|
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

تاريخي، علمي ۽ ادبي خط
]اي.ڪي
بروهي (الله بخش ولد ڪريم بخش بروهي، 24 ڊسمبر
1915ع تي ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو ۽ 14 سيپٽمبر 1949ع تي
وفات ڪري ويو. هو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۽ ڊي.جي
سنڌ ڪاليج ۾ پڙهيو. هن ايم.اي فلسفو ۽ قانون جون
ڊگريون حاصل ڪيون، گريجوئيشن کان پوءِ ڪجهه وقت
لاءِ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي هو
هميشه
لاءِ قانون جي پيشي سان وابسته ٿي ويو ۽ سپريم
ڪورٽ ۾ پاڪستان جي نھايت اهم تاريخي فيصلن ۾ هن
وڪيل طور نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. زندگيءَ جي
آخري سالن ۾ هو پاڪستان هجره ڪميٽيءَ جو چيئرمين
هو.
اي.ڪي بروهيءَ جي پنھنجي لکڻ موجب اهو سال 1937ع
هو، جڏهن هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ کيس ويلسلي هاسٽل ۾
علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي تقرير ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو،
انھيءَ تقرير ٻڌڻ سان علامه قاضيءَ جي شخصيت ۽ فڪر
کان ايڏو متاثر ٿيو جو ان کان پوءِ هميشه کيس
پنھنجو روحاني ۽ فڪري اَبو ڪري لکندو هو. علامه
صاحب جڏهن 1968ع ۾ وفات ڪئي ته هن پنھنجي خرچ سان
سندس مزار مٿان قبي نما ڇٽي تعمير ڪرائي. ان کان
اڳ جڏهن 1965ع ۾ علامه صاحب جي گهرواري ايلسا
صاحبه جي گڏيل ڪاوش جي نتيجي ۾ شاهه لطيف جي منتخب
بيتن جو انگريزي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع
ٿيو ته ان جو انگريزيءَ ۾ عالمانه مقدمو اي.ڪي
بروهيءَ لکيو. ان کان پوءِ جڏهن علامه صاحب جي
مقالن ۽ تقريرن جو پھريون مجموعو
Casual Peep at Sophia
(صوفي لاڪوفي) 1968ع ۾ شايع ٿيو،
ته ان جو مھاڳ به بروهي صاحب لکيو، اهڙيءَ طرح
جڏهن علامه صاحب جي خطن جو مجموعو جناب جي.ايم.سيد
مرتب ڪيو ته 1969ع ۾ ان جو مھاڳ به بروهي صاحب
لکيو.
هتي اسان اي.ڪي بروهيءَ جي خط مورخه 29 جنوري
1984ع جو سنڌي ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون. جنھن مان
ظاهر ٿئي ٿو ته علامه صاحب جي فڪر بابت هڪ جامع
ڪتاب لکي چڪو هو. اسان کي اهو خط بروهي صاحب جي هڪ
معتقد محترم قاضي خالد حيات جنھن جو تعلق موري سان
آهي، تازو ڏياري موڪليوآهي. اهو خط انھيءَ اميد
سان شايع ڪيو پيو وڃي، ته شايد هن سلسلي ۾ ڪا
نشاندهي يا پيش رفت ٿي سگهي.[
*****
76- مسلم
آباد
اي.ڪي بروهي
ڪراچي-5
سپريم ڪورٽ جو سينئر ايڊوڪيٽ
29 جنوري، 1984ع
پاڪستان سرڪار جو عمومي سفير
چيئرمين قومي هجره ڪميٽي
منھنجا پيارا خالد حيات قاضي
مون کي تنھنجو خط مورخه 28 ڊسمبر 1983ع مليو آهي
جنھن لاءِ تنھنجي مھرباني. مان ان ڳالھه لاءِ به
معافي ٿو گهران، ته هن کان اڳ جيئن خط مليو ته ان
جي پھچ جو اطلاع نه ڏيئي سگهيس. حقيقت اها آهي ته،
مان گهڻو مشغول رهيو آهيان ۽ اڄڪلھه منھنجي صحت به
گهڻو بھتر نه آهي، ان کانسواءِ آءٌ پاڻ تي گهڻو
دٻاءُ محسوس ڪري رهيو آهيان، ليڪن ان جي باوجود
توهان جو خط مون لاءِ خوشيءَ جو باعث هو. مون کي
اڪثر توهان جو خيال رهندو آهي ۽ توهان جي باري ۾
هر وقت دعاگو آهيان ته شال ربّ تعاليٰ توهان جي
مادي ترقيءَ کان وڌيڪ روحاني ترقيءَ جا اسباب
جھڙوڪ ايمان جي مضبوطي، خير خيرات ۽ غريبن جي خدمت
۽ همدرديءَ جا ذريعا پيدا ڪري.
