس محسوس ڪندي اڳتي هليو ويو. پراڻي ڳوٺ ته سندس انتظار به نه ڪيو. ۽ اوچتو کيس پنھنجي پراڻي گهر، دوستن ۽ پنھنجائپ واري ماحول جي تمام گهڻي سڪ لڳڻ لڳي. هن پنھنجي پيءُ ماءُ ۽... ۽... بابت سوچيو. پر کيس ھن جي باري ۾ سوچڻ جي همت ڪانه ٿي. تنھن ھوندي به مٿوني سندس ذهن ۾ ائين ڇانئجي وئي، جيئن پراڻن ڏينھن ۾ ڇانيل ھوندي هئي. ھن جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي. هن خواهش محسوس ڪئي ۽ هڪ گرم لھر سندس وجود ۾ ڊوڙي وئي. هن پيرن تي زور ڏنو. جڏهن کيس پنھنجي زال ياد آئي ته هو ڳوٺ جي عورتن کي وساري ويٺو. ھُو ساڻس رڳو ٻه هفتا گڏ رهيو ھو، پوءِ کيس نوآباد مان گرفتار ڪيو ويو. ٻين ڪيترن ئي ماڻھن وانگر، سندس تڪڙي جاچ پڙتال ڪئي وئي، پوءِ بنا ڪنھن مقدمي جي کيس قيد ڪيو ويو. ان سموري عرصي دوران هو پنھنجي ڳوٺ ۽ خوبصورت زال کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه سوچيندو ھو.

ٻيا باندي به هن جھڙا ئي هئا، جيڪي پنھنجن گهرن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھه نه ڪندا هئا. هڪ ڏينھن هو، مرانگا جي هڪ ٻئي قيديءَ سان گڏ ڪم ڪري رهيو ھو، ته اوچتو نجوروگي نالي ھڪ قيديءَ پٿر ڀڃڻ بند ڪري ڇڏيا. هن هڪ وڏو ساهه کنيو. هن جون ٿڪل اکيون ڄڻ ته نظر کان خالي ھيون.

يار ڇا ٿيو؟ توکي ڪھڙي ڳالھه پريشان ڪري رھي آھي؟ ڪمائو پڇيو.

”مون کي پنھنجي زال ياد اچي رھي آھي... مان کيس وِيَم واري حالت ۾ ڇڏي آيو ھئس. مون کي خبر ناهي ته هن جو ڇا ٿيو هوندو.“

هڪ ٻيو قيديءَ به ڳالھين ۾ شريڪ ٿيو. ”مان پنھنجي زال کي هڪ ٻار سميت ڇڏي آيو ھئس. ھن کي تازو ٻار ڄائو ھو. اسان سڀ ڏاڍا خوش هئاسين، پر مون کي ساڳئي ڏينھن گرفتار ڪيو ويو...

ھو سڀ اهڙي قسم جون ڳالھيون ڪندا رهيا. اهي سڀ بس هڪ ئي ڏينھن جي اوسيئڙي ۾ هئا، جنھن ڏينھن هو واپس گهر ورندا. پوءِ زندگي نئين سِر شروع ڪندا.

ڪمائو خود پنھنجي زال کي بي اولاد ڇڏي آيو ھو. هن اڃا تائين ٽَڪن عيوض ورتل پنھنجي ڪنوار جي رقم به پوري ادا نه ڪئي هئي. پر هاڻي هو ويندو، نيروبي ۾ ڪم ڳوليندو ۽ باقي رقم مٿوني جي پيءُ ماءُ کي ادا ڪندو. زندگي سچ ۾ نئين سِر شروع ٿيندي. ھنن کي هڪ پٽ ڄمندو ۽ کيس پالي وڏو ڪندا. انھن اميدن کي ساريندي، هن پنھنجون وکون تيز ڪري ڇڏيون. هن چاهيو ته ڊوڙندو وڃي، نه، اڏامندو وڃي ته جيئن پنھنجي تڪڙي واپسي ڏيکاري سگهي. هو هاڻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ جي ويجهو ھو. هن جي خواهش هئي ته اوچتو پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان ملي وٺي. ڇا اهي کانئس سوال پڇندا؟ هو، ڪنھن به صورت ۾، انھن کي سڀ ڪجهه نه ٻڌائيندو: اها مارڪٽ، جاچ پڙتال، رستن ۽ کاڻين تي پورھئي وارو ڪم، جتي هڪ سپاهي هميشه موجود هوندو ھو، جيڪو ٿوري به ساھي پٽڻ تي کيس ٿُڏو وھائي ڪڍندو ھو. ها، هن ڪيتريون ئي بي عزتيون برداشت ڪيون هيون، ۽ ڪنھن به قسم جي مزاحمت ڪانه ڪئي ھئائين. ڀلا اھڙيون ڳالھيون ڪبيون آھن ڇا؟ پر سندس مُڙسي ۽ روح پنھنجي پوري سگهه سان، غصي ۽ تلخيءَ جي صورت ۾ بغاوت ڪندا رھيا.