مون کي ياد ٿو اچي ته، ڪجهه وقت اڳي مون پنھنجي
لکيل مسودي جا ٻه ڀاڱا جيڪي منھنجي (فڪري) ابي
علامه آءِ.آءِ قاضي جي خيالات ۽ نظريات متعلق هئا،
هڪ مھربان جي حوالي ڪيا ها ته جيئن هو انھن ۾ شاهه
لطيف ۽ حافظ شيرازيءَ جي آندل شعرن کي مڪمل حوالن
سان درست صورت ۾ داخل ڪري ڏي. مون کي اڄ ڏينھن
تائين اهي ٻه حصا وري موٽي نه مليا آهن ۽ هينئر
مون کي اهو به ياد ناهي ته اهي مون ڪنھن جي حوالي
ڪيا هئا. مان هيءَ سڄي ڳالھه توهان سان فقط انڪري
ڪري رهيو آهيان، جو مان سمجهان ٿو ته ٿي سگهي ٿو
ته توهان سان ڳالھين ڳالھين ۾ ڪڏهن ان ماڻھوءَ جو
نالو لکيو هجي يا ان جو ذڪر ڪيو هجي. جيڪڏهن هن
باري ۾ توهان کي ڪا يادگيري آهي ته مون کي نھايت
گهڻي خوشي ٿيندي جو اوهان هن سلسلي ۾ ڪا نشاندهي
ڪري سگهندا. اهو ڪھڙو شخص يا دوست ٿي سگهي ٿو جنھن
جي حوالي اهو مسودو ڪيو ويو هو؟
هاڻي جڏهن منھنجي عمر ڪافي وڏي ٿي چڪي آهي ته آءٌ
اهو ڪتاب جلد ڇپائيءَ لاءِ ڪنھن پريس کي ڏيڻ گهران
ٿو.
مان توهان ڏانھن ٽي مقالا موڪلي رهيو آهيان جيڪي
گذريل ٽن چئن سالن ۾ ٻين سان گڏ مون تحرير ڪيا
آهن. مون کي اميد آهي ته اهي توهان جي دلچسپيءَ جو
باعث بنجندا.
مھرباني ڪري مون ڏانھن خط لکندا ڪريو، ان کانسواءِ
جڏهن به ڪراچيءَ ۾ هجو ته ضرور ملاقات لاءِ اچجو.
مان توهان کي درخواست ڪريان ٿو ته خدا ذوالجلال جي
بارگاه ۾ مون لاءِ اها دعا ڪندا ڪريو ته باقي جيڪي
ٿورو وقت بچيو اٿم، اهو چڱن ڪمن ۾ صرف ڪري سگهان ۽
ان کان اڳ جو هن ڌرتيءَ تي منھنجا ڏينھن پورا ٿي
وڃن! منھنجي طرفان توهان لاءِ نيڪ تمنائون ۽
دعائون آهن. شل الله تعاليٰ جي توهان تي ٻاجهه
قائم رهي.
اوهان جو خلوص سان
الله بخش ڪي.بروهي
هن سان گڏ ٽي مقالا شامل آهن.
ائڊريس: مسٽر خالد حيات قاضي اوجي.III
نيشنل ايڪسچينج ڪمپني
پي.او.باڪس 1981 العين
يونائيٽيڊ عرب اميريسٽي
ڊاڪٽر الطاف جوکيو

(
اوائلي سنڌي صورتخطي (ميين ابوالحسن جي سنڌي)
جو مختصر جائزو
ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ سال 2008ع ۾ تحقيق ڪندي ميين
ابوالحسن جا ٻيا ٽي ڪتاب: ’تحفة الفرائض‘،
’ڪفاره جا پنج روزا‘ ۽ ’صلوات پياري حبيب جي‘
پنھنجي مطالعي هيٺ آندا. جن جو پڻ موجوده ’اوائلي
سنڌي صورتخطي‘ ڪتاب جي ڀاڱي پھرين ۾ تفصيلي ذڪر
موجود آهي. تحفة الفرائض، اسلامي فرضن بابت، فارسي
مثنويءَ ۾ منظوم ڪيل آهي، جنھن ۾ حمد ۽ ثنا بعد
ايمان جي اقرار طور ڪلمه طيب جي اهميت ۽ پنجن فرضن
۽ واجبات جو تفصيل آهي. ’ڪفاره جا پنج روزا‘ ۾
غفلت جي پورائي لاءِ روزا رکڻ جو بيان سمايل آهي.