ھو ڪنھن ڏينھن وزنگو هليا ويندا.

هڪ ڏينھن سندس ماڻھو آزاد ٿيندا! پوءِ، پوءِ... کيس خبر نه هئي ته هو پاڻ ڇا ڪندو، پر هن تلخيءَ سان پاڻ کي يقين ڏياريو ته هاڻي ڪڏهن به ڪير سندس مردانگيءَ جي بي حرمتي نه ڪندو.

هو ٽڪريءَ تي چڙهي بيھي رهيو. سمورو ميدان هيٺ ھو، جڏھن ته نئون ڳوٺ سندس سامھون ھو، جنھن ۾ مٽيءَ جي جھوپڙين جون قطارون ئي قطارون اڏيل ھيون، جيڪي تيزيءَ سان لھندڙ سج جي هيٺان ميدان جي سيني تي سَٿل نظر اچي رھيون هيون. مختلف گهرن مان گهاٽي نيري رنگ جو دونهون مٿي اڏري رهيو هو، جيڪو هڪ گهاٽو جهڙ ٺاهي ڳوٺ مٿان ڇانئجي ويو ھو. پريان، رت جهڙي ڳاڙھي لهندڙ سج جا ڪرڻا اڳتي ھلي ڏورانھين ٽڪرين تي ڇانيل سرمائي رنگ جي ڌنڌ ۾ جذب ٿي گم ٿي رھيا هئا.

ھو ڳوٺ جي هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ ڏانھن وريو ۽ نون چهرن کي ڏسندو رهيو. هن پڇا ڳاڇا ڪئي. کيس پنھنجو گهر ملي ويو. هو اڱڻ جي دروازي تي بيھي رهيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه کنيائين. اھا سندس گهر واپسيءَ جي گهڙي ھئي. سندس پيءُ هڪ ٽن ٽَنگن واري اسٽول تي ويٺل ھو. ھُو هاڻي تمام گهڻو ضعيف ٿي چڪو هو ۽ ڪمائو کي ان ڪراڙي شخص تي رحم آيو. ھو اڃا زنده ھو، ها! پنھنجي پٽ جي واپسي ڏسڻ لاءِ زنده ھو.

بابا!“

پوڙهي ڪو جواب نه ڏنو. هو رڳو ڪمائو ڏانھن عجيب ۽ سَکڻين نظرن سان ڏسندو رهيو. ڪمائو بي صبرو ٿي رهيو ھو. هن کي چڙ ۽ ڪاوڙ محسوس ٿي. ڇا هو کيس ڏسي نه رهيو ھو؟ ڇا هو به انھن عورتن جھڙو ورتاءُ ڪندو، جيڪي ھن کي نديءَ تي مليون ھيون؟

گهٽيءَ ۾ سڄا ۽ اڌ اگهاڙا ٻار راند کيڏندي هڪ ٻئي جي مٿان مٽي اڇلائي رھيا ھئا. سج لھي چڪو ھو ۽ ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ سگهو ئي چانڊوڪي پکيڙجڻ واري ھئي.