’صلوات پياري حبيب جي‘ ۾ صلوات جي معنى ۽ مفھوم کي
سنڌيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ ڌڻي تعالى جي واکاڻ سان
شروع ڪري حضرت رسول ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جو شان بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انھن ٽنھي
ڪتابن جي تفصيلي ذڪر سان گڏ ’مقدمة الصلواة‘ کي پڻ
مرڪوز ڪيو آهي، جيڪو ’ابوالحسن جي سنڌي‘ نالي سان
بمبئيءَ مان ليٿو تي ڇپيو هو ۽ ان بعد به ڇپيو،
مگر ان جو صحيح متن اچي نه سگهيو.
سال 1993ع ۾ پروفيسر خديجه بلوچ ڪتاب ’ابو الحسن
جي سنڌي‘ جو صحيح متن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
نگرانيءَ ۾ تيار ڪيو ۽ ان تي هڪ جامع مقدمو پڻ
لکيو، جيڪو سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو
ويو.
ميين ابوالحسن جي سنڌيءَ کي ’اوائلي سنڌي صورتخطي‘
جي عنوان ڏيڻ مان مراد ته هيءُ ڪتاب ’سنڌي
صورتخطي‘ جو هڪ اوائلي ۽ سڌريل سنواريل نمونو آهي.
ان کان اڳ جيڪي به لکيا ويا، تن ۾ سنڌي لفظن جي
صورتن کي ڪا مقرر شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪونه ورتي ويئي
هئي؛ پر هن ڪتاب ۾ الف- بي ۽ ان بنياد تي لفظن جي
صورتن کي هڪ بيھڪ ڏيڻ جي ڪوشش هئي. توڻي جو ’مقدمة
الصلوات‘ ۾ به ڪٿي ڪٿي لفظن جي مختلف صورتن واري
لچڪ سامھون اچي ٿي.
اصطلاح ’صورتخطي‘ مان مراد لفظن کي متفقه طور هڪ
مقرر شڪل ڏيڻ آهي. اهو معاملو اهڙو آهي، جنھن سان
لفظي بيھڪ ۾ اختلاف رهندا آيا آهن، جيڪي اڄ سوڌو
بحث هيٺ رهيا آهن. ايترو ضرور آهي ته صورتخطيءَ جي
نسبت، ان کان اڳ وارا قلمي نسخا ڀيٽي، هڪ متعين ۽
مقرر شڪل ڏيڻ جي پھرين ڪوشش هئي.

مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ جو ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘
سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ان ڪارڻ
ته اهو عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جو با
ضابطا پھريون درسي ڪتاب سڏجي ٿو، جنھن ۾ نماز ۽ ان
سان سلھاڙيل رڪنن جي بيتن ۾ وضاحت ٿيل آهي. اهو
ڪتاب خاص مدرسي جي شاگردن لاءِ لکيو ويو. ان مقصد
سان ته جيئن شاگردن ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ ’سنڌي
صورتخطي‘ پڙهڻ ۽ لکڻ جو رواج عام ٿئي. هتي اها
ڳالھه ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي صورتخطيءَ جو بنياد
گهڻو اڳ پيل هيو. جنھن ۾ سنڌ جا عالم ۽ ڪاتب عربي
رسم الخط ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن لاءِ مخصوص اکر
بيھاري، لکندا رهيا. ائين ضرور هو ته انھن اکرن جي
ٽٻڪن واري بيھڪ ۾ يڪسانيت نه هئي، مثال طور:
موجوده اکر ’ڏ‘ جي شڪل ۾ ڪي ’
ﮆ‘
لکندا هيا وغيره.
ميين ابوالحسن ٺٽويءَ جو ڪارنامو اهو هو ته هن
مختلف قلمي نسخن ۾ ڪم آيل مختلف اکرن کي ڀيٽي،
اکرن کي مقرر شڪل ڏئي، هڪ الفابيٽ ترتيب ڏني ۽ ان
کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو ’ابوالحسن
جي سنڌي‘ نالي سان مشھور ٿيو. ابوالحسن ٺٽويءَ جي
ان ڪارنامي سان، اڳتي هلي اهو ٿيو، جو انگريز
سرڪار عربي- سنڌي رسم الخط جي مقرريءَ تي غور ڪرڻ
لاءِ آماده ٿي.
ابوالحسن جو’مقدمة الصلواة‘ درسي ڪتابن ۾ ايتري ته
حيثيت ماڻي چڪو، جو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ان تي
هڪ تنقيدي ڪتابڙو ’اصلاح مقدمة الصلواة‘ جي نالي
سان فارسيءَ ۾ لکيو، جيڪو پوءِ پاڻ ئي سنڌيءَ ۾
منظوم ڪيائين ۽ پوءِ اهي منظوم سٽرون ’مقدمة
الصلواة‘ جي متن ۾ مناسب جاين تي رکيائين. اهي
اضافي سٽرون پروفيسر خديجه بلوچ پنھنجي تحقيقي
ڪتاب ۾ نمبرن سان وڏي ڏنگيءَ [ ] جي هيٺان ليڪ
ڏيئي، 1، 2، 3 وغيره جا نمبر ڄاڻائي، شامل ڪيون،
جيڪي هن موجوده ڪتاب ۾ ڀاڱي ٻئي ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.
وقت گذرڻ سان بيشڪ تحقيق جا سلسلا پيا هلندا آهن.
ويجهر ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي رهنمائيءَ ۾ هن
ڪتاب جي مرتب محمد ارشد بلوچ، ’مقدمة الصلواة‘ جي
متن کي ٻيھر قلمي نسخن سان ڀيٽي ان کي مرتب ڪيو،
جنھن کان پوءِ اها ڳالھه سامھون آئي ته پروفيسر
خديجه بلوچ جي تصحيح ڪيل متن ۾ سٽر نمبر 113 کان
پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون اضافي سٽرون شايع
ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. جيڪي ڊاڪٽر سومري جي
نگرانيءَ ۾ محمد ارشد هتي شامل ڪيون آهن.
هن نئين ڇاپي جو تعارف ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڏنو
آهي، جيڪو نھايت اهم ۽ علمي آهي. ڊاڪٽر صاحب
اوائلي سنڌي صورتخطي ۽ موجوده صورتخطيءَ جي تعين
تائين هڪ تاريخي ۽ مدلل بحث ڪيو آهي، جنھن کي پڙهڻ
کان پوءِ اندازو ٿيندو ته عربي- سنڌي صورتخطي،
انگريزي دور کان به اڳ، بلڪه ميين ابوالحسن کان به
اڳ، مختلف مرحلن مان گذرندي رهي آهي.
ان اوائلي صورتخطيءَ کي شڪل ڏيڻ لاءِ، پھرين هڪ
قاعدو جوڙيو ويو، جنھن جا مختلف عڪس هن ڪتاب جي
آخر ۾ ڏنا ويا آهن. انھن قاعدن ۾ ڪٿي ڪٿي ترتيب جي
مٽاسٽا جاچي سگهجي ٿي. ان قاعدي ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار
صاحب اڳين عالمن جي کنيل قدمن تي وضاحت سان لکن ٿا
ته مرڪب حرفن/آوازن جي آهي، جيئن ’ٽر‘، ’ڊر‘،
’ڍر‘، ’ڙهه‘، ’لھه‘ ۽ ’نھه‘. اهڙن مرڪب حرفن ۾
’جهه‘ ۽ ’گهه‘ کي به رکيو ويو آهي. اهي ڄاڻايل
مرڪب حرف، بيشڪ مرڪب حرف ئي آهن، پر جڏهن آوازن جي
بنياد تي جاچجي ٿو ته ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جو آواز ’ڀ‘ ۽
’ٿ‘ وانگر هڪ ئي آهي، ليڪن ’لھه ۽ ڻھه‘ جا آواز،
مرڪب حرفن وانگر مرڪب آواز آهن. ائين ئي ’ٽر‘،
’ڊر‘ ۽ ’ڍر‘ به موجوده تحقيق نسبت مرڪب اکرن سان
گڏيل آواز آهن. اهڙا موضوع نوجوان محققن لاءِ
نھايت اهم آهن.