بابا، ڇا توهان مون کي نه ٿا سڃاڻو؟“ سندس اندر جي اميد موڪلائڻ لڳي. هن تمام گهڻي ساڻائي محسوس ڪئي. پوءِ هن ڏٺو ته سندس پيءُ اوچتو ڇرڪجي پيو ۽ ڪنھن پَن وانگر ڏڪڻ لڳو. ھو کيس بي يقينيءَ واري نظرن سان گهوري رھيو ھو. ھن جي اکين ۾ خوف چٽو نظر اچي رھيو ھو. ماءُ ۽ ڀائر سندس ويجهو آيا ۽ ھن جي چوڌاري جمع ٿي ويا. ھن جي ڪراڙي ماءُ کيس چنبڙي وئي ۽ زارون زار روئڻ لڳي.

مون کي خبر هئي ته منھنجو ٻچو ضرور واپس ايندو. مون کي خبر هئي ته هو مئو ڪونھي.“

ڇو، ڪنھن چيو ته مان مري ويو آهيان؟“

”ھن... ڪارنجا، نجوگو جي پٽ.“

۽ پوءِ ڪمائو کي پوري ڳالھه سمجهه ۾ اچي وئي. هو پنھنجي پيءُ جي ڏڪڻيءَ واري حالت کي سمجھي ويو. هو نديءَ تي مليل عورتن جي رويي کي سمجھي ويو. پر هڪ ڳالھه کيس پريشان ڪيو: هو ڪڏهن به ڪارنجا سان گڏ ساڳئي حراستي ڪيمپ ۾ نه رهيو ھو. بھرحال، نيٺ هو واپس اچي چڪو ھو. هاڻي سندس روح سٽ کاڌي ته مٿوني سان ملاقات ڪري، پر هوءَ اڃا ٻاهر ڇو ڪونه نڪتي آھي؟ هن چاهيو ته رڙ ڪري کيس ٻُڌائي، ”مان اچي ويو آهيان، مٿوني، مان پھچي ويو آهيان.“

هن چوڌاري نظر ڦيرائي. سندس ماءُ سمجھي وئي. هن ھڪ تڪڙي نظر پنھنجي مڙس تي وڌي ۽ پوءِ آھستڙي چيائين: ”مٿوني هلي وئي.“

ڪمائو کي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا ٿڌي شيءِ سندس پيٽ ۾ لهي وئي هجي. هن ڳوٺ جي جهوپڙين ۽ ويران زمينن ڏانھن ڏٺو. هو ڪيترا ئي سوال پڇڻ چاهي پيو، پر همت ساري نه سگهيو. کيس اڃا تائين يقين نه پئي آيو ته مٿوني هلي وئي هئي، پر هو نديءَ تي مليل عورتن جي نظرن ۽ پنھنجي پيءُ ماءُ جي رويي مان سمجھي چڪو ھو، ته هوءَ سچ ۾ هلي وئي هئي.

هوءَ اسان لاءِ هڪ سٺي ڌيءُ ثابت ٿي هئي،“ سندس ماءُ وضاحت ڪندي ٻڌايو. ”هن تنھنجو گهڻو انتظار ڪيو ۽ صبر سان هن ڌرتيءَ جا سڀ ڏک سھندي رهي. پوءِ ڪارنجا آيو ۽ ٻڌايائين ته تون مري چڪو آهين. تنھنجي بابا ھن جي ڳالھه تي اعتبار ڪيو. هن کي به يقين ٿي ويو ۽ ھوءَ هڪ مھيني تائين ماتم ڪندي رهي. ڪارنجا اسان وٽ لڳاتار ايندو رهندو ھو. تون ڄاڻين ٿو، هو تنھنجي ئي عمر ۽ مرتبي وارو مرد ھو. پوءِ کين هڪ ٻار ٿيو. اسان کيس پاڻ وٽ ٽڪائي سگهون پيا، پر اسان جي زمين ايتري آباد ڪٿي آهي؟ کاڌو ڪٿي آهي؟ جڏهن کان زمينون يڪجاءِ ڪيون ويون آھن، اسان جو آخري سهارو به کسجي ويو آھي. اسان ھن کي اجازت ڏئي ڇڏي ته ھوءَ ڪارنجا سان گڏ ھلي وڃي. ٻين عورتن ته ان کان به وڌيڪ خراب ڪم ڪيو آهي، ھو شھر ڏانھن هليون ويون آهن. هتي صرف ڪمزور ۽ پوڙها ماڻھو ئي وڃي بچيا آهن.“