هتي اهڙن مرڪب حرفن يا آوازن تي بحث ڪرڻ جي ڪا
گنجائش ڪونھي؛ البت، اهو خيال ضرور جڙي ٿو ته جڏهن
’مقدمة الصلوات‘ جي صورتخطيءَ توڻي قاعدي ۾ انھن
اکرن يا آوازن جو ذڪر ٿيل آهي، ته پوءِ ان جو
تسلسل اسان جي موجوده الف- بي تائين ڇو نه رهيو؟
اهو هڪ سوال نھايت اهم آهي، جيڪو تحقيق طلب آهي.
هن ڪتاب کي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف
هيريٽيج ريسرچ ڄامشوري طرفان 2025ع ۾ شايع ڪيو ويو
آهي، جنھن ۾ ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ جي قلمي نسخي جو
مڪمل عڪس پڻ شامل آهي.
نياز
پنهور

ماڻڪ جو خط
پيارا نياز
اميد ته توهان خوش هوندؤ.
مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان کي لڳ ڀڳ 50
سالن کان پوءِ وڃي ياد پيو آهي ته سٺ ستر واري
ڏهاڪي ۾ منير احمد ماڻڪ جي نالي سان به ڪو
ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس هو، جنھن سئو کان مٿي
ڪھاڻيون لکيون هيون، جنھن ڪي ناول به لکيا هئا ۽
پوءِ علامه آءِ آءِ قاضي واري پيچري تان پنڌ ڪندو
زندگي کان ائين موڪلائي ويو، جيئن هن جي ڪھاڻين جا
ڪردار موڪلائيندا ويندا هئا. اهو به شڪر ٿيو ته،
هاڻي ئي سھي مان اوهان کي ياد آيس، نه ته اسان
جھڙا ماڻھو سالن جي دز ۾ دٻجڻ کان پوءِ وري صدين
جھڙا موهن جو دڙو بنجي ويندا آهن. مون کي ان ڳالھه
جي به خوشي پئي ٿئي ته مون بابت ٿيندڙ هن پروگرام
جو اهتمام ڪندڙن ۾ منھنجي جواني جو دوست مدد علي
سنڌي به شامل آهي، جنھن منھنجيون پھريون ڪھاڻيون
پنھنجي ڪتابي سلسلي ”اڳتي قدم“ ۾ ڇاپيون هيون ۽
جنھن کان پوءِ مون ادب جي ميدان ۾ ٻيا قدم به کنيا
هئا، پر منھنجين انھن ڪھاڻين وري مدد علي سنڌي جي
اڳتي قدم کي پوئتي وارن قدمن ڏانھن ڌڪي ڇڏيو هو.
هن منھنجو ناوليٽ ”لڙهندڙ نسل“ جو پھريون ڇاپو
نومبر 1972ع ۾ اڳتي قدم پبليڪيشن طرفان ڇپايو هو.
نياز اها دنيا اڄ جيان تڏهن به هئي ڏاڍي ظالم،
جيڪا نه پاڻ جيئندي هئي ۽ نه ٻين کي جيئڻ ڏيندي
هئي ۽ اها دنيا شايد اسان جھڙن لاءِ هئي به ڪونه،
نه ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مون جھڙو زندگيءَ جا
لاها چاڙها سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙ، زندگيءَ سان پيار
ڪندڙ، دوستن سان کلندڙ گهمندڙ انسان، رستي تان
هلندي هلندي پاسو وٺي هليو وڃي. مون ته زندگي جي
دردن ۽ زندگي جي گهٽيل پاسن کي کولي کولي سمجهائڻ
پئي چاهيو، پر جڏهن سمجهائي نه سگهيس ته وڌيڪ ضد ۽
بحث بدران پاڻ ئي پاسيرو ٿي ويس، شايد مان وقت کان
اڳ ڄمي پيو هئس، شايد مون کي خبر نه هئي ته منھنجا
پڙهندڙ ۽ مون سان محبت ڪندڙ ته موجود آهن، پر
منھنجا مخالف مون کان گهڻا ۽ مون کان زور آهن.
بھرحال مان مدد علي، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ انھن جي ٻين
دوستن جو ٿورائتو آهيان ته انھن مون کي ياد ڪيو
آهي، پر مان به ساڻن واعدو ٿو ڪريان ته مان به
سندن اهڙين محبتن کي قطعي نه وساريندس. اهي رڳو
مٿي اچن، انھن جي شانَ ۾ اهڙا ته شاندار ادبي
پروگرام ڪندس، جو ڪنھن سندن زندگي ۾ به ڪونه ڪيا
هوندا ۽ تو سميت اڄوڪي پروگرام ۾ جن جن به مون تي
ڪجهه ڳالھايو آهي، مان انھن جي مٿي اچڻ جو انتظار
ڪريان ٿو، هار مون وٽ پيل آهن، پاڻ رڳو ڪنڌ کڻي
مٿي پھچن.ڳلي ۾ مان پاڻ وجهندس.
پيارا نياز اڄ سوچيم پئي ته جيڪي به منھنجي دؤر جا
دوست هئا، سي مون وٽ پھچي ويا آهن، شوڪت شورو،
عبدالقادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي وغيره. پر اڃان
به ڪجهه آهن، جيڪي اوهان جي دنيا ۾ گهمن ۽ ڦرن پيا
جن ۾ مدد علي سنڌي ۽ مشتاق شورو اچي وڃن ٿا. شوڪت
جي هيڏانھن اچڻ کان پوءِ مشتاق ته لڳي ٿو ته اڪيلو
ٿي ويو آهي، پر مدد آهي، جيڪو اڄ به ڌرتي تي ڌماڪا
پيو ڪري. مون ان ڏينھن شوڪت شوري کان پئي پڇيو ته
مدد اڃان مڙس ماڻھو لڳو پيو آهي. پنھنجي دؤر وارا
ته سڀ ڏيئا اجهامي ويا هي ڏيئو ڏس، ڦڙ ڦڙائڻ بدران
اڄ به ٺڙ ٺڙائڻ پيو ڪري. ان جو سبب ڪھڙو آهي، ته
شوڪت جيڪو عام طرح چپ هوندو آهي ۽ ڌرتيءَ تي به
مدد بابت ڳالھائڻ کان گهٻرائيندو هو، سو هتي به
ڪجهه دير خاموش رهيو پر پوءِ منھنجي زور ڀرڻ تي
چوڻ لڳو ته پيارا، پاڻ واري ڏيئي جي گهٽ ٻرڻ جو
سبب هڪڙو ئي هو ته ڏيئو به اسان هئاسين ته تيل به
اسان پئي وڌو، پر مدد پنھنجي تيل سان ٻين جو تيل
به ڪڍي ٿو وٺي. ان ڪري ڏيئي کي نه لھر نه لوڏو،
ڪڏهن اخبارن جو ايڊيٽر ته ڪڏهن وزيرن جو ترجمان،
ڪڏهن وفاقي سرڪار ۾ وفاقي وزير، سو پيارا پنھنجا
اهڙا ڀاڳ ڪٿي هئا، جو سڀني جي اک جا تارا بنجي
سگهون پاڻ ته سڄي زندگي ٻين جي اکين جا ڪنڊا ئي
بنجي رهيا آهيون. مون چيو ته اها ڳالھه مان تنھنجي
حوالي سان نياز کي خط ۾ لکي موڪليان ٿو، پوءِ تون
ويٺو منھن ڏجانءِ. شوڪت مسڪرائي مون ڏانھن ڏٺو ۽
چوڻ لڳو ته مدد هتي آهي ڪٿي، جڏهن آيو تڏهن
ڏسنداسين، باقي اگر نياز مون واري ڳالھه کيس ٻڌائي
ته منھن به اهوئي ڏيندو.
پيارا نياز ان ڏينھن هتي گهمندي منھنجي نظر پياري
خاڪي جوئي تي پئجي وئي، ڪنڊ وٺي ڪيڏانھن ويو پئي.
سوچيم ته ساڻس سلام دعا ڪريان پر ڏٺم ته سخت ڪاوڙ
واري انداز ۾ آهي. ان ڪر سوچيم ته وري ڪڏهن ٻئي
ڀيري ساڻس سندس گهر وڃي ملندس. اسان، راشد مورائي،
مير محمد پيرزادي، عبدالحڪيم ارشد هڪ وڏو وقت گڏ
گذاريو آهي، انھن سان گڏ ويھي ڳوٺ جون يادگيريون
ونڊڻ تي دل چوندي اٿم. ها اها ٻي ڳالھه آهي ته
اسان واري ڳوٺائي جو نالو هتي به وڏي مان شان سان
ورتو وڃي ٿو. جيڪي به نوان اچن ٿا انھن جون دانھون
پيون پونديون آهن. محرم الحرام نه هوندو آهي تڏهن
به لڳندو آهي ته محرم الحرام آهي.خاڪي جوئي کي ڏٺم
ته تاج جويو ياد اچي ويو، مون کيس 1962ع ڌاري سندس
ڳوٺ ۾ ٻئي درجي ۾ پڙهايو هو، هو اسان کان ڪافي سال
ننڍو هئڻ جي باوجود اڄڪلھه صفا ڳريو پيو آهي.