هو ڪجهه ٻُڌي نه رهيو ھو. سندس پيٽ اندر ٿڌاڻ آهستي آهستي ڪاوڙ ۾ بدلجي رهي هئي. هن کي پنھنجي پيءُ ماءُ سميت سڀني تي ڪاوڙ محسوس ٿي. انھن کيس دوکو ڏنو ھو. ھو سڀ سندس خلاف هڪ ٿي ويا هئا، ۽ ڪارنجا ته هميشه ھن جو مخالف رهيو ھو. بيشڪ، پنج سال ڪو ننڍو عرصو ڪونه ھو، پر کيس ائين ھلي وڃڻ جُڳائي ڪونه پيو. ھن ائين ڇو ڪيو؟ ھنن سڀني کيس وڃڻ ڇو ڏنو؟ هن ڳالھائڻ چاهيو. ها، ھن ڳالھائي هر شيءِ تي لعنت وجهڻ چاھي: نديءَ تي مليل سڀني عورتن تي، ڳوٺ ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻھن تي، پر هو ائين ڪري نه سگهيو. اھو رنجُ ۽ سختي سندس ڳلي ۾ اٽڪي پيا.

توهان... توهان منھنجي ننگ کي پرائي حوالي ڪري ڇڏيو؟“ هن ڳيت ڏيندي آھستڙي چيو.

ٻڌ، منھنجا پٽ، ٻڌ...

آسمان تي پيلو چنڊ پنھنجي پوري جاءِ والاري چڪو ھو. هو ڪنھن زخميءَ جيان ٿاٻڙجندو، اتان تڪڙو نڪري ويو ۽ ان وقت رُڪيو، جڏهن هونيا نديءَ تي پھچي چڪو ھو.

ھن ڪناري تي بيٺي، نديءَ کي نه، پر ان جي بدران پنھنجي اميدن کي خشڪيءَ تي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ڏٺو. ندي گجڪارون ڪندي زور ۽ شور سان وهي رهي هئي. جهنگ ۾، تِڏيُون ۽ ٻيا جيت لڳاتار چِرچِر ڪندا رهيا، جڏھن ته اڀ تي چنڊ ھاڻي پنھنجي تيز روشنيءَ سان چمڪي رھيو ھو. جيئن ئي هن پنھنجو ڪوٽ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ننڍڙي ھَڙَ جيڪا هن مضبوطيءَ سان جهلي رکي هئي، ھيٺ ڪري پئي. اها ڪناري تان رڙھندي پاڻيءَ ۾ تَرڻ لڳي. ان کان اڳ جو ڪمائو سمجھي سگهي ته ھي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، اها تيزيءَ سان نديءَ ۾ ترندي اڳتي نڪري وئي. ڪجهه دير لاءِ هو دنگ رهجي ويو ۽ دل چاھيس ته ان کي واپس ڪڍي اچي، پر ھُو اھو سڀ ڪنھن کي ڏيکاريندو. الا... ڇا ھن کان اھو سڀ ايترو جلدي وسري ويو؟ ھن جي زال هلي وئي هئي ۽ سڀ اهي ننڍڙيون شيون، جيڪي ھن کي سندس ياد ڏيارينديون هيون، جن جي هن ايترا سال حفاظت ڪئي هئي، ۽ ھاڻي لڙھي ويون! کيس خبر نه هئي ڇو، پر ڪنھن نه ڪنھن طرح هن کي ٿورو سڪون محسوس ٿيو. پاڻ کي پاڻيءَ جي حوالي ڪرڻ وارا سندس سڀ خيال ختم ٿي ويا. هن واپس پنھنجو ڪوٽ پائڻ شروع ڪيو، ۽ وات ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ شروع ڪيائين. ”ھوءَ ڀلا منھنجو انتظار ڇو ڪري ها؟ ڀلا انھن سڀني تبديلين کي منھنجي واپسيءَ جو انتظار ڇو ڪرڻ گهرجي ها؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org