سائين ظفر حسن کان ان جو سبب پڇيم ته هو چوڻ لڳو
ته تاج کائي گهٽ ٿو، گهمي گهڻو ٿو، سمھي ٿورو ٿو ۽
جاڳي گهڻو ٿو، جيڪڏهن سندس ان سيٽ اپ کي صفا ابتو
ڪجي ته ڏھه پندرنھن سال ٻيا به ڪڍي ويندو. باقي
سندس ساڳيا پرڪار رهيا ته پوءِ آيو ڪي آيو. ان تي
اتي موجود سائين نثار حسيني، امداد حسيني، ادي
خيرالنساء جعفري ۽ ٻين وٺي وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ ظفر حسن
کي چيائون ته سائين توهان چئو سچ ٿا.
نياز، ان ڏينھن مون ٻڌو ته توهان واري حڪومت منٽو
جي سمورين تحريرن تي صفا پابندي مڙهي ڇڏي آهي. مون
جو اها ڳالھه ٻڌي ته پاڻ شوڪت شوري، امداد حسيني
سائين ظفر حسن، ولي رام ولڀ، قبول ابڙي ۽ ٻين کي
ساڻ ڪري منٽو سان ملڻ سندس پاڙي ۾ هليو ويس اتي
وڃي ڏسان ته منٽو، عصمت چغتائي، واجده تبسم، ڪرشن
چندر، جون ايليا سميت اردو جا ٻيا به ڪيئي ليکڪ
ويٺا هجن ۽ سندن ڪا ميٽنگ هلي رهي هئي، جون ايليا
امداد کي ڏٺو ته ڇڪي پنھنجي پاسي ۾ ويھاري
ڇڏيائين، ادي خيرالنساء جعفري کي واجده تبسم
پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ، منٽو مون کي ڏٺو ته وڏو ٽھڪ
نڪري ويس، چوڻ لڳو
”مانک بھائی
شکر کرو کہ تم سندھی
میں
لکھتے
ہو،نہین
تو آج تمہاری
کتابوں
پر بھی
بین
پڑ
جاتا"
عصمت چغتائي وري ادي خيرالنساء کي اک ڀڃي چيو ته
”خیرو تم بھی شکر کرو کہ تم بھی سندھی رائیٹر
ہو
ورنہ تمہارے
ساتھ بھی منٹو والا
ہی
حشر
ہوتا
"منٽو
جو چوڻ هو ته
"مانک
،مجهے پتا نہیں کہ سندھ یا پاکستان کی کن کن
یونیورسٹیز میں
آپ کی تحریریں
نصاب کا حصہ
ہیں،
میری تو بہت
سی کتابیں
یونیورسٹیز کے سلیبس میں شامل
ہیں
ان کا کیا
ہوگا
“جنھن تي امداد حسيني چيو ته
"منٹو
بھائی اس سے زیادہ دلچسپ بات یہ
ہے
کہ آپ پر پاکستان میں
بہت
سے لوگوں
نے ایم فل اور پی ایچھ ڈی کی
ہوئی
ہے
اور اس بنا پر وہ ڈاکٹر ،پروفیسر اور بڑے بڑے عہدون
پر پہچیں
ہیں،
اب ان کان کيا
ہوگا
؟ کيا اب وه
ڈگرياں
بھی
رد
ہوں
گی
اور کیا وہ لوگ ڈاکٹر سے تبدیل
ہو
کر پھر کمپائونڈر بن جائیں گے۔“
ان ڳالھه تي وڏو ٽھڪڙو مچي ويو.
سعادت حسن منٽو ان موقعي تي سنجيده ٿي ويو ۽ چوڻ
لڳو ته:
”ميرے
نزدیک ادب معاشرے کا آئینہ ہوتا ہے، اور اس پر
پابندی لگانا حقیقت سے آنکھیں بند کرنے کے مترادف
ہے۔اگر کوئی تحریر فحش ہے تو اس کا مطلب یہ نہیں
کہ مصنف فحش ہے، بلکہ ہوسکتا ہے، کہ وہ معاشرے کی
گندگی کو بے
نقاب کر
رہا ہو۔
مون کي لڳو ته منٽو ۾ اڄ به اهائي آگ ڀڙڪي پئي،
جيڪا سندس جواني ۾ ڀڙڪندي هئي. هن چيو ته
"مانک
بهائی
اگر کوئی
ہماری
ان کہانیوں
کو برداشت نہیں
کر سکتا تو اس کا مطلب ہے
کہ
یہ
زمانہ ناقابل برداشت ہے،
نہ کہ
ہماری
تحريريں۔
پيارا نياز مان ان ڏينھن منٽو کي ڏسندو ئي رهجي
ويس،هو ڳالھائيندو رهيو ، هن وري چيو:
”میں
وہ سچ لکھتا ہوں جو کوئی اور نہیں لکھتا۔ اگر میرے
افسانے ننگے ہیں تو معاشرہ بھی ننگا ہے“.
مان به ان موقعي تي ڪٿي خاموش رهي ٿئي سگهيس، مون
به چيو ته ”ادب کو سينسر
کرنے
کہ بجائے سماج کی برایوں کو ختم کرنا چاہیے،ادب
برایوں
کو بڑہاتا
نھیں
ہے
مگر ان نشاندہی
کرتا
ہے"۔
امداد ۽ اسان سڀ اظھار راءِ جي آزادي جا زبردست
حامي رهيا آهيون، امداد چيو ته
”ایک
ادیب کا کام سچ کو مکمل طرح بیان کرنا
ہے
،چاہے وہ سچ کتنا
ہی
تلخ کیوں
نہ
ہو
،ہمارے
مانک نے بھی ووہی
سچ لکھا
ہے
جو کوئی اور نہیں
لکھ سکتا“.
پيارا نياز، مون کي پڪ آهي ته اڄ ڪراچي آرٽس
ڪائونسل ۾ جڏهن تو سميت ٻيا ليکڪ مون بابت
ڳالھائيندا، منھنجي ڪھاڻين ۽ ناولن تي ڳالھائيندا،
منھنجي حال حالات، خيال خيالات ۽ صف صفايات تي
ڳالھائيندا، ته شايد انھن مان ڪو هڪڙو به نه
هوندو، جيڪو منھنجي ڪتابن جي ڇپيندڙن جي اُرھه
زوراورين تي ڳالھائيندو. شايد ڪو هڪڙو به نه
هوندو، جيڪو اهي انگ اکر به کڻي آيو هوندو ته سنڌ
جي ڪھڙن ڪھڙن پبلشرن منھنجا ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب، ڪڏهن
ڪڏهن ۽ ڪيترا ڪيترا ڀيرا ڇپائي، ڪيترا ڪيترا پئسا
ڪمايا ۽ لکان پتي مان ڪروڙ پتي بنجي رهيا آهن.
پبلشر سمجهندا آهن ته اهي ليکڪ جو ڪتاب ڇپائي ليکڪ
جي خاندان تي وڏا ٿورا ٿڦي رهيا آهن. پاڻ ماڻھن کي
اهو سوچڻ گهرجي ته پبلشر اسان جا ڪتاب ڇپائي پاڻ
ته ٿيندو ويندو آهي لکاپتي ۽ ڪروڙ پتي ۽ اسان جو
ليکڪ ويچارو پيرن ۾ ٻن پٽين واري جتي پائي وتندو
آهي انھن پبلشرن جي آفيسن ۽ دوڪانن جا چڪر هڻندو!
نياز توکي اهو ٻڌايان ته وفاقي سرڪار جي اداري
ماڻڪ جي بيواھه کي ملندڙ وظيفو به گذريل ٽن سالن
کان بند ڪري ڇڏيو آهي، اڳ ٽن ٽن مھينن کان پوءِ
ڪجهه هزار روپين جو هڪ چيڪ ملندو هو، جيڪو هاڻ بند
آهي. باقي سنڌ سرڪار کي ڇا ڪرڻ گهرجي ان بابت هاڻي
هتان کان ڪا درخواست ڏيڻ کان رهيس، پر تون اهو
ڄاڻين ٿو ته اگر مان زنده به هجان ها ته هڪ ڀيرو
ٻيھر خودڪشي ڪري ڇڏيان ها، پر پنھنجي بيواهه ۽ پٽ
جي مدد لاءِ ڪنھن جي آڏو هٿ نه ڦھلايان ها“.
پيارا نياز، خط ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي ان ڪري في
الحال موڪلاڻي، سدا خوش رهو آباد رهو.
تنھنجو پنھنجو ماڻڪ
نئون ڪتاب

